Showing posts with label دُرِشهوار. Show all posts
Showing posts with label دُرِشهوار. Show all posts

Monday, 22 August 2016

دُرِشهوار مرزا ريڊيو حيدرآباد جي شعبـءِ موسيقيءَ ۾ خدمتون

دُرِشهوار مرزا
رول نمبر: 2K16-MMC-19
ڪلاس: ايم اي پريويس
فيچر  :ريڊيو حيدرآباد جي شعبـءِ موسيقيءَ ۾ خدمتون

       
          ريڊيو حيدرآباد جي شعبـءِ موسيقيءَ ۾ خدمتون
جڏهن بـ اوائلي ميڊيا جو لفظ سامهون ايندو تـ پرنٽ ميڊيا ۾ اخبار ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ سڀ کان اول ريڊيو جو نالو اڀري سامهون ايندو. ريڊيو مارڪونيءَ جي ايجاد آهي ۽ رڪارڊنگ مشين ايڊيسن جي ايجاد.. جنهن بلب ايجاد ڪيو هو. ان سڀ کان پهرين اِن مشين تي پنهنجو، ۽ پوءِ جارج برنارڊ شاھ ۽ لينن جو آواز بـ رڪارڊ ڪيو. گڏو گڏ 1940 ڌاري ٻي جنگ عظيم ۾ جپان جي شهرن هيرو شيما ۽ ناگاساڪيءَ تي جيڪي آئٽم بم اڇلايا ويا، انهن جي آواز بـ رڪارڊ ڪيو ويو.
ننڍي کنڊ ۾ يعني انڊو پاڪ ۾ ريڊيو براڊڪاسٽنگ جي ابتدا 1927 کان شروع ٿي ۽ ابتدا ۾ بمبئي، ڪلڪتي، ڍاڪا، لاهور ۽ پشاور وغيره ۾ ريڊيو اسٽيشنون قائم ٿيون، جيڪي براھراست Direct+)) نشريات ڪنديون هيون. 1902 کان ڪلڪتـ ۾ رڪارڊنگ مشينون آيون تـ، آواز بـ رڪارڊ ٿيڻ شروع ٿيا.
سنڌ صوبي ۾ اهڙي براڊڪاسٽنگ يا ريڊيو اسٽيشن 14هين آگسٽ 1948 تي شروع ٿي. بعد ۾ 17هين آگسٽ 1955 تي پڪي قلع لڳ، هومسٽيڊ هال ۾ ريڊيو حيدرآباد جو آغاز ٿيو، جتان سنڌيءِ ۾ راڳ رنگ جا پروگرام شروع ٿيا، ان لاءِ پهريون پهريون سنڌي پروڊيوسر، جيڪو مقرر ٿيو، اُن جو نالو هو ايم بي (محمد بخش لغاري) ۽ جيڪي سازنده ڪراچي مان حيدرآباد آيا، انهن جا نالا هئا ماسٽر محمد ابراهيم ۽ استاد محمد جمن، پوءِ اهڙن موسيقارن ۾ غلام نبي عبدالطيف ۽ موسيقار استاد نياز حسين ۽ فيروز گل جو نالو بـ شامل ٿيو.
ريڊيو حيدرآباد تان موسيقي جا پروگرام شروع ٿيا تـ، ريڊيو حيدرآباد، سنڌ جي درگاهن تي صُوفي راڳ ڳائيندڙ فنڪارن کي ريڊيو تان متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو. اهڙن فنڪارن ۾ فقير عيسيٰ درگاھ مخدوم نوح هالا تان آيو، فقير عبدالغفور درگاھ سچل سر مست تان، ڍول فقير درگاھ منٺار فقير تان آڻي متعارف ڪرايا ويا، پوءِ ريڊيو حيدرآباد جي شعبـءِ موسيقيءَ ڪوشش ڪري سنڌ جي شاعرن جي لکيل واين ۽ ڪافين کي ڳارائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ۽ جن شاعرن جون ڪافيون، استاد محمد جمن، محمد ابراهيم شيلا مھتاڻي، حسين بخش خادم کان ڳارايون ويون انھن جا نالا ھئا.. مصري شاھ بيدل ۽ بيڪس فقير، روحل فقير، سچل سر مست، ۽ مخدوم طالب الموليٰ. واين ڳارائڻ جي سلسلي ۾ محترم روبينـ صاحب جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. جنهن شاھ لطيف جي سورمين سسئي، مومل، نوري، سورٺ، ليلا، سھڻي ۽ مارئي بابت وايون ڳايون، تـ روبينـ صاحبـ نھايت مقبول فنڪاره بنجي وئي. گڏوگڏ مرد گلوڪارن ۾ ريڊيو حيدرآباد محمد يوسف، علڻ فقير، حسين بخش خادم سينگار علي سليم وحيد علي ۽ ان کان پوءِ ذوالفقار علي، مظهر حسين ۽ ٻين بـ لاتعداد فنڪارن کي متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو. جن وڏو نالو پيدا ڪيو ستر واري ڏهاڪي ۾ ريڊيو حيدرآباد ساري سنڌ ۾، شھر شھر ۽ ڳوٺ ڳوٺ وڃي، نوان آواز تلاش ڪيا ۽ انھن جا مقابلا ڪرايا، جن مان زرينـ بلوچ، زيب النساءِ، امينـ زينت صديقي ۽ عزيزه سومرو وغيره جھڙيون فنڪارائون سامهون ايون. 1967 ۾ ‘ڀالوا’ ۾ مارئي جو ٿر ۾ ميلو ٿيو تـ، ريڊيو حيدرآباد جا آفيسر اُتان ٻـ املهـ فنڪار چونڊي آيا. مائي ڀاڳي ۽ مراد فقير جن لوڪ گيت “چرمي” رڪارڊ ڪرايو ۽ گڏوگڏ مائي ڀاڳيءِ جي آواز ۾ کڙي نيم ڪي نيچي، تار منجھان ترندي اچي، ڀٽ جا ڀٽائي ۽ ٻيا بـ ڪئي      لوڪ گيت رڪارڊ ٿي نشر ٿيا، تـ بي حد مقبول ٿيا. ڪلاسيڪل انداز ۾ ڪافي ڪلام ڳائيندڙن ۾ استاد منظور علي خان، استاد گلزار علي خان جا ڪلام رڪارڊ ٿيا، زيب ميمڻ ۽ زرينـ بلوچ صاحبـ لوڪ گيتن سان گڏ ‘سھرا’ بـ پنهنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايا ۽ ريڊيو حيدرآباد جي پروڊيوسرن ايم . بي لغاري، خواجـ امداد غلام حسين شيخ، محمد انور بلوچ جهانگير قريشيءِ، نصير مرزا وغيره اُهي رڪارڊ ڪري نشر ڪرايا تـ، سڄي سنڌ جي ماڻهن ۾ ڏاڍا مقبول ٿيا. خاص ڪري..
               مور ٿو ٽلي             زرينـ بلوچ
               پيرين پوندي سان       روبينـ 
               همرچو                  دين محمد شيخ ۽ زرينـ بلوچ
              ڇوٿي ڄڻيئي             زينت صديقي
              ھور وھيوڙي ھور     عزيزه سومرو
 1972 ۾ ريڊيو حيدرآباد جي شعبـءِ موسيقي عابده پروين صاحبـ کي متعارف ڪرايو جنهن نهايت جلد، ايترو شهرت ماڻي ورتي، جو هاڻي هُوءَ صوفي موسيقي جي آسمان جو جرڪندڙ سج بنجي چڪي آهي ۽ اڄ سندس شمار، مقامي ۽ قومي بدران، بين القوامي فنڪارائن ۾ ٿئي ٿو. گلوڪارن سان گڏ ريڊيو حيدرآباد شعبـءِ موسيقيءَ، مصري خان جماليءَ خميسي خان ۽ الھـ بچائي کوسي جھڙا الغوزه نواز متعارف ڪرايا. گڏوگڏ بوڙينڊا ساز تي مير محمد لنڊ، چنگ تي عبدالڪريم بلوچ، نڙ بيت تي ساجن چانگ، بينجو    تي بلاول بينجو نواز جھڙن فنڪارن کي پڻ متعارف ڪرايو ويو. ريڊيو حيدرآباد جي هن شعبي جي خدمتن جو سفر اڄ بـ جاري آهي جتان تازو اقرار وحيد علي، ضامن علي، امبر مهڪ، تاج مستاني، ديبا سحر ديبا ڪنول، ڪوثر مائي ۽ خاص ڪري صنم مارئي جهڙا فنڪار ۽ فنڪارائون متعارف ٿي چڪا آهن جن پنهنجي بنيادي اداري يعني ريڊيو حيدرآباد کان سواءِ سنڌ پاڪستان ۽ دنيا ۾ بـ پنهنجو نالو چمڪائي ڇڏيو آهي. تاج جويي هي سچ ئي تـ چيو آهي..
       ڏات جي ڏيھـ ۾، رات ٿيڻي نـ آ،
      گيت سنگيت جي، مات ٿيڻي نـ آ،

  

Sunday, 21 August 2016

دُرِشهوار مرزا پروفائيل

دُرِشهوار مرزا
رول نمبر  2k16- MMC- 19
ايم اي پريويس
پروفائل
       نياز پنهور... ناميارو صحافي، شاعر ۽ براڊڪاسٽر       

هر دور ۾ سنڌ جي سينڌ ستارن سان جرڪندي رهي آهي، مشهور شاعر تاج جويي جو شعر آهي ڏات جي ڏيھ  ۾ رات ٿيڻي نه آ.. هر فيلڊ هر ميدان ۾ سنڌ هر دور ۾ باصلاحيت ۽ املھ ماڻڪ ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجن پنهنجن صلاحيتن سان علم ، ادب ، فن ، موسيقي ۽ صحافت جي دنيا کي آباد پئي ڪيو آهي.
ويجهي ماضئي ۾ ، سنڌ جيڪي املھ ماڻڪ ۽ باصلاحيت فرد پيدا ڪيا آهن ، انهن ۾ محترم نياز پنهور صاحب جو نالو بـ نمايان آهي. جنهن شاعري، صحافت ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا اندر، ايترو تـ نالو ڪڍيو آهي جو، ايندڙ وقت جي تاريخ ۾ هن جو نالو ڏاڍي احترام سان لکيو ويندو.
 جناب نياز پنهور جو اصل نالو ذوالفقارعلي پنهور ۽ سندن والد صاحب جو نالو جناب محمد ابراهيم پنهور آهي. 1974 ڌاري جڏهن ذوالفقار صاحب شاعري شروع ڪئي تـ هن پنهنجو تخلص “نياز” رکيو ۽ سنڌي ادب ۾، نياز پنهور جي نالي سان متعارف ٿيڻ بعد، نهايت جلد ٻارن جي شاعر طور مشهور ٿي ويو. نياز پنهور صاحب جي پيدائش ڳوٺ شادي پلي، ميرپورخاص ضلع ۾ ٿي، پر والد صاحب جي نوڪري ۽ تعليم جي حوالي سان هي خاندان سنڌ يونيورسٽي ۾ اچي آباد ٿيو. ذهين ۽ هوشيار نياز پنهور جھن جا هٿ اکر تمام سٺا هئا ان ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ نمايان حيثيت سان امتحان پاس ڪندو رهيو. هُن پنهنجي شوق سان پاڪستان اسٽڊي سبجيڪٽ ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ پوءِ ان سبجيڪٽ ۾ ڪميشن پاس ڪئي.
 نياز صاحب کي ننڍپڻ کان ئي علمي ادبي شخصيتن جو سهڪار مليو جن ۾ سڀ کان نمايان شخصيتون هيون، جناب انور هالآئي ايڊيٽر گل ڦل رسالو، جناب سيد ظفر حسن شاھ، معروف ايڊيٽر ڪهائيڪار ۽ نقاد ۽ پاڻ کان سينئرس ۾، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشورو ۾ هن کي جن سٺن ساٿين جي صحبت ملي اُهي هئا، سيد عابد مظهر ماٺيڻو اوٺو، طارق عالم، محمود مغل، سائينداد ساند، هي سڀ دوست سنڌي ادبي سنگت ڄامشوري ۾ گڏ ٿيندا هئا، جتي نياز پنهور جي ڏاڍي سٺي ادبي تربيت ٿي، ننڍپڻ کان ئي هن جي طبيعت حساس ۽ شاعراڻي هئي، سو هن ٻارن لآءِ نهايت پختـ ۽ سٺا سٺا نظم ۽ گيت لکڻ شروع ڪيا، جيڪي ٻارڙن جي رسالن “گل ڦل” ۽ “گلن جهڙا ٻارڙا ” ۾ شان مان سان شايع ٿيڻ لڳا، بعد ۾ انهي سڀني گيتن جو مجموعو بـ شايع ٿيو. “گل ۽ پوپٽ” نياز صاحب جي لکيل اهڙن گيتن ۽ نظمن کي پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي ٻارن وارن پروگرامن “روشن تارا” ۽ ٻارڙن جي ٻاري ۾ فنڪارن ڳايو بـ پئي. ٻارن سان گڏ ننڍي ڄمار ۾ ئي هن وڏن لآءِ بـ شاعري لکي ۽ هن جو شمار سٺن شاعرن ۾ ٿيڻ لڳو، ان وقت هو ايڏو تـ سٺو شاعر ٿي اڀريو جو ريڊيو ٽي وي تان وڏا وڏا فنڪار هن جا گيت غزل ڳائڻ لڳا، جن ۾ڪجھ نمايان آئٽم هي آهن.
                نا‍و هلندي رهي         محمد يوسف
               وري شهر ۾ ٽهڪ       محمد يوسف    
               ڇاڇا راز سلينديون      الهداد زرداري
            هن جولهجوکورکو        انور حسين وسطڙو
            آسمان تي تارا             صادق علي ۽ ساٿي
           پنهنجون اکيون اکيون      فوزيـ سومرو
                                                       ۽ ٻيا
باصلاحيت نياز پنهور پنهنجن دوستن جي سهڪار سان ريڊيو حيدرآباد لآءِ فيچر ۽ مزاحيـ خاڪا لکڻ پڻ شروع ڪيا، جيڪي ڏاڍا مقبول ٿيا. خاص ڪري هن “کلڻ منع آهي..متان کليا آهيو” ۽ محفلِ شب پروگرامن سان گڏ هن هاڻي ڪمپئرنگ بـ شروع ڪئي ۽ ڪيترن سالن تائين هن ريڊيو حيدرآباد جي هفتـ وار ادبي پروگرام “ادبي سنگتن” ۾ بطور ميزبان بـ خدمتون سرانجام  ڏنيون ۽ ان کان علاوه نياز پنهور صاحب.. سڳنڌ.. “صبحِ مهراڻ” ۽ مقبول پروگرام “لوچين تي لهن” ۾ بـ ڪجھ وقت لاءِ بطور ميزبان خدمتون سرانجام ڏنيون. سنڌ يونيورسٽي جي پاڪستان اسٽڊي شعبي ۾ پڙهڻ دوران نياز پنهور صاحب کي سنڌي صحافت سان دلچسپي ٿي ۽ روزانـ مهراڻ ۾ هو سب ايڊيٽر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو انهي اخبار ۾ رهي، اخبار جي لي آئوٽ ۽ خبرن جي سبنگ ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن نهايت مهارت حاصل ڪري ورتي جھن جي نتيجي ۾ 1990 ڌاري جڏهن ڪاوش اخبار جاري ٿي تـ نياز پنهور صاحب ان اخبار جي ٽيم ۾ شامل ٿيو ۽ هن وقت اُن مقبول ترين اخبار جي حوالي سان هن جي صحافي واري ساک ۾ زبردست اضافو ٿيو آهي.
مسلسل محنت، لگن ۽ جاکوڙ سان، نياز صاحب نهايت ننڍي ڄمار ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو آهي، ۽ اڄ جڏهن سندس جاکوڙ تي نظر ٿا وجهون تـ سمجھ ۾ اچي ٿو تـ هن اِهو سڀ محنت سان ئي تـ ماڻيو آهي استاد بخاري صاحب جن بـ ائين ئي تـ چيو آهي.
                   ماڻهو روئي گهرندا آهن، عزت دولت، شهرت، قدرت مُرڪي چوندي آهي، محنت محنت محنت..