Showing posts with label پروفائيل. Show all posts
Showing posts with label پروفائيل. Show all posts

Wednesday, 24 August 2016

وسيم احمد پروفائيل, استاد جاويد احمد انڙ

Waseem Ahmed


استاد جاويد احمد انڙ



صدين کان سرهي سنڌ ڌرتي جي سيني تي هميشه اهڙا ڪئين مڻيادار ماڻهو جنم وٺندا رهيا آهن، جن پنهنجي خداداد صلاحيتن سان هن ڌرتيءَ جي ماڻهن جي خدمت کي پنهنجو فرض سمجهندي پنهنجي زندگي بامقصد نموني سان گذاري آهي. اهڙن ماڻهن کي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگهندي آهي، انهن جو ڪيل پورهيو سندن نالي کي هميشه زنده رکندو رهندو آيو آهي، پوءِ اهو پورهيو علمي هجي يا ادبي، سياسي هجي يا سماجي، تاريخي هجي يا ثقافتي. علم و ادب ۾ سنڌ ڌرتي هميشه شاهوڪار رهي آهي، هتان جي قلم ڌڻين هميشه پنهنجي قلمي پورهئي سان ڌرتي جي بقا جي جنگ ۾ پنهنجو حصو ڳنڍيو آهي، اهو سلسلو صدين کان هلندو اچي ۽ صدين تائين هلندو رهندو. اهڙي مثال جهڙي هڪ پڙهيل لکيل ۽ سماج لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪندڙ شخصيت جي باري ۾ ٻڌايون ٿا. جنهن جو نالو استاد جاويد احمد انڙ آهي. سندس پيدائش 1968 ۾ شاهپور چاڪر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ عمر آباد ۾ ٿي.
  پنهنجي ٻالڪپڻ جي بابت جاويد انڙ  ٻڌائي ٿو ته ڳوٺ جي ڪلراٺين گلين ۾ کيڏندي، ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي ڀڳل بينچن تي شروعاتي تعليم پرائيندي گذاريو. ننڍپڻ جو وقت خودمختيار رياست جي خودمختيار حڪمران جيان هوندو آهي، جتي پنهنجي مرضيءَ سان بيباڪ جيون جون ڇڙواڳ گهڙيون  ڪنهن بيبها دولت جيان هونديون آهن. گهر جو مٽيءَ سان لتل آڳر جو چهرو چانديءَ جيان چمڪندو هو، صبح جي مهل پکين جون ٻوليون ۽ شام جي شفق رنگن ۾ لهندڙ سج جي منظر سان ڌنارن جا ڌڻ ۽ پکين جا واپس ويندڙ ولرن جا ڏيک عجيب سرور ڏيندا هئا. ويل وقت جا اهي ورق دل جي ڪتاب تي ورائي ڏسبا آهن ته دل باغ بهار ٿي پوندي آهي.
1985 ۾ مئٽرڪ شاهپور چاڪر جي هاءِ اسڪول مان پاس ڪئي، ان کان پوءِ يارهون ۽ ٻارهون مسلم ڪاليج حيدرآباد سال 1987 مان پاس ڪيو. 1989 ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مان بي ايس سي پاس ڪئي. ساڳئي سال سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن(سگا) جا رضاڪار ميمبر ٿيا. ۽ سال 1990 ۾ شاهپور چاڪر هاءِ اسڪول ۾ جي ايس ٽي طور ڀرتي ٿيا. سال 1994 مان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم اي اڪانامڪس ڪئي، ۽ ساڳئي يونيورسٽي مان سال 1996 ۾ ايم ايس سي (ميٿاميٽڪس) جي ڊگري حاصل ڪئي. تنهن کان پوءِ سال 2004 ۾ ايس ايس طور گورنمينٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول شاهپور چاڪر ۾ اڄ تائين ڪم ڪري رهيا آهن. پاڻ پنهنجي ڊيوٽي جي وقت جا پابند اهن ۽ فارغ وقت ۾ سگا جي لاءِ ڪم ڪندا آهن. سال 2005 ۾ پاڻ سينٽرل ايڪزيڪيوٽو ڪميٽي(سي اي سي) سگا ميمبر ٿيا.
ان وقت سائين پنهنجي ڳوٺ عمر آباد ۾ ڪاري سائي جي چڪاس ۽ ان جي بچاءَ لاءِ ٽڪا لڳرائڻ لاءِ مفت ڪيمپ هڻائي. تنهن کانپوءِ پنهنجي شهر شاهپور چاڪر ۽ ان جي آس پاس جي سورنهن ڳوٺن مهوش ۽ جهانگير صديقي فائونڊيشن جي تعاون سان مفت علاج لاءِ ڪيمپون ۽ دوائون پڻ ڏنيون ويون. ان کان علاوه يوسي شاهپور چاڪر جي اسڪولن۾ 10 هزار ٻارن کي ڪاري سائي جي بچاء جا ٽڪا پڻ لڳرايا. سائين جن 2010 جي مها ٻوڏ دوران امداد لاءِ شاهپور چاڪر ۾ سگا جي طرفان ڪيمپ لڳرائي متاثر خاندانن لاءِ راشن ۽ ڪپڙا، دوائون گڏ ڪري سنڌ جي ان متاثر علائقن ڏانهن موڪليون.
ضلعي سانگھڙ ۾ 2011 جي خطرناڪ برسات کانپوءِ چوپائي مال ۾ وڌندڙ بيماري جنهن ۾ هزارين ڍور مري چڪا هئا ان جي علاج لاءِ سگا جي طرفان ڊاڪٽرن جي ٽيم جوڙي مختلف علائقن ۾ مال کي ويڪسين پڻ ڪرائي، جنهن جي اڳواڻي بـ سائين پاڻ ڪئي.
تعليم جي لحاظ کان سائين جاويد شاهپور چاڪر جي 75 اسڪولن جي سروي ڪرائي جنهن ۾ بند پيل اسڪول، زبون عمارتون، اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ استادن جي غير حاضري ۽ ٻيو ڪجھ سروي ۾ شامل هو، جنهن جي رپورٽ ٺاهي تعليم جي اعليٰ عملدارن ڏي روانيون ڪيون.
سال 2015 ۾  سائين شاهپور چاڪر لاءِ سگا پاران روشن تارا اسڪول پڻ منظور ڪرايو ۽ ساڳئي سال روشن تارا اسڪول لاءِ زمين پڻ ورتي جيڪا شاهپور چاڪر جي نيڪ مرد حاجي محمد عالم شر عطيي طور ڏني. ۽ ساڳئي سال روشن تارا  اسڪول شاهپورچاڪر جو ڪم شروع ٿيو جيڪو سال 2016 جي آخر تائين مڪمل ٿيندو. سال 2016 ۾ سائين جاويد انڙ سگا جي مرڪز جا سيڪٽريٽ ايجوڪيشن آهن سال سائين سگا جي اسڪولن لاءِ تعليمي بورڊ لاءِ مختلف گڏجاڻيون ڪري رهيا آهن. سائين هن بورڊ جي حوالي سان ٻڌايو تـ هن تعليمي بورڊ ۾ ڪو بـ روشن تارا اسڪولن جو ملازم نـ هوندو ۽ اهي سڀ مرڪز عهديدارن مان چونڊيا ويندا. جيئن تـ اسڪولن ۾ معياري تعليم ملي سگھي. سائين وڌيڪ ٻڌايو تـ روشن تارا سڪولن جو مقصد اهو آهي تـ سنڌ جي ٻارن کي سنڌي صحيح نموني اچي. آخر ۾ جاويد انڙ چيو تـ منهنجي خواهش آهي تـ پوري سنڌ پڙهيل لکيل هجي ۽ هتان جو هر فرد سکيو ستابو هجي ۽ اهو سڀ ڪجھ علم سان ئي ٿي سگھي ٿو.

  رپورٽر : وسيم احمد      
  ڪلاس : ايم.اي (پريوس)
رول نمبر : 68               
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media & Communication Studies
University of  Sindh

Monday, 22 August 2016

گل محمد بُخاري جو پروفائيل :صدام لاشاري

ur intro is same as Abdul ghaffar's profile. he sent his profile first so u must have to change  ur intro.
 Sadam Lashari   پروفائيل
           ڀلوڙ ليکڪ گل محمد بُخاري
تحرير:صدام لاشاري
ايم اي پريويس
رول نمبر 52     
چيو ويندو آهي تـ غريب انسانن جي مدد ۽ حوصلا افزائي اهو ڪندو آهي جنهن جي دل ۾ انسانيت ديرو ڄمائي ويٺي هوندي آهي. يا تـ اهو انسان خُد انهن مشڪلاتن جو سير ڪندي وڏي منزل تي پهچندو آهي سندن کي پوءِ ئي غريبي جي چڱي طرح سُڌ پوندي آهي، ڇوتـ انهن جو تعلق پهريان ڏينهن ۽ رات ان بي پرده غريبي سان هيو جنهن کي ڪنهن بـ امير جي مينهن لتاڙي پئي سگهي. باقي تـ غريبن جو قدر اميرن کان وڌيڪ ڪير ڄاڻيندو هوندو جو امير پنهنجي انا ۽ وڏائي جي ڇانوءَ جي ڇاپري ۾ غريبن سان هٿ ملائڻ بـ پنهنجي توهين سمجهندا آهن. شايد انهن کي ڪنهن تعليمي اداري ۾ اهو درس ناهي ڏنو ويو تـ جيڪو اميري جي چادر اوڍي هلي سگهي ٿو تـ ان کي غريبي جو لباس پائڻ ۾ وقت ئي نـ لڳندو شايد اها ئي وجهه آهي جو امير غريب سان ائين نفرت ڪري ٿو جيئن رُٺل محبوب پنهنجي عاشق سان.
انهن غريبن مان گل محمد بخاري بـ هڪ آهي جنهن 9 مارچ 1960ع ۾سنڌ جي ننڍڙي شهر شهدادڪوٽ ۾جنم ورتو.غريبي واري اُڪسائيندڙ ماحول گل مُحمد بُخاري کي ليکڪ ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.گل محمد بخاري پنهنجي تعليم ڪنهن اعليٰ اسڪول يا ڪنهن نجي ادارن ما نـ پرائي غريبي جي خيال ويتر دماغ کي تيز بڻائي ڇڏيو،ڪيترن ئي سندس غريبي جي آڙ ۾ تعليم حاصل نـ ڪرڻ  جي صلاح مصلحت ڏيندا رهيا، شايد انهن کي خبر ڪا نـ هئي تـ گل محمد بخاري جا حوصلا پهاڙن کان بـ اوچا آهن. اها ئي وجهه هئي جو گل محمد بخاري پنهنجي تعليم پرائڻ کي اول ترجيح ڏني.
تعليم:
پرائمري تعليم گورنمينٽ مين اسڪول شهدادڪوٽ مان حاصل ڪيائين. سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيائين.هائير سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ مان حاصل ڪيائين.ماسٽر ڪيترن ئي سبجيڪٽس ۾ ڪيائين جهڙوڪ،ايم اي اسلامڪ ڪلچر، ايم اي مسلم هسٽري،ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۽ ايم اي سنڌي شاه عبدالطيف يونيورسٽي مان ڪيائين
هو هڪ ليکڪ،هڪ اعليٰ ۽ هڪ معتبر انسان بڻجي زماني کي حقيقتون سمجهائڻ ۾ رڌل رهيو.سندس جي هڪ تمام وڏي ڪوشش اها بـ هئي تـ هو  غريب ۽ امير ۾ پيل صدين کان اميري ۽ غريبي جي ديوار کي هميشه لاءِ ختم ڪري انهن کي هڪ ئي راه تي گامزن ڪري. اها ئي وجهه هئي جو گل محمد بخاري شهدادڪوٽ جي ڊگري ڪاليج ۾ (هن ديس جا وارث غريب) هڪ پروگرام ڪوٺرايو جنهن جي صدارت نالي وارن ليکڪن ۽ اديبن ڪئي.ان پروگرام جو اثر غريبن تمام سٺي نموني سان اپنايو.گل محمد بخاري پهريون ڪتاب اوڻويهن سالن جي ڄمار ۾ لکيو.سندس مقصد اهو هو تـ قلم جي ذريعي ماڻهن ۾ اُتساهه پيدا ڪجي.گل محمد بخاري کي ڪتاب لکڻ تي تمام سٺي موٽ ملي ۽ سندس جا حوصلا پهاڙ جيئان بلند ٿي ويا. اها ئي وجهه هئي جو گل محمد بخاري تيزي سان ڪيترائي ڪتاب لکيا جيڪي ماڻهون پڙهي لُطف اندوز ٿين ٿا.
ليکڪ گل محمد بخاري جا ڪيترائي ڪتاب مارڪيٽ جي رونق بڻيل آهن ننڍو توڙي وڏو معنيٰ تـ هر ماڻهون جنهن کي ڪتابن سان چاهه آهي اهو گل محمد بخاري جا ڪتاب پڙهي پنهنجي روح کي راحت بخشي ٿو. سندس جا ڪجهه لکيل ڪتاب هي آهن.
لکيل ڪتاب
ذڪرِ حبيب، عزيز نامو، پيار ڀريو پورهيو، رهبرِ ڪامل، طبِ نبوي، آبِ ڪوثر، سيدالمرسلين، بُرهان شريف، انسان نامو، شهدادڪوٽ ضلعو ڇو؟، شهدادڪوٽ جا قلمڪار ۽ شاعر، سبحان جي ساراهه، عرفان شريف، ديوانِ گل بخاري، فڪرِ حبيب، رهبرِ اعظم، تحريڪي ڪارڪنن جا پاڻ ۾ تعلقات، تاريخ جا ٻـ ورَق.
ليکڪ گل محمد بخاري جي هنن تحريرن ماڻهن جي دلن ۾ گهر ڪري ڇڏيو،ليکڪ گل محمد بخاري جي هر ننڍو توڙي وڏو دل جي گهرائي سان عزت ڪندي نظر ايندو آهي. سندس جي محنت رنڱ لاتو غريبي جي پاجامي ۾ رهي ڪري دلي طور تي اميري جهڙا ڪم ڪرڻ لڳو.گل محمد بخاري ڪڏهن بـ هڪ پل جي لاءِ بـ ڪنهن غريب کي غريبي جو احساس ناهي ڏياريو ويتر هو پاڻ کي غريبن جو يار سڏرائڻ  ۾ فخر محسوس ڪندو آهي.حڪومتِ پاڪستان جي طرفان گل محمد بخاري کي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو آهي.
سندِ امتياز ايوارڊ:
ڪيترن ئي ڪتابن جي تحريرن کان بعد ۾ ليکڪ گل محمد بخاري جي طرفان لکيل بهترين ڪتاب بُهران شريف جي مارڪيٽ ۾ اچڻ کان بعد ۾ حڪومتِ پاڪستان جي طرفان گل محمد بخاري کي 5 فيبروري 2012ع ۾ سندِ امتياز ايوارڊ سان نوازيو ويو.

ليکڪ گل محمد بخاري اڄ بـ پنهنجي علم ۽ ادب سان ماڻهن جي ضميرن کي جاڳائڻ جي ڀرپور ڪوشش ۾ رڌل آهي. ان سان گڏوگڏ ڪيترن ئي غريب شاگردن کي پنهنجي علم جي روشني سان علم نوازي رهيو آهي. سندس جي ڪوشش اها آهي تـ هِن وانگر هِن جا شاگرد بـ علم ۽ ادب جي سُر کي سڃاڻي جهالت واري نظام خلاف بغاوت  ڪري سنڌ سميت پنهنجي هر ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائن.

محمد ايوب گاد جو پروفائي طارق علي چانڊيو

This is not profile, its CV
 محمد ايوب گاد ھدايتڪار ۽ شاعر مصور (پروفائيل(

ليکڪ طارق علي چانڊيو
ايم اي  پريويس
رول نمبر ؛ M.M.C/63

نالو؛ محمد ايوب گاد
 والد؛ گلام حيدر خان  گاد
ڄمڻ جي تاريخ   2/6/1960
ڄمڻ جو ھند لاڙڪاڻو شھر
تعليم؛   بي اي ( سائيڪالوجي)
          ايم. اي (سنڌي ادب)

ايوب گاد بنيادي طور تي فنون لطيف جو اهو سگهارو ۽ مانوارو نالو آهي جيڪو هڪ ئي وقت سٺو شاعر ، سادڙن رنگن مان زندگيءَ جي حقيقت کي پيش ڪندڙ مصور ، ڪميٽيڊ ۽ سڄاڻ ڊراما نگار ،اسٽيج ۽ ٽيليويزن ناٽڪن جو گهري نگاھ رکندڙ زھين ھدايتڪار آھي.
اسان جي هن ٽهي ءَ ۾ پاڪستان ٽيليويزن کان ٻاهر ايوب گاد اهو پهريون هدايتڪار آهي جيڪو اسڪرپٽنگ کان وٺي فاعينل ايڊيٽنگ تاعين جي سمورن مرحلن کان بخوبي واقف آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪم صاف سٿرو هوندو آھي.

ڇپيل ڪتاب
§        پيار جي ڇانوَ ۾ (شاعري) 1993/2000.
§        راحت العاشقين (نثر) 1998ع.
§        جنهن سان پسجي پرينءَ کي (نثر) 1998ع.
§        اک الٽي ڌار (ڀٽائي سائينءَ جي ڪجهه بيتن جي تشريح)
§        اسڪول ميگ (بطور ايڊيٽر)


ڪالم
§        جاڳو (ڪراچي)                   1998ع.
§        خادم وطن (حيدرآباد)    1998ع.
§        ڪوشش         (حيدرآباد)                 1999ع.
§        شام (حيدرآباد)            1999ع.
§        ماهوار مومل (ڪراچي)         1999ع.

مقالا ۽ مضمون
§        ماهورا نئين زندگي (حيدرآباد)  1996ع.
§        پندرهن روزه عبرت ميگزين (حيدرآباد)          1991ع.
§        ماهوار ڪونج (لاڙڪاڻو)                 1994ع.
§        سنڌو (حيدرآباد)                   1992ع.

ڇپيل ڪهاڻيون
§        نئين زندگي، رابيل ڊائجسٽ، هزار داستان، سنڌ، چانڊڪا، بختاور، عبرت مئگزين، پرهه، پارس، مومل، آجپو.

ڇپيل انٽريو
§        جنگ مئگزين (اردو)، انڊس مئگزين (انگلش)، عبرت مئگزين، ماهوار ناٽڪ ( ڪراچي)، اخبار فن ( اردو)، سنڌو، ڪونج، ساڻيهه مئگزين.

ڇپيل شاعري (گيت، غزل ۽ وايون ٽوٽل تعداد 99)
§        سهڻي، لطيف ڊائجسٽ، ن.ين زندگي، مهراڻ، سنڌ، سگهڙين سٿ، بختاور مئگزين، پارس، مومل، پروڙ، چانڊڪا، نئين سوچ، سنڌو ۽ ٻيا رسالا.

اسڪيچ
§        موهن جو دڙو مئگزين
§        چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ڏياري مئگزين
§        رابيل ڊائجيسٽ
§        روزانه آفتاب اخبار

ڪتاب، رسالا ۽ ڊائجسٽن جا ٽائيٽل
§        پيار جي چانوَ ۾
§        پير ۾ پينگهه
§        گجر پائي گج
§        ڪنڌيءَ نسريا ڪانهن
§        بندر ديسان ديس ( سفرنامو)
§        نيڻ ڳالهائين ٿا
§        رابيل ڊائجسٽ
§        زندگي ۽ ڪئڪٽس (ڪهاڻيون)
§        ديش دروهي ( ڪهاڻي)
§        اُڀر چنڊ پس پرين ( ڪهاڻيون)
§        سائنس مئگزين
§        اسڪول مئگ
§        ماهوار سارس ڪراچي

تصويرن جي نمائش
§        پرس ڪلب لاڙڪاڻو، 1980ع
§        چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو، 1981ع
§        سنڌ آرٽسٽ گلڊ حيدرآباد، 1981ع
§        المنظر سئنيما، رائل سئنيما، ايمپائر سئنيما، قلو پطره سئنيما تي (1976 کان 1996 تائين) سوين بينر (فلمي اداڪارن جون تصويرون) ٺاهيل.

ڪنول پروڊيڪشن جي بنياد وجهي آڊيو جي رليز ڪيل البم (جنهن ۾ ڪا به ڪاپي ڌن نه هئي.)
1.     سوره النساءِ سنڌي ترجمي سان.
2.     ماءِ سانگس (شاعري) ايوب گاد، واليم _1 ۽ 2.
3.     استاد بخاري نمبر (شاعري) استاد بخاري.
4.     منهنجا گيت(شاعري) عبدالغفار تبسم.
5.     دوستيءَ جو سج ( شاعري) سميع بلوچ.
6.     اسين مسافر پيار جا ( شاعري) ادل سومرو.
7.     خواب رستا ( شاعري) اياز گل واليم _1 ۽ 2.
8.     آ لفاريو (شاعري) جواد جعفري.
9.     بيدل مسرور، صادق فقير، سرمد سنڌي، عاشق نظاماڻي، ايم گروپ، نظير سمون، رابعه غزل، نوحه.
ڊرامه
§        اسٽج (ون ايڪٽ مزاحيه 1988ع کان)
§        ڀلا ڙي ڀاڳ
§        هل پنهل
§        شادي بابي جي
§        ڪنوار قسطن جي
§        آزاد اميدوار
§        پهاج
§        نو پرابلم
§        نه بنگلو گهري ٿي نه ڪار گهري ٿي
§        هڻ لڻ هاسپيٽل
§        وائڙي ليلا واندو مجنون
§        خوابن جي ليليٰ.

ريڊيو پاڪستان لاءِ لکيل ڊرامه
§        ٻيڙائي پار _ پروڊيوسر علي مراد ٽانوري.

ويڊيو فلمون (ٽيلي فلم)
1.     بيوس؛ تحرير ۽ هدايات ايوب گاد (تجرباتي فلم) 1983ع.
2.     مهربان؛ تحرير ۽ هدايات ايوب گاد (پاڪستان جي پهرين ٽيلي فلم جيڪا رليز ڪئي وئي) 1985ع، رليز شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني (SRC 451) اسلام آباد.
3.     مس 88؛ تحرير ۽ هدايات ايوب گاد (رليز نه ڪيل) 1988ع.
4.     ناسور؛ تحرير ۽ هدايات ايوب گاد، رليز ڪنگز وڊيو سکر، 1992ع.
5.     مقدر جي ميندي؛ تحرير ۽ هدايات ايوب گاد، رليز ڪنگز وڊيو سکر، 2004ع.

پاڪستان ٽيلي ويزن (PTV) لاءِ ليل ڊراما
     ڊرامي جو نالو                تحرير            هدايتون          سال
1. پرچاءُ                           ايوب گاد                  سميع بلوچ      1996
2. تنهنجي خوشيءَ خاطر        ايوب گاد                  بيدل مسرور    2000
3. مون ۾ تون موجود   ايوب گاد                  سميع بلوچ      2002
(13 قسطون سيريل)

پاڪستان ٽيليويزن تان هليل گانا
§        ڳائڻا؛ تعمير حسين، عاشق نظاماڻي، انيتا رياض، حميد راڄپر، سيما ناز ۽ ٻيا.
 STN  لاءِ لکيل  ڊراما
§        عيوضو؛ تحرير ۽ هدايات ايوب گاد، 2003ع.
پرائيويٽ ڪمپنين طرفان نڪتل آڊيو ڪيسيِن ۾ گانا


§        گائڻا؛ عاشق نظاماڻي، سما ناز، انيتا رياض، منظور سخيراڻي، سرمد سنڌي، غلام شبير سمون، عاشق نظاماڻي، رياض سومرو، شفيق منگي، اسلم تنيو، آڪاش سنڌي، ّالد پيرزادو، سڪندر، ايم گروپ ۽ ٻيا.

Sunday, 21 August 2016

دُرِشهوار مرزا پروفائيل

دُرِشهوار مرزا
رول نمبر  2k16- MMC- 19
ايم اي پريويس
پروفائل
       نياز پنهور... ناميارو صحافي، شاعر ۽ براڊڪاسٽر       

هر دور ۾ سنڌ جي سينڌ ستارن سان جرڪندي رهي آهي، مشهور شاعر تاج جويي جو شعر آهي ڏات جي ڏيھ  ۾ رات ٿيڻي نه آ.. هر فيلڊ هر ميدان ۾ سنڌ هر دور ۾ باصلاحيت ۽ املھ ماڻڪ ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجن پنهنجن صلاحيتن سان علم ، ادب ، فن ، موسيقي ۽ صحافت جي دنيا کي آباد پئي ڪيو آهي.
ويجهي ماضئي ۾ ، سنڌ جيڪي املھ ماڻڪ ۽ باصلاحيت فرد پيدا ڪيا آهن ، انهن ۾ محترم نياز پنهور صاحب جو نالو بـ نمايان آهي. جنهن شاعري، صحافت ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا اندر، ايترو تـ نالو ڪڍيو آهي جو، ايندڙ وقت جي تاريخ ۾ هن جو نالو ڏاڍي احترام سان لکيو ويندو.
 جناب نياز پنهور جو اصل نالو ذوالفقارعلي پنهور ۽ سندن والد صاحب جو نالو جناب محمد ابراهيم پنهور آهي. 1974 ڌاري جڏهن ذوالفقار صاحب شاعري شروع ڪئي تـ هن پنهنجو تخلص “نياز” رکيو ۽ سنڌي ادب ۾، نياز پنهور جي نالي سان متعارف ٿيڻ بعد، نهايت جلد ٻارن جي شاعر طور مشهور ٿي ويو. نياز پنهور صاحب جي پيدائش ڳوٺ شادي پلي، ميرپورخاص ضلع ۾ ٿي، پر والد صاحب جي نوڪري ۽ تعليم جي حوالي سان هي خاندان سنڌ يونيورسٽي ۾ اچي آباد ٿيو. ذهين ۽ هوشيار نياز پنهور جھن جا هٿ اکر تمام سٺا هئا ان ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ نمايان حيثيت سان امتحان پاس ڪندو رهيو. هُن پنهنجي شوق سان پاڪستان اسٽڊي سبجيڪٽ ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ پوءِ ان سبجيڪٽ ۾ ڪميشن پاس ڪئي.
 نياز صاحب کي ننڍپڻ کان ئي علمي ادبي شخصيتن جو سهڪار مليو جن ۾ سڀ کان نمايان شخصيتون هيون، جناب انور هالآئي ايڊيٽر گل ڦل رسالو، جناب سيد ظفر حسن شاھ، معروف ايڊيٽر ڪهائيڪار ۽ نقاد ۽ پاڻ کان سينئرس ۾، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشورو ۾ هن کي جن سٺن ساٿين جي صحبت ملي اُهي هئا، سيد عابد مظهر ماٺيڻو اوٺو، طارق عالم، محمود مغل، سائينداد ساند، هي سڀ دوست سنڌي ادبي سنگت ڄامشوري ۾ گڏ ٿيندا هئا، جتي نياز پنهور جي ڏاڍي سٺي ادبي تربيت ٿي، ننڍپڻ کان ئي هن جي طبيعت حساس ۽ شاعراڻي هئي، سو هن ٻارن لآءِ نهايت پختـ ۽ سٺا سٺا نظم ۽ گيت لکڻ شروع ڪيا، جيڪي ٻارڙن جي رسالن “گل ڦل” ۽ “گلن جهڙا ٻارڙا ” ۾ شان مان سان شايع ٿيڻ لڳا، بعد ۾ انهي سڀني گيتن جو مجموعو بـ شايع ٿيو. “گل ۽ پوپٽ” نياز صاحب جي لکيل اهڙن گيتن ۽ نظمن کي پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي ٻارن وارن پروگرامن “روشن تارا” ۽ ٻارڙن جي ٻاري ۾ فنڪارن ڳايو بـ پئي. ٻارن سان گڏ ننڍي ڄمار ۾ ئي هن وڏن لآءِ بـ شاعري لکي ۽ هن جو شمار سٺن شاعرن ۾ ٿيڻ لڳو، ان وقت هو ايڏو تـ سٺو شاعر ٿي اڀريو جو ريڊيو ٽي وي تان وڏا وڏا فنڪار هن جا گيت غزل ڳائڻ لڳا، جن ۾ڪجھ نمايان آئٽم هي آهن.
                نا‍و هلندي رهي         محمد يوسف
               وري شهر ۾ ٽهڪ       محمد يوسف    
               ڇاڇا راز سلينديون      الهداد زرداري
            هن جولهجوکورکو        انور حسين وسطڙو
            آسمان تي تارا             صادق علي ۽ ساٿي
           پنهنجون اکيون اکيون      فوزيـ سومرو
                                                       ۽ ٻيا
باصلاحيت نياز پنهور پنهنجن دوستن جي سهڪار سان ريڊيو حيدرآباد لآءِ فيچر ۽ مزاحيـ خاڪا لکڻ پڻ شروع ڪيا، جيڪي ڏاڍا مقبول ٿيا. خاص ڪري هن “کلڻ منع آهي..متان کليا آهيو” ۽ محفلِ شب پروگرامن سان گڏ هن هاڻي ڪمپئرنگ بـ شروع ڪئي ۽ ڪيترن سالن تائين هن ريڊيو حيدرآباد جي هفتـ وار ادبي پروگرام “ادبي سنگتن” ۾ بطور ميزبان بـ خدمتون سرانجام  ڏنيون ۽ ان کان علاوه نياز پنهور صاحب.. سڳنڌ.. “صبحِ مهراڻ” ۽ مقبول پروگرام “لوچين تي لهن” ۾ بـ ڪجھ وقت لاءِ بطور ميزبان خدمتون سرانجام ڏنيون. سنڌ يونيورسٽي جي پاڪستان اسٽڊي شعبي ۾ پڙهڻ دوران نياز پنهور صاحب کي سنڌي صحافت سان دلچسپي ٿي ۽ روزانـ مهراڻ ۾ هو سب ايڊيٽر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو انهي اخبار ۾ رهي، اخبار جي لي آئوٽ ۽ خبرن جي سبنگ ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن نهايت مهارت حاصل ڪري ورتي جھن جي نتيجي ۾ 1990 ڌاري جڏهن ڪاوش اخبار جاري ٿي تـ نياز پنهور صاحب ان اخبار جي ٽيم ۾ شامل ٿيو ۽ هن وقت اُن مقبول ترين اخبار جي حوالي سان هن جي صحافي واري ساک ۾ زبردست اضافو ٿيو آهي.
مسلسل محنت، لگن ۽ جاکوڙ سان، نياز صاحب نهايت ننڍي ڄمار ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو آهي، ۽ اڄ جڏهن سندس جاکوڙ تي نظر ٿا وجهون تـ سمجھ ۾ اچي ٿو تـ هن اِهو سڀ محنت سان ئي تـ ماڻيو آهي استاد بخاري صاحب جن بـ ائين ئي تـ چيو آهي.
                   ماڻهو روئي گهرندا آهن، عزت دولت، شهرت، قدرت مُرڪي چوندي آهي، محنت محنت محنت..