Showing posts with label امتياز. Show all posts
Showing posts with label امتياز. Show all posts

Tuesday, 16 August 2016

ارباب شاھ جو پروفائيل امتياز عباسي


ڪي ماڻهون مسيحا ٿين ٿا جن ۾ ارباب شاھ سرفهرست آهي
   پروفائيل              تحرير......            امتياز عباسي
رول نمبر 28  


ڪنهن ڏاهي چيو آهي تـ سڀ کان وڏي عبادت خلق خدا جي خدمت آهي ۽ ڪنهن وري چيو آهي تـ موسيقي روح جي غذا آهي بلڪل جن هي چيو انهن جون اُهي ڳالهيون سچ آهن پر اُهو ڪهڙو انسان هوندو جيڪو ماڻهن جي خدمت ڪري ۽ انهن کي موسيقي واري غذا بـ ڏي اهڙا ماڻهو تمام گهٽ هوندا آهن پر هڪ اهڙي شخصيت ڊاڪٽر سيد ارباب علي شاه بخاري جنهن اديبن،شاعرن،صوفي بزرگن ۽ شهيدن جي شهر خيرپورناٿن شاھ  جي سيد گهراڻي سيد حيدر شاھ بخاري جي گهر جنم ورتو.
سيد حيدر شاھ کي چار ڌيئرو ٻـ پُٽ سيد ارباب علي شاھ ۽ سيد لال علي شاھ بخاري هئا سيد حيدر شاھ پاڻ ڏاڍو سادوسودو ماڻهو جيڪو خيرپورناٿن شاھ جي شاهي بازار ۾ ڪوڏرن ۽ ڏاٽرن کي ڳن وجھدو هو ۽ هن جي غريباڻي گهر ۾ ٻن پُٽن ارباب شاھ ۽ لال شاھ جنم ورتو ۽ ٻئي ڀائر ڊاڪٽر بڻيا.
تعليم
سيد ارباب علي شاھ جنهن پنهنجي بنيادي تعليم خيرپورناٿن شاھ جي پرائمري اسڪول ۾ ورتي ۽ انٽر بـ هن پڻ ڊگري ڪاليج خيرپورناٿن شاھ ۾ ڪئي هن انٽر تائين هن ڇولا کپائي تعليم حاصل ڪئي پوءِ هن ميڊيڪل جي تياري ڪرڻ شروع ڪئي ارباب شاھ نيٺ  پهرين دفعي ئي چانڊڪا ڪاليج لاڙڪاڻي جي انٽري ٽيسٽ پاس ڪري ورتي جنهن ئي اڊميشن ڪرائڻ لاءِ فيس سندس ڀيڻ جيڪا ڪپڙا سڀهيندي هئي ان فيس ۾ مدد ڪئي ۽  پوءِ پڙهائي جي وڌيڪ خرچ سندس ماءُ ۽ ڀيڻ ڪپڙا سڀهي ڏينديون هيون ائين تڪليفن سان تعليم مڪمل ڪئيس
راڳ رنگ جو شوق
ارباب شاھ کي بچپن کان وٺي راڳ ٻڌڻ  ۽ ڳائڻ جو شوق پڻ تمام گھڻو هو پر سيد هجڻ ڪري سندس سائين حيدر شاھ هن کي اجازت نـ ڏني هئي پر جڏهن هن ڊاڪٽري جي تعليم پوري ڪئي تـ هي ھارمونيم پڻ وٺي آيو جڏهن اها خبر  سندس سائين حيدر شاھ کي پئي تـ هن هارمونيم کي ذرا ذرا ڪري ڀڃي ڇڏيو ۽ هن چيو تـ ڳائڻو اٿئي تـ هن گهر مان نڪري وڃ پر پوءِ بـ ارباب شاھ ڳائڻ کي نـ ڇڏيو هن نئون هارمونيم ورتو ۽ پنهنجي ڪلينڪ ۾ رکي اُتي ڳائڻ شروع ڪيو 
ارباب شاھ جو ڊاڪٽر وارو روپ
ارباب شاھ جڏهن پنهنجي ڊاڪٽري واري ڊگري ورتي تـ هن پنهنجي پهرين ڪلينڪ لاڙڪاڻي جي تعلقي باقراڻي ۾ کولي تقريبن ٽن سالن کان پوءِ هن ڪلينڪ خيرپورناٿن شاھ پنهنجي اباڻي ڳوٺ تڏهن کولي جڏهن هي سرڪاري ڊاڪٽر بڻيو ۽ اڄ بـ اُتي غريبن جي خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ مريضن کي پنهنجي جادوئي آواز سان روح جي غذا پڻ ڏيندو آهي
شادي
ارباب شاھ شادي پنهنجي ئي مائٽن مان پنهنجي پسند تي ڪئي ۽ ان مان سندس کي هڪ ئي پُٽ آهي عمران شاھ جيڪو هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ انوارنمينٽل سائنس ۾ ايم فل ڪري رهيو آهي
سائين ارباب شاھ ڳائڻ پيئڻ جو تمام گهڻو شوقين آهي تقريبن هفتي ۾ٻـ دفعا شهر کان ٻاهر ماني کائڻ ويندو آهي اگر گهمڻ جي ڳالھ ڪجي تـ ان جا بـ سائين ڏاڍا شوقين آهن 
شخصيت
ارباب شاھ جي شخصيت طور تمام مشهوري ماڻي آهي هنن جو مشهور قصو آهي هن جو هڪ دوست هيو ان ارباب شاھ کان گهر جو پتو پڇو تـ هن ان کي  چيو شهر جي باءِ پاس تي اچي ڪنهن کي بـ شخص کان منهنجو پتو پوُڇندي تـ هو تون منهنجي گهر وٽي ايندو دوست کلي چيس ها ڏسنداسين تنهنجي گهاٽي سرنھن پوءِ ھڪ ڏينهن هو اچي خيرپورناٿن شاھ پهتو باءِپاس اچي هڪ موٽرسائيڪل کان پڇيو تـ ارباب شاھ جو گهر ڪٿي آهي موٽرسائيڪل سوار هن کي پنهنجي گاڏي تي ويهاري وڃي ارباب شاھ جي گهر جو در کڙڪايو تـ سائين ارباب شاھ نڪري آيو موٽرسائيڪل سوار ھٿ ٻڌهي چيو سائين توهان جو مهمان مليو ان کي توهان وٽ ڇڏڻ آيس هاڻي اجازت ڏيو هاڻي مان وڃان هو هليو تـ مهمان سائين ارباب شاھ جي پيرن تي ڪري پيو چيئس واقعي ئي مان تون مڃون تون مرشد آهين ارباب شاھ سادگي پسند انسان هر وقت کلڻ مسڪرائن وارو شخص آهي...
امتياز عباسي ايم اي “پريويس”

ايم سي اٺاويھ 28

Thursday, 11 August 2016

امتياز عباسي نوجوانن جي ڪتابن کان دوُري


  Corrected 
     جديد دوُر ۽ نوجوانن جي ڪتابن جي دنيا کان دوُري
     آرٽيڪل                   تحريرـــــــــ       امتياز عباسي


ڪنهن ڏاهي چيو آهي تـ ڪتاب انسان جي اڪيلائي کي دور ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي پر هن دور جديد ۾ ڪٿي ڪتابن تي ڌوڙ چڙهيل تـ ڪٿي وري لائبررين جي سونهن بڻيل آهن جنهن ڪو گلدان هوندو آهي جئين جئين دنيا ترقي ڪندي وئي تئين تئين ماڻهون ڪتابن پڙهڻ کان پري هليا ويندا ٿا وڃن.
پاڪستان ۾ پڻ نوجوانن جي ڪتابن پڙهڻ جي عادت  تمام گهٽ ٿي رهي آهي ڏٺو وڃي تـ پاڪستان ۾ نوجوانن جو ڪتاب پڙھڻ وارو رواج ڪجھ ائين ئي جو هتي نوجوانن کي اھڙو ماحول نـ ناهي ڏنو ويو اندروني سنڌ ۾ وري صورتحال پڻ تمام گهڻي خراب آهي اُتي هڪ تـ ڪتاب گهر نـ هجڻ ڪري بـ اثر پيا آهن ۽ ڪيتريون لائبرريون پڻ بند پيل آهن اُتي جا نوجوان بُرين عادتن ۾ مبتلا آهن ڪتاب پڙھڻ جو تـ سوال بيڪار آهي
ڇو تـ پاڪستان جو ستر سيڪڙو ٻهراڙي تي مشتمل آهي ۽ ٻهراڙين ۾ لائيبرين جي کوٽ آهي.
 سال 2015 ۾ گڏيل قومن جو تعليم،سائنس ۽ ثقافت جو عالمي ادارو يونيسڪو دنيا ۾ هر سال واسطيدار موضوعن جي حوالي ڪيترائي سروي ڪندورهندو آهي تازو ان سلسلي ۾ يونيسڪو پاران هڪ دلچسپ رپورٽ پيش ڪئي آهي جيڪا دنيا ۾ ڇپجندڙ ڪتابن جي حوالي سان هئي جنهن موجب هرسال دنيا لـڳ ڀڳ ٻاويھ لک ڪتاب ڇپجن ٿا ان ۾ پاڪستان جو شايع ڪرڻ جي حوالي سان چوونجاهين تي آهي ۽ پاڪستان ٻـ هزار تيرنهن ۾ ڪتابن جي ڇپائي ۾ لڳ ڀڳ ٻاويھ سيڪڙو جي ڪمي آئي آهي ان رپورٽ ۾ هي پڻ ٻڌايو ويو آهي تـ عالمي سطح تي روز 6 ھزار ڪتاب   ڇپجن ٿا انٽرنيشنل پبلڪيشن ايسوسيئشن موجب دنيا ۾ سڀني قسمن جي ڪتابن جي خريداري تي ساليانو هڪ سو چوونجاهين ارب ڊالر خرچ ٿين ٿا انهن ڪتابن جي خريداري آمريڪي،چيني،جرمن،فرانسي ۽ برطانوي رهاڪو آهن انهن انگ اکر مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تـ ڪتابن جي خريداري تي خرچ ڪندڙ ڪل سالياني رقم مان سٺ سيڪڙو انهن ڇهن ملڪن جا پڙهندڙ خرچ ڪن ٿا هي پڻ اندازو لڳائي سگهجي ٿو تـ ٻين ملڪن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي عادت گهٽجي رهي آهي ۽ يونيسڪو هي پڻ ٻڌائي ٿو سڄي دنيا جي صارفين  پاران ٻـ هزار ٻارنهن جي دوران پبلشنگ ميڊيا ۽ انٽرٽينمينٽ انڊسٽري تي خرچ ڪيل رقم هڪ هزار اٺ ارب ڊالر رهي جنهن مان پندرنهن سيڪڙو هڪ سو چوونجاهين ارب بڪ پبلشنگ،“ٽريڊ ايجوڪشن ايس ايم ٽي”  سان لڳاپيل خرچ ڪئي ان ۾ هڪ ڳالھ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي تـ جيڪا رقم ڪتابن تي خرچ ٿئي ٿي اُها ٻين شعبن جهڙوڪ مووي،انٽرٽينمينٽ،وڊيو گيم۽ موسيقي تي خرچ ٿيندڙ رقم کان وڌيڪ آهي ان کان علاه عالمي سطح تي پاڪستان ساليانو ڪتاب ڇپجڻ جي حوالي چوونجاهين نمبر تي آهي دي پاڪستان انٽرنيشنل ببلوگرافي جي رپورٽ موجب سال ٻـه هزار تيرنهن ۾ ملڪ ۾ پنجويھ سو ايڪياسي ڪتاب ڇپيا ويا انهن ۾ اردو ٻوليءَ ۾ ٻـ هزار چوئيتاليھ ۽ پنج سو ست ٽيھ انگريزي ۾ ڇپيل ويا پر هن رپورٽ ۾ عظيم غلطي  ڪيل آهي هن ۾ صرف اردو ۽ انگريزي جا انگ اکر ڏنا ويا آهن جڏهن تي پاڪستان ۾ ٻين ٻولين سنڌي،سرائيڪي،پنجابي ۾ ڇپيل ڪتابن جا انگ اکر ناهن ڏنا ويا ان رپورٽ موجب ٻـ هزار ٻارنهن جي ڀيٽ ۾ ٻـ هزار تيرنهن ۾ پاڪستان ڪتابن جي اشاعت ۾ ٻـ  ٽيھ سيڪڙو ڪمي آئي،ٻـ هزار ٻارنهن۾  ٽـ هزار اٺ سو يارنهن ڪتاب ڇپيا هئا.
ان رپورٽ موجب آبادي جي تناسب سان نون ڪتابن جي دستيابي جي حوالي سان برطانيـ پهرئين نمبر تي آهي جنهن سراسري ڏھ لک ماڻهن جي لاءِ اٺاويھ سو پنجهتر ڪتاب ڇپيا ٻئي نمبر تي تائيوان ۾ اڙھ سو ايڪٽيھ، سلووينيا بـ اڙھ سو ايڪٽيھ ۽ پاڪستان ڏھ لک ماڻهن لاءِ صرف سراسري اڻويھ ڪتاب ڇپيا.
پاڪستان  ۾ بـ ڏينهون ڏينهن ڪتاب پڙهن جي عادت بـ تمام گهٽجي رهي آهي ڪتاب پڙهڻ تي اثر ڪيئن پيو پهرين کان ٽيڪنالوجي اڄ جي ڀيٽ ۾ ايتري تيز نـ هئي پهريون ريڊيو جو دور هو پوءِ ٽيلي وزن آهستي آهستي هن سڄي ماحول کي پنهنجي گرفت ۾ آندو نيٺ هي ماڻهون ٽي وي ڏسڻ جا عادي بڻجي ويا ۽ ٽي وي جي ڪري ڪتاب گهٽ پڙهڻ کان پري هليا ويا مطلب ٽي وي ڪتاب پڙهڻ تي اثر وڌو جئين جئين وقت گذرندو ويو ماڻهون مان ڪتاب لاءِ وقت بـ گهٽجندو ويو وري جڏهن انٽرنيٽ جو دور آيو تي اڄان ماڻهون ڪتابن کان پري ٿيندا ويا هاڻي وري موبائيل جو دور آهي هاڻي جتي يا جنهن سماج اسين رهون ٿا ان سماج ۾ نوجوان تـ پنهنجي ڪورس کان علاوه ٻين ڪتابن کي هٿ ئي نـ ٿا لاهن لائبرين ۾ انهن ڪتابن تي ڌوڙ ڇڙهي چڪي آهي ڪيتريون ئي لائبريون بند پيل آهن ڪو انهن کي کولرائڻ لاءِ ڪو ماڻهون آواز نـ ٿو اُٿاري ڇو جو هن وقت اسان جي نوجوانن سان گڏ اسان جا بزرگ بـ ان فيس بڪ جا عادي ٿي ويا آهن جتي روڳو داعوا جو هوا هلندي آهي جتي عملي ڪم ڪير بـ نـ ڪندو آهي سڀ هڪ ٻئي کي نصيت ڪندا آهن ۽ هن سماج جي اوجڙڻ تي افسوس ڪندا رهن ٿا ۽ مطالعو ڪرڻ کان آجا آهن سڄو ڏينهن محترم فيس بڪ سان جوڙيل رهن ٿا ۽ ڪتابن جي عظيم دنيا کان دور رهن ٿا مٿي ڏنل يونيسڪو واري رپورٽ ڏسي لڳي ٿو تـ ايندڙ دور ۾ ٻئي ڪا سروي ٿي تـ ڪتابن جي حوالي سان رپورٽ ڏاڍي  خوفناڪ هوندي ۽ آءُ هاڻي توهان کي هڪ عرض ڪندس تـ  فيس بڪ،ٽوئٽر ڀلي استعمال ڪيو توهان کي ڪير روڪي نـ ٿو سگهي پر توهان هن سنڌ ڌرتي سان محبت ڪيو ٿا تـ پوءِ ڪتاب ضرور پڙهو اڄ کان ئي روز صرف هڪ ڪلاڪ ٽائيم ڏيو آءُ فيس بڪ تي صرف هي اسٽيٽس ڏسڻ چاهيان ٿو “اسين بُڪ پڙهي رهيا آهيون”اچون تـ ڪتابن سان دوستي رکو ۽ جيڪا بـ ڳالھ ڪيو دليل سان ڪيو باقي پڙهو نـ رڳو پاڻ کي دانشور ۽ اديب سمجهو تـ هڪ ڳالھ ياد رکو تـ اسين بنا پڙهڻ جي اديب ۽ دانشور نـ بڻجنداسين اچون تـ ڪنهن شاعر جي هنن سلهيڙيل شعر تي عمل پيرا ٿيو...
            درسگاهن سان دل منهنجي، ڪتب خانو وطن منهنجو
            ڪتابن  ۾   دفن   ٿيندس،  ورق  ٿيندا  ڪفن منهنجو!!!

امتياز عباسي ايم اي “پريويس”
ايم سي “اٺاويھ 28”




Pakistan, Sindh situation.  needs more home work. its sketchy. 

What is this? article or Feature?
     جديد دوُر ۽ نوجوانن جي ڪتابن جي دنيا کان دوُري
                        تحريرـــــــــ       امتياز عباسي


ڪنهن ڏاهي چيو آهي تـ ڪتاب انسان جي اڪيلائي کي دور ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي پر هن دور جديد ۾ ڪٿي ڪتابن تي ڌوڙ چڙهيل تـ ڪٿي وري لائبررين جي سونهن بڻيل آهن جنهن ڪو گلدان هوندو آهي جئين جئين دنيا ترقي ڪندي وئي تئين تئين ماڻهون ڪتابن پڙهڻ کان پري هليا ويندا ٿا وڃن سال ٻـ هزار پندرنهن ۾ گڏيل قومن جو تعليم،سائنس ۽ ثقافت جو عالمي ادارو يونيسڪو دنيا ۾ هر سال واسطيدار موضوعن جي حوالي ڪيترائي سروي ڪندورهندو آهي تازو ان سلسلي ۾ يونيسڪو پاران هڪ دلچسپ رپورٽ پيش ڪئي آهي جيڪا دنيا ۾ ڇپجندڙ ڪتابن جي حوالي سان هئي جنهن موجب هرسال دنيا لـڳ ڀڳ ٻاويھ لک ڪتاب ڇپجن ٿا ان ۾ پاڪستان جو شايع ڪرڻ جي حوالي سان چوونجاهين تي آهي ۽ پاڪستان ٻـ هزار تيرنهن ۾ ڪتابن جي ڇپائي ۾ لڳ ڀڳ ٻاويھ سيڪڙو جي ڪمي آئي آهي ان رپورٽ ۾ هي پڻ ٻڌايو ويو آهي تـ عالمي سطح تي روز ڇھ هزار ڪتاب          ڇپجن ٿا انٽرنيشنل پبلڪيشن ايسوسيئشن موجب دنيا ۾ سڀني قسمن جي ڪتابن جي خريداري تي ساليانو هڪ سو چوونجاهين ارب ڊالر خرچ ٿين ٿا انهن ڪتابن جي خريداري آمريڪي،چيني،جرمن،فرانسي ۽ برطانوي رهاڪو آهن انهن انگ اکر مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تـ ڪتابن جي خريداري تي خرچ ڪندڙ ڪل سالياني رقم مان سٺ سيڪڙو انهن ڇهن ملڪن جا پڙهندڙ خرچ ڪن ٿا هي پڻ اندازو لڳائي سگهجي ٿو تـ ٻين ملڪن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي عادت گهٽجي رهي آهي ۽ يونيسڪو هي پڻ ٻڌائي ٿو سڄي دنيا جي صارفين  پاران ٻـ هزار ٻارنهن جي دوران پبلشنگ ميڊيا ۽ انٽرٽينمينٽ انڊسٽري تي خرچ ڪيل رقم هڪ هزار اٺ ارب ڊالر رهي جنهن مان پندرنهن سيڪڙو هڪ سو چوونجاهين ارب بڪ پبلشنگ،“ٽريڊ ايجوڪشن ايس ايم ٽي”  سان لڳاپيل خرچ ڪئي ان ۾ هڪ ڳالھ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي تـ جيڪا رقم ڪتابن تي خرچ ٿئي ٿي اُها ٻين شعبن جهڙوڪ مووي،انٽرٽينمينٽ،وڊيو گيم۽ موسيقي تي خرچ ٿيندڙ رقم کان وڌيڪ آهي ان کان علاه عالمي سطح تي پاڪستان ساليانو ڪتاب ڇپجڻ جي حوالي چوونجاهين نمبر تي آهي دي پاڪستان انٽرنيشنل ببلوگرافي جي رپورٽ موجب سال ٻـه هزار تيرنهن ۾ ملڪ ۾ پنجويھ سو ايڪياسي ڪتاب ڇپيا ويا انهن ۾ اردو ٻوليءَ ۾ ٻـ هزار چوئيتاليھ ۽ پنج سو ست ٽيھ انگريزي ۾ ڇپيل ويا پر هن رپورٽ ۾ عظيم غلطي  ڪيل آهي هن ۾ صرف اردو ۽ انگريزي جا انگ اکر ڏنا ويا آهن جڏهن تي پاڪستان ۾ ٻين ٻولين سنڌي،سرائيڪي،پنجابي ۾ ڇپيل ڪتابن جا انگ اکر ناهن ڏنا ويا ان رپورٽ موجب ٻـ هزار ٻارنهن جي ڀيٽ ۾ ٻـ هزار تيرنهن ۾ پاڪستان ڪتابن جي اشاعت ۾ ٻـ  ٽيھ سيڪڙو ڪمي آئي،ٻـ هزار ٻارنهن۾  ٽـ هزار اٺ سو يارنهن ڪتاب ڇپيا هئا
ان رپورٽ موجب آبادي جي تناسب سان نون ڪتابن جي دستيابي جي حوالي سان برطانيـ پهرئين نمبر تي آهي جنهن سراسري ڏھ لک ماڻهن جي لاءِ اٺاويھ سو پنجهتر ڪتاب ڇپيا ٻئي نمبر تي تائيوان ۾ اڙھ سو ايڪٽيھ، سلووينيا بـ اڙھ سو ايڪٽيھ ۽ پاڪستان ڏھ لک ماڻهن لاءِ صرف سراسري اڻويھ ڪتاب ڇپيا.
پاڪستان ۾ بـ ڏينهون ڏينهن ڪتاب پڙهن جي عادت بـ تمام گهٽجي رهي آهي ڪتاب پڙهڻ تي اثر ڪيئن پيو پهرين کان ٽيڪنالوجي اڄ جي ڀيٽ ۾ ايتري تيز نـ هئي پهريون ريڊيو جو دور هو پوءِ ٽيلي وزن آهستي آهستي هن سڄي ماحول کي پنهنجي گرفت ۾ آندو نيٺ هي ماڻهون ٽي وي ڏسڻ جا عادي بڻجي ويا ۽ ٽي وي جي ڪري ڪتاب گهٽ پڙهڻ کان پري هليا ويا مطلب ٽي وي ڪتاب پڙهڻ تي اثر وڌو جئين جئين وقت گذرندو ويو ماڻهون مان ڪتاب لاءِ وقت بـ گهٽجندو ويو وري جڏهن انٽرنيٽ جو دور آيو تي اڄان ماڻهون ڪتابن کان پري ٿيندا ويا هاڻي وري موبائل جو دور آهي هاڻي جتي يا جنهن سماج اسين رهون ٿا ان سماج ۾ نوجوان تـ پنهنجي ڪورس کان علاوه ٻين ڪتابن کي هٿ ئي نـ ٿا لاهن لائبرين ۾ انهن ڪتابن تي ڌوڙ ڇڙهي چڪي آهي ڪيتريون ئي لائبريون بند پيل ڪو انهن کي کولرائڻ لاءِ ڪو ماڻهون آواز نـ ٿو اُٿاري ڇو جو هن وقت اسان جي نوجوانن سان گڏ اسان جا بزرگ بـ ان فيس بڪ جا عادي ٿي ويا آهن جتي روڳو داعوا جو هوا هلندي آهي جتي عملي ڪم ڪير بـ نـ ڪندو آهي سڀ هڪ ٻئي کي نصيت ڪندا آهن ۽ هن سماج جي اوجڙڻ تي افسوس ڪندا رهن ٿا ۽ موطعو ڪرڻ آجا آهن سڄو ڏينهن محترم فيس بڪ سان جوڙيل رهن ٿا ۽ ڪتابن جي عظيم دنيا کان دور رهن ٿا مٿي ڏنل يونيسڪو واري رپورٽ ڏسي لڳي ٿو تـ ايندڙ دور ۾ ٻئي ڪا سروي ٿي تـ ڪتابن جي حوالي سان رپورٽ ڏاڍي  خوفناڪ هوندي ۽ آءُ هاڻي توهان کي هڪ عرض ڪندس تـ  فيس بڪ،ٽوئٽر ڀلي استعمال ڪيو توهان کي ڪير روڪي نـ ٿو سگهي پر توهان هن سنڌ ڌرتي سان محبت ڪيو ٿا تـ پوءِ ڪتاب ضرور پڙهو اڄ کان ئي روز صرف هڪ ڪلاڪ ٽائيم ڏيو آءُ فيس بڪ تي صرف هي اسٽيٽس ڏسڻ چاهيان ٿو “اسين بُڪ پڙهي رهيا آهيون”اچون تـ ڪتابن سان دوستي رکو ۽ جيڪا بـ ڳالھ ڪيو دليل سان ڪيو باقي پڙهو نـ رڳو پاڻ کي دانشور ۽ اديب سمجهو تـ هڪ ڳالھ ياد رکو تـ اسين بنا پڙهڻ جي اديب ۽ دانشور نـ بڻجنداسين اچون تـ ڪنهن شاعر جي هنن سلهيڙيل شعر تي عمل پيرا ٿيو...
            درسگاهن سان دل منهنجي، ڪتب خانو وطن منهنجو
            ڪتابن  ۾   دفن   ٿيندس،  ورق  ٿيندا  ڪفن منهنجو!!!

امتياز عباسي ايم اي “پريويس”

ايم سي “اٺاويھ”