Showing posts with label Education. Show all posts
Showing posts with label Education. Show all posts

Wednesday, 30 November 2016

حيدرآباد جا سرڪاري ۽ خانگي ڪاليج


How many govt colleges are  in Hyderabad? Sachal College Muslim College, Govt college Qasimabad are important.
Likewise no number of private colleges. These could be easily obtained form education department. 
No mention of girls colleges. 
This is like article, no quotes attribution from concerned people, otherwise its hearsay, which has no authenticity. 
 Quotations from students, teachers, parents, educationists, experts etc required.
Students teacher ratio, number of students in govt and private colleges, Ratio of students in arts, pre-engineering, pre-medical etc.
What new thing interesting was found? no mention.
Pictures and graphs etc.  
Sorry to say, this is just formality

عبدالرزاق ڪنڀر   عبدالغفار طارق علي چانڊيو  فهيم احمد ميمڻ
حيدرآباد جا سرڪاري ۽ خانگي ڪاليج 



تحرير ؛  عبدالرزاق ڪنڀر
(رول نمبر 03 ايم اي پريويئس)
اسان جي سنڌ جو سونهن  وارو شهر حيدرآباد تعليم جي ميدان ۾ ڪنهن به طرح پوئتي نه آهي، حيدرآباد کي اگر باب العلم سڏيو وڃي ته ڪو به وڌاءُ نه هوندو.
هتي  سرڪاري توڙي خانگي ڪاليج ڪافي تعداد ۾ آهن.جن ۾گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لطيف آباد، گورنمنٽ شاھ لطيف ڪاليج، گورنمنٽ ڪاري موري ڪاليج، ڪمپريهينسِو ڪاليج، سٽي ڪاليج، ڊگري ڪوهسار ڪاليج سرِفهرست آهن.   پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم کانپوءِ ڪاليج ئي آهن جن ۾ شاگرد تعليم جو سلسلو جاري رکي سگھن ٿا.سرڪاري  ڪاليجن متعلق انويسٽيگيشن(تحقيق) ڪئي وئي ته معلوم ٿيو ته پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن وانگر هتي به سهولتون براءِ نام آهن ۽ مسئلن جا انبار آهن. هتي استادن سان گڏ شاگرد به تمام گھڻن مسئلن کي منهن ڏين ٿا. جن ۾  سڀ کان اهم مسئلو هي آهي ته سنڌ جا ڪافي ڪاليج سيڪنڊري اسڪولن سان گڏ هجن ٿا، جتي تقريبن اٺ نَوَ مهينا بغير پڙهائي جي گذريو وڃن، اهو هن طرح ته مارچ مهيني کان مڊل ڪلاس وارن جا امتحان شروع ٿي ويندا آهن. جيڪي ڏھ ڏينهن هلندا آهن. ان کان پوءِ سيڪنڊري اسڪول ( نائين ۽ ڏهين ) وارن جا امتحان جيڪي 20 کان 25 ڏينهن وٺيو وڃن. ان کان پوءِ ڪڏهن استاد غير حاضر ته ڪڏهن شاگرد غير حاضر اهو سلسلو هلندو ئي آهي ته مٿان وري يارهين ٻارهين وارن جا  امتحان شروع ٿي ويندا آهن انٽر وارن جا امتحان ختم ٿيندي ئي  گرمين جي مّوڪلن جو هُل هلندو آهي.  ۽ گرمين جون موڪلون ختم ٿيڻ کان پوءِ به ڪلاس هلڻ ۾ مهينو لڳيو وڃي . سيپٽمبر آڪٽومبر ۾ اڃان پڙهائي شروع مس ٿيندي آهي ته مٿان بي اي، بي ايس سي، ايم اي، ايم ايس سي وارن جي امتحان جي تاريخ اچي ويندي آهي اهڙي طرح سمورو سال گذري ويندو آهي. ۽ پڙهائي صرف ۽ صرف  ٻه اڍائي مهينا ڪا هلندي آهي نه ته بس. جن ڪاليجن ۾ شاگرد ٻه ٽي مهينا پڙهائي ڪن اهي ڪهڙي تعليم حاصل ڪندا ڇا پرائيندا.
سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ جي ڀيٽ ڪنداسين ته ڪافي فرق نظر ايندو هاڻي سرڪاري ۽ خانگي ڪاليجن ۾ جيڪو فرق آهي ان جو جائزو وٺجي ٿو.


v   سرڪاري ۽ خانگي ڪاليجن جون عمارتون:
حيدرآباد جي سرڪاري ڪاليجن جي بلڊنگ جي ڳالهه ڪنداسين ته  سرڪاري ڪاليجن جون بلڊنگ تمام ڪشاديون،وڏا وڏا ميدان، ويڪرا ڪلاسز، هوا دار گيليريون ۽ سرڪاري ڪاليجن ۾ موجود استادن جي لاء اسٽاف روم، آفيسون ويڪريون ۽ سٺيون ٺهيل آهن جڏهن ته خانگي ڪاليجن  جون بلڊنگ مختصر ايراضي تي مشتمل هونديون آهن انهن جا ڪلاس ننڍڙا آفيسون به تمام ننڍيون آهن.

v   سرڪاري ۽ خانگي ڪاليجن جي شاگردن ۽ ان جي والدين  کي مهيـا سهولتون ۽ درپيش مسائل.
              ڪاليجن ۾ سهولتن جو ذڪر ڪنداسين ته صفائي سٿرائي جو نظام ڪافي حد تائين سٺو لڳندو آهي، ڪلاس ۽ حال آفيسون صاف  هونديون آهن، ڪافي حد تائين فرنيچر به لائقِ استعمال هوندو آهي. انفارميشن ڏيڻ ۽ وٺڻ لاءِ ملازم ڪافي تعداد ۾ موجود رهندا آهن جيڪي وقت سر شاگردن کي هر انفارميشن پهچائيندا رهندا آهن. داخلا کان ويندي امتحانن تائين انرولمنٽ هجي يا امتحاني فارم شاگردن کي ڪا خاص پريشاني نه ٿيندي 
آهي. سرڪاري ڪاليجن ۾ شاگردن جا مائٽ فيس نٿا ڀرين ڇو ته انهن جي مٿان گورنمنٽ طرفان ڪا به فيس وغيره مقرر ناهي ٿيل، جڏهن ته انهن کي ڪتاب به مفت ۾ ڏنا ويندا آهن 
جيڪڏهن سهولتن جي اڻهوند جي ڳالھ ڪئي  وڃي تـ سڀ کان پهرين  اسان   حيدرآباد جي     خانگي ڪاليج جي ڳالهه ڪنداسين ته تقريبن حيدرآباد ۾ موجود  خانگي ڪاليج  مختصرجڳهـ تي مبني يا مشتمل  آهن،  جنهن ۾ نه راند  روند جي ميدان  جي سهولت  ۽  پارڪ وغيره به نه هجڻ جي برابر  آهن ان کانسواءِ خانگي ڪاليج جا ڪلاس تمام ننڍا ۽ ان ۾ موجود شاگردن جي ڳچ تعداد هوندي  آهي، شاگردن جي وڌيڪ تعداد هجڻ جي ڪري پڙهائي تي به تمام گهڻو اثر پوي ٿو.  ان کان علاوه به ڪافي مسئلا آهن جيڪي خانگي ڪاليجن جي شاگردن کي درپيش اچن ٿا نه صرف ڪاليج  جي  شاگردن کي  مسئلن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي بلڪه پنهنجن ٻارن کي خانگي ڪاليجن ۾ پڙهائيندڙ ٻارن جا والدين به ڪافي مسئلن کي منهن ٿا ڏين. امير ته پنهنجي ٻار جي فيس وغيره ڀري سگهي ٿو پر غريب لاءِ اها ڳالھ مشڪل هوندي آهي پر تنهن هوندي به غريب پنهنجي ٻار کي سٺي تعليم ڏيارڻ جي خواهش جي پٺيان محنت مزدوري ڪري پنهنجي ٻار جي هر ضرورت پوري ڪندو رهي ٿو. ڪاليج جو ڳريون فيسون، ڪتابن جا ڳرا خرچ، ٽرانسپورٽيشن جو خرچ وغيره. ڪٿي ڪٿي ڪاليج ننڍين ننڍين گلين ۾ هجڻ ڪري ٽرانسپورٽ جي آمد و رفت ته پري جي ڳالھ آهي پر موٽر سائيڪل به مشڪل سان ٿو وڃي.
هتي حيدرآباد جي  سرڪاري ڪاليجن ڏانهن نظر ڪريون ته جڏهن غريب شاگردن جا والدين ايندا آهن پنهنجو قيمتي ٽائيم ڪڍي پنهنجا ريڙها ڇڏي  ڪري پنهنجي ٻارن جي سار سنڀال لهڻ يا ان جي پڙهائي جي باري ۾ ڪجهه  پڇڻ ايندو آهي  ته اتي جا ماستر ۽ پرنسپال ان کي هڪ عجيب نظر سان ڏسن ٿا ڄڻ اهو غريب انسان ئي نه هجي، اهڙي طرح امتحاني فارم جي دوران به انهن غريب والدين کي تمام گهڻا ناز ۽ نخرا سهڻا پوندا آهن ۽ سائين سائين ڪرڻو پوندو آهي ۽ ٻيا به ڪيئن مسئلا در پيش اچن ٿا.  
سرڪاري ڪاليجن کي ملندڙ  سالانه فنڊز ۽ ان جو استعمال:
هتي حيدرآباد جي  سرڪاري ڪاليجن ڏانهن نظر ڪريون ته گورنمنٽ جي طرفان مختلف سرگرمين جا لّکين روپين جا فنڊز هر هڪ ڪاليج جي لاء مقرر ڪيا ويا آهن جنهن ۾ اسپورٽس جون سهولتون، اسٽڊي ٽور،ايس ايم سي،مينٽيننس ۽ ريپيئرمنٽ، ۽ ان کان علاوه سائنس جو تجرباتي سامان وٺڻ جو فنڊ جيڪو شاگردن کي سکيا ڏيڻ ۾ مدد ڪندو، مگر حيدرآباد  شهر جي ڪاليجن جا  پرنسپال انهن کي  الائي ڇو استعمال نٿا ڪن، اسان کي ڪاليجن ۾ اهڙا شاگرد به مليا جن کان اسان معلوم ڪيو ته ڇا اوهان ڪڏهن  سائنس حال ۾ وڃي ڪو تجربو ڪيو آهي جواب ۾ انهن اهو چيو ته اسان سائنس حال ڏٺو به ناهي ان کان علاوه هڪ ڪاليج جي شاگرد ٻڌايو ته اسان جا ته ڪلاس ئي نٿا هلن اسان جا ڪلاس پوري سال ۾ هلن ئي ڪي ٻه يا ٽي مهينا ٿا   انهن شاگردن اهو به چيو ته ڪنهن به راند لاءِ اسان کي نالي ماتر سامان ڏنو ويندو آهي. خبر ناهي ته پرنسپال فنڊز خرچ ڪرڻ کان ڇو لهرائيندا آهن. يا انهن جي هٿ ۾ سڀ ڪجھ هوندي به شاگرن کي سهولتون ڏيڻ ۾ ڪهڙي تڪليف ٿيندي اٿن. ان کان علاوه ڪافي ڪاليجن جا ڪلاس به زير تعمير هجڻ جي قابل هئا مگر واڱون جي وات وارا انسان سڀ فنڊز ڳهيو وڃن.
حيدرآباد جي خانگي ڪاليجن جي ڳالهه ڪنداسين ته ڪاليجن جي  ماهانه فيس تقريبن 2500 کان 3000 هزار روپيه آهي ۽ شاگردن جي تعداد جي ڳالهه ڪجي ته هر ڪاليج ۾ 500 کان 1000 شاگرد موجود آهن ۽ اهڙي طرح ڪل ملائي هر ڪاليج جي ماهانه آمدني 1500000 کان 2000000 لک روپيه آهي ايتري ڪاليج جي ماهانه  آمدني  هجڻ جي باوجود به خانگي ڪاليجن جا پرنسپال شاگردن جي والدين کي ٻڌايل سهولتن کان قاصر رهن ٿا. شاگردن جي والدين کي وڏيون سهولتون ٻڌائي  مطمئن ڪرڻ کان پوء ان ڳالهه جا وارث هي نه ٿا ٿين، خانگي ڪاليجن جا پرنسپال پنهنجي ڪيل ڳالهه تان ائين  ڦري ويندا آهن ڄڻ ٽريڪٽر جو ڦيٿو ته پوء ويچارا والدين سائين  سائين ڪري  هٿ ٻڌي جان ڇڏائيندا آهن. اسان پنهنجي هن تحقيق ۾ اهو نوٽ ڪيو  آهي ته اڄ جا تعليمي ادارا تعليمي ادارا ناهن رهيا بلڪي هڪ ماڊرن طريقو آهي ماڻهن کان پئسا ڦرڻ جو ائين کڻي چئون ته اهي اڇن ڪپڙن وارا ڦورو آهن.
خانگي ڪاليجن جا فيس اسٽرڪچر ۽ پڙهائي جو معيار
رول نمبر: 02
تحرير: عبدالغفار (ايم.اي پرويس) ماس ڪميونيڪيشن

اڄ جي حساب سان حيدرآباد سنڌ جو تمام قديم شهر آهي ۽ هي سنڌ جو وڏي کان وڏو ٻيو نمبر شهر آهي ايئن ڪري سنڌ جي دل ڇو ته هي سنڌ جو واحد شهر آهي جتي سرڪاري توڙي خانگي ڪاليجون تمام گهڻيون آهن جيڪڏهن تعليم جي حوالي سان ڏٺو وڃي سنڌ جي اندر حيدرآباد شهر ئي آهي جتي تعليم جو رجحان تمام گهڻو آهي ان لاءِ هتي خانگي ڪاليجن جو رجحان تمام گهڻو آهي هتي لڳ ڀڳ 25 کان وڌيڪ خانگي ڪاليجون آهن جنهن ۾ هر هڪ ڪاليج الڳ الڳ فيسون ورتيون وينديون آهن. گهٽ ۾ گهٽ فيس هتي جيڪي شاگردن کان وصول ڪئي وڃي ٿي اها تقريبن 3 کان 4 هزار تائين آهي پر حيدرآباد ۾ ڪجهه اهڙيون به ڪاليجون آهن جنهن ۾ تقريبن 6 مهينن جي فيس يعني سيمسٽر جي حساب سان ورتي ويندي آهي جتي گهڻو ڪري 6 مهينن جي فيس 35 کان 40 هزار روپيا ورتي ويندي آهي پر ڏٺو وڃي ته جيترا پئسه ورتا وڃن ٿا اوترو انهن کي پڙهايو به وڃي ٿو، اڪثر خانگي ڪاليجن جا شاگرد تمام گهڻا ذهين ۽ هوشيار هوندا آهن ڇو ته انهن ٻارن کي هڪ ترتيب سان هڪ سٺي اصولن سان پڙهايو ويندو آهي جنهن جي ڪري اهو ٻار اڳتي هلي زندگي جي ڪنهن به موڙ تي ڏکيائين کي گهٽ منهن ڏيندو آهي. 100% سيڪڙو شاگردن مان 75% سيڪڙو ٻار خانگي ڪاليجن ۾ پڙهن ٿا ان جو اهو ئي سبب آهي جو سرڪاري ڪاليجن جي بنسبت خانگي ڪاليجن ۾ پڙهائي جو رجحان تمام گهڻو آهي خانگي ڪاليجن ۾ 75% سيڪڙو ٻارن مان هر روز %70 سيڪڙو شاگرد حاضر رهندا آهن ان جو سبب هڪ هي به آهي جو اتي پڙهائي جو رجحان تمام گهڻو هوندو آهي ۽ وڏي ڳالهه هي به آهي ته ڪنهن به ڪاليج کي هلائڻ لاءِ استادن جي تمام وڏي ضرورت هوندي آهي ۽ ان سان گڏ انهن استادن جو ڪاليجن ۾ حاضر رهڻ جو ريشو تمام اهم هوندو آهي اگر ڪنهن اداري کي هلائڻ وارو ئي ظاهر نه هجي يعني ڪڏهن ڪلاس ۾ حاضر هجي يا ڪڏهن وري غير حاضر ته پوءِ ان جو سبب ٻارن جي پڙهائي تي پوندو ۽ آهستي آهستي پڙهڻ وارن شاگردن جو رجحان تمام گهٽجي ويندو ان ڳالهه کي نظر ۾ رکي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سرڪاري ڪاليجن ۾ ٻارن جو ايتري گهٽ تعداد ڇو هوندو آهي، ڇو جو اُتي پڙهائڻ وارو استاد ظاهر هجي ته ٻار پڙهن نه، اگر اهو ئي نه هوندو ته ڪلاس ۾ هميشه خالي خالي هوندو اهو ئي سبب آهي جو اڄ به توهان اگر خانگي ڪاليجن ۾ ويندا ته توهان کي ڪلاس ڀريل ۽ استاد حاظر نظر ايندا جڏهن توهان جو وڃڻ ڪجهه سرڪاري ڪاليجن ۾ ٿيندو ته اتي توهان کي شاگرد ته تمام گهٽ نظر ايندا پر استاد به نه هجڻ جي برابر هوندا، خانگي ڪاليجن جي مالڪن کي هر مهيني فيس مان ملندڙ رقم مان 60%سيڪڙو بچت پڻ ٿيندي آهي پوءِ چاهي اها ننڍي خانگي ڪاليج هجي يا وڏي، ڏٺو وڃي ته جيڪي خانگي ادارا گهٽ فيس يعني 4 هزار وٺن ٿا انهن ڪاليجن ۾ وچولي تبقي جا تمام گهڻا ٻار پڙهندا آهن يعني چوڻ مطابق ته في ڪاليج اندر گهٽ ۾ گهٽ 1200 شاگرد هوندا آهن هن ترتيب کي ڏسي جيڪڏهن حساب لڳائبو ته هڪ مهيني جي فيس جو حساب 48 لک بيهندو ۽ اگر سال جو حساب ڪيو وڃي ته تقريبن 5 ڪروڙ 76 لک بيهندا ۽ هن جو تقريبن 6 حصو مالڪ جي بچت ۾ شمار ٿيندو آهي ۽ باقي 4 حصا استادن جي پگهارن، هر روز جو ٿيندڙ شاگردن تي سنهو ٿلهو خرچو وغيره ۽ اهڙن ادارن ۾ استادن جو پگهارون به تمام گهڻيون هونديون آهن يعني في استاد هر مهيني جي 35 کان 40 هزار پگهار کڻندو آهي، باقي رهي ڳالهه انهن ڪاليجن جي جيڪي هر 6 مهيني تقريبن 35 کان 40 هزار روپيه فيس وٺن ٿيون ان ڪاليجن ۾ وري شاگردن جو تعداد به تمام گهڻو هوندو آهي اتي پڙهندڙ شاگردن جو تعداد لڳ ڀڳ 3 هزار يا وري ان کان به وڌيڪ هوندو آهي، جيڪڏهن ان سلسلي مطابق سال جو حساب لڳائبو ته تقريبن 10 ڪروڙ 50 لک روپيه بيهندا. ان کان علاوه اهڙين ڪاليجن ۾ پڙهائيندڙ ليڪچرار ۽ پروفيسر ماهوار 1 لک کان به وڌيڪ پگهارون کڻندا آهن هنن سڀني شين کي نظر ۾ رکندي ڏٺو وڃي ته جيتري فيس ورتي وڃي ٿي اوترو پڙهايو به وڃي ٿو ۽ وڏي ڳالهه خانگي ڪاليجن ۾ هي به آهي ته اتي ماحول تمام صاف سٿرو ۽ بهترين هوندو آهي جنهن مان اتي پڙهندڙ ٻار سٺي نموني سٺي تعليم پڻ پرائي سگهندو آهي ۽ ان سان گڏ هو اهي ڪيتريون ئي شيون سکندو آهي جيڪي خانگي ڪاليجن ۾ پڙهائڻ سان سکڻ لاءِ پڻ ملنديون آهن.


سرڪاري ۽ خانگي ڪاليجن ۾ پڙهائي جي طريقو ۽ تعليمي سرگرميون ۽ معمار
رول نمبر: 63
ليکڪ: طارق علي چانڊيو
(ايم.اي پرويس) ماس ڪميونيڪيشن

جيئن ته اڄ ڪلهه ڏٺو ٿو وڃي سرڪاري ڪاليجن ۾ شاگردن جو تعداد گهٽ پيو ٿيندو وڃي ۽ ٻي طرف وري ڏينهون ڏينهن خانگي ڪاليجن ۾ شاگردن جو تعداد وڌندو پيو وڃي، ساڪاري ڪاليجن ۾ شاگردن جو گهٽجڻ جا ڪيترائي سبب نظر آيا آهن. 
·       سرڪاري ڪاليجن جي استادن جو ڪلاس گهٽ وٺڻ.
·       سرڪاري ڪاليجن جي استادن جو پڙهائڻ جو طريقو.
·       سرڪاري ڪاليجن جي استادن جو شاگردن کي روزمره جو ڪلاس ورڪ ۽ توڙي گهرو ڪم نه برابر ڪرائڻ.
سرڪاري ڪاليجن جا استاد هڪ ته ايندا گهٽ آهن وري اگر جي اچن به ته ويتر ڪلاس وٺڻ تي ڄڻ ته تپ وٺجو وڃي. جڏهن ڪاليجن جو رُک ڪندا آهن ته پهريان پنهنجي زندگي ۽ روزمره جي ڪم ڪار بابت آفيسن ۾ ڪچهريون پيا ڪن ۽ جڏهن ڪلاس ۾ ايندا آهن ته ليڪچر ٽاپڪ جي مطابق گهٽ هوندو آهي پر هيڏاهن هوڏاهن جو ڳالهيون گهڻيون هونديون آهن ته ان ۾ ئي سڄي ليڪچر جو ٽائيم ختم ڪري هليا وڃن ٿا ڏينهن گذرندا رهن ٿا ۽ پيو ٿيندو اچي ان سان ڪيئن ان سرڪاري ڪاليجن جا شاگرد ڪنهن سٺي تعليم جو معمار بڻجي سگهجندا ۽ جڏهن اتان جا شاگرد استاد جو اهو پڙهائڻ جو طريقو ڏسي نه پڙهندا آهن ته اهو ئي استاد انهن کي هڪ پراڻي چوڻي پيا چوندا اچن پيا “پُٽ پڙهو نه پڙهو اوهان جو نقصان آهي اگر نه پڙهندو ته به اسان کي ڪو نقصان نه آهي اگرپڙهندو ته توهان جو ئي فائدو آهي”. پر اهو استاد نه سوچيندو آهي ته مان چئي ڇا رهيو آهي ۽ ان جو نتيجو ڇا نڪرندو هڪ ته خوف هڪ ٻار کي والدين جو هوندو آهي ۽ ٻيو وري ان استاد جو جنهن وٽ هو زماني جي صحيح ۽ غلط جي پرک ڏيندو آهي ۽ سيکاريندو ايندو آهي هر هڪ دنيا جي اها شيءِ جيڪا عام اکين کان اوجهل هوندي آهي ان ڪري ته چيو ويندو آهي علم انسان جي ٽين اک آهي جنهن وقت ٻه اکيون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن ان وقت صرف علم واري جي اها ٽي اک کلي ويندي آهي ۽ علم وارو ئي اهي ڏکيا ۽ اوجهيل مسئلا حل ڪري ۽ ڏسي سگهي ٿو ۽ ان ئي شاگرد مان جڏهن خوف ختم ٿي وڃي ٿو صحيح غلط جي پهچان جو پوءِ هو ويهشڙ ٿي وڃي ٿو هو تعليم ته حاصل ڪري ويندو پر اُن ۾ صحيح ۽ غلط جي پرک بلڪل به نٿي رهي ۽ وري اهو ئي استاد ان جي مدد ڪري ٿو جنهن وقت هن ۾ ٻيهر خوف پيدا ٿئي ٿو امتحان وقت جڏهن هن کي خوف رهي ٿو ته مان ڪجهه به نه پڙهيو آهي ته ان وقت جڏهن هو پنهنجي ظمير سان ڳالهائي ٿو وري اهو ئي سرڪاري ڪاليج وارا استاد، ليڪچرار هن کي پاڻ ڪاپي، نقل ڪري هن کي بلڪل نااهل ڪري ڇڏي ٿو، پوءِ هو ان شيءِ جو عادي بڻجي وڃي ٿو. ڊگري ته هي ڪڍي وڃي ٿو پر اُن ڊگري مطالق هن کي ڪابه خاص ڄاڻ ڪانه آهي جو هي ڪا سٺي نوڪري ڪري سگهي. سرڪاري ڪاليجن ۾ اگر100% شاگرد جي ايڊميشن آهي ته انهيءِ مان فقط ريگيولر 40% يا30% رهن ٿا باقي سڀ امتحانن جي دوران اوهان سڀني به ضرور ڏٺو هوندو جنهن وقت امتحان ٿيندا آهن سرڪاري ڪاليجن جا ايترا شاگرد نظر ايندا آهن جو ڪلاسن ۾ به جڳهه گهٽ هوندي آهي ته هالن ۾ انهن جون ڪرسيون رکيون وينديون آهن ته جيئن هو امتحان ڏئي سگهن باقي سڀ شاگرد صرف امتحان ڏيڻ ايندا آهن ۽ چئجي ته سرڪاري ڪاليجن ۾ ڊگريون بس پئسن تي پيون ملن هاڻي. شاگردن جو تعداد گهٽ ان ڪري به ٿيندو پيو وڃي سرڪاري ڪاليجن ۽ اسڪولن مان ڇو جو اتان جا شاگرد تمام گهٽ هوشيار ۽ ذهين ٿين ٿا. اگر هوشيار سرڪاري ڪاليجن جي شاگردن جو تعداد گهٽجي ته 100% مان 30 يا%40 نه ته باقي سڀ صرف خالي ڊگري وارا.
خانگي ڪاليجن ۾ تعليم جو معيار سٺو ۽ بهتر ۽ ان ۾ شاگردن جو ريگيولر هجڻ جو سبب:
·       خانگي ڪاليجن ۾ استادن جو ريگيولر هجڻ.
·       خانگي ڪاليجن ۾ شاگردن جو ريگيولر هجڻ.
·       خانگي ڪاليجن ۾ پنهنجو روزمره جو ڪلاس جو ڪم ۽ گهرو ڪم صحيح طريقي سان ڪرڻ.
خانگي ڪاليجن ۾ هڪ ته استاد ريگيولر هوندا ۽ ٻيو وري اهي ٽائيم تي هر هڪ شيءِ سٺي ۽ سهڻي نموني سان سيکاريندا به آهن ۽ پڙهائيندا ئي به آهن ۽ شاگرد ان ڪري به ريگيولر رهن ٿا ڇو جو استادن جو انهن کي خوف رهي ٿو، جيڪڏهن اسان پنهنجو ڪم صحيح طريقي سان نه ڪيو ته ڊگري حاصل نه ڪري سگهنداسين ۽ شاگردن جو روزمره ڪلاس جو ڪم ٽائيم تي ان ڪري به ڪندا آهن ڇو جو خانگي ڪاليجن جا استاد تمام سخت ٿيندا آهن. جيڪڏهن اتان جو استاد صحيح طريقي سان شاگرد کي نٿو پڙهائي يا سمجهائي ته ان جي پگهار تي اثر پوي ٿو. خانگي ڪاليجن ۾ شاگردن جي ريگيولر هجڻ جي پرسنٽيج 100% مان %70 رهي ٿي ۽ اتان جو شاگرد هوشيار %100 مان %60 ۽ %50 رهي ٿي. 

موضوع: سرڪاري ۽ خانگي ڪاليجن ۾ صاف پاڻي ۽ صفائي جو نظام
 (فهيم احمد ميمڻايم اي پريوئس) رول نمبر20
ڪاليج هڪ اهڙي جڳهه آهي جتي هر هڪ تمام گهڻيون شيون سکهڻ ايندو آهي ۽ هڪ زميندار انسان بڻجندو آهي اڄڪلهه ڪجهـ ڪاليجن جا ميدان ڪچري ۽ گندگي سان ڀريل هوندا آهن ۽ سرڪاري ڪاليجن ۾ صفائي جو ڪو خاص نظام نـ آهي خاص ڪري ٻارن لاءِ واش رومس آهن پر پاڻي جي کوٽ آهي. صفائي سٿرائي ۽ پٽي والن جي کوٽ آهي يا وري اسٽاف تي پٽي والا موجود نـ آهن يا وري پٽي والا ڪنهن وڏيري جي اوطاق جا خيال رکندڙ آهن مطلب تـ هر طرح سان گورنمنٽ ڪاليج پٺتي پيل آهن. ڪٿي وري ائين بـ آهي تـ ڪو ايماندار آهي پر انتظاميـ انهن پٽي والن لاءِ سنجيده نـ آهي مثال طور پٽي والن جي لاءِ ساليانو ورديون نـ ٿيون ڏنيون وڃن نـ وري انهن کي ان وردين لاءِ قيمت بـ نـ ٿي ڏني وڃي يا وري ائين چئجي تـ پٽي والن جا گريڊس بـ تمام گهٽ آهن ۽ انهن کي پگهار کان وڌيڪ ڪا سهولت بـ نـ ٿي ڏني وڃي جنهن ڪري اڪثر هي معاشي طرح تمام ڪمزور هجن ٿا .استادن جي لاءِ ڪان سهولت موجود نـ آهي سرڪاري ڪاليجن ۾ ملازمين پنهنجا فرض صحيح سرانجام نـ ڏئي رهيان آهن ۽ انهن کي اداري سان اها شڪايت آهي تـ انهن جي پگهار گهٽ آهي ۽ ملازمين کي ڪاليجن ۾ ڪا سهولت نٿي ڏني وڃي.شاگردن کي صفائي سٿرائي جو هڪ اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.    ائين ئي خانگي ڪاليجن ۾ صفائي جو نظام خاص ڪيل آهي خاص ڪري ٻارن لاءِ واش رومس آهن ۽ پاڻي جي کوٽ نـ آهي پر پٽي والن کي ڪم گهڻو ڪرايو ويندو آهي ۽ پگهار گهٽ ڏني ويندي آهي.سرڪاري ڪاليجن جي اندازي مطابق خانگي ڪاليجن ۾ صفائي جو معيار سٺو آهي.۽ صفائي سٿرائي ۾ اسان سڀني کي اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

Monday, 22 August 2016

Hafiz Munir Ahmed Khan Profile by Munium Ali Khan

picture of personality is needed
A Profile by Munium Ali Khan
Class: M.A (Previous)
Roll # 2K16-MMC-43
Semester: 2nd
Dr. Hafiz Munir Ahmed Khan
When I was nearly 15 years old and was a school student, I first time saw a startlingly good-looking person, who was standing near a beautiful mosque, smiling, embracing and meeting other people outside the mosque. I did not know you was he, but I could feel a spiritual relationship with him. I am not talking about a person who has curved lines on his face, aged between 70 or 80; of course not, I am talking about a person who has achieved many successes in his life in his very young age which is a very rare thing for other people to get.
Today, I am proudly going to introduce you Dr. Hafiz Munir Ahmed Khan. He is the grandson of Late Hazrat Dr. Gulam Mustafa (RA) who was an authentic Islamic and spiritual scholar, linguistic, educationist and the former Head of Department of Urdu at Sindh University and a companion of Allama I. I. Qazi (Founder of Sindh University).
Dr. Hafiz Munir Ahmed khan hail from a noble and honorable family, he was born in Hyderabad, Sindh in 10th October 1972. He has a remarkable memory and ability to learn and understand things quickly since his childhood. By virtue of this he had been Hafiz –ul- Quran in his early childhood, after completing HSC he did his M.A in Islamic Culture in1992 and M.A in Arabic in 1995 from University of Sindh with 1st classes respectively and completed his Ph.D. in Islamic Culture subsequently in 1998.  He is not only a great scholar and researcher, but is also a valuable religious mentor and teacher, he is now a chairperson of Department of Comparative Religion and Islamic Culture at Sindh University and also the Head of an authentic Islamic educational institution named Al- Mustafa Trust situated near Abdullah Sports City, Hyderabad, Sindh. He is also a member of Senate and Academic Council of Sindh University.

He has served as a Lecturer in Department of Arabic at Sindh University. He has also been lecturer in miscellaneous institutions such as, Allama Iqbal Open University, Hyderabad Campus and Institute of Information and Technology at Sindh University. He has attended many international, national and local seminars and conferences as a notable guest.

He is an unparalleled younger replica of his grandfather. I has always noticed this thing that when he meets someone and shakes hands, he always smiles which makes feel happy others. He is also a great humanitarian and philanthropist, he likes to help needy people quietly, many poor and orphan children are being taught in his own educational institute. He has also written many books and research articles on Islam like ‘Majma-ul-Bahrain’, ‘the Religious Activities of Hazrat Mujaddid Alif Sani’ and so on.
In short, I admit to have been failed to find words which can define his great personality, I just would like to say that he is worthy of great tribute for his service to humanity and education, he is one of those people who do not show who they really are, but the reality is that they are the hidden ocean of knowledge, wisdom, dignity and fortitude, lighting deviated people to right path, having the determination to serve mankind till the last breath of life.

Tuesday, 16 August 2016

Educational Disorders in Sindh by Munium Ali Khan

An Article by Munium Ali Khan
Class: M.A (Previous)
Roll No: 43
Educational Disorders in Sindh
Education for any nation is like a soul for a body, if the soul has been weak, fragile and ill, drilled by one’s own devilish acts, apparently his body is going down and is not supposed to be well.
As the above mentioned instance, in Pakistan, despite having 68 years of independence, we are yet being counted as a nation of the Third world, reasons and causes as apparent as the sun that our education, educational quality and educational system, generally in all over Pakistan, and especially in Sindh province, have entirely defunct and have not yet been achieved even the competition level so as to compare and compete West.
 It would probably be a joke or an unbelievable news for an ‘outsider’ from a foreign country,  if  he knows that we confront miscellaneous educational system in our country, which are officially approved by relevant authority, instead of having one distinguished and authentic educational system in spite the fact that we are supposed to be one nation.
So far as our Sindh province is concerned, regretfully, there are a pile of issues to discuss with. But no doubt these educational setbacks either belong to Sindh Government’s educational authority and the society too. Both are accountable to their deeds.
As far as the Sindh Government goes, the main problem is that the flood of corruption has not only covered other institutions of Sindh Government, but it has also filled the educational institutions up with its flooded waves of corruption and devastated merit in Sindh.
 Other serious point to be noted is that disorganized and uncomputraized attendance system is one of the foremost reasons in educational mismanagement in Sindh and because of this, many students tend to think that their attendance will be reported clear and at least with average days of attendance, so due to this reason they do not go to school and colleges on daily basis and their parents are deceived by their daily going to schools or colleges, but reality is that their beloved children wander aimlessly around the streets and in alleys with their classmates.
And what can we say about final/board exams? Students do know that there will be ‘assistance’ by their ‘supporting staff’ for promoting copy culture and in making this society ‘more honest’ with their duties than they are. There is, of course, no doubt that copy culture in Sindh has been a severe tragedy and a stigma for us not only in Sindh but all over the country too.
Lack of official check and balance, bereft of stern inspections by relevant authority are also important reasons in destroying the quality education in Sindh. Ghost schools, invisible teachers in government schools, mismanagement in conducting examinations and their results, these types of issues stem from due to lacking in strict checking and inspections. When you walk through the streets in Karachi, Hyderabad and other cities in Sindh, you will find yourself surrounded with a lot of private schools and tuition coaching centers with having different attractive names and, amazingly, they are all claimant of providing ‘quality education’ but bitter reality is that most of them even do not have qualified teaching staff because they have no fears of inspections of relevant official authority because they do know no one will come here in order to check that what is happening here and to check this thing that future of Pakistan is being ravaging here by some ‘educated people’.            
On the other hand, basically in Sindh our society is also unaware of the importance of having education. They do not recognize the value and importance of education in this modern era. In Sindh, there are two types of  people existing among us, one who even do not know and, maybe, do not want know due to their ignorance and due to the lack of awareness of having good education these days, that what is education and how an educated and learned person differ from an ignorant one, the second one belongs to those people who have this negative thinking approach which usually occupies the masses’ mindset and mentality that the education is just like a formality and a stepping stone to a job; they do not think that quality education is a basic and most indispensible right of their children and they have a great responsibility for the posterity and for the upcoming generation who will be the future and the destiny of Pakistan, they consider their children only being a part of their family, but they do not contemplate about this that their children will also be the citizens of Pakistan.
In addition, most populace of Pakistan is always willing and ready to spend their money to buy expensive clothes, mobile phones, etc. without any particular need and plausible reasons, maybe for showing off, but we will find them unwilling to spend their money on educational purposes which will bring up prosperity and integrity in their life.
To put it in a nutshell, as a nation practically we have not decided yet that what we want to be in future? An educated and civilized nation which is standing on its own and ready to compete with others in every field of this industrial and competitive world or a nation which will be counted as a part of the Third World, because one thing is clear to say that as a nation without having quality education we will remain in the Third World, and if we do not rejuvenate our entire educational system as soon as possible, we are going to be ruined and, maybe, an extinct nation.