Showing posts with label Sadam Lashari. Show all posts
Showing posts with label Sadam Lashari. Show all posts

Monday, 22 August 2016

گل محمد بُخاري جو پروفائيل :صدام لاشاري

ur intro is same as Abdul ghaffar's profile. he sent his profile first so u must have to change  ur intro.
 Sadam Lashari   پروفائيل
           ڀلوڙ ليکڪ گل محمد بُخاري
تحرير:صدام لاشاري
ايم اي پريويس
رول نمبر 52     
چيو ويندو آهي تـ غريب انسانن جي مدد ۽ حوصلا افزائي اهو ڪندو آهي جنهن جي دل ۾ انسانيت ديرو ڄمائي ويٺي هوندي آهي. يا تـ اهو انسان خُد انهن مشڪلاتن جو سير ڪندي وڏي منزل تي پهچندو آهي سندن کي پوءِ ئي غريبي جي چڱي طرح سُڌ پوندي آهي، ڇوتـ انهن جو تعلق پهريان ڏينهن ۽ رات ان بي پرده غريبي سان هيو جنهن کي ڪنهن بـ امير جي مينهن لتاڙي پئي سگهي. باقي تـ غريبن جو قدر اميرن کان وڌيڪ ڪير ڄاڻيندو هوندو جو امير پنهنجي انا ۽ وڏائي جي ڇانوءَ جي ڇاپري ۾ غريبن سان هٿ ملائڻ بـ پنهنجي توهين سمجهندا آهن. شايد انهن کي ڪنهن تعليمي اداري ۾ اهو درس ناهي ڏنو ويو تـ جيڪو اميري جي چادر اوڍي هلي سگهي ٿو تـ ان کي غريبي جو لباس پائڻ ۾ وقت ئي نـ لڳندو شايد اها ئي وجهه آهي جو امير غريب سان ائين نفرت ڪري ٿو جيئن رُٺل محبوب پنهنجي عاشق سان.
انهن غريبن مان گل محمد بخاري بـ هڪ آهي جنهن 9 مارچ 1960ع ۾سنڌ جي ننڍڙي شهر شهدادڪوٽ ۾جنم ورتو.غريبي واري اُڪسائيندڙ ماحول گل مُحمد بُخاري کي ليکڪ ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.گل محمد بخاري پنهنجي تعليم ڪنهن اعليٰ اسڪول يا ڪنهن نجي ادارن ما نـ پرائي غريبي جي خيال ويتر دماغ کي تيز بڻائي ڇڏيو،ڪيترن ئي سندس غريبي جي آڙ ۾ تعليم حاصل نـ ڪرڻ  جي صلاح مصلحت ڏيندا رهيا، شايد انهن کي خبر ڪا نـ هئي تـ گل محمد بخاري جا حوصلا پهاڙن کان بـ اوچا آهن. اها ئي وجهه هئي جو گل محمد بخاري پنهنجي تعليم پرائڻ کي اول ترجيح ڏني.
تعليم:
پرائمري تعليم گورنمينٽ مين اسڪول شهدادڪوٽ مان حاصل ڪيائين. سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيائين.هائير سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ مان حاصل ڪيائين.ماسٽر ڪيترن ئي سبجيڪٽس ۾ ڪيائين جهڙوڪ،ايم اي اسلامڪ ڪلچر، ايم اي مسلم هسٽري،ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۽ ايم اي سنڌي شاه عبدالطيف يونيورسٽي مان ڪيائين
هو هڪ ليکڪ،هڪ اعليٰ ۽ هڪ معتبر انسان بڻجي زماني کي حقيقتون سمجهائڻ ۾ رڌل رهيو.سندس جي هڪ تمام وڏي ڪوشش اها بـ هئي تـ هو  غريب ۽ امير ۾ پيل صدين کان اميري ۽ غريبي جي ديوار کي هميشه لاءِ ختم ڪري انهن کي هڪ ئي راه تي گامزن ڪري. اها ئي وجهه هئي جو گل محمد بخاري شهدادڪوٽ جي ڊگري ڪاليج ۾ (هن ديس جا وارث غريب) هڪ پروگرام ڪوٺرايو جنهن جي صدارت نالي وارن ليکڪن ۽ اديبن ڪئي.ان پروگرام جو اثر غريبن تمام سٺي نموني سان اپنايو.گل محمد بخاري پهريون ڪتاب اوڻويهن سالن جي ڄمار ۾ لکيو.سندس مقصد اهو هو تـ قلم جي ذريعي ماڻهن ۾ اُتساهه پيدا ڪجي.گل محمد بخاري کي ڪتاب لکڻ تي تمام سٺي موٽ ملي ۽ سندس جا حوصلا پهاڙ جيئان بلند ٿي ويا. اها ئي وجهه هئي جو گل محمد بخاري تيزي سان ڪيترائي ڪتاب لکيا جيڪي ماڻهون پڙهي لُطف اندوز ٿين ٿا.
ليکڪ گل محمد بخاري جا ڪيترائي ڪتاب مارڪيٽ جي رونق بڻيل آهن ننڍو توڙي وڏو معنيٰ تـ هر ماڻهون جنهن کي ڪتابن سان چاهه آهي اهو گل محمد بخاري جا ڪتاب پڙهي پنهنجي روح کي راحت بخشي ٿو. سندس جا ڪجهه لکيل ڪتاب هي آهن.
لکيل ڪتاب
ذڪرِ حبيب، عزيز نامو، پيار ڀريو پورهيو، رهبرِ ڪامل، طبِ نبوي، آبِ ڪوثر، سيدالمرسلين، بُرهان شريف، انسان نامو، شهدادڪوٽ ضلعو ڇو؟، شهدادڪوٽ جا قلمڪار ۽ شاعر، سبحان جي ساراهه، عرفان شريف، ديوانِ گل بخاري، فڪرِ حبيب، رهبرِ اعظم، تحريڪي ڪارڪنن جا پاڻ ۾ تعلقات، تاريخ جا ٻـ ورَق.
ليکڪ گل محمد بخاري جي هنن تحريرن ماڻهن جي دلن ۾ گهر ڪري ڇڏيو،ليکڪ گل محمد بخاري جي هر ننڍو توڙي وڏو دل جي گهرائي سان عزت ڪندي نظر ايندو آهي. سندس جي محنت رنڱ لاتو غريبي جي پاجامي ۾ رهي ڪري دلي طور تي اميري جهڙا ڪم ڪرڻ لڳو.گل محمد بخاري ڪڏهن بـ هڪ پل جي لاءِ بـ ڪنهن غريب کي غريبي جو احساس ناهي ڏياريو ويتر هو پاڻ کي غريبن جو يار سڏرائڻ  ۾ فخر محسوس ڪندو آهي.حڪومتِ پاڪستان جي طرفان گل محمد بخاري کي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو آهي.
سندِ امتياز ايوارڊ:
ڪيترن ئي ڪتابن جي تحريرن کان بعد ۾ ليکڪ گل محمد بخاري جي طرفان لکيل بهترين ڪتاب بُهران شريف جي مارڪيٽ ۾ اچڻ کان بعد ۾ حڪومتِ پاڪستان جي طرفان گل محمد بخاري کي 5 فيبروري 2012ع ۾ سندِ امتياز ايوارڊ سان نوازيو ويو.

ليکڪ گل محمد بخاري اڄ بـ پنهنجي علم ۽ ادب سان ماڻهن جي ضميرن کي جاڳائڻ جي ڀرپور ڪوشش ۾ رڌل آهي. ان سان گڏوگڏ ڪيترن ئي غريب شاگردن کي پنهنجي علم جي روشني سان علم نوازي رهيو آهي. سندس جي ڪوشش اها آهي تـ هِن وانگر هِن جا شاگرد بـ علم ۽ ادب جي سُر کي سڃاڻي جهالت واري نظام خلاف بغاوت  ڪري سنڌ سميت پنهنجي هر ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائن.

Thursday, 11 August 2016

صدام لاشاري - يتيم ٻارڙن جي سُور ڪٿا







Corrected


                       يتيم ٻارڙن جي سُور ڪٿا
تحرير......صدام لاشاري:         
چيو ويندو آهي تـ جيڪو جٿي هوندو آهي سو اتي ئي پنهنجن سان خُوش هوندو آهي اگر ڪنهن کي پنهنجا هجن ئي ڪانـ تـ پوءِ اُهي ڪينئن ٿا خوش رهي سگهن.هن ڌرتي جي درگاهن تي جيئن بيوسن ۽ اٻوجهن جي ڪمي ناهي تيئن ئي يتيم ٻارِڙن جا سور بـ ڪنهن کان لڪيل ناهن. ڪنهن بـ خوشي جي لمحن کي بند ڪرڻ چاهيندا آهيون تـ يتيم ٻارڙن جي سُور ڪٿا پاڇي وانگر اسان جي ضمير جي ڇت تي لهرائيندي نظر ايندي آهي يتيمن جي سور ڪٿا کي بيان ڪرڻ تـ منهنجي وس جي ڳالهه نـ آهي تنهن هوندي بـ پنهنجي دل جي دهڪن کي روڪيندي غم جي سياهي سان لکڻ تي مجبور آهيان.
هن ڪائنات ۾ ٻاجھاري جوعجيب  قانون جُڙيل آھي جنھن کان ڪو بي انڪاري نـ ٿو ٿي سگھي جيتوڻيڪ جو ڌڻي سائين الڳ طرح جا ماڻهون هن سُوڀهاري ڌرتي تي موڪليا آھن. پر ان سان گڏوگڏ اهي پڻ گُلن جهڙا ٻار زمين جي رونق بڻيل آهن جنهن جي مٿان والدين جو سايو بچپن کان ئي رُخست ٿي ويو هيو.اگر ڪائنات جي ورڪن کي وکيرجي تـ هن ڪائنات جي ڇاتي تي يتيم ٻارڙن جي آتم ڪٿا وک وک تي شـڪراني جو درس ڏي ٿي.خلقڻهار جي خلقيل ڪائنات تي اگر يتيمن جي آتم ڪٿا تي لکجي تـ ان لاء زندگي جا جهجها سال وقف ڪرڻا هونداڇو تـ هن سر زمين تي جيئن  دهشتگردن،ڏوهارين ۽ ڌوڪيبازن جي ڪمي ناهي اهڙِي ريت يتيم ٻارڙن جي ڪمي جو تـ سوال ئي پيدا نـ ٿو ٿي سگهي هي ڪهاڻي سندن انهن يتيم لاچار بيوس اٻوجھ،ستم جي ماريلن،قانونن جي ستايلن،قسمت جي اڀاڳن ۽ خدا جي طرفان اڃان تائين زنده رکيل چئن ڀائرن جي آهي. سڀ کا وڏو ڀاءُ امتياز جنهن جي عمر تيرنهن سال آهي ان کان ننڍي ڀاءُ منير جي عمر ٻارنهن سال ۽ ان کان ننڍي ڀاءُ حبدار جي عمر ڏھ سال ۽ سڀ کان ننڍي ڀاءُ بلاول جي عمر ست سال آهي هنن جي والد صاحب جي خدا ڏانهن واپسي تڏهن ٿي جڏهن امتياز جي عمر ڏھ سال هئي سندن جي والد صاحب کان بعد ۾ انهن جي امڙ انهن کي نوابن جيئان پاليندي رهي مگر غُربت آهي ئي ازل کان غريب غُربن جي ور چڙيل ان دوران امتياز جي ماءُ کي تمام وڏي بيماري ٿي پئي جيڪا هوءَ چاهي بـ ان بيماري جو علاج نـ پئي ڪرائي سگهي.
 پنهنجي علاج کان وڌيڪ جيجل پنهنجي پُٽن جي پرورش تي ڌيان ڏنو آخر اُهو خطرناڪ لمحو انهن جي گهر مٿان سانوڻ جي برساتي کنوڻ جيان ڪريو ۽ سندن جو گهر باھ لڳڻ کان پهريان ئي ڄڻ سڙي راک ٿي ويوھجي قسمت جي ماريلن جو ڄڻ تـ جئيري ئي دم پرواز ٿي ويو هجي سندن ماءُ جي تدفين پاڙي وارن تـ ڪئي ليڪن انتهائي دير کان بعد ۾ جنهن گهر ۾ سندن جي رهائش هئي سا بـ ڪرائي تي هئي اڀاڳن جي ماءُ  کي گذرندي ڪجھ ڏينهن مس ٿيا تـ مالڪ مڪان ڪرائي ڏيڻ جي گُهر ڪئي حبدار آلن نيڻن سان ۽ غمگيني واري لهجي سان چوڻ لڳو تـ چاچا سائين اسين سمجهو تـ توهان ڪجھ اسان يتيمن کي ڏيڻ آيا آهيو پر اوهان تي ويتر آخري سهارو بـ کسڻ آيا آهيو  حُبدار جي تلوار کان تکن جملن سندس جي ڀائرن جي دل کي جهوري ڇڏيو. دلي طور تي هو بي انتها روئڻ لڳا ليڪن ان وقت لوڪ جي اکين ۾ ڪنهن بـ قسم جا لڙڪ نظر نـ آيا ان وقت محسوس ائين ٿي رهيو هو ڄڻ خداوند تعاليٰ انسان جي اندر دليون نـ پر سنگ مرمر زم ڪري ڇڏيو آهي.مالڪ مڪان جي چوڻ کان بعد ۾ هي بـ سهارا ۽ يتيم ٻارڙا فلمي انداز جيئان ڪرائي واري گهر کان پنهنجو ڪجھ سامان کڻي ۽ لُڙڪن جا درياھ وهائندي پنهنجي گُمنام منزل ڏانهن روان دوان ٿيا پر افسوس جو پاڙي وارن جي  روح ۾ تر برابر بـ فرق  نـ آيو۽ اهي فلمي انداز۾ انهن مٿان کلندا رهيا،ان وقت گمراھ ٿيڻ تي دل پئي چيو ۽ اُهو چئي ڏنو تـ اي رب جليل اڄ کان بعد هن ڌرتي تي انسان موڪلڻ ڇڏي ڏيو اگر بند نـ ٿا ڪري سگهو تـ انهن ۾ تر برابر انسانيت وجهي پوءِ موڪليو.
 حُبدار جي ايڏي وڏي ڳالھ اسان جي اکين ۾ تـ لڙڪ آڻي ڇڏيا پر محسوس ائين پيو ٿي ڄڻ هن جي لفظن سان  آسمان ڪري رهيو هيو، اُهي ايڏا ڏکيل ۽ دل جي اُداسي مان  نڪتل باھ جي شولن جهڙن لفظن ائين پئي محسوس ڪرايو ڄڻ ڪائنات جي هر شيءَ  ڪجھ وقت لاءِ رُڪجي وئي هجي اهڙا الفاظ تـ زندگي ۾ ڪڏهن بـ ٻڌڻ ۾ نـ آيا پر ڪجھ وقت لاءِ محسوس ائين پيو ٿي ڄڻ هي الفاظ آسمان مان ڪرندي نظر اچي رهيا آهن. يتيم ٻارڙا پنهنجي اڻڄاڻ منزل ڏانهن وڌندي هڪ باءِپاس وٽ وڃي ويٺا ۽ امتياز جي مدد سان ڪکانءُ گهر جوڙي تيار ڪيو، گهر تـ تيار ٿي ويو پرهاڻي زنده رهڻ لاءِ  کائڻ جو سامان ڪٿان اچي هڪ رات تـ انهن بُک تي گذاري ڇڏي ٻئي، ڏينهن امتياز پنهنجي ڀاءُ منير سان گڏ مزدوري ڪرڻ جي نيت سان نڪتو ۽ صبح کان وٺي شام تائين ٻئي ڀائر مزدوري ڪندا رهيا. هوڏانهن بيوسي جي چادر اوڙهيل حُبدار ۽ بلاول بُک جي باھ وسائڻ لاءِ ڪجھ گهرن جي طرف رُخ ڪيو هڪ گهر ۾ جڏهن حبدار ماني جي صدا هنئين ان وقت گهر مان هڪ آواز آيو. جنهن حبدار ۽ بلاول کي  جيئري ئي ماري ڇڏيو هجي اهو آواز ٻڌندي حبدار جي انسانيت کان برداشت نـ ٿي سگهيو، اگر ڏسجي تـ حبدار جي عمر تمام گهٽ  آهي پر جڏهن هن ڪمري اندران اهو آواز ٻڌو هنن فقيرن کي جلدي ۾ ماني ڏيو تـ حبدار ۽ ان جو ڀاءُ ماني وٺڻ کان بغير گهر مان ٻاهر نڪري آيا شام ٿيڻ تي هئي تـ حبدار کان بک تـ برداشت نـ ٿي پئي سگهي، پر هن بلاول جي اکين ۾ بک جي آتم ڪٿا ڏٺي ۽ حبدار کان برداشت نـ ٿي سگهيو ۽ هن بلاول سان گڏ پنڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ماني سان گڏوگڏ ڪجھ پئسا پڻ انهن کي مليا هوڏانهن شام جي وقت امتياز ۽ منير مزدوري کان فارغ ٿي اُجورو وٺي خوش ٿي گهر آيا تـ هڪ گهٽي ۾ پنهنجي ڀائرن کي پنندي ڏسي رهيا هئا.
 ان وقت انهن کي ماني ۽ پئسا گُهرڻ تان گهرن مان ڌڙڪا ملي رهيا هئا امتياز پنهنجي ڀائرن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ روئيدي روئيدي چئي رهيو هو تـ هن ڌرتي تي اسان کي پنڻ لاءِ موڪليو ويو آهي. اڄ بـ انهن يتيم ٻارڙن جي هٿن ۾ قسمت جو ڪٽورو آهي ۽ دردر وڃي پنهنجي ضرورتُن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جنهن عمر ۾ ٻارڙن جي هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب هجن ٿا تنهن عمر ۾ قسمت هنن کي ويتر وڏو ڪري ڪتابن جي جاءِ تي ڪٽورا سونپي ڇڏيا آهن.
 شايد قسمت کان هنن جي دروازي تي اچڻ وسري ويو آهي لڳي ائين ٿو وقت ۾ تمام گهڻي تبديلي اچي وئي آهي جو اڄڪلھ قسمت بـ اميرن ۽ جاگيردارن جي درن تي دستڪ ڏئي ٿي ۽ غريبن جي پاڇي کان گُذرڻ بـ عار ٿي سمجهي تـ شايد انهن جي ڪپڙن مان ايندڙ بوءِ نـ ڇائيجي وڃي اڄ بـ انهن يتيم ٻارڙن جي آتم ڪٿا ۽ بيوسي جو ڪو ڪاٿو ئي لڳائڻ لاءِ تيار ناهي نـ وري ڪو انسانيت جو بادشاھ يا وري مذهب جو ٺيڪيدار هنن يتيمن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيارآهي. تنهن ڪري اهو سچ چيو ويو آهي تـ غريبن جي دنيا ئي الڳ هوندي آهي جتي ڪو اچڻ لاءِ تيار ئي نـ هوندو آهي.يتيم ٻارڙن جي سُورن ۽ دربدري جي سڀ کان وڏو سبب اهو هوندو آهي جو معاشري وارا انهن کي نظرانداز ڪندا آهن.
 هر وقت يتيم هجڻ جو احساس ڏياريندا رهندا آهن اها ئي وجھ آهي جو انهن جا سُور ويتر ناسُور بڻجي وڃن ٿا ماءُ پئ جي گذرڻ کان بعد ۾ انهن کي ڪوئي سهاري ڏيڻ وارو ناهي رهندو. دردر  جي ٺوڪرن کان سواءِ انهن جو ٻيو ڪو مُستقبل ناهي هوندو يتيم ٻارن جي دربدري ۽ سبب جو الميو تڏهن وڌي ويندو آهي جڏهن انهن کي هرماڻهو پنهنجي نظرن مان ڪڍي ڇڏيندو آهي يتيمن جو رُجهان تـ هن پياري ديس ۾ تمام عام آهي.
 ڪجھ علائقن ۾ يتيمن جو رُجهان انتهائي گهڻو ماپيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪراچي حيدرآباد سميت اربن علائقن ۾ ستر سيڪڙو ۽ سنڌ جي ٻهراڙي  وارن علائقن ۾ ٽيھ سيڪڙو ۽ ان کان علاوه هنن سُورن سان آتم ڪٿائون تـ ديس ۾ ڀريون پيون آهن. جنهن جو ڪاٿو لڳائڻ شايد ڪنهن جي وس ۾ هجي انهن علائقن ۾ ڪيترائي يتيم خانا هوندي بـ يتيم ٻار روڊن جي رونق بڻيل آهن ۽ دردر جو ٺوڪرون کائڻ تي مجبور آهن...!
صدام لاشاري ايم اي “پريوس”

ايم سي رول نمبر ٻاونجاھ “52”



Needs proper paragraphing. Make intro more powerful.  Many composing and spelling mistakes 
                     
يتيم ٻارڙن جي سُور ڪٿا   
                               تحرير......صدام لاشاري

                           
هن ڪائنات ۾ ٻاجھاري جوعجيب  قانون جُڙيل آھي جنھن کان ڪو بي انڪاري نـ ٿو ٿي سگھي جيتوڻيڪ جو ڌڻي سائين الڳ طرح جا ماڻهون هن سُوڀهاري ڌرتي تي موڪليا آھن پر ان سان گڏوگڏ اهي پڻ گُلن جهڙا ٻار زمين جي رونق بڻيل آهن جنهن جي مٿان والدين جو سايو بچپن کان ئي رُخست ٿي ويو هيو.اگر ڪائنات جي ورڪن کي وکيرجي تـ هن ڪائنات جي ڇاتي تي يتيم ٻارڙن جي آتم ڪٿا وک وک تي شـڪراني جو درس ڏي ٿي.خلقڻهار جي خلقيل ڪائنات تي اگر يتيمن جي آتم ڪٿا تي لکجي تـ ان لاء زندگي جا جهجها سال وقف ڪرڻا هونداڇو تـ هن سر زمين تي جيئن دهشتگردن،ڏوهارين ۽ ڌوڪيبازن جي ڪمي ناهي اهڙِي ريت يتيم ٻارڙن جي ڪمي جو تـ سوال ئي پيدا نـ ٿو ٿي سگهي هي ڪهاڻي سندن انهن يتيم لاچار بيوس اٻوجھ،ستم جي ماريلن،قانونن جي ستايلن،قسمت جي اڀهاڳن ۽ خدا جي طرفان اڃان تائين زنده رکيل چئن ڀائرن جي آهي سڀ کا وڏو ڀاءُ امتياز جنهن جي عمر تيرنهن سال آهي ان کان ننڍي ڀاءُ منير جي عمر ٻارنهن سال ۽ ان کان ننڍي ڀاءُ حبدار جي عمر ڏھ سال ۽ سڀ کان ننڍي ڀاءُ بلاول جي عمر ست سال آهي هنن جي والد صاحب جي خدا ڏانهن واپسي تڏهن ٿي جڏهن امتياز جي عمر ڏھ سال هئي سندن جي والد صاحب کان بعد ۾ انهن جي امڙ انهن کي نوابن جيئان پاليندي رهي مگر غُربت آهي ئي ازل کان غريب غُربن جي ور چڙيل ان دوران امتياز جي ماءُ کي تمام وڏي بيماري ٿي پئي جيڪا هوءَ چاهي بـ ان بيماري جو علاج نـ پئي ڪرائي سگهي پنهنجي علاج کان وڌيڪ جيجل پنهنجي پُٽن جي پرورش تي ڌيان ڏنو آخر اُهو خطرناڪ لمحو انهن جي گهر مٿان سانوڻ جي برساتي کنوڻ جيان ڪريو ۽ سندن جو گهر باھ لڳڻ کان پهريان ئي ڄڻ سڙي راک ٿي ويوھجي قسمت جي ماريلن جو ڄڻ تـ جئيري ئي دم پرواز ٿي ويو هجي سندن ماءُ جي تدفين پاڙي وارن تـ ڪئي ليڪن انتهائي دير کان بعد ۾ جنهن گهر ۾ سندن جي رهائش هئي سا بـ ڪرائي تي هئي اڀهاڳن جي ماءُ  کي گذرندي ڪجھ ڏينهن مس ٿيا تـ مالڪ مڪان ڪرائي ڏيڻ جي گُهر ڪئي حبدار آلن نيڻن سان ۽ غمغيني واري لهجي سان چوڻ لڳو تـ چاچا سائين اسين سمجهو تـ توهان ڪجھ اسان يتيمن کي ڏيڻ آيا آهيو پر اوهان تي ويتر آخري سهارو بـ کسڻ آيا آهيو  حُبدار جي تلوار کان تکن جملن سندس جي ڀائرن جي دل کي جهوري ڇڏيو ۽ دلي طور تي هو بي انتها روئڻ لڳا ليڪن ان وقت لوڪ جي اکين ۾ ڪنهن بـ قسم جا لڙڪ نظر نـ آيا ان وقت محسوس ائين ٿي رهيو هو ڄڻ خداوند تعاليٰ انسان جي اندر دليون نـ پر سنگ مرمر زم ڪري ڇڏيو آهي مالڪ مڪان جي چوڻ کان بعد ۾ هي بـ سهارا ۽ يتيم ٻارڙا فلمي انداز جيئان ڪرائي واري گهر کان پنهنجو ڪجھ سامان کڻي ۽ لڙڪن جا درياھ وهائندي پنهنجي گُمنام منزل ڏانهن روان دوان ٿيا پر افسوس جو پاڙي وارن جي     روح ۾ تر برابر بـ رحم  نـ آيو۽ اهي فلمي انداز۾ انهن مٿان کلندا رهيا،ان وقت گمراھ ٿيڻ تي دل پئي چيو ۽ اُهو چئي ڏنو تـ اي رب جليل اڄ کان بعد هن ڌرتي تي انسان موڪلڻ ڇڏي ڏيو اگر بند نـ ٿا ڪري سگهو تـ انهن ۾ تر برابر انسانيت وجهي پوءِ موڪليو ان حُبدار جي ايڏي وڏي ڳالھ اسان جي اکين ۾ تـ لڙڪ آڻي ڇڏيا پر محسوس ائين پيو ٿي ڄڻ هن جي لفظن سان  آسمان ڪري رهيو هيو اُهي ايڏا ڏکيل ۽ دل جي اُداسي مان  نڪتل باھ جي شولن جهڙن لفظن ائين پئي محسوس ڪرايو ڄڻ ڪائنات جي هر شيءَ  ڪجھ وقت لاءِ رُڪجي وئي هجي اهڙا الفاظ تـ زندگي ۾ ڪڏهن بـ ٻڌڻ ۾ نـ آيا پر ڪجھ وقت لاءِ محسوس ائين پيو ٿي ڄڻ هي الفاظ آسمان مان ڪرندي نظر اچي رهيا هئا يتيم ٻارڙا پنهنجي اڻڄاڻ منزل ڏانهن وڌندي هڪ باءِپاس وٽ وڃي ويٺا ۽ امتياز جي مدد سان ڪکانءُ گهر جوڙي تيار ڪيو گهر تـ تيار ٿي ويو پرهاڻي زنده رهڻ لاءِ  کائڻ جو سامان ڪٿان اچي هڪ رات تـ انهن بُک تي گذاري ڇڏي ٻئي ڏينهن امتياز پنهنجي ڀاءُ منير سان گڏ مزدوري ڪرڻ جي نيت سان نڪتو ۽ صبح کان وٺي شام تائين ٻئي ڀائر مزدوري ڪندا رهيا هوڏانهن بيوسي جي چادر اوڙهيل حُبدار ۽ بلاول بُک جي باھ وسائڻ لاءِ ڪجھ گهرن جي طرف رُخ ڪيو هڪ گهر ۾ جڏهن حبدار ماني جي صدا هنئين ان وقت گهر مان هڪ آواز آيو جنهن حبدار ۽ بلاول کي  جيئري ئي ماري ڇڏيو هجي اهو آواز ٻڌندي حبدار جي انسانيت کان برداشت نـ ٿي سگهيو اگر ڏسجي تـ حبدار جي عمر تمام گهٽ  آهي پر جڏهن هن ڪمري اندران اهو آواز ٻڌو هنن فقيرن کي جلدي ۾ ماني ڏيو تـ حبدار ۽ ان جو ڀاءُ ماني وٺڻ کان بغير گهر مان ٻاهر نڪري آيا شام ٿيڻ تي هئي تـ حبدار کان بک تـ برداشت نـ ٿي پئي سگهي پر هن بلاول جي اکين ۾ بک جي آتم ڪٿا ڏٺي ۽ حبدار کان برداشت نـ ٿي سگهيو ۽ هن بلاول سان گڏ پنڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ماني سان گڏوگڏ ڪجھ پئسا پڻ انهن کي مليا هوڏانهن شام جي وقت امتياز ۽ منير مزدوري کان فارغ ٿي اُجورو وٺي خوش ٿي گهر آيا تـ هڪ گهٽي ۾ پنهنجي ڀائرن کي پنندي ڏسي رهيا هئا ۽ ان وقت انهن کي ماني ۽ پئسا گُهرڻ تان گهرن مان ڌڙڪا ملي رهيا هئا امتياز پنهنجي ڀائرن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ روئيدي روئيدي چئي رهيو هو تـ هن ڌرتي تي اسان کي پنڻ لاءِ موڪليو ويو آهي اڄ بـ انهن يتيم ٻارڙن جي هٿن ۾ قسمت جو ڪٽورو آهي ۽ دردر وڃي پنهنجي ضرورتُن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن عمر ۾ ٻارڙن جي هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب هجن ٿا تنهن عمر ۾ قسمت هنن کي ويتر وڏو ڪري ڪتابن جي جاءِ تي ڪٽورا سونپي ڇڏيا آهن شايد قسمت کان هنن جي دروازي تي اچڻ وسري ويو آهي لڳي ائين ٿو وقت ۾ تمام گهڻي تبديلي اچي وئي آهي جو اڄڪلھ قسمت بـ اميرن ۽ جاگيردارن جي درن تي دستق ڏئي ٿي ۽ غريبن جي پاڇي کان گُذرڻ بـ عار ٿي سمجهي تـ شايد انهن جي ڪپڙن مان ايندڙ بوءِ نـ ڇائيجي وڃي اڄ بـ انهن يتيم ٻارڙن جي آتم ڪٿا ۽ بيوسي جو ڪو ڪاٿو ئي لڳائڻ لاءِ تيار ناهي نـ وري ڪو انسانيت جو بادشاھ يا وري مذهب جو ٺيڪيدار هنن يتيمن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيارآهي تنهن ڪري اهو سچ چيو ويو آهي تـ غريبن جي دنيا ئي الڳ هوندي آهي جتي ڪو اچڻ لاءِ تيار ئي نـ هوندو آهي.يتيم ٻارڙن جي سُورن ۽ درپدري جي سڀ کان وڏو سبب اهو هوندو آهي جو معاشري وارا انهن کي نظرانداز ڪندا آهن ۽ هر وقت يتيم هجڻ جو احساس ڏياريندا رهندا آهن اها ئي وجھ آهي جو انهن جا سُور ويتر ناسُور بڻجي وڃن ٿا ماءُ پئ جي گذرڻ کان بعد ۾ انهن کي ڪوئي سهاري ڏيڻ وارو ناهي رهندو دردر       جي ٺوڪرن کان سواءِ انهن جو ٻيو ڪو مُستقبل ناهي هوندو يتيم ٻارن جي درپدري ۽ سبب جو الميو تڏهن وڌي ويندو آهي جڏهن انهن کي هرماڻهو پنهنجي نظرن مان ڪڍي ڇڏيندو آهي يتيمن جو رُجهان تـ هن پياري ديس ۾ تمام عام آهي پر ڪجھ علائقن ۾ يتيمن جو رُجهان انتهائي گهڻو ماپيو ويو آهي جنهن ۾ ڪراچي حيدرآباد سميت اربن علائقن ۾ ستر سيڪڙو ۽ سنڌ جي ٻهراڙي  وارن علائقن ۾ ٽيھ سيڪڙو ۽ ان کان علاوه هنن سُورن سان آتم ڪٿائون تـ ديس ۾ ڀريون پيون آهن جنهن جو ڪاٿو لڳائڻ شايد ڪنهن جي وس ۾ هجي انهن علائقن ۾ ڪيترائي يتيم خانا هوندي بـ يتيم ٻار روڊن جي رونق بڻيل آهن ۽
دردر جو ٺوڪرون کائڻ تي مجبور آهن...!
صدام لاشاري ايم اي “پريوس”

ايم سي رول نمبر ٻاونجاھ “52”