Tuesday 29 November 2016

سنڌ يونيورسٽي ۽ فيشن!

No proper attribution and quotes
 No mention of source 
Compare contrast
Photos graphs etc 
Seems entire report is written by one person

Fashion in Sindh University
Akash Hamirani: 10
Jamshed Wighyo: 31
Sehar Jakhrani: 53
Maiza Sidiqui: 33

سنڌ يونيورسٽي ۽ فيشن!
تفصيلي جائزو:              آڪاش هميراڻي
2K16/MMC/10
سنڌ جي فن، فڪر، علم، ادب، شعور ۽ سياسي سگهه جي  آبياري ڪندڙ مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، جنهن  سنڌ جي هزارين علم جي اُڃايل سرويچن جي علمي اُڃ اجهائيندي رهي آهي، هر سال هزارين شاگرد پنهنجا حسين خواب کڻي ڄامشوري جي  مڌ مست هوائن  ۾ هيرجي مادر علمي کي پنهنجو ٻيو  گهر سمجهن ٿا. سنڌ يونيورسٽي سموري سنڌ ۾ فڪري  شعوري طور تي وڏا نانءُ پيدا ڪيا آهن، سنڌ يونيورسٽي، سنڌ جي اهڙي peak point آهي. جتي فلسفي، سياست، سماجيات، ادب، شاعري، سائنس، ٽيڪنالاجي، صحافت، لسانيات ۽  معاشيات توڙي انيڪ شعبن ۾  شاگرد پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ مهارت حاصل ڪندا آهن.
            سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪُل 52 شعبا آهن، جنهن ۾ سائنس، آرٽس، سوشل سائنسز ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجيز جون فيڪلٽيون شامل آهن،  سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جو تعداد مجموعي طور تي اٽڪل 20 هزار کان مٿي آهي.  جنهن ۾ بيچلرس، ماسٽرس ۽ ايم فل جون ڊگريون شامل آهن.
            دُنيا جي ٻين يونيورسٽين وانگر سنڌ يونيورسٽي ۾ پڻ فيشن پنهنجي عروج تي پهتل آهي، سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ مڙني شعبن جا شاگرد توڙي شاگردياڻيون فيشن جي مارڪيٽ جو حصو آهن. تحقيقي رپورٽنگ جي جائزي بعد اهو معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ فيشن جي رُجحان ۾ وڌارو ٿي رهيو آهي.  فيشن ڏانهن مائل ٿيڻ جو وڏو سبب اهو معلوم ٿيو آهي ته  ڪمرشل ايڊ جي ماسٽر مائينڊ استادن جي اشتهاربازيءَ جو ڪمال آهي.
            انٽرنيٽ توڙي سوشل ميڊيا جون سموريون سائيٽس فيشن جي اهڙي رجحان ۾ سڀني کان اڳتي آهن. اڄ جتي اينڊروائيڊ موبائل فيشن جي جاءِ ورتي آهي، اُتي  ساڳئي موبائل وسيلي گهڻو استعمال ڪيو ويندڙ سوشل برائوزنگ(فيسبڪ، او ايل ايڪس وغيره)پڻ فيشن ڏانهن مائل ڪرڻ جا مؤثر هٿيار آهن.
اڪثريت ڇوڪرا فيشن مان مُراد ڊريسنگ وٺندا آهن، جڏهن ته ڇوڪريون رنگين ڊريسنگ سان گڏ ميڪ اپ توڙي ٻيو ڪاسميٽڪ جو سامان فيشن جي ذمري ۾ آڻين ٿيون. سنڌ يونيورسٽي اندر فيشن جي دُنيا ۾  ڇوڪريون، ڇوڪرن کان اڳتي ڏسجن ٿيون، جڏهن ته ڇوڪرن جو فيشن ڏانهن متوجهه ٿيڻ جو سبب فلم انڊسٽري پڻ ٻڌايو وڃي ٿو، يونيورسٽي جي شعبن جي مخصوص نفسيات پڻ مطابقت رکندڙ فيشن ڏانهن مائل ڪري ٿي.
سنڌ يونيورسٽي سادگي پسند شاگردن جو وڏو انگ تعليم حاصل  ڪري ٿو. هوءِ ٻاهرين يعني  Imported فيشن بدران علائقائي لباس کي پسند ڪري ٿو. اُن جو مثال سنڌ جي ٻهراڙيءِ وارن علائقن سان تعلق رکندڙ شاگردن ۾ پسي سگهجي ٿو.
سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ فيشني شاگرد پنهنجين لاڳاپيل سمورين شين کي فيشني بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڇوڪرا اڪثر ڪري ٿيلها Begs پنهنجي آئيڊيل(فلمي هيرو، ڪرڪيٽر، سياستدان يا فريڊم فائيٽر) جي تصويرن سان سجائيندا آهن. موٽر سائيڪلن توڙي سندن گاڏين تي هيروز، يا فلمي ٽڪرن جون پٽيون پڻ ڏسڻ لاءِ ملنديون آهن. جڳ مشهور هندستاني فلم PK مان متاثر ٿيندڙ شاگرد، پنهنجي موٽر سائيڪل جي بيڪ سائيڊ تي “سنڌي پي_ڪي ” جي پٽي لڳائي پنهنجي ذوق جو اظهار ڪندا آهن.
 فيشن جي هن رنگ برنگي دور ۾ سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد توڙي شاگردياڻيون فيشن سان لاڳاپيل هر شي کي حاصل ڪرڻ جا جتن ڪندا/ ڪنديون آهن. هو ءَ مهانگن بيوٽي پارلرز، ڪلاٿ مارڪيٽس، هيئر سيلونز، ڪاسميٽڪ سينٽرز توڙي بوٽ هائوسز تان خريداري ڪري پنهنجي شخصيت جي چمڪ دمڪ وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. قومي توڙي صوبائي سطح تي قومي ۽ ثقافتي ڏهاڙن، عيدن توڙي ڏياري جي موقعن تي شاگردن کي فيشن ۾ ڏسڻ وٽان هوندو آهي. هيٺ سنڌ يونيورسٽي ۾ فيشن جي سموري تحقيقي رپورٽ موجب گڏ ڪيل ڄاڻ پيش ڪيون ٿا.



سنڌ يونيورسٽي ۾ ڇوڪرين جا فيش:                       سحر جکراڻي
2K16/MMC/53
فيشن ڊزائنز خاص طرح جي طرز زندگي يا خاص طرح جي لباس کي فيشن ۾ اهڙي طريقي سان جدت آڻيندا/آڻينديون آهن، جو عام ماڻهو ان کي ڏسي دنگ رهجي وڃي ٿو، فيشن ڊيزائينر ان ڳالهه جا ماهر هوندا آهن تـه ڪيئن فيشن کي علاقائي ءِ موسمي ضرورت مطابق رکيو وڃي؟ مختلف طرح جي برانڊز ۽ ڪمپنيون اشتهار ۽ جديد مواملات جي ذريعي کي استمعال ڪندي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اشتهاري مهم هلائيندا آهن ۽ انهي نئين طور جي ملبوسات ۽ فيشن جي پراڊڪٽ کي مارڪيٽ ۾ اهميت وڌرائيندا آهن، اڄڪلهه انٽرنيٽ جي دور ۾ آن لائين خريد و فروخت بيحد آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي، گوگل توڙي ٻين ڪمرشل سائيٽس جي ذريعي شاگردياڻيون انهي رجحان طرف مائل ٿينديون آهن، انهي شين ۾ گهڻو ڪري ڇوڪريون ميڪ اپ ۽  ٻيون شيون شامل آهن، انهي سلسي فيشن جي ماهرن جون چوڻ آهي تـ فيشن ماسٽرز جي مهارت سبب ڇوڪرين جو وڏو انگ انهي سحر ۾ وٺجي وڃي ٿو، سنڌيونيورسٽي ۾ ڇوڪرين جو وڏو انگ جينز پائي ٿو،  هو جينز سان گڏ اسڪرٽ پڻ پائين ٿيون، ڇوڪريون يونيورسٽي جي اندر سينگار جو بئگون پڻ گڏ آڻين ٿيون، جتي مختلف ميڪ اپ توڙي خوبصورتي جا مختلف ٽولز پڻ هوندا آهن، جنهن سان هو ڪلاسن بعد يا ڪلاس ڪان اڳ ۾ پاڻ کي ٺاهينديون آهن، ڇوڪرين ۾ فيشن سان گڏ رنگ پڻ تبديل ٿندو آهي. هو پسنديده رنگ کي وڌيڪ ترجيح ڏينديون آهن، نيون ايندڙ شاگردياڻيون سينيئر شاگردياڻين کان فيشن نقل ڪنديون آهن، اڪثر شاگردياڻيون صبح جي روشني کان بچڻ جي لاءِ حجاب ڪنديون آهن مگر اهو مذهبي اصولن سبب پڻ ڪيو ويندو آهي، سنڌ يونيورسٽي جون اڪثر ڇوڪريون رنگين ڪپڙا پائڻ سان گڏ هر فيشن ڪنديون آهن ۽ جوتن ۾ اڪثر ڪري ڇوڪريون فل شوز پائينديون آهن، تمام وڏو انگ فيشني سينڊل پڻ پائنيدو آهن، جنهن ۾ پينسل هيل توڙي پيا قسم شامل آهن، اڪثر ڇوڪرين جو چوڻ آهي تـ فيشن جي وسيلي پاڻ کي بدلائڻ بيوقوفي آهي، دنيا ۾ ڪرڻ لاءِ ڪم گهڻا پيا آهن، جيترو خرچ ڇوڪريون فيشن تي ڪنديون آهن، اوترو اگر خرچ فلاح بهبود لاءَ خرچ ڪيو وڃي تـ بهتر ٿي سگهي ٿو، هتي هر ماڻهو فيشن ڪرڻ چاهي ٿو پر ڇوڪريون تمام گهڻو اڳتي آهن، ڇوڪريون فيشن بعد گهڻو فخر محسوس ڪنديون آهن، ڪي ڇوڪريون اڪثر ڪري برقعو پڻ پائنديون آهن، مگر برقعي واري جبي جي سوڙهو هڻڻ سبب هجاب کي حجاب جي ضرورت پوندي آهي.
يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين جو وڏو تعداد سادگي وارو مزاج پڻ رکي ٿو، اهي فهميدانـ مزاج کي اولين ترجيح ڏينديون آهن، اڪثر ڪري ڇوڪريون سوشل ميڊيا جي استمعال ڪنديون آهن، جنهن سبب هو مختلف فيشن مان متاثر ٿي استمعال ڪن ٿيون، جنهن سان فيشن ۾ واڌارو ٿيندو آهي .
دنيا جتي فيشن جي دنيا ڇوڪرن توڙي ٻارن کي متاثر ڪيو آهي، اتي ڇوڪرين کي انهي سمنڊ ۾ لوڙهي ڇڏيو آهي، وقت پنهنجي حالت کي تبديل ڪيو آهي، هتي فيشني ڇوڪرن کي گڏ کڻي هلڻ توڙي فيشن ڪرڻ مجبوري نـه پر ڇوڪرين جو ذاتي شوق هوندو آهي .

شاگردن جو ٻهراڙِي پاس آئوٽ تائين جو سفر:        مائزا صديقي
2K16/MMC/33
رواج ۽ مقبول طور زندگي فيشن چورائيندي آهي، جديد دور جا نوجوان  مڪمل طور تي فيشن جي سرگرمين تي وڌيڪ زور ڏيندا آهن، يونيورسٽي ۾ ايندڙ شاگرد توڙي شاگردياڻيون سنڌ جي مختلف ضلعن مان ايندا آهن، جيڪي يونيورسٽي ۾ پنهني مقصد جي ساڀيان لاءِ محنت سان گڏوگڏ فيشن کي پڻ ترجيح ڏيندا آهن، ٻهراڙي کان ايندڙ شاگرد يونيورسٽي ۾ پاڻ کي اوپرا سمجهن ٿا، هو جلدي ءِ آساني سان پاڻ کي تبديل ڪري ناهي سگهندا، سيميسٽر جي شروع ٿيندي ئي ٻهراڙي جو شاگرد پڙهائي جي طرف هجي ٿو اهڙي طريقي سان پهڙاڙي سان تعلق رکندڙ ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون انهي فيشن  جي سفر ۾ پاس آئوٽ ڪري وڃن ٿ ، هي هڪ مڃيل حقيقت آهي تـ ٻهراڙي جون ريتون رسمون، رواج  ۽ فيشن شهر جي فيشن کان گهڻو مختلف آهي شهرن جي فيشن ۾ مارڪيٽنگ  ذريعي جدت ٿيندي رهندي آهي پر ٻهراڙي جون ريتون رسمون رواج  ءِ فيشن شهر جي فيشن کان گهڻو مختلف آهي،  ٻهراڙي جي اندر  ثقافتي ءِ اتان جون ڊريسون توڙي فيشن پڻ علاقائي طور جو هوندو آهي،  ٻهراڙي جي شاگرد جي سنڌ يونيورسٽي ۾ اچڻ کانپوءِ نئون ماحول ملندو آهي، جتي هتي هو آساني سان هيراڪ نـ بڻجندو آهي، ليڪن وقت درڪار هوندو آهي، سنڌيونيورسٽي ۾ اچڻ کان پوءِ آهستي آهستي شاگرد پنهنجي فيشن ۾ تبديلي آڻيندو آهي، هوءِ پهرين فوڪس ڊريسنگ ءِ وارن جي اسٽائيل تي ڪندو آهي، ٻهراڙي جو شاگرد يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ رهندو هجي يا وري حيدرآباد يا ڄامشوري ۾ رهندو هجي اهو شاگرد يا شاگردياڻيون پنهنجي گهر کان پري هجڻ ڪري يونيورسٽي يا رهندڙ جگهن تي اوپرائي محسوس ٿيڻ سبب فيشن تي ڌيان گهٽ هوندو آهي، ٻهراڙي جي شاگرد توڙي شاگردياڻين جي سنڌ يونيورسٽي ۾ اچڻ کانپوءِ ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون جديد ڪپڙا پائڻ ۾ شرم محسوس ڪندا /ڪنديون آهن، آهستي آهستي هو پاڻ کي جديد فيشن جي طرف مائل ٿيندا ڪندا/ڪنديون آهن، يونيورسٽي ۾ اڪثر ڏٺو ويندو آهي ته جتي شاگرد توڙي شاگردياڻيون مختلف قسم جي فيشن ۾ ملبوس هوندا آهن، جنهن ۾ لباس هوندو آهي، زيورات هجي يا ميڪ اپ يا هينڊبينر هجي سڀ جديد دور جا فيشن آهن، هي شاگرد  فيشن اپنائڻ  سان تعلق رکندڙ شاگر ڏانهن قائل ٿئي ٿو تـه ان کي گهڻي مشڪلات جو منهن ڏيڻو پئجي ٿو، انهن کي شروعات ۾ فيشن گهٽ سمجهه ۾ ايندو آهي تـ ڪهڙي فيشن کي اپنائجي؟ ڇو تـه انهن کي فيشن جي باري ۾ معلومات تمام گهٽ هوندي آهي، هو جڏهن فيشن طرف مائل ٿيڻ شروع ٿيندو آهي تـ فيشن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ يا دوستن جو سهارو وٺندو آهي يا وري سوشل ميديا تي وڃي فيشن متعلق  خبرون چارون وٺڻ شروع ڪندو آهي، اهڙي طرح هو پنهنجي روين، اٿڻ ويهڻ توڙي ملڻ جلڻ ۾ پڻ فرق آڻيندو آهي، سنڌيونيورسٽي ۾ ڏٺو وڃي تـ ٻهراڙي جي علائقن مان ايندڙ ڇوڪريون پاڻ کي فيشن ڏانهن مائل ڪرڻ جي ڪوششو ڪنڊيون رهنديون آهن، مثال طور هو مختلف برانڊ جي ڪپڙن ۾ پڻ ڏٺو ويندو آهي جيڪي، مختلف نين رنگين لباس پڻ پائيديون آهن ءِ ميڪ اپ کي پڻ ترجيح ڏينديون رهيون آهن.
بيچلرز ڊگري جي چئن سالن ءِ ماسٽر ڊگري جي ٻن سالن جي سفر ۾ ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون فيشن ۾ اچڻ کانپوءِ پاڻ کي خوش قسمت محسوس ڪندا آهن، ايئن ئي هو چئن توڙي ٻن سالن جون سفر ساڳئي فيشن کي ترجيع بنائي پوري ڪندا/ڪنديون آهن.
شاگردن جو فيشن ڏانهن مائل ٿيڻ ۽ فيشن تي ٿيندڙ خرچ!
  آڪاش هميراڻي
2K16/MMC/10
            جيئن جيئن فيشن جي دُنيا ۾ نيون نيون ڊزائينون متعارف ٿي رهيون آهن، تيئن ئي فيشن جي مارڪيٽ ۾ فيشني شين جا اگهه پڻ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن. فيشن جي دنيا ۾ پراڻي پراڊڪٽ پنهنجي اهيمت ۽ افاديت وڃائي رهي آهي. فيشن جي دنيا ۾ ايڊورٽائيزنگ جي ڌُوم بعد شاگردن جو وڏو تعداد فيشن طرف مائل ٿي رهيو آهي. مختلف ڪميونٽيز ۽ ضلعن مان ايندڙ شاگرد به جديد طرز فيشن اپنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اهڙيءِ ريت فيشن تي ڳاٽي ٽوڙ خرچ به برداشت ڪرڻ جو   جتن ڪري رهيا آهن. تحقيقي رپورٽنگ جي سلسلي ۾ شاگردن کان مليل ڄاڻ موجب دُنيا ۾ روز بروز  فيشن جا جديد طريقا ۽ ڊزائينون اچي رهيون آهن. شاگردن جي ويچارن موجب “ڇو نه اسين به انهي وهڪري ۾ شامل ٿي دُنيا ۾ پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياريون؟هنن جو خرچ بابت اهو خيال سامهون آيو ته خرچ وسيلن جي آهر ڪندا آهيون، ايئن به ناهي ته شاگرد گهر ٻاري ڏياري ڪندا آهن.هوُءَ وقت ۽ حالتن جي نزاڪت کي سمجهندي پوءِ ئي اهڙو فيصلو ڪندا آهن.”
رياست جو چوٿون ٿنڀ سمجهي ويندڙ ميڊيا (اليڪٽرانڪ، پرنٽ، سوشل ۽  ڪمرشل ميڊيا) جي ذريعي فيشن جي متعلق هر روز اپڊيٽس سان اسان جو نوجوان شاگرد لاڳاپيل رهي ٿو. جنهن وسيلي هو  ڪيترين ئي برانڊز جي ايڊورٽائيزنگ کان متاثر ٿي انهي طرف مائل ٿئي ٿو. اهڙا شاگرد سوشل ميڊيا توڙي مختلف ڪمرشل سائيٽز تي وڃي سرچ پڻ ڪندا رهن ٿا، جنهن سان هنن کي روزاني جي بنياد تي مارڪيٽ ۾ ايندڙ نين فيشن ايبل شين بابت ڄاڻ ملندي رهي ٿي. اهڙيءَ ريت ميڊيا وسيلي سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد فيشن ڏانهن مائل ٿيندو رهي ٿو.
            سنڌ يونيورسٽِي ۾ هڪ وڏو ٽولو اهڙو به آهي، جيڪو پڙهائي لاءِ والدين پاران ملندڙ خرچ، پڙهائي بدران فيشن تي استعمال ڪري ٿو. اهڙن شاگردن ۾ اڪثريت انهن شاگردن جي هوندي آهي، جيڪو شهري علائقن سان واسطو رکندو آهي. انهن ۾ به ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرن جو تعداد وڌيڪ آهي. اهڙن ڇوڪرن ۾ ٻاروتڻ کان بلوغت تائين پرورش اڪثر برگر گهراڻن ۾ ٿيندي آهي. جيڪو يونيورسٽِي ۾ پڙهائي بهاني ڄامشوري يا حيدرآباد ۾ رهندو آهي، جتي هو پڙهائي لاءِ ملندڙ پئسن جو گهڻو تعداد فيشن تي خرچ ڪندو آهي.
            فيشن ايبل ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون توڙي سادگي پسند شاگرد پنهنجي الڳ الڳ اهميت ۽ حيثيت رکن ٿا. فيشن جو پڙهائي تي هاڪاري توڙي ناڪاري اثر ٿئي ٿو. هڪ طرف اهڙا شاگرد پڻ موجود آهن جيڪي فيشن کي وقت جي تقاضا سان گڏو گڏ پاڻ کي پروفيشن سان هم آهنگ ڪرڻ جو دڳ سڏين ٿا. اُهي ٽاءِ، ٿري پيس سوٽ، سُٺا بوٽ يا سينڊل، نوان چشما/ گلاس ۽ سن ڪيپ کي فيشن سمجهن ٿا.  اُهي فيشن وسيلي تعليم کي وڌيڪ اؤسر جو ذريعو سمجهن ٿا.انهن جو خيال آهي ته اهڙي فيشن سان اسان جي تعليمي صلاحيتون ۽ قابليتون نکري نروار ٿين ٿيون ۽ سماج اسان کي سُٺو شاگرد  سمجهي ٿو. ٻي طرف اهڙا به شاگرد موجود آهن جيڪي پڙهائي طرف تمام گهٽ پر فيشن طرف وڌيڪ لاڙو رکن ٿا. انهن شاگردن جي انگ ۾ ڇوڪرين جو تعداد ڇوڪرن کان وڌيڪ آهي. سادگي پسند ۽ فيشني دُنيا کان ڪوهين ڏور رهندڙ شاگرد بجاءِ فيشن ۽ ٻي طرف ڌيان ڏيڻ جي پنهنجي تعليم، ڪيريئر، تعمير ۽ پڙهائي طرف توجهه ڏي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هنن چيو ته “فيشن جو پڙهائي سان ڪو به سروڪار ڪونهي.”
            فيشن سڌي يا اڻ سڌي طرح  شاگردن جي شخصيت ۽ ڪردار تي اثر انداز ٿئي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي جو ڪهڙي قسم جو فيشن شاگردن پاران اپنايو وڃي ٿو. عام طور تي فلم انڊسٽري جي عروج بعد شاگردن جو وڏو تعداد فلمي فيشن کي وڌيڪ ترجيح ڏي ٿو.فلمي هيرو ڪٽ فيشن هنن جي لهجي توڙي سڀاءُ جو حصو ٿي وڃي ٿو.  سنڌ يونيورسٽي جي شعبن جي  نفسيات پڻ پنهنجي مخصوص جوهر موجب فيشن جي آڌار تي شخصيت تي اثر انداز ٿئي ٿي. تحقيق موجب آرٽ اينڊ ڊزائين جي شعبي جا شاگرد توڙي شاگردياڻيون آرٽسٽڪ قسم جو لباس پائيندا/ پائينديون آهن. سندس لباس  ۾ آرٽسٽڪ قسم جون ڊزائينون پڻ شامل هونديون آهن. شاگرد سياست سان تعلق رکندڙ اڪثر شاگرد چي گويرا جون شرٽون ۽ baggy jeans پائيندا آهن. هي لڏو هن کي فيشن سمجهي پنهنجي شخصيت کي ظاهر ڪرڻ لڳي ٿو.
            عام طور تي اهو چيو ويندو آهي ته فيشن پئسي جو زيان آهي، مگر اها ڳالهه به حقيقت آهي ته جديد دؤر مطابق هي اڻٽر حقيقت آهي اڪثر فيشن ڪندڙ شاگرد توڙي شاگردياڻيون اهو چون ٿيون ته  پئسو ضرور خرچ ٿئي ٿو پر اڄڪلهه جي دور ۾ ماڻهو فيشن کان سواءِ اڌورو آهي. سندن خيال موجب، هر شيءِ ۾ پئسا ضرور گهُربل آهن، پر شخصيت کي چار چنڊ پڻ لڳن ٿا.
            جديد دؤرجي تقاضائن موجب جتي دُنيا هڪ ننڍڙي ڳوٺ (گلوبلائيزيشن) ۾ تبديل ٿيندي پئي وڃي، اُتي  فيشن، ڊزائيننگ ۽ اسٽائلش رنگن، روپن ۽ نمونن جا جديد انداز ڪرادر ۽ شخصيت  ۾ پڻ نکار آڻين ٿا.









فيشن جو وڌندڙ رجحان ۽ سادگيءَ پسند شاگرد:   آڪاش هميراڻي
2K16/MMC/10
            اڄڪلهه جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ دؤر ۾جتي مختلف شين جا معيار ۽ ماپا تبديل ٿيا آهن، اُتي فيشن ۾ پڻ نيون تبديليون آيون آهن. سادگي پسند شاگرد اڄ به اُن سادگي ۾ گذاري ٿو، جتي هوءَ پاڻ کي صحيح محسوس ڪري ٿو. فيشن جو رجحان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڻ اثر انداز ٿيو آهي.هتي پڙهندڙ شاگرد مختلف ثقافتي لباسن کي پڻ جدت واري لاڙي  ۾ آڻي پائين ٿا. جيئن ڏٺو ويندو آهي ته ٿري پيس سُوٽ جي مٿان ڪي ڇوڪرا، سنڌي ٽوپي پائيندا آهن، يا پٽڪو ٻڌندا آهن. فيشن جي وڌندڙ رُجحان ۾ ڇوڪرن   جو  سمورو فوڪس ڊريسنگ تي هوندو آهي. ٻهراڙي جي ڀيٽ ۾  شهري ڇوڪرا وڌيڪ فيشن ڪندا آهن. ٻهراڙي جا شاگرد شهر جي شاگردن کان مختلف انهيءَ ڪري به آهن جو اُهي ڳوٺاڻي مزاج ۽ ڪلچر کي گڏ کڻي هلن ٿا. شهري ڇوڪرن کي سنڌ يونيورسٽي ۾ نت نون اندازن ۽  ڪيترن ئي جديد فيشني روپن ۾ پسي سگهجي ٿو.  فلمي دُنيا جي جديد هيرو ٽائيپ وارن جو اسٽائيل، لباس پڻ هوبهو ساڳيو اپنائيندڙ شهري شاگرد لهجي ۽ ڳالهائڻ جي انداز کي پڻ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. يونيورسٽي ۾ فيشن جي وڌندڙ لاڙن ۽ نمونن کي ڏسي ڇوڪرن جديد فيشن اپنائڻ شروع ڪيا آهن. تحقيقي رپورٽنگ جي سلسلي ۾ آرٽ اينڊ ڊزائين شعبي جي آخري سال جي شاگرد  سنگتراش صحرائي جو چوڻ هو ته “ٻهراڙيءِ جو شاگرد توڙي شهري ورڪر ڪلاس سان تعلق رکندڙ شاگرد فيشن جي لحاظ کان هڪڙي complex ۾ رهي ٿو. هوءَ هنن شين کي ترجيح نٿو ڏئي بلڪه ڪنهن حد تائين بُرو پڻ سمجهي ٿو. جڏهن ته شهري توڙي ٻهراڙيءَ جي مٿئين طبقي سان تعلق رکندڙ شاگرد يونيورسٽي ۾ ايندي ئي جديد طرز فيشن ۽ اسٽائلش ڊزائيننگ جي سحر ۾ وٺجي وڃي ٿو.جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اڪثر ڪري اينڊروائيڊ Android تي فيشن جون جديد latest update  وٺندڙ  اهي شاگرد  حيدرآباد جي مهانگن هيئر سيلون ۽ مهانگن ڪاسميٽڪ جي دُڪانن جهڙوڪ ؛ رائل ڪاسميٽڪ، الخلق بيوٽي سينٽر، توڙي وڏن ڪلاٿ سينٽرن عليان سِلڪ سينٽر، ڪيپري ڪلاٿ سينٽر توڙي مختلف ڪپڙي جي دُڪانن تان مهانگا وڳا پڻ خريد ڪري ٿو. اهو ئي سبب جو اهي شاگرد سدائين هڪڙي قسم جي فيشن ۾ جڪڙيل نٿو رهي. هو هر موسم آهر فيشن ۾ تبديلي آڻي ٿو. جڏهن ته عام شاگرد جي مالي پوزيشن ايتري مضبوط نه هوندي آهي، جو  اهي موسم پٽاندڙ نت نئون ۽ اپڊيٽيڊ فيشن ڪري.
            ساڳئي شعبي جي شاگردياڻي کان به تحقيقي رپورٽنگ جي سلسلي ۾ پُڇيل سوال جي جواب ۾ هُن چيو ته “شهر توڙي ٻهراڙيءِ جون ڇوڪريون فيشن ۾ ڇوڪرن کان ڪافي اڳتي آهن.اها ٻي ڳالهه آهي جو ٻنهيءِ جو ڪيترو مذهبي بئڪ گرائونڊ آهي. جڏهن ته اُن سلسلي ۾ ٻنهي کي برقعو پائڻو پوندو آهي، ايئن به ضرور  آهي ٻهراڙي جي شاگردياڻي يونيورسٽي ۾ اچڻ کان پوءِ ساڳئي سڀاءُ ۽ فيشن کي ترجيح ڏيندي آهي.” سادگيءِ  پسند شاگردياڻي مهانگن سپر مال، بيوٽي پارلر توڙي ڪاسميٽڪ سينٽرن کان پري آهي، هوءِ سادگي ۾ پنهنجو پاڻ کي فِٽ محسوس ڪري ٿي. رهي ڳالهه ته  Eliot class گهراڻي سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي جي، سو فيشن ۾ سڀني کان اڳتي آهي.  امير گهراڻن جون شاگردياڻيون  يورپ جي فيشن، ڊريسنگ، ڊزائيننگ ۽ جديد طرز جي اسٽائيل کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿيون. امير طبقي جي شاگردياڻي زيورات کي گهٽ ترجيح ڏي ٿي، پر Casio, Vivienne  ۽ Westwood توڙي limit ladies جهڙين مهانگين واچون پائڻ سندن ترجيح آهي.
            سنڌ يونيورسٽي ۾ ثقافتي ڏهاڙو هجي يا عيد، ڪلرس ڊي هُجي يا بسنت فيسٽيول، آجياڻي تقريبون يا وري الوداعي تقريبون، عام شاگرد اڃان تائين  فيشن جي زد ۾ ناهي آيو. هنن سمورن ڏهاڙن کي اهي سادگيءِ سان ملهائيندا آهن.  اهڙي سلسي ۾ سنڌي شعبي جي ٽئين سال جي شاگرد سنتوش ڪمار  جو چوڻ هو ته “ مجموعي طور تي سادگيءِ پسند شاگرد سلوار قميص پائيندو آهي، سادگيءِ جو تعلق لباس سان ناهي هوندو، پر اهي اڄ به اُن لباس کي ولگر قسم جو پهراڻ سمجهي ٿو.” سادگي پسند شاگرد پنهنجي مزاج  ۽ روين ۾ ماٺيڻو ۽ نوڙت ڪندڙ هوندو آهي، هن جي سڄي ترجيح فيشن بدران پنهنجي مقصد طرف هوندي آهي.
            سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبرري جي سنڌي سيڪشن ۾ ڪم ڪندڙ ملازم انور علي جو چوڻ هو ته “ فيشن ايبل شاگردن توڙي شاگردياڻين جو  تعداد ايترو ججهو ناهي،  بلڪه هاڻي تيزيءِ سان اُسري رهيو آهي. ڇوڪريون، ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وقت ۽  پئسو فيشن تي صرف ڪنديون آهن. ٻئي طرف عام شاگرد سادگي پسند مزاج رکي ٿو، هو اڃان تائين جديد فيشن جو مڪمل حصو نه بڻجي سگهيو آهي، ائين به ناهي ته ڪو عام شاگرد صفا سادو پسند رهندو پيو اچي، پر هُن جي نفسيات حالتن ۽ وقت پٽاندڙ فيشن ڏانهن مائل پڻ ٿيندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هُن چيو ته “هڪڙي ڳالهه فيشن ايبل توڙي سادگيءِ پسند شاگردن ۾ ساڳئي آهي، اُها آهي اينڊورائيڊ موبائل فون. فيشن ايبل شاگرد موبائل جو بيجا استعمال ڪندو آهي، جڏهن ته سادگي پسند شاگرد لاڀائتو استعمال ڪندو آهي. سادگي پسند شاگرد  لائبرري ۾ ڪتابن کي ترجيح ڏيندا ۽ فيشن ايبل شاگرد موبائل فون، واءِ فاءِ ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي جڪڙ ۾ پنهنجو وقت گُذاريندا آهن.” 
            هونئن ته عام طور تي اهو ڏٺو ويو آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ سادگي پسند شاگرد ، فيشني شاگردن کان الڳ ٿلڳ ۽ پرڀرو آهي، جنهن جا سبب طبقاتي ۽ سماجي تضاد به ٿي سگهن ٿا. فيشن پسند شاگرد به  هر روز نون فيشنن کي هٿي وٺرائي رهيا آهن، اُها هن دور جي تقاضا آهي. پر  اهڙي صورتحال اڳتي هلي سادگيءِ پسند شاگردن ۾ احساسِ محرومي کي جنم ڏيئي سگهي ٿي ۽ تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي طور تي نقصانڪار پڻ ٿي سگهي ٿي.






سنڌ يونيورسٽي ۾ ڇوڪرن جا فيشن:                                               جمشيد علي
2K16/MMC/31
دنيا ۾ رهندڙ ماڻهو پنهجي زندگي روزمره جي طريقن سان گذاريندا آهن، انهن ۾ هڪ فيشن آهي، جيڪو هن دنيا ۾ تيزي سان وڌي رهيو آهي، اڪثر شاگرد نئين طرح جا ڪپڙا پائن ٿا، وارن جا نيا فيشن ڪن ٿا، جيڪو ڪجهه ماڻهن کي پسند اچي ٿو۽ هو ان کي استعمال ڪن ٿا، ڪجهه وري الڳ طرح جا جوتا پائي پاڻ کي سنوارين ٿا.
هن ئي طريقي سان  سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگرد پڙهائي سان گڏو گڏ فيشن جو به انهن ۾ رجحان آهي، سنڌ  يونيورسٽي ۾ هزارن جي تعداد ۾ شاگرد پڙهندا آهن ۽ هنن سڀني  جو الڳ الڳ فيشن آهي، سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪجهه شاگردن کي سنڌ يونيورسٽي جي ماحول کي ڏسي ان مان  فيشن کي استعمال ڪندو آهي، تـه مون جا دوست ڪهڙي طريقي سان ڪپڙا پاتل آهن ان جي ڳالهائڻ جو انداز ڪهڙو آهي اهي سڀ هو پنهنجي دوستن مان سکندو آهي، سنڌ يونيورسٽي ۾  شاگردن جو هڪڙو  فيشن ناهي پوءَ به سنڌ يونيورسٽي جا شاگردن ۾ سنڌي ادب جو اثر گهڻو ڏٺو ويو آهي، جيئن تـه شاگرد پنهنجي  ادب کي پاڻ سان گڏو گڏ اڳتي کڻي هلندا اچن ٿا، سنڌي سماج  ۾ (شلوار خميس) پائيندا آهن پر اتي ئي ڪجهه شاگرد آهن جيڪي شلوار خميس نه ٿا پائن ٿا پر انهن جو چوڻ آهي تـ اسان پاڻ کي کي پينٽ شرٽ ۾  سٺو محسوس ڪندا آهيون.
سنڌ يونيورسٽي ۾ هر سال ڪلچر ڏيهاڙو ملهايو ويندو آهي، سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جو چوڻ آهي تـه اسان سنڌي ڪلچر واري ڏينهن اسان سنڌ جو ڪلچر اپنائندا آهيون، جيئن ڪلچر جي ڏهاڙي  اسان کي سنڌي لباس وڳو پائندا آهيون ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي ۽ ڪلهن تي سنڌ جي شان آجرڪ اوڍيندا آهيون  ۽ هن ڏينهن تي صرف سنڌي نـ بلڪ هر شاگرد جنهن جو جيڪو ڪلچر، جنهن جي جيڪا ثقافت آهي، جن ۾ ڪو پنجاپي، پشتو، بلوچي ۽ ٻيا سب جيڪي آهن، هو سڀ ڪلچر جي ڏينهن پنهنجو پنهنجو فيشن ڪري ڪلچر جي ڏينهن سڀني سان ملي ڪري ڪلچر جو ڏهاڙو ملهائينداآهن.
سنڌ يونيورسٽي جو ڊپارٽمينٽ، جيڪو (اسلامي ڪلچر) جي نالي سان آهي، اتان جا شاگرد اسلام مذهب جي باري ۾ پڙهندا آهن تـه انهن جو فيشن اسلامي ثقافت کي اجاگر ڪندو  آهي ڇو تـه هو شاگرد  شلوار خميس پائنداآهن ۽ هن سان گڏ هو مٿي تي اسلامي ٽوپي پائندا آهن ۽ ڪجه شاگرد وري اهڙا آهن جيڪي مٿي تي ٽوپي جي جاءِ  تي پٽڪو پائندا آهن، انهن جو لباس سادگي وارو هوندو  آهي.
اڃ جتي تقريبا پوري دنيا ۾ ٽيليويزن جو دور آهي، سنڌ يونيورسٽي جي ڪجهه شاگردن جو چوڻ هو ته اسان جو فيشن فلمن  يا ڊرامن مان ۽ سوشل ميڊيا مان حاصل ٿيل آهي، اسان ٽيليويزن ۾ ڪجهه  ڏسون ٿا ته ان مان اسان کي جيڪو ڪجهه پسند ايندو آهي، اسان اهو فيشن ڪندا آهيون.سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪجه شاگرد اهڙا به آهن جيڪي فلمون ڏسن ٿا پر انهن جو چوڻ آهي تـ اسان فلمون ڏسون ٿا پر اسان انهن مان ڪنهن طريقي جو ڪو فيشن پاڻ تي استعمال ناهي ڪيو، ڇو تـه اسان کي سادگي  پسند آهي. 

Fashion in Sindh University
Akash Hamirani: 10
Jamshed Wighyo: 31
Sehar Jakhrani: 53
Maiza Sidiqui: 33

No comments:

Post a Comment