Tuesday, 29 November 2016

ڪوٽڙي سائيٽ ايريا ملن ۽ مزدورن جا مسئلا

Brief history of Kotri mill area. number of mills 
Quotes and attribution from related people, experts, union leaders, mill owners  and their association. this is like article, not report. Report should mention proper source 
Photo 
Problems of labours in Korti Site area 

 Sadam Lashair, Rasheed Nizamani, Imtiaz Abbasi, Aijaz Bhatti, Ali Raza Rajpar, 

انويسٽيگيشن رپورٽ:
گروپ ميمبر:
صدام لاشاري.     ايم.اي پريويس رول نمبر 52
 امتياز عباسي.    ايم.اي پريويس رول نمبر 28
رشيد نظاماڻي.     ايم.اي پريويس رول نمبر 49
 اعجاز ڀٽي.        ايم.اي پريويس رول نمبر 08
 علي رضا راڄپر.  ايم.اي پريويس رول نمبر 12

 ڪوٽڙي سائيٽ ايريا جي ٽيڪسٽائيل ملن ۽ مزدورن جا مسئلا
By Rasheed Nizamani, Sadam Lashari
ڪوٽڙي سائيٽ ايريا جون ٽيڪسٽائيل ملون ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهن.هنن ملن جي پيداوار گھٽ ٿي  وئي آهي جنهن جا سبب را مٽيرل جو استعمال نـ هجڻ آهي را مٽيرل نـ ملڻ سان ڪپڙي جي پيداوار تي گهرو اثر پيو آهي. را مٽيرل گهٽ ملڻ ڪري ڪپهه ڀارت ۽ چين مان مهانگي اگهه تي مالڪان ڪپهه گهرائڻ تي مجبور ٿيو وڃن ٿا جنهن جو منفي اثر پيداوار تي پوي ٿو.ملن جي پداوار گهٽجڻ جو هڪ ٻيو بـ الميو اهو آهي تـ پهريان چائنـ وارا ڌاڳا وٺندا هئا پر هاڻي اهي ڪپهه گهرائن ٿا جنهن جو فائدو چائنـ وارن کي زياده پئي ٿو ۽ نقصان ملن جو مقدر بڻجي ٿو ملن جي پيداوار گهٽجڻ سان ملڪ جي معيشيت تي بـ تمام گهڻو اثر پئي ٿو.
ڪوٽڙي جون  6 ٽيڪسٽائيل ملون بند ٿي چڪيون آهن جڏهن ته هلندڙ ملن کي پڻ بند ٿيڻ جو خدشو آهي ڇاڪاڻ ته اهي پڻ ڪيترن ئي مسئلن ۾ گھيريل آهن جنهن ۾ مشينري ۾ ڪافي مسئلا ٿين ٿا جن ٺيڪن وارين ملن ۾ مشينري اڪثر خراب ٿئي ٿي ڇو جو ٺيڪن تي هلندڙ ملن جي مرمت نـه ٿي ڪئي وڃي ۽ ڪمپني جي ملن جي مشينري جي مرمت هر روز هڪ مشين جي مرمت ڪئي ويندي آهي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان وري اڪثر لوڊشيدنگ گهٽ ٿيندي آهي پر جيڪڏهن ٿيندي آهي تـه نقصان هي ٿيندو آهي جو هڪ مال نـه ٺهندو آهي ۽ مشينري ۾ فالٽ ٿيندو آهي موٽر سڙي ويندا آهن انشورنس جي حوالي سان جيڪي معلوم ٿيو تـه مل مالڪن هاڻي پنهنجو پئسو گهٽ پر بئنڪ جو پئسو استعمال ڪن ٿا جيڪو انهن جو وڏو مسئلو هو ڇو جو اگر مل ۾ باھ يا ڪو ٻيو مسئلو ٿيندو هو انشورنس ڪمپني نقصان جا پئسا گهٽ يا دير سان ڏيندي هئي پر هاڻي ان بئنڪ شامل آهي جنهن ڪري نقصان جا پئسا جلس ملندا آهن.
هنن ملن سان لاڳاپيل مزدور مختلف مسئلن جو جو شڪار آهن.هنن ملن ۾ ، سنڌ حڪومت طرفان مقرر ڪيل مزدورن جي گھٽ ۾ گھٽ اجرت واري قانون تي عمل نٿو ٿئي.جڏهن ته پگھارون وقت تي نٿيون ملن.پگهارون ملڻ ۾ هڪ مهينو يا ٻه مهينا به لڳي وڃن ٿا.پگھارون دير سان ملڻ جي ڪري هتي جا مزدور ملن ۾ موجود دڪانن تان اوڌر تي کاڌي پيتي جو سامان وٺڻ تي مجبور آهن جيڪي انهن کان عام اگھ کان وڌيڪ اگھ تي سامان ڏين ٿا.هنن ملن ۾ ٻارن کان به پورهيو ڪرايو وڃي ٿو جن جو في مل ۾ سراسري تعداد 80 کان 100 آهي.جڏهن ته ڪم ڪندڙ مزدورن جي لاءِ ڪي به حفاظتي انتظام ناهن.ملون بند ٿيڻ جا ڪيترائي سبب آهن جن ۾ ڪاٽن تي واڌي ٽيڪس ، را مٽيريل جو ٻاهران گھرائڻ،ملن جو قرضن ۾ ڦاسي پوڻ ۽ بااثرن پاران ملن تي قبضا ڪرڻ پڻ شامل آهسي.ملون بند ٿيڻ جي ڪري جيڪي مزدور بيروزگار ٿيا آهن اتي انهن جي خاندان سان لاڳاپيل 36000 ماڻهو پڻ متاثر ٿيا آهن.ان سان گڏ ڪپهه جي پوک به گھٽ ٿي وئي آهي.انهن سڀني مسئلن جا تفصيل هيٺ ڏجن ٿا.

1.ٽيڪسٽائيل مِلن جي پيداوار
ماضي جي پيداوار جي صورتحال:
Sadam Lashari
ملين جي پيداوار گهٽجڻ جا انيڪ مسئلا درپيش ايندي نظر آيا آهن  ڪيترن ئي علائقن جون ٽيڪسٽائيل مليون خاص نقصان جو توجهه بڻيون آهن جنهن سان موجوده صورتحال تي گهرو اثر پوندو آهي ۽ ملڪ جي معيشيت پٺ تي هلي ويندي آهي پيداوار جي گهٽجڻ ۽ وڌجڻ جا  ڪپڙي جي مارڪيٽ تي پڻ گهرا اثر پوندا آهن.ڇانبين ڪرڻ کان بعد ۾ تمام اهم انگ اکر ۽ ڳالهيون مليون آهن جيڪي فڪر جو سبب بـ آهن ۽ انهن ۾ ايندڙ گهٽتائي جي مسئلي جو حل بـ ڳولهيو ويو آهي.انويسٽيگيشن ڪرڻ جو هنڌ ڪوٽڙي جون ٽيڪسٽائيل مليون ۽ انهن جي پيداوار جي حوالي سان آهي.اگر ڪوٽڙي جي بالا ۽ اڳتي وڌيل ملين جي ڳالهه ڪنداسين تـ ان ۾ ڪوئٽـ مل پنهنجي دور ۾ نمبر ون مل جي حيثيت سان سڃاتي ويندي هئي جنهن جا پراڊڪٽس ٻاهرين ملڪ موڪليا ويندا هئا بدقسمتي سان اها ئي نمبر ون مل بند پيل آهي جنهن جو نقصان ڪوٽڙي جي هر باشندي توڙي سنڌ ۾ رهندڙ هر رهواسي محسوس ڪيو آهي.
موجوده پيداوار جو جائزو:
جڏهن اسان جي سڄي ٽيم ڪوئٽـ مل وزٽ ڪئي تـ اچرج بـ ٿئي پيو تـ ۽ خوشي بـ اچرج ان ڳالهه جي آهي تـ هڪ بهترين مل صاحبِ مالڪان  جي ڪري بحران جو شڪار آهي ان جي واڌاري لاءِ ڪنهن بـ قسم جا اپاٰءُ نـ ورتا ويا آهن،هي اها مل آهي جيڪا پهريان نمبر ون مل جي حيثيت سان سڃاتي ويندي هئي ان ڳالهه جي آهي تـ هن مل جي ايراضي،روڊ رستا ۽ مشينري ڏسي خوشي ٿي تـ هن ٽيڪسٽائيل مل کي سنجيده سان شروع ڪيو وڃي تـ ان ۾ ڪو بـ شڪ نـ آهي تـ هي مل پهرين نمبر تي اچي سگهي ٿي.
پيداوار جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ جا سبب:
ڪوئٽا مل جي ڊي ايس ايم ڊپٽي اسپائيننگ مينيجر سان ڳالهه ٻولهه دوران ٻڌايو تـ ڪوئٽا مل کان پهريان چائنا وارا ڌاڳا وٺندا هئا پر هاڻي ڪپهه خريد ڪري رهيا آهن تنهنڪري بـ مل بحران جو وڌيڪ شڪار ٿيندي نظر اچي رهي آهي ڇاڪاڻ تـ را مٽيرل جي ڪري بچت نـ ٿي ٿئي پهريان را مٽيرل هوندو هيو پر هاڻي را مٽيرل جي کوٽ آهي  تنهن ڪري اوترو پراڊڪٽ ٺهندو تنهن ڪري سڄو مسئلو را مٽيرل جو آهي ان وڌيڪ ٻڌايو تـ ڪرائيسز کان بعد ۾ ماڻهن تي گهرا اثر پيا آهن ان باوجود نارمل ڪم هن مهل تائين ٿي رهيو آهي هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي ايس ايم ڊپٽي اسپائيننگ مينيجر ٻڌايو تـ ڪرائيسز ان ڪري ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ تـ اسان هيٺائين طرف وڃي رهيا آهيو ڪوئٽا ٽيڪسٽائيل مل 2012 ۾بحران جو شڪار ٿي ان پيرڊ دوران ڪوئٽا ٽيڪسٽائيل مل کي سخت نقصان رسيو هيو جيڪو قابلِ برداشت نـ هيو سن 2009 ۾ڪوئٽا مل جا 15 سيمپل ڪنٽينر واپس ڪيا ويا هئا انهن سيمپل ڪنٽيرن جي واپسي بـ ان بحران سان ڪنهن حد تائين ملوث هجڻ جا ثبوت ڏي ٿو.ان باوجود اڃان تائين چائنا ڏانهن مال موڪليو ويندو آهي،ڪوئٽا مل کان بعد ۾ شاهزمان مل نمبر ون طور ڳڻي وڃي ٿي، شاهزمان ڪرائيسز کان بچڻ لاءِ تمام اهم۽ قابلِ تعريف قدم کنيا اها ئي وجهه آهي جو اڄ ڪوٽڙي ۾ شاهزمان ٽيڪسٽائيل مل نمبر ون ليکجي ٿي.
پيداوار جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ جا ڪپڙي جي مارڪيٽ تي اثر:
جڏهن ڪريم ٽيڪسٽائيل مل وزٽ ڪئي سون تـ ان مل جا بـ ڪجهه مثبت اثر پون ٿا.ڪريم ٽيڪسٽائيل مل ۾ هر دور جي بنياد تي هزارين ٽن ڌاڳو ٻاهرين ملڪ موڪليو وڃي ٿو.ڌاڳو سيل ڪرڻ مارڪيٽ جي قيمت تي هوندو آهي  اگر مارڪيٽ جي قيمت ۾ گهٽتائي ايندي آهي تـ ڌاڳو ان حساب سان وڪڻيو ويندو آهي.2010 کان اڳ ۾ ڌاڳي جي پيداوار ۾ تمام سٺو واڌارو آيو هيو ۽ ڪيترن هزارن ٽنن ۾ ڌاڳو ٻاهرين ملڪ موڪليو ويندو هيو پر 2010 واري ٻوڏ کان بعد ۾ هي ٽيڪسٽائيل مل بحران جو شڪار ٿي وئي هئي ڇاڪاڻ تـ  ڪپهه نـ هجڻ جي ڪري ڌاڳو نـ پيو ٺاهيو وڃي ۽ مل بحران جو شڪار ٿيندي نظر پئي اچي ان کي نظر ۾ رکندي ڪپهه پاڙيسيري ملڪن کان گهرائي وڃڻ لڳي جنهن ۾ چين ۽ ڀارت جو شمار ٿئي ٿو.پيداوار جي گهٽجڻ جا بنيادي سبب را مٽيرل جو نـ هجڻ آهي را مٽيرل نـ هوندو آهي ان حوالي سان ڪپڙو سٺي ڪوالٽي ۾ ناهي ٺهي سگهندو ۽ ملون بحران جو شڪار ٿي وينديون آهن پيداوار جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ جا سبب بـ ٽيڪسٽائيل ملن کي بحران جو رستو ڏيکاريندي نظر ايندا آهن.
2. هلندڙ ملن جا مسئلا
مشينري جا مسئلا:
Imtiaz Abbasi
 اڪثر ملن ۾ ٻـه قسمن سان هلنديون آهن هڪڙيون ٺيڪن تي هلنديون آهن تـه ٻيون وري ڪمپنيون هلائينديون آهن مشينري جي حوالي سان ٺيڪن تي هلندڙ ملن ۾ مشينري ڪافي جلدي خراب ٿئي ٿي ان جو سبب هي آهي تـه ٺيڪداري نظام ۾ هلندڙ مشينن جي سارسنڀال سٺي نموني نـه ڪئي ويندي آهي انهن مشينري استعمال تمام گهڻو ٿئي ٿو ڏينهن جي حساب سان ڏسجي تـه 24ڪلاڪن ۾ مشينري هلي پئي ان کي ڪا بريڪ نـه هوندي آهي ان ڪري 24ڪلاڪ هلڻ ڪري ان دوران اگر بجلي هلي وئي تـه مشين تي خراب ٿي سگهي ٿي مشين خراب ٿيڻ جي صورت ۾ اگر سان موجود هوندو آهي تـه مشين اڌ ڪلاڪ ۾ تيار ٿي ويندي آهي، سامان نـه هجڻ جي صورت ۾ مشينري هڪ کان ٻـه ڏينهن بند هوندي آهي اگر سامان ڪراچي مان ملي ويندو آهي تـه هڪ ڏينهن اندر مشين هلائيندا آهيون ڪڏهن ڪڏهن اهڙا اوزار هوندا آهن جيڪي پاڪستان ۾ نـه ملندا آهن اهي ٻاهرين ملڪن مان گهرائيندا آهيون ان جي اچڻ ۾ ٻـه هفتا لڳندا آهن ۽ خراب ٿيڻ جي ڪري لکي روپين جو نقصان ٿيندو آهي ان ۾ نقصان مطلب جيڪي آرڊر مليل هوندا آهن اهي پورا ناهن ٿيندا جيستائين اهو آرڊر پورو نـه ٿيندو تيستائين نئون آرڊر ناهيون وٺندا آهيون ڪمپني جي مشينري ۾ وري فرق اهي خراب تمام گهٽ ٿينديون آهن ان جو سبب آهي تـه ڪمپني هر روز هڪڙي مشين جي صفائي ٿيندي آهي هر اوزار کي چيڪ ڪيو ويندو آهي ۽ صفائي ۾ تقريبن 8 کان 9 ڪلاڪ لڳندا آهن
لوڊشيڊنگ جا مسئلا:
 ملن ۾ تقريبن لوڊشيدنگ گهٽ ٿيندي آهي ڇو جو هنن وٽ بجلي جا پاور پلاٽ هوندا آهن اگر لوڊشيڊگ ٿيندي بـه آهي تـه 2 کان 3 ڪلاڪ ٿيندي آهي لوڊشيڊنگ جي ڪري مشينري تي پڻ اثر ٿيندا آهن جن ۾ بجلي جي اچ وڃ جي ڪري موٽر سڙي ويندا آهن يا موٽرن جا بيلٽ لهي ويندا آهن جنهن ڪري ڪم ڪجھ وقت لاءِ روڪجي ويندو آهي
امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ۾ مسئلا:
امپورٽ ۾ ڪافي مسئلا ٿيندا آهن مال جي پيداوار گهٽ ٿيندي آهي تـه مال مهانگو ملندو آهي ۽ مال ۾ بـه مسئلا ٿيندا آهن جيڪو اسان ڊاريڪٽ وٺندا آهيون ان جي صفائي ٿيندي آهي ان ڪافي وقت لڳندو آهي جيڪڏهن اسين بينڪ کان وٺندا آهيون تـه اهو مال صاف هوندو آهي ۽ بينڪ اسان کي سستون ڏيندي آهي ان ڪري امپورٽ ۾ مال جو ئي مسئلو ٿيندو آهي باقي ايڪسپورٽ اسان لاءِ مسئلا ناهن ٿيندا مل مان جيڪو مال پيڪ ٿي گاڏي ۾ لوڊ ٿيو ان حساب ٿي ويو ۽ گاڏي جي ڊرائيور کي ان مال جي پرچي ٺاهي ڏيندا آهيون رستي ۾ اگر ڪجھ بـه ٿي ان جا اسان ذميوار ناهيون هوندا.
ٽرانسپورٽ جا مسئلا:
ٽرانسپورٽ جي حوالي سان ذريعن ٻڌايو تـه ٽرانسپورٽس جي لاءِ وڏا مسئلا آهن جيڪي مال اسين هڪ هنڌ کان هنڌ موڪليندا آهن تـه اگر ان دوران گاڏي سان ڪو حادثو ٿئي ٿو تـه اهو سڄو نقصان اسان کي ڀرڻو ئي ٿو يا وري هڙتال ٿيندي آهي يا روڊ بلاڪ ٿيندو آهي تـه اسان جي گاڏي جي تاريخ هلي ويندي آهي اسان جو ڏينهن خراب ٿيندو آهي
انشورنس:
ملن جا مالڪ ملن جي انشورنس ڪرائي ڇڏيندا  آهن اڳ ۾ ملن جا ملڪ پنهنجو پئسو مل جي ڪاروبار ۾ لڳائيندا هئا پر هاڻي هنن بينڪ جي پئسي تي ڪاروبار ڪري رهيا آهن ۽ انشورنس بـه بئنڪ جي ذريعي ٿيندي آهي ڪنهن وقت ۾ جڏهن مل مالڪ پنهنجو پئسو لڳائيندو هو ۽ ان جي انشورنس بـه ٿيل هوندي هئي پر انشورنس ڪمپني انهن کي جلدي يا وري نقصان جا پئسا گهٽ ڏيندي هئي ڪو بـه جواز ڄاڻائي هاڻي مل مالڪن انشورنس جي مسئلا کان ۽ ڪنهن بـه اڻوڻندڙ واقعي کي ڀرپائي لاءِ هنن مل مالڪن بينڪ کان قرض وٺي ان جي ذريعي ڪاروبار شروع ڪن ٿا جنهن جو فائدو مل مالڪن کي هي پئي ٿو جو انشورنس بينڪ جي ذريعي ٿئي ٿي اگر ڪو بـه واقعو ٿئي ٿو تـه بئنڪ جي ڪري انشورنس ڪمپني جلدي نقصان جي ڀرپائي ڪري ٿي
3.ڪوٽڙي ٽيڪسٽائيل ملن سان لاڳاپيل مزدورن جا مسئلا
Rasheed Nizamani
ڪوٽڙي جون ٽيڪسٽائيل ملون جتي ٻين مسئلن جو شڪار آهن اتي ان سان لاڳاپيل مزدور به مسئلن جي ور چڙهيل آهن.انهن مان ڪجه اهم مسئلا هن ريت آهن.
بيروزگاري:                                                                                              
هن وقت 28 رجسٽر ملن 22 مان ملون هلي رهيون آهن ۽ 6 بند ٿي ويون آهن. ڪوٽڙي جي ٽيڪسٽائيل ملن مان ڪنهن مل ۾ ڪندڙ مزدورن جو تعداد سراسري طور 1200 آهي. ان حساب سان 6 ملن جي بند ٿيڻ سان 7200 مزدور بيروزگار ٿي ويا آهن.
گھٽ اجرت:                                                                                           
هنن ٽيڪسٽائيل ملن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کان ڪم وڌيڪ ورتو وڃي ٿو ۽ اجورو گھٽ ڏنو وڃي ٿو.هنن ملن ۾ 2 شفٽن ۾ ڪم هلي ٿو هڪ صبح 7 کان شام 7 وڳي تائين ۽ ٻي شفٽ شام 7 کان صبح 7 وڳي تائين.اهڙي طرح  هڪ  مزدور 12 ڪلاڪ ڊيوٽي ڪري ٿو جڏهن ته ان جي پگهار جي صورتحال اها آهي ته هڪ “ڊافر” جيڪو هڪ نئون  يا ناتجربيڪار مزدور هوندو آهي ان جي ڏهاڙي 400 روپيا هوندي آهي جيڪا ماهوار پگهار 12000 روپيا ٿئي ٿي اها سنڌ حڪومت طرفان جولاءِ 2016 کان ڪنهن به “ ان اِسڪل” (نا تجربيڪار) جي گھٽ ۾ گھٽ ڏهاڙي 14000 روپيا مقرر ڪرڻ واري حڪم نامي جي خلاف ورزي آهي.اهو ڊافر جڏهن پنهنجي سروس جي آڌار هڪ ڪاريگر بڻجي ويندو آهي ان جي ڏهاڙي ۾ فقط 70 روپين جي واڌ ڪئي ويندي آهي يعني 470 روپيا ڏهاڙي جيڪا ماهوار 14100 روپيا بيهي ٿي جيڪا هڪ ناتجربيڪار جي پگهار هجڻ گھرجي اها هڪ تجربيڪار ڪاريگر کي ملي ٿي.هڪ ڪاريگر پنهنجي سروس آڌار پوءِ “جابر” ۽ جابر مان “هيڊ جابر” بڻبو آهي.جابر کي 18000 روپيا ۽ هيڊ جابر کي 25000 روپيا ڏنا وڃن ٿا.
پگھار وقت تي نه ملڻ:                                                                               
اهي مزدور جن جو هڪ ته پگھار گھٽ آهي انهن لاءِ ٻي پريشاني اها آهي ته انهن کي پگھار وقت تي نـ ٿي ملي.هتي جي مزدورن کي پگھار ملڻ ۾، ڪجهه ملن ۾ 15 ڏينهن ، ڪجهه ۾ مهينو ۽ 2 مهينا به لڳي ويندا آهن.جڏهن ته ديوان گروپ جي هڪ مل جي مزدورن کي 8 مهينن کان پگھار نه ملي آهي جنهن لاءِ هڪ ڌرڻو پڻ هنيو ويو جنهن ۾ گولي لڳڻ سبب هڪ مزدور فوت پڻ ٿي ويو هو.
ملن ۾ موجود دڪان جي مالڪن جو مزدورن کان اوڌر جي سامان جا عام اگھ کان وڌيڪ پئسا وٺڻ:
پگھارن دير سان ملڻ جي اهڙي صورتحال ۾ مزدور کاڌي پيتي جو سامان اوڌر تي کڻڻ تي مجبور ٿين ٿا.جيڪو سامان ٻيا دڪان وارا انهن کي اوڌر تي ڏيڻ لاءِ تيار ناهن اتي ملن سان لڳ موجود دڪان وارا انهن کي عام اگهه کان وڌيڪ قيمت تي اوڌر تي سامان ڏين ٿا. هي دڪان وارا هتي جي مزدورن کي 1400 روپيا  في مڻ ملندڙ اٽو 1800 روپيا ، 90 روپيا في ليٽر ملندڙ آئل گيهه 165 روپيا في ليٽر ۽ 52 روپيا في ڪلو ملندڙ کنڊ 65 روپيا في ڪلو جي اگھ تي ڏين ٿا.جڏهن ته مل انتظاميه انهن جي خلاف ڪا به ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ان جو مطلب صاف ظاهر آهي ته اها هنن دڪان وارن سان مليل آهي.
ڪجهه ٻيا مسئلا:                                                                                        
هنن ملن ۾ 12 کان 16 سالن تائين جي ٻارن کان به پورهيو ڪرايو وڃي ٿو.سراسري طور هر مل ۾ 80 کان 100 ٻار ڪم ڪن ٿا.ان کان علاوه هتي عورتون پڻ ڪم ڪن ٿيون جيڪي جنسي هراسان ٿيڻ جهڙن مسئلن کي منهن ڏين ٿيون جنهن جي ڪا داد فرياد نٿي ڪئي وڃي.هتي ڪجهه 70 سالن جا پوڙها به ڪم ڪن ٿا.هنن ملن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي لاءِ ڪنهن به قسم جا حفاظتي اصول ۽ انتظام ناهن.مشينن سان لاڳاپيل مزدورن لاءِ ڪا يونيفارم نه آهي ۽ مزدور سلوار قميص ۾ اچن ٿا.قميص جو دامن ڪنهن سبب مشين ۾ ڦاسي انساني ضيان جو سبب بڻجي سگھي ٿو.دز کان بچڻ لاءِ ماسڪ وغيره نٿا مهيا ڪيا وڃن ٿا.
ان سموري صورتحال ۾ سنڌ حڪومت جو ليبر کاتو جنهن جي اها ذميواري آهي ته اها مزدورن جي ڀلائي ، انهن جي مقرر اجرت ۽ اهڙن قانونن تي عمل ڪرائي.ان ليبر کاتي مزدورن جي ٿيندڙ ان استحصال خلاف  ڪو به قدم نه کنيو آهي.
4.ملون بند ٿيڻ جا سبب 
Aijaz Bhatti
ڪوتڙي سائيٽ ايريا ۾ (ڪوٽڙي ايسوسيشن آف ٽريڊ انڊسٽري) آفيس جي رپورٽ موجب ٽوٽل رجسٽرڊ ٽيڪسٽائيل ملن  جو تعداد 28 آهي جن ۾ 06 ملون بند پيل آهن. 04 بحران جو شڪار آهن ۽ بقايا ملون جيڪي هلي رهيون آهن. جن ۾ ميڪو، بونهيرو، امين، سورهيه، ڪريم ڪاٽن، اڪبر برادرس، عوامي ٽيڪسٽائيل، ارسلان، ڪوئيٽه 03 سميت ٻيون ملون شامل آهن. بند پيل ملن ۾ ڌيوان گروپ جون 03 ملون، سفيرگروپ، اسٽيندر ٽيڪسٽائيل، فيمڪو،۽ ڪوهستان ڪاٽن شامل آهن انهي ۡکان علاوه ڪوئيٽا 01 ڪوئيٽا 02 شاھزمان، پيراموڙ جيڪي بحران جو شڪار آهن. جيڪي ڪاٽن تي وڌيڪ ٽيڪس ۽ بئنڪن جي قرضن لون وٺڻ مالڪن جي عدم توجه سبب بحران جو شڪار آهن. انهي کان علاوه جيڪي ملون بند پيل آهن ڪجھ  قرضن ۾ ٻڏل آهن ڪن ۾ ته مالڪن جا پنهنجا اندروني مسئلا آهن جن مالڪن جا ملن جا گروپ آهن اهي هتي ڪاروباري صورتحال ٺيڪ نه هئڻ ڪري پنجاب يا ٻئي ڪنهن صوبي ۾ ڪاروبار کي  ترجيع ڏيندا آهن.
 ڪجھ ملون بئنڪن جي قرضن ۽ لون سبب بند ٿيون آهن. ڪجھ ملن ۾ مزدورن کي نئون نئون مهينا پگهارون نه ملن سبب بند ٿيون آهن. انهي کان علاوه ڪاٽن تي ٽيڪس وڌيڪ ٿيڻ ڪارڻ ۽ راءَ مٽيليئر ٻاهران ملڪن مان گهرائڻ سبب بند ٿيڻ جو سبب بڻيون آهن. انشورنس  ٽريڊ اچڻ کان پوءِ جيڪي مالڪ بئنڪن جي مدد سان ملن جي انشورنس ڪرائي قرض ۽ لون کنيا. جنهن مطابق بئنڪون 160 روپيا في ڪلو ڪاٽن 180 روپيا مارڪيٽ ۾ فروخت ڪندي آهي  ۽ ڪپھ 60 روپيا وٺي 75 روپيا مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندي آهي.  ڪاٽن ۾ به ڪوالٽي هوندي آهي سڀني کان پهرين پولسٽر ڪاٽن جنهن مان پشم ڌاڳو ٺهندو آهي ۽ ٻئي نمبر تي ليڪرا جيڪو ڪاٽن  ۽ پولسٽر مان تيار ڪيو ويندو آهي جنهن مان رٻڙ نموني ڌاڳو ٺهندو آهي. انهي کان پوءِ يارن ڪاٽن جيڪو سڀني کان وڌيڪ استعمال ٿيندو آهي جن مان اڇي ڌاڳن جا ڍيرا ٺهيندا آهن. انهي کان پوءِ هڪ لوڪل ڪاٽن جيڪا مل اندر پريس فيڪٽري ۾ صاف ڪيو ويندو آهي انهي کان پوءِ ان مان ڌاڳو ٺاهيو ويندو آهي
اڪثر ڊيلر جي خواهش يارن ڪاٽن جي ڌاڳي جي هوندي آهي انهي ڪري مل مالڪ بئنڪن تي ڀاڙيندا آهن ۽ مال ايڪسپورٽ نه ٿيڻ جي صورت ۾ مزدورن جي پگهارون روڪيندا آهن. انهي سبب ڪيترن ئي مزدورن جي مهينن جي پگهار رهجي ويندي آهي ۽ مزدور  احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا آهن جنهن جو تازوئي واقعو 6 مهينه اڳ ٿيو جنهن ۾ ڌيوان گروپ سان تعلق رکندڙ هڪ مزدور محمد لطيف بروهي پوليس جي گولي لُڳڻ سبب فوت ٿي ويو.
حڪومت جو عدم تعاون                                                                         
ڪوٽڙي سائيٽ ايريا ۾ نه صرف ٽيڪسٽائيل ملن جي تعداد اٺهاويھ آهي پر ان کان علاوه مختلف ملن جو تعداد 150 کان وڌيڪ آهي جن لاءِ سنڌ گورنمنٽ طرفان قائم ليبر ڊپارٽمينٽ ۽ سنڌ ورڪر سوشل بورڊ  آهي جيڪو سيمي گورنمينٽ ۾ ايندو آهي. جنهن جو ڪم مزدورن جا مسئلا حل ڪرڻ. ليبر ڊپارٽمينٽ جنهن جي ذميواري اهو آهي ته مزدورن کي انهن جا هق وٺي ڏيڻ، مل مالڪن جا مسئلا هل ڪرڻ، سنڌ جي ملن کي پروموٽ ڪرڻ، جيڪي انويسٽر پئسو انويسٽ ڪندا آهن انهن کي فائدو پهچائڻ، ۽ آخر ۾ مزدورن کي ملن جي ڪم بابت ٽريند ڪرڻ ۽ رول اينڊ ريگوليشن فالو ڪرائڻ. ذريعن موجب انهي پوري هاڻوڪي صورتحال ۾ ليبر ڊپارٽمينٽ ڪوبه ڪردار نظر نٿو اچي. انهي کان علاوه سوشل سڪيورٽي هاسپيٽل جنهن جو ڪم اهو آهي ته ڪو به مزدور مل ۾ ڪم دوران ڪنهن حادثي جو شڪار ٿئي ٿو ته انهي علاج ڪرڻ، جنهن جو اڌ خرچو مل مالڪ کان وٺهندو آهي ۽ مل مالڪ مزدورن جي پگهار مان ڪٽوتي ڪندو آهي. انهي هاسپيٽل ۾ به اڻپوريون سهولتون آهن. انهي طرح حڪومت جو هر حوالي سان  تعاون اوهان جي سامهون آهي.
 بااثرن پاران قبضن جي ڪوشش.                                                                   
ڪوٽڙي سائيٽ ايريا جو علائقو هميشه جي لاءِ بدامني ۽ با اثرن جي ورچڙيل رهيو آهي ذريعن موجب هر اها مل بااثرن هيٺ آهي جيڪا ڀتو ڏيندي آهي بااثرن ۾ وڏي فورس به شامل آهي ته ننڍي طبقي تي به شامل آهي انهي سب چڪر ۾ مل مالڪ ته خرچو ڏئي نڪري وڃن پر رهجي وڃن ٽرانسپورٽ وارا مزدور ۽ غريب طبقو جيڪي پسجي وڃن ڦرلٽ چوري چڪاري جي چڪرن ۾ باقي رهي سهي ڪثر پوليس به پوري ڪري ڇڏي.2013 ۾ سورهيه مل جي پٺيان کان 30 فاٽ گهاٽ هنيو ويو جنهن جي صورت ۾ مل مالڪن کي لکين روپين جو نقصان ڏسڻو پيو. انهي کان علاوه مزدورن کان اهڙا واقعا روز جو معقول بڻيل آهن نه رڳو رات پر ڏينهن ڏٺي جو روز مره تي واقعا ٿيندا رهندا آهن. ۽ هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هنن پويان ڪنهن جي پٺ آهي.
سنڌ جي ملن جي بجاءِ پنجاب جي ملن تي وڌيڪ ڌيان                                        
   ذريعن موجب هن ۾ اصل مسئلو اهو آهي ته پارٽين جو ڪردار اچي ويندو آهي اڪثر جڏهن نواز شريف جي حڪومت ايندي آهي ته سنڌ جون ملون هيٺ اچي وينديون آهن ڇو ته هو پنهنجي صوبي پنجاب جي انڊسٽريئل ايريا کي پروميٽ ڪندا آهن ۽ هر ڪو فارئن ملڪ جو واپاري يا ڪو ملڪ اتي پنهنجي سيڙپ ڪندو آهي اهڙي طرح جڏهن سنڌ گورنمنٽ پنهنجي انڊسٽيريئل ايريا کي پروموٽ ناهي ڪندو ته جيڪو سنڌ جو واپاري پنهنجي ڪپهه جو فصل پنجاب ۾کپائڻ پسند ڪندو آهي ته جيئن چڱو ناڻو پرائي سگهجي. ٻيو هن ۾ مسئلو ٻارهين ملڪن کان ڪاٽن گهرائڻ جو هوندو آهي جنهن کي راءَ مٽيليئر چيو ويندو آهي جنهن ۾ وڏي ليول ويٺلن جي خرچي ٿي ويندي آهي ۽ انهي حساب سان سنڌ جي ملن جي ايڪسپورت ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي انهي ڪري هتي مسئلا ڌرپيش ايندا آهن.
5.ملون بند ٿيڻ جا اثرات
Ali Raza Rajpar
سنڌ ۾ معشيت کي نقصان؛سنڌ صوبو پاڪستان کي جي.ڊي.پي کي 54سيڪڙو ڏئي پيو پر هاڻي اسين حساب ڪيو هن گورنمينٽ ايندي ئي ڪوٽڙي جو 6 ٽيڪسٽائل ملون بند ٿيون هنن جي بند ٿيڻ جا ڪيترئي سبب ٿي سگهن ٿا پر جيڪي پاڻ کي ذريعن وٽان معلوم ٿيون هنن ملون جي بند ٿيڻ جو سبب هي هو تـه هنن کي مال مهانگو ۽ ايڪسپورٽ گهٽ پيو ٿي جنهن ڪري مل مالڪن کي نقصان پئي پيو ان جي وجھ هي بـه آهي تـه هن گورنمينٽ پنجاب جي ملن کي وڌيڪ اهميت ڏني ٿي وڃي جنهن ڪري سنڌ جي ملن ٿي اثر پيا آهن جنهن ڪري سنڌ جيڪا جي.ڊي.پي ڏيندي آهي ان ۾ بـه اثر پيا آهن
ڪپھه جي پوک گھٽجڻ:
ڪپھ جي پوک پهرين کان ڪافي گهٽ ٿئي ٿي ان سبب آهين تـه ڪپھه جو ٻيج مهانگو آهي ٻيو تـه زميندارن کي ڪپھه جي اها قيمت نـه ٿي ملي جيڪا هجڻ کپي پوء سٺو قيمت نـه ملڻ تي زميندار ڪپھه جي پوکائي گهٽ ڪن ٿا جنهن جا اثر ملن ٿي پون ٿا ذريعن ٻڌايو تـه ڪپھه جي قيمت گهٽ گورنمينٽ جي هٿ وس آهي
مقامي بيروزگاري:
 مقامي بيروزگاري بابت جڏهن آءُ ٽيڪسٽائل ملون جيڪي بند ٿي ويون آهن انهن جي فارغ ٿيل ملازمن ٻڌايو تـه هتي جن ملن ۾ اسان ڪم ڪندا هئاسين اهي 6 ملون بند پيون آهن جنهن سبب مقامي بيروزگاري وڌي وئي آهي هن وقت هڪ مل 1200 مزدور ڪم ڪندا هئا پر هنن 6 ملن جا 7200 ملازم گهر ويٺا آهن جن جي پويان گهر ۾ هر هڪ گهر جو حساب ڪجي تـه هڪ ملازم جي گهر ۾ 5 گهرڀاتي رهن ٿا هن مان معلوم ٿيو تـه 7200 ملازمن جي بيروزگار ٿيڻ سان 36000 ماڻهون متاثر ٿين ٿا هاڻي سوال هي ٿو پيدا ٿئي تـه 36000 هزار ماڻهون پنهنجي زندگي ڪين گذاريندا انهن جي رهڻ ڪرڻ انهن جي تعليم،صحت ۽ ان کان علاه زندگي جا ٻيا وهوار ڪين طئي ڪندا اچرج جي ڳالھه هي آهي تـه فارغ ڪيل ملازمن جون 4 مهينن جو پگهارون رهيل آهن جڏهن هن پگهارون لاءِ احتجاج جو رستو ورتو تـه اتي هڪ اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو احتجاج ڪندي ڪٿا ڪا گولي اچي احتجاج ڪندڙ بروهي نوجوان فوت ٿي ويو هنن وڌيڪ پڻ ٻڌايو تـه ٺيڪي تي ملون ۾ وري ائين ٿيندو آهي تـه جيڪو ملازم بيروزگار ٿيندو آهي تـه ان کي ڪا بـه سهولت نـه ڏني ويندي آهي جڏهن تـه اگر مل ڪمپني ٿي هلائي تـه اتان فارغ ڪيل ملازم کي 3 مهينن جي پگهار ڏني ويندي آهي جيسيتائين وڃي ڪو ٻيو روزگار ڪري  پر ٺيڪي تي هلندڙ ملن ۾ ائين نـه ٿو ٿئي جنهن جي ڪري هن مهل 36000 هزار ماڻهون فاقاڪشي جي زندگي گذاري رهيا آهن.

Problems of labours in Korti Site area 
 Report,Sana Shaikh,Hyderabad, Fareena Aslam, Maria Shaikh,

No comments:

Post a Comment