Showing posts with label طارق. Show all posts
Showing posts with label طارق. Show all posts

Monday, 22 August 2016

محمد ايوب گاد جو پروفائي طارق علي چانڊيو

This is not profile, its CV
 محمد ايوب گاد ھدايتڪار ۽ شاعر مصور (پروفائيل(

ليکڪ طارق علي چانڊيو
ايم اي  پريويس
رول نمبر ؛ M.M.C/63

نالو؛ محمد ايوب گاد
 والد؛ گلام حيدر خان  گاد
ڄمڻ جي تاريخ   2/6/1960
ڄمڻ جو ھند لاڙڪاڻو شھر
تعليم؛   بي اي ( سائيڪالوجي)
          ايم. اي (سنڌي ادب)

ايوب گاد بنيادي طور تي فنون لطيف جو اهو سگهارو ۽ مانوارو نالو آهي جيڪو هڪ ئي وقت سٺو شاعر ، سادڙن رنگن مان زندگيءَ جي حقيقت کي پيش ڪندڙ مصور ، ڪميٽيڊ ۽ سڄاڻ ڊراما نگار ،اسٽيج ۽ ٽيليويزن ناٽڪن جو گهري نگاھ رکندڙ زھين ھدايتڪار آھي.
اسان جي هن ٽهي ءَ ۾ پاڪستان ٽيليويزن کان ٻاهر ايوب گاد اهو پهريون هدايتڪار آهي جيڪو اسڪرپٽنگ کان وٺي فاعينل ايڊيٽنگ تاعين جي سمورن مرحلن کان بخوبي واقف آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪم صاف سٿرو هوندو آھي.

ڇپيل ڪتاب
§        پيار جي ڇانوَ ۾ (شاعري) 1993/2000.
§        راحت العاشقين (نثر) 1998ع.
§        جنهن سان پسجي پرينءَ کي (نثر) 1998ع.
§        اک الٽي ڌار (ڀٽائي سائينءَ جي ڪجهه بيتن جي تشريح)
§        اسڪول ميگ (بطور ايڊيٽر)


ڪالم
§        جاڳو (ڪراچي)                   1998ع.
§        خادم وطن (حيدرآباد)    1998ع.
§        ڪوشش         (حيدرآباد)                 1999ع.
§        شام (حيدرآباد)            1999ع.
§        ماهوار مومل (ڪراچي)         1999ع.

مقالا ۽ مضمون
§        ماهورا نئين زندگي (حيدرآباد)  1996ع.
§        پندرهن روزه عبرت ميگزين (حيدرآباد)          1991ع.
§        ماهوار ڪونج (لاڙڪاڻو)                 1994ع.
§        سنڌو (حيدرآباد)                   1992ع.

ڇپيل ڪهاڻيون
§        نئين زندگي، رابيل ڊائجسٽ، هزار داستان، سنڌ، چانڊڪا، بختاور، عبرت مئگزين، پرهه، پارس، مومل، آجپو.

ڇپيل انٽريو
§        جنگ مئگزين (اردو)، انڊس مئگزين (انگلش)، عبرت مئگزين، ماهوار ناٽڪ ( ڪراچي)، اخبار فن ( اردو)، سنڌو، ڪونج، ساڻيهه مئگزين.

ڇپيل شاعري (گيت، غزل ۽ وايون ٽوٽل تعداد 99)
§        سهڻي، لطيف ڊائجسٽ، ن.ين زندگي، مهراڻ، سنڌ، سگهڙين سٿ، بختاور مئگزين، پارس، مومل، پروڙ، چانڊڪا، نئين سوچ، سنڌو ۽ ٻيا رسالا.

اسڪيچ
§        موهن جو دڙو مئگزين
§        چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ڏياري مئگزين
§        رابيل ڊائجيسٽ
§        روزانه آفتاب اخبار

ڪتاب، رسالا ۽ ڊائجسٽن جا ٽائيٽل
§        پيار جي چانوَ ۾
§        پير ۾ پينگهه
§        گجر پائي گج
§        ڪنڌيءَ نسريا ڪانهن
§        بندر ديسان ديس ( سفرنامو)
§        نيڻ ڳالهائين ٿا
§        رابيل ڊائجسٽ
§        زندگي ۽ ڪئڪٽس (ڪهاڻيون)
§        ديش دروهي ( ڪهاڻي)
§        اُڀر چنڊ پس پرين ( ڪهاڻيون)
§        سائنس مئگزين
§        اسڪول مئگ
§        ماهوار سارس ڪراچي

تصويرن جي نمائش
§        پرس ڪلب لاڙڪاڻو، 1980ع
§        چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو، 1981ع
§        سنڌ آرٽسٽ گلڊ حيدرآباد، 1981ع
§        المنظر سئنيما، رائل سئنيما، ايمپائر سئنيما، قلو پطره سئنيما تي (1976 کان 1996 تائين) سوين بينر (فلمي اداڪارن جون تصويرون) ٺاهيل.

ڪنول پروڊيڪشن جي بنياد وجهي آڊيو جي رليز ڪيل البم (جنهن ۾ ڪا به ڪاپي ڌن نه هئي.)
1.     سوره النساءِ سنڌي ترجمي سان.
2.     ماءِ سانگس (شاعري) ايوب گاد، واليم _1 ۽ 2.
3.     استاد بخاري نمبر (شاعري) استاد بخاري.
4.     منهنجا گيت(شاعري) عبدالغفار تبسم.
5.     دوستيءَ جو سج ( شاعري) سميع بلوچ.
6.     اسين مسافر پيار جا ( شاعري) ادل سومرو.
7.     خواب رستا ( شاعري) اياز گل واليم _1 ۽ 2.
8.     آ لفاريو (شاعري) جواد جعفري.
9.     بيدل مسرور، صادق فقير، سرمد سنڌي، عاشق نظاماڻي، ايم گروپ، نظير سمون، رابعه غزل، نوحه.
ڊرامه
§        اسٽج (ون ايڪٽ مزاحيه 1988ع کان)
§        ڀلا ڙي ڀاڳ
§        هل پنهل
§        شادي بابي جي
§        ڪنوار قسطن جي
§        آزاد اميدوار
§        پهاج
§        نو پرابلم
§        نه بنگلو گهري ٿي نه ڪار گهري ٿي
§        هڻ لڻ هاسپيٽل
§        وائڙي ليلا واندو مجنون
§        خوابن جي ليليٰ.

ريڊيو پاڪستان لاءِ لکيل ڊرامه
§        ٻيڙائي پار _ پروڊيوسر علي مراد ٽانوري.

ويڊيو فلمون (ٽيلي فلم)
1.     بيوس؛ تحرير ۽ هدايات ايوب گاد (تجرباتي فلم) 1983ع.
2.     مهربان؛ تحرير ۽ هدايات ايوب گاد (پاڪستان جي پهرين ٽيلي فلم جيڪا رليز ڪئي وئي) 1985ع، رليز شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني (SRC 451) اسلام آباد.
3.     مس 88؛ تحرير ۽ هدايات ايوب گاد (رليز نه ڪيل) 1988ع.
4.     ناسور؛ تحرير ۽ هدايات ايوب گاد، رليز ڪنگز وڊيو سکر، 1992ع.
5.     مقدر جي ميندي؛ تحرير ۽ هدايات ايوب گاد، رليز ڪنگز وڊيو سکر، 2004ع.

پاڪستان ٽيلي ويزن (PTV) لاءِ ليل ڊراما
     ڊرامي جو نالو                تحرير            هدايتون          سال
1. پرچاءُ                           ايوب گاد                  سميع بلوچ      1996
2. تنهنجي خوشيءَ خاطر        ايوب گاد                  بيدل مسرور    2000
3. مون ۾ تون موجود   ايوب گاد                  سميع بلوچ      2002
(13 قسطون سيريل)

پاڪستان ٽيليويزن تان هليل گانا
§        ڳائڻا؛ تعمير حسين، عاشق نظاماڻي، انيتا رياض، حميد راڄپر، سيما ناز ۽ ٻيا.
 STN  لاءِ لکيل  ڊراما
§        عيوضو؛ تحرير ۽ هدايات ايوب گاد، 2003ع.
پرائيويٽ ڪمپنين طرفان نڪتل آڊيو ڪيسيِن ۾ گانا


§        گائڻا؛ عاشق نظاماڻي، سما ناز، انيتا رياض، منظور سخيراڻي، سرمد سنڌي، غلام شبير سمون، عاشق نظاماڻي، رياض سومرو، شفيق منگي، اسلم تنيو، آڪاش سنڌي، ّالد پيرزادو، سڪندر، ايم گروپ ۽ ٻيا.

Tuesday, 16 August 2016

لاڙڪاڻي جا مشهور زيتون طارق علي چانڊيو

لاڙڪاڻي جا مشهور زيتون (آرٽيڪل)
ليکڪ طارق علي چانڊيو
ايم اي  پريويس
 رول نمبر ؛ M.M.C/63

جئين ته هر شهر جي ڪا نه ڪا شي مشهور ٿئي ٿي جئين مٽياري جو مائو ۽  ميهڙ جي ميندي خيرپور جون خارڪون شڪارپور جي کٽاڻ ۽ گهوٽڪي جا پيڙا ۽ نوابشاه جا ڪيلا حيدرآباد جون چوڙيون مشهور آهن.
ائين لاڙڪاڻي جا زيتون پاڪستان ۾ نه صرف پسند ڪيا وڃن ٿا بلڪي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به پڻ مشهور آهن ان جو اهو به اهم سبب آهي جو لاڙڪاڻي ۾ مختلف ذاتين جا زيتون پڻ ٿين ٿا.
زيتون ٻين مندن ۾ ٿين ٿا.
1.    هڪ سيارو ۾ ٿين ٿا جيڪي تمام مٺا ۽ لذيذ ٿين ٿا ان جو اهو به سبب آهي جو زيتون سياري واري مند وارا ئي زيتون مند وارا سڏجن ٿا تنهن ڪري هي خراب به جلدي نه ٿيندا آهن ۽ پڻ گهڻا مٺا ٿين ٿا.
2.    سانوڻ ۾ به زيتون ٿين ٿا پر اهي غير مند وارا زيتون سڏجن ٿا ڇو جو زيتونن جي مند سيارو هوندي آهي سانوڻي جا زيتون جيڪي جون جولاءِ آگسٽ تائين ٿين ٿا اهي نرم ٿين ٿا ۽ پڻ مٺا گهٽ ٿين ٿا ڇو جو زيتون ٿيندو ئي مٺو گهڻي ٿڌ تي آهن ۽ سانوڻي جو زيتون نرم گهڻي گرمي جي ڪري ٿئي ٿو ۽ ان ڪري ئي هن مان مٺاس ختم ٿي وڃي ٿي.

زيتونن جا قسم ۽ انن جون ذاتيون جيڪي لاڙڪاڻي ۾ ٿين ٿيون.
1.    سنڌي زيتون
2.    رئيالي زيتون
3.    رمضاني زيتون
4.    ٿڌا رامي زيتون
5.    حيدرآبادي زيتون
1.      سنڌي زيتون؛ نه صرف مٺو ٿئي ٿو بلڪ هن جي سڀني زيتونن ذاتين کان مختلف ٿئي ٿو هي سائيز ۾ نه گهڻو وڏو نه گهڻو ننڍو ٿئي ٿو هن جو رنگ  هلڪو سائو ۽ مٿان هلڪا هلڪا ڳاڙها نشان ٿين ٿا هي ٻين سڀني زيتونن جي ذاتين کان گهڻو مٺو ۽ لذيذ ٿئي ٿو.
2.    رئيالي زيتون؛ به مٺو ٿئي ٿو پر سنڌي زيتون کان گهٽ رئيالي زيتون ڏسڻ ۾ لائيٽ ۽ هلڪو ڦڪو ٿئي ٿو هي هلڪي سائيز جو ٿئي ٿو.
3.    رمضاني زيتون؛ مٺو ٿئي ٿو پر هي ڏسڻ ۾ سنڌي زيتون کان ۽ رئيالي زيتون کان مختلف ٿئي ٿو رمضاني زيتون سائيز ۾ سنڌي زيتون ۽ رئيالي زيتون کان وڏو ٿئي ٿو باقي هي سائو ۽ ڦڪو ۽ هلڪو لا،ئيٽ سائو ٿئي ٿو.
4.    ٿڌا رامي زيتون؛ انهي ٽنهي ذاتين کان مختلف ۽ تمام وڏو ٿئي ٿو ۽ هي مٺو به تمام گهٽ ٿئي ٿو هن جو رنگ ڦڪو ٿئي ٿو .
5.    حيدرآبادي زيتون؛ گول مٽول ٿئي ٿو هي انهن چئني ذاتين کان نه صرف مختلف ٿئي ٿو بلڪ هي کائڻ ۾ به گهڻو مختلف ٿئي ٿو هي نه وري مٺو ٿئي ٿو نه وري کٽو ٿئي ٿو بلڪ مٺي ۽ کٽي جو مڪسچر ٿئي ٿو هي سائيز ۾ وڏو ٿئي ٿو ۽ اندران گلابي ٿئي ٿو.
هر هڪ ميوي جو ذائقو مختلف ٿئي ٿو ۽ زيتون جو ذائقو پڻ مختلف ٿئي ٿو زيتون نه صرف اسين کائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهيون پر انهي جو جوس پڻ پيئندا آهيون ٻين ميون وانگر زيتون جي ميوي ۾ هڪ خاص ڳالهه اها به آهي ته هن مان اسين تيل پڻ ڪڍي سگهون ٿا جيڪو تمام فائدي مند ثابت ٿئي ٿو.

زيتون جي وڻ جي چڪي ڪڍڻ جو به ٻين وڻن کان ٿورو مختلف طريقو ٿئي ٿو. هن جي چڪي وڏي وڻ جي ٽاري مان ٿئي ٿي اها ٽاري پهريان زمين ۾ ان جو وچ پوربو آهي باقي اڳيون حصو ڇڏي ڏبو آهي هي چڪي وڏي وڻ جي پاڙ واري ٽاري مان ٿئي ٿي جڏهن اها ٽاري پاڙ هڻي وڃي ٿي پوءِ ان جو وڏي وڻ وارو حصو ڪٽي چڏجي ٿو.
                    زيتون جي ڪهڙي  وڻ جا زيتون گهڻا مٺا ٿين ٿا
خاص ڪري زيتون جي ٻروٽن جا زيتون گهڻا مٺا ۽ لذيذ ٿين ٿا ٻروٽن مان مراد آهي ننڍا وڻ جنهن کي ڦر ڏيڻ ۾ ڪجهه ئي سال ٿيا هجن.
باقي جيڪي گهڻا وڏا وڻ ۽ پراڻا وڻ زيتون جا ٿين ٿا انهن جا زيتون ايترا مٺا نه ٿين ٿا.

Thursday, 11 August 2016

رانگ نمبر تي ٿيندڙ محبت طارق علي چانڊيو

corrected
رانگ نمبر تي ٿيندڙ محبت جو نتيجو (فيچر)
ليکڪ: طارق علي چانڊيو
رول نمبر: M.M.C/63
)ايم.اي.پريويس(

                  محبت انڌي ٿيندي آهي، اها ڳالهه ازل کان پيا ٻڌندا آهيون ته عشق نه ڏسي ذات ۽ نه وري عشق ڏسي مذهب، ۽ نه وري عشق ڏسي صورت ۽ سيرت. بس جنهن سان دل جي ڪڙي لڳي ويندي آهي، پوءِ ڄڻ ته ان جي لاءِ اهو پيار ئي سڀ ڪجهه بڻجي ويندو آهي، جنهن سان پيار ٿي ويندو آهي، ڇو جو پيار ڪيو ويندو نه آهي، جنهن سان پيار ٿي ويندو آهي، ان جي خوشي ئي پنهنجي خوشي سمجهي ويندي آهي ۽ ان جو غم، تڪليف پنهنجي سمجهي ويندي آهي، ڄڻ ته ايئن لڳندو آهي سڄي دنيا ئي ان هڪ شخص ۾ سمايل هجي، هي محبت جا قسم ته گهڻائي ٿيندا آهن، ڪا محبت روح کان روح تائين فنان ٿي ويندي آهي، ته ڪا بک ۽ پياس ۽ پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي ۽ ان پيار جو ناٽڪ ڪيو ويندو آهي، ايترو به سمجهيو نه ويندو آهي ته ڪنهن جي سچي جذباتن ۽ سچي پيار سان کيڏي رهيا آهيون، هي ڪهاڻي توحيد نالي شهري ڇوڪري ۽ تسقين نالي ٻهراڙي جي هڪ ڇوڪري تي آهي جيڪا رانگ نمبر جي مس ڪال تان شروع ٿئي ٿي.
                  توحيد نئون ديرو شهر ۾ رهندو هو ۽ تسقين لاڙڪاڻي شهر ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ رهندي هئي، توحيد هڪ سادي طبيعت جو ڇوڪرو هو، هي پيءَ ماءُ جو اڪيلو پٽ هيونه ئي وري هن کي ڪا ڀيڻ هئي، هن جي گهر ۾ هڪ ڏاڏو، هڪ ڦڦي رهندي هئي، هن جي پيءَ وٽ ٻه جريب ٻني هئي جيڪو ٻنيءَ جو ڪم ڪار ڪندو هيو ۽ ان مان ئي گذر سفر ڪندو هيو پر تمام گهڻي تڪليف برداشت ڪري پنهنجي پٽ کي ايم.اي. جي تعليم ڏياريائين، پڙهائي جو آخري سال رهيل هيو ته هن جي سر تان پيءَ جو شفقت ڀريو هٿ کڄي ويو، ان کانپوءِ اها ٻني کپائي هنن پنهنجي رهڻ لاءِ هڪڙو سٺو گهر ٺهرايو، ڇو جو هنن وٽ پراڻي جڳهه هئي جنهن مان برسات جو پاڻيءَ وهندو هيو ۽ هنن وٽ صرف هڪڙي ڪوٺي هئي رهڻ لاءِ پهريان ان جي ڪري انهن کي ڊهرائي ٻه ڪمرا ٺهرايا، هن جو ڏاڏو رٽائرڊ هيو، جيڪو شگر مل ۾ پهريان ڪم ڪندو هيو، هاڻي سڄي گهر جو خرچ ان ڏاڏي جي مهيني جي پينشن مان پيو هلي، پر توحيد کي تعليم جو گهڻو شوق هيو ۽ پڻ گهڻو هوشيار به هيو، تنهنڪري هن جي ڏاڏي هن کي ڪمپيوٽر ۾ ڊپلوما ڪرائي ۽ هي پڻ سافٽويئر جو ڪم چڱيءَ طرح ڄاڻيندو هيو، پر وقت گذرڻ سان هن جي غربت تعليم جي سامهون اچي ڪر کڻي بيهي رهي ۽ نيٺ توحيد ان غربت جي اڳيان پنهنجا گوڏا کوڙي ڏنا، پوءِ هي هڪ دوڪان تي ڪم ڪرڻ لڳو، جيڪو مووي ڪيميرا جو هيو، هي هتي ڊاؤن لوڊنگ ڪندو هيو ۽ دوڪان پڻ سنڀاليندو هيو، هن جي مالڪ هن جي محنت کي ڏسي ۽ هن جي غربت ۽ سچائي کي ڏسي هن کي ڪيميرا مووي هلائڻ سيکاري جيئن هي پاڻ شادي وغيره تي موووي رڪارڊ ڪري سگهي، توحيد هوشيار هجڻ جي ڪري هن جلدي سمورو ڪم سکي ورتو ۽ هن پنهنجو هڪ دوڪان کوليو، جتي هي ڊاؤن لوڊنگ، مووي رڪارڊنگ ۽ ايڊيٽنگ جو ڪم ڪندو هيو، هن جو غريبي حال ختم ٿيندو ويو، ۽ بک بدحالي پريشانيءَ مان هن کي نجات ملندي وئي، هن جي سادي طبيعت جي ڪري هن جا دوست گهڻا بڻجي چڪا هيا ۽ هي اڪثر ڪري دوستن سان ملندو جلندو هيو، پر هڪ اهڙو ڏينهن قيامت جو اچي پهتو جو هن جي سڄي زندگي جو رک ئي تبديل ڪري ڇڏيو، هي گهڻو پنهنجو وقت هڪ خاص دوست سان گذاريندو هيو ۽ هر هڪ مسئلو مسائل سن سان ئي اوريندو هئو ، جيڪو هن جو ننڍ پڻ جو دوست هيو. هي هميشه وانگر هن پنهنجي ننڊپڻ جي دوست رياض سان هڪ هوٽل تي چانھ پيئڻ لاءِ ويندو هيو ۽ اتي زماني جون ڳالهيون ۽ مزاق  مستي ڪندو هيو. هي ويٺا ئي هيا ته هن جي فون تي هڪ مس ڪال آئي، اها مس ڪال صرف نه هئي ڄڻ ته هن جي زندگي ئي هن کان مس ٿيڻ واري هئي، هن ان مس ڪال ڏي توجهه ئي نه ڏنو، ڇو جو هي سادي طبيعت جو هيو، پر هن جي دوست هن کان پڇان ڪئي ته يار ڪنهن جي ڪال هئي! ۽ توحيد کلي جواب ڏنو اڙي يار رانگ نمبر هيو پر ڇڏيس، پر هن جي دوست گهڻو اقسايو ته ڏس متان ڪنهن جو ضروري ڪم هجئي، ميسيج ئي ڪري ڇڏيس ۽ هن ميسيج ڪري ڇڏيو ته ڪير آهي، ائين ئي توحيد ميسيج ڪري ڇڏيو، هي ميسيج نه هيو پر توحيد جي زندگي جو اهو خاص لمحو هيو، جيڪو هن جي خوشحال زندگي کي وري تبديل ڪرڻ وارو هو، هن جو دوست گهڻي ڪچهري کانپوءِ گهر هليو ويو، ۽ توحيد جيئن پنهنجي گهر پهتو ته هن کي ان رانگ نمبر تان هڪ ميسيج آيو، ته سوري غلطي سان نمبر لڳي ويو هو، توحيد جيئن ته سادي طبيعت ۽ هڪ نماڻو ڇوڪرو هيو، ان جي ڪري هن ميسيج تي وري ڪو توجهه ئي نه ڏنو، ڪجهه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ ان ئي رانگ نمبر تان ميسيج آيو ته توهان ڪير آهيو، ڇا توهان اسان کي پنهنجي باري ۾ ڪجھ ٻڌائيندا! ايئن ئي وري توحيد ان ميسيج جو جواب ڏنو ۽ ڪافي دير ميسيج تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي ۽ روز ٿيندي آئي، وقت گذرندو ويو ۽ خبر ئي نه پئي توحيد جي  ان رانگ نمبر واري اڻ ڄاڻ ڇوڪري سان محبت ڪرڻ لڳو دل ئي دل ۾ جيڪو ڪجهه ڇوڪري هن کي ٻڌايو هيو ڇا اهو سچ هو يا وري ڪوڙ ڪا خبر ئي نه هئي پر ايئن ئي چيو ويندو آهي ته پيار انڌو ٿيندو آهي ۽ پيار نه ڏسندو آهي صورت، نه ڏسندو آهي سيرت ايئن ئي توحيد سان ٿيو، توحيد ان ڇوڪري کي سواءِ فون ڪال کانسواءِ ۽ ان معلومات کانسواءِ جيڪو هن کيس ميسيج تي ٻڌايو هيو يا وري فون ڪال تي هن کي ٻڌايو هيو. آخرڪار هن سوچيو ته ڇو نه ان پنهنجي ننڍ پڻ جي پراڻي دوست سان هي ذڪر ڪيان ۽ ان اهو ذڪر پنهنجي پراڻي دوست سان ڪيو، ۽ هن ان کي اها سموري ڳالهه ٻڌائي ته مان هاڻي ڪنهن جي پيار جو قيدي بڻجي چڪو آهيان هميشه مون کي مسئلا مسائل تو ئي حل ڪري ڏنا آهن هاڻي  مون کي هن پيار جي قيد مان به تون آزاد ڪرائي يا وري ڪو حل ٻڌاءِ. ڇوجو اڃان تائين مان ان سان پيار جو اظهار به نه ڪيو آهي ، رياض هن کي چيو ها، پريشآن نه ٿي۽ هئين ڪر  جو تون چئي ڏيسيس ته مان توهان سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان پوءِ ڏس ته ڇا ٿي چوي هي مقرر وقت جنهن وقت هي ان پنهنجي پيار سان ڳالهائيندو هيو فون تي، ان ٽائيم هن پيار جو اظهار ڪري ڏنو، ڪافي دير اها ڇوڪري چپ رهي پر ان چيو مون کي ڪجهه وقت کپي ته مان جلدي توهان کي سوچي ٻڌائينديس، ڏينهن گذرندا رهيا، توحيد کي ڪو جواب نه مليو، جڏهن به هي ڳالهه شادي جي ڪري اها ڇوڪري هن جي ڳالهه تبديل ۽ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيندي هئي ۽ هن ڇوڪري کي خبر پئجي چڪي هئي، ته توحيد هن جي پيار ۾ بلڪل به چريو ٿي چڪو آهي، پوءِ هن جي دل ۾ لالچ پيدا ٿي، ۽ روز روز هن کان ڪجهه نه ڪجهه گهرائيندي رهندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ايزي پيسا جي ذريعي پيسا پڻ، ۽ ڏينهون ڏينهن توحيد پريشان رهڻ لڳو، ۽ پنهنجي ڪم ڪار ۾ هن جي دلچسپي لڳڻ به بند ٿي وئي، پر هي اڪيلو رهڻ لڳو ۽ دلچسپي ڪاروبار ۾ نه هجڻ جي ڪري وري هن جي گهر ۾ ساڳي حالت پيدا ٿي وئي ۽ هڪ ڏينهن هن جي ماءُ هن کان پڇا ڪئي، پٽ توحيد خير ته آ، مان ڪجهه ڏينهن کان محسوس ڪري رهي آهيان ته پريشان پيو لڳي ۽ ڪم ڪار ۾ به دلچسپي نه رهي اٿئي ڇا ڳالهه آهي! پر هي اها ڳالهه به ماءٌ کان نٽائي ويو ۽ ڪو ٻيو بهانو ڪري هليو ويو ۽ وري هن پنهنجي دوست سان فون تي رابطو ڪيو ۽ سڄو حال احوال ڏنو، هن جي پريشاني ڏسي اهو ننڌپڻ جو دوست هن وٽ آيو ۽ هن کي چيو ته صاف صاف هاڻي ان ڇوڪري سان صاف ڳالهه ڪر ته مان توهان سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ پنهنجي همصفر بڻائڻ ٿو چاهيان آخر منهنجي ان ڳالھ تي توهان توجھ ڇو نه پيا ڏيو ۽ ٻڌي اڻ ٻڌي ڇو پيا ڪري ڇڏيو. وري جيئين توحيد گھر آيو دوست سان مليان فون ڪئي پنهنجي پيار ڏي ۽ اهو سب ڪجھ چيو جيڪو ڪجھ هن کي دوست سمجھايو هئو.توحيد جي ان پيار هن کي هڪ دفعو ڏسڻ لاءِ چيو ۽ ايئن ئي توحيد چيو ها، ٺيڪ آهي، جڏهن توهان چئون، مان ڪٿي به ايندس ۽ ايئن ئي ڪجهه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ ان ڇوڪري هڪ بهانو ٺاهي، توحيد سان ملڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو، ڇو جو ڇوڪري ٻهراڙي جي هئي ان جي ڪري هن جو گهر کان ٻاهر اڪيلو وڃڻ تمام ڏکيو هيو، تنهن ڪري هن پنهنجي پراڻي ڪاليج جي فرينڊ جي گهمڻ جو بهانو ڪري پنهنجي ماءَ کي رازي ڪري ورتو ۽ پنهنجي ڪاليج جي دوست کي سمورو حال احوال ڏنو ته هي ڳالهه آهي ۽ هڪ ڏينهن هي پنهنجي دوست وٽ آئي، پنهنجي ماءَ سان گڏ، ۽ توحيد کي به چيو ته جڏهن مان فون ڪريان يا ميسيج ته پوءِ اتي هلي اچجو. توحيد اڪيلو وڃڻ ٺيڪ نه سمجھيو تنهن ڪري ان رياض کي به گڏ هلڻ جي لاءِ چيو توحيد ڏي ڪال آئي ته هن درگاھ تي اچ جيڪا توحيد جي پيار  جي  گھر کان  هڪ ڪلو ميٽر پري هئي، جتي دعا لاءِ ۽ بيمار شفا لاءِ ايندا هئا، ائين ئي توحيد جي پيار تسقين نوڪري جي دعا لاءِ بهانو ڪري ان درگاھ تي آئي ۽ اتي توحيد به پنهنجي رياض سان آيو ۽ وري تسقين جي ماءَ ۽ تسقين جي دوست ۽ ان جي ماءَ ان درگاهه تي آيا، تسقين جي ماءَ کي ڪا خبر نه هئي، ته اصل ڳالهه ڇا آهي، پر هو پير تي دعا گهرڻ لاءِ آئي هئي، ۽ پري کان ڏسڻ جو چيو، توحيد سادي طبيعت جي ڪري ۽ سادو ڏسڻ جي ڪري تسقين کي نه وڻيو، پر وري به خوامخواهه جي ڪوڙي تعريف ڪري هن کي خوش ڪيو. پر توحيد ته اڳ ۾ ئي هن جي پيار ۾ ديوانو ۽ پاگل، مجنون بنجي چڪو هيو، پر ڏسڻ کانپوءِ هن جو پيار روحاني بڻجي ويو، ان کانپوءِ گهر پهتو، هن کان اهو شادي جو خواب و خيال ئي وسري ويو،  پر هن جي دوست هن کان پڇيو ته ڇا ٿيو، تڏهن هن کي اها ڳالهه ياد آهي ۽ وري هن پنهنجي پيار سان اها ڳالهه شادي جي ورجائي ۽ ان کي چيو آءُ پنهنجي ماءَ کي تنهنجي گهر تنهنجو رشتو وٺڻ لاءِ موڪلي رهيو آهيان، تنهن تي تسقين هن ڪجھ ڏينهن جو ٽائيم وري ورتو ۽ چيو ته مان پنهنجي گهر وارن سان ڳالهه ڪيان ٿي ۽ سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿي، ڪجھ ڏينهن گذرڻ کانپوءِ جڏهن توحيد پنهنجي پيار کان پڇا ڪئي ته تسقين ڇا ٿيو، توهان پنهنجي بابا سان اها شادي واري ڳالهه ڪئي ۽ ڇا چيو توهان جي بابا، تسقين هن سان شروع کان ئي ٽائيم پاس ڪندي هئي، پنهنجي روزمرهه جي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ، پر توحيد کي ڏسڻ کانپوءِ وري بلڪل سوچ تبديل ڪري ڇڏيئي هئي هاڻي هن ته بلڪل تنگ ڪري ڏنو آهي، ان جي لاءِ هن مان هميشهه لاءِ جان ڇڏايا، تنهنڪري هن هڪ ڪوڙو ناٽڪ ڪيو ۽ توحيد کي پنهنجي پيار واري طريقي ۾ روئي ٻڌايو ته مان مجبور آهيان، جڏهن ته مان بابا سان پنهنجي پيار جي ڳالهه ڪئي، تڏهن منهنجي بابا صاف انڪار  ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته جيڪڏهن تون اتي شادي ڪندي ته مان پاڻ خودڪشي ڪري ڇڏينديس، اها ڳالهه ٻڌي توحيد روئي ويٺو ۽ پنهنجي پيار کي چيائين تسقين تون پريشان نه ٿي مان هر ڳالهه ۾ تون سان گڏ آهيان، توحيد کي اها خبر ئي نه هئي ته تسقين جي محبت محبت نه هئي پر هڪ فريب هيو، وري به ان ڳالهه کي تسقين وڌايو، پنهنجي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ۽ هڪ نئون بهانو ٺاهي ورتو ته مان نوڪري ۾ اپلاءِ ڪري رهي آهيان، جيئن ئي مون کي نوڪري ملندي مان تو سان شادي ڪري هلندس. پوءِ چاهي منهنجي گهر وارا راضي ٿين يا نه پر تسقين کي اها خبر ئي نه هئي ته سچي محبت فنان ته ٿي ويندي آهي، پر ان جو وجود ڪڏهن به فنان نه ٿيندي آهي ۽ سچي محبت خدا به ڪئي آهي جو قرآن ۾ فرمايو اٿئي،
اي  نبي  جيڪڏهن  تو  کي  نه  بڻايان  ها  ته  هي  قائنات  به  نه بڻايان ها
پيار ته خدا کي به نه ڇڏيو، هڪ محبوب جي خاطر پوري دنيا ٺاهي ڇڏيئي
                  ايئن ئي سچي محبت جو مثال هير رانجهان، ليلا مجنون جو هو، هن توحيد جي به سچي محبت ان تسقين سان هئي، جيڪا فقط جسم تائين نه بلڪه روح تائين هئي. جنهن ڏينهن کان تسقين هن کي چيو ته مون کي نوڪري ملندي مان توسان پوءِ شادي ڪنديس، ان ڏينهن کان وٺي توحيد نماز پنج وقت ڇا پر تهجد به پڙهڻ لڳو ۽ پيرن بزرگن تي پنهنجي پيار جي تمنان لاءِ ۽ پنهنجي نيڪ تمنائن لاءِ دعائون گهرندون رهيو ۽ هڪ ڏينهن اهڙو آيو جو توحيد جي دعا اگهامي وئي ۽ ناممڪن ڪم ٿي ويو جو تسقين کي نوڪري ملي وئي ۽ هي به بهانو ان جو ختم ٿي ويو، جڏهن توحيد کي خبر پئي ته تسقين کي نوڪري ملي وئي آهي. هن سڀني دوستن کي مٺايون کارايون ۽ الله جي بارگاهه ۾ شڪراني جا نفل ادا ڪيا ۽ تسقين کي چيو هاڻي پنهنجي گهر وارن کي چئي ڏس ڇو جو مان ڪڏهن به نٿو چاهيان ته توکي تنهنجي گهر وارن جي اجازت کانسواءِ تو سان شادي ڪيان ڇو جو تو به ڪنهن جي عزت آهي ۽ مان ڪڏهن به نه چاهيندس ته تنهنجي گهر وارن جي عزت تي ڪو آڱر کڻي، پر افسوس جو تسقين جو ته پيار ئي نه هيو ۽ وري هڪ نئون بهانو ڪري ڇڏيو ته مان هاڻي خوش آهيان مون کي وساري ڇڏ ۽ مان نٿي چاهيان ته توهان سان هاڻي رابطو رکان، ڇو جو منهنجي گهر وارا ڪڏهن به رازي نه ٿيندا، کلي اکين مان ڳوڙها ڪيرائي توحيد چيو ته اڙي چري پيار ته نالو ڏيڻ جو هوندو آهي ان ۾ وٺبو ڪجهه به نه آهي،
ڇو جو ڏيڻ وٺڻ ته هڪ ڪاروبار آهي, جيڪو سڀ ڪجهه پنهنجو ڏئي،
ڪجهه نه گهري ان کي ئي سچي محبت چئبو آهي
                  بس تسقين اڃان ڪجھ به گهر اگر جان کپئي منهنجي ته اها به ڌئي ڇڏيئي ان کان پوءِ تسقين فون جو نمبر بند ڪري ڇڏيو ۽ نمبر ئي بدلائي ڇڏيندي آهي پر توحيد ڄڻ ته چرين ۽ ديوانن وانگر پيو گهمندو وتندو آهي، جيڪو ڪجهه هو ڪم ڪار ڪندو هيو، ان کان به فارغ ٿي گهر اچي ويٺو، بس هاڻي جيڪا هن جي ڏاڏي جي پينشن هئي، ان مان بس سوتو پوتو گهر جو راشن پيو اچي باقي ڪجهه نه، ننڍپڻ جو دوست گهڻي عرصي کانپوءِ جڏهن توحيد سان ملي ٿو، جيڪو ڪمائڻ لاءِ ملڪ ڇڏي سعودي نڪري ويو هيو ۽ توحيد کي ڏسي حيرت مان چيائين ته هي ڇا ڪري ڇڏيو اٿئي ۽ ڇا ٿيو آهي، ان کانپوءِ توحيد روئي سڄو حال احوال ٻڌايو، توحيد جو دوست گهڻي ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ اٿي بيهي رهيو، ته مان ٿو ڏسان هن کي ڪيئن ڪنهن سان فريب ڪبو آهي ۽ ڪنهن جي سچي جذبات سان کيڏبو آهي ڇو جو توحيد جي سچي محبت هئي ان ڪري توحيد روئي ان کي پيرن تي هٿ رکي چيو خدا کي مڃ منهنجي ڪري ڪجهه نه ڪر، جيڪو منهنجو نصيب هيو، اهو ئي مليو، ان کانپوءِ توحيد جي دوست ان کي هڪ فيصل آباد جي ڪمپني ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر جي پوسٽ تي نوڪري وٺي ڏني ۽ توحيد پنهنجي پوري فيملي سان اتي شفٽ ٿي ويو، بس اهو ئي چوندس ته جيئن توحيد سان ٿيو ايئن ٻئي ڪنهن سان نه ٿئي. محبت انڌي ضرور هوندي آهي پر بي عقلي نه هوندي آهي، توحيد جي زندگي ته وري به سيٽ ٿي وئي، هڪ سٺي دوست جي هجڻ جي ڪري پر توحيد جهڙا ڪيترائي نوجوان انهن واقعن جي ڪري ڪي ديوانا، ته ڪي فقير ته ڪي پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي چڪا آهن. ڇو جو هر هڪ وٽ رياض جھڙا سچا دوست موجود نه هوندا آهن.





رانگ نمبر تي ٿيندڙ محبت جو نتيجو (فيچر)
ليکڪ: طارق علي چانڊيو
رول نمبر: M.M.C/63
)ايم.اي.پريويس(
. There should be proper paragraphing.Make intro interesting. It is not story, its feature
                  هي ڪهاڻي هڪ شهري ڇوڪري ۽ هڪ ٻهراڙي جي ڇوڪري جي محبت تي آهي، جيڪا رانگ نمبر جي ڪال تان شروع ٿئي ٿي، محبت انڌي ٿيندي آهي، اها ڳالهه ازل کان پيا ٻڌندا آهيون ته عشق نه ڏسي ذات ۽ نه وري عشق ڏسي مذهب، ۽ نه وري عشق ڏسي صورت ۽ سيرت. بس جنهن سان دل جي ڪڙي لڳي ويندي آهي، پوءِ ڄڻ ته ان جي لاءِ اهو پيار ئي سڀ ڪجهه بڻجي ويندو آهي، جنهن سان پيار ٿي ويندو آهي، ڇو جو پيار ڪيو ويندو نه آهي، جنهن سان پيار ٿي ويندو آهي، ان جي خوشي ئي پنهنجي خوشي سمجهي ويندي آهي ۽ ان جو غم، تڪليف پنهنجي سمجهي ويندي آهي، ڄڻ ته ايئن لڳندو آهي سڄي دنيا ئي ان هڪ شخص ۾ سمايل هجي، هي محبت جا قسم ته گهڻائي ٿيندا آهن، ڪا محبت روح کان روح تائين فنان ٿي ويندي آهي، ته ڪا بک ۽ پياس ۽ پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي ۽ ان پيار جو ناٽڪ ڪيو ويندو آهي، ايترو به سمجهيو نه ويندو آهي ته ڪنهن جي سچي جذباتن ۽ سچي پيار سان کيڏي رهيا آهيون، هي ڪهاڻي توحيد نالي شهري ڇوڪري ۽ تسقين نالي ٻهراڙي جي هڪ ڇوڪري تي آهي جيڪا رانگ نمبر جي مس ڪال تان شروع ٿئي ٿي.
                  توحيد نئون ديرو شهر ۾ رهندو هو ۽ تسقين لاڙڪاڻي شهر ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ رهندي هئي، توحيد هڪ سادي طبيعت جو ڇوڪرو هو، هي پيءَ ماءُ جو اڪيلو پٽ هيونه ئي وري هن کي ڪا ڀيڻ هئي، هن جي گهر ۾ هڪ ڏاڏو، هڪ ڦڦي رهندي هئي، هن جي پيءَ وٽ ٻه جريب ٻني هئي جيڪو ٻنيءَ جو ڪم ڪار ڪندو هيو ۽ ان مان ئي گذر سفر ڪندو هيو پر تمام گهڻي تڪليف برداشت ڪري پنهنجي پٽ کي ايم.اي. جي تعليم ڏياريائين، پڙهائي جو آخري سال رهيل هيو ته هن جي سر تان پيءَ جو شفقت ڀريو هٿ کڄي ويو، ان کانپوءِ اها ٻني کپائي هنن پنهنجي رهڻ لاءِ هڪڙو سٺو گهر ٺهرايو، ڇو جو هنن وٽ پراڻي جڳهه هئي جنهن مان برسات جو پاڻيءَ وهندو هيو ۽ هنن وٽ صرف هڪڙي ڪوٺي هئي رهڻ لاءِ، هنن انهن کي ڊهرائي ٻه ڪمرا ٺهرايا، هن جو ڏاڏو رٽائرڊ هيو، جيڪو شگر مل ۾ پهريان ڪم ڪندو هيو، هاڻي سڄي گهر جو خرچ ان ڏاڏي جي مهيني جي پينشن مان پيو هلي، پر توحيد کي تعليم جو گهڻو شوق هيو ۽ پڻ گهڻو هوشيار به هيو، تنهنڪري هن جي ڏاڏي هن کي ڪمپيوٽر ۾ ڊپلوما ڪرائي ۽ هي پڻ سافٽويئر جو ڪم چڱيءَ طرح ڄاڻيندو هيو، پر وقت گذرڻ سان هن جي غربت تعليم جي سامهون اچي ڪر کڻي بيهي رهي ۽ نيٺ توحيد ان غربت جي اڳيان پنهنجا گوڏا کوڙي ڏنا، پوءِ هي هڪ دوڪان تي ڪم ڪرڻ لڳو، جيڪو مووي ڪيميرا جو هيو، هي هتي ڊاؤن لوڊنگ ڪندو هيو ۽ دوڪان پڻ سنڀاليندو هيو، هن جي مالڪ هن جي محنت کي ڏسي ۽ هن جي غربت ۽ سچائي کي ڏسي هن کي ڪيميرا مووي هلائڻ سيکاري جيئن هي پاڻ شادي وغيره تي موووي رڪارڊ ڪري سگهي، توحيد هوشيار هجڻ جي ڪري هن جلدي سمورو ڪم سکي ورتو ۽ هن پنهنجو هڪ دوڪان کوليو، جتي هي ڊاؤن لوڊنگ، مووي رڪارڊنگ ۽ ايڊيٽنگ جو ڪم ڪندو هيو، هن جو غريبي حال ختم ٿيندو ويو، ۽ بک بدحالي پريشانيءَ مان هن کي نجات ملندي وئي، هن جي سادي طبيعت جي ڪري هن جا دوست گهڻا بڻجي چڪا هيا ۽ هي اڪثر ڪري دوستن سان ملندو جلندو هيو، پر هڪ اهڙو ڏينهن قيامت جو اچي پهتو جو هن جي سڄي زندگي جو رک ئي تبديل ڪري ڇڏيو، هي گهڻو پنهنجي هڪ خاص دوست سان گذاريندو هيو، جيڪو هن جو ننڍ پڻ جو هيو ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندي ئي هن جي فون تي هن وٽ هڪ مس ڪال آئي، اها مس ڪال صرف نه هئي ڄڻ ته هن جي زندگي ئي هن کان مس ٿيڻ واري هئي، هن ان مس ڪال ڏي توجهه ئي نه ڏنو، ڇو جو هي سادي طبيعت جو هيو، پر هن جي دوست هن کان پڇان ڪئي ته يار ڪنهن جي ڪال هئي! ۽ توحيد کلي جواب ڏنو اڙي يار رانگ نمبر هيو پر ڇڏيس، پر هن جي دوست گهڻو اقسايو ته ڏس متان ڪنهن جو ضروري ڪم هجئي، ميسيج ئي ڪري ڇڏيس ۽ هن ميسيج ڪري ڇڏيو ته ڪير آهي، ائين ئي توحيد ميسيج ڪري ڇڏيو، هي ميسيج نه هيو پر توحيد جي زندگي جو اهو خاص لمحو هيو، جيڪو هن جي خوشحال زندگي کي وري تبديل ڪرڻ وارو هو، هن جو دوست گهڻي ڪچهري کانپوءِ گهر هليو ويو، ۽ توحيد جيئن پنهنجي گهر پهتو ته هن کي ان رانگ نمبر تان هڪ ميسيج آيو، ته سوري غلطي سان نمبر لڳي ويو هو، توحيد جيئن ته سادي طبيعت جو هيو، ان جي ڪري هن ڳالهه تي وري ڪو توجهه ئي نه ڏنو، ڪجهه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ ان ئي رانگ نمبر تان ميسيج آيو ته توهان ڪير آهيو، ڇا ته اسان کي پنهنجي باري ۾ ٻڌائيندا! ايئن ئي وري توحيد ان ميسيج جو جواب ڏنو ۽ ڪافي دير ميسيج تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي ۽ روز ٿيندي آئي، وقت گذرندو ويو ۽ خبر ئي نه پئي توحيد کي ان سان محبت ٿيڻ لڳي ۽ هو ڪنهن رانگ نمبر جي ڇوڪري سان پيار ڪري ويٺو، جنهن ڇوڪري جي نالي کانسواءِ هي ڪجهه به نه پيو ڄاڻي ۽ جيڪو ڪجهه ڇوڪري هن کي ٻڌايو هيو ڇا اهو سچ هو يا وري ڪوڙ ڪا خبر ئي نه هئي پر ايئن ئي چيو ويندو آهي ته پيار انڌو ٿيندو آهي ۽ پيار نه ڏسندو آهي صورت، نه ڏسندو آهي سيرت ايئن ئي توحيد سان ٿيو، توحيد ان ڇوڪري کي سواءِ فون ڪال کانسواءِ ۽ ان معلومات کانسواءِ جيڪو هن کيس ميسيج تي ٻڌايو هيو ٻيو ڪجهه به نه پيو ڄاڻي. آخرڪار هن سوچيو ته ڇو نه ان پنهنجي ننڍ پڻ جي پراڻي دوست سان هي ذڪر ڪيان ۽ ان اهو ذڪر پنهنجي پراڻي دوست سان ڪيو، ۽ هن ان کي اها سموري ڳالهه ٻڌائي ته مان هاڻي ڪنهن جي پيار جو قيدي بڻجي چڪو آهيان هاڻي مون کي ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه ٿو اچي. هاڻي ڇا مان ان سان پيار جو اظهار ڪيان يا وري نه، ان دوست هن کي چيو ها، جيڪو آهي چئي ڏيس ته مان توهان سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ ايئن ئي هن جي دوست هليو ويو، ۽ هي مقرر وقت جنهن وقت هي ان پنهنجي پيار سان ڳالهائيندو هيو فون تي، ان ٽائيم هن پيار جو اظهار ڪري ڏنو، ڪافي دير اها ڇوڪري چپ رهي پر ان چيو مون کي ڪجهه وقت جو وقت کپي ته مان جلدي توهان کي سوچي ٻڌائينديس، ڏينهن گذرندا رهيا، توحيد کي ڪو جواب نه مليو، جڏهن به هي ڳالهه شادي جي ڪري اها ڇوڪري هن جي ڳالهه تبديل ۽ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيندي هئي ۽ هن ڇوڪري کي خبر پئجي چڪي هئي، ته توحيد هن جي پيار ۾ بلڪل به چريو ٿي چڪو آهي، پوءِ هن جي دل ۾ لالچ پيدا ٿي، ۽ روز روز هن کان ڪجهه نه ڪجهه گهرائيندي رهي، ڪڏهن ڪڏهن ايزي پيسا جي ذريعي پيسا پڻ، ۽ ڏينهون ڏينهن توحيد پريشان رهڻ لڳو، ۽ پنهنجي ڪم ڪار ۾ هن جي دلچسپي لڳڻ بند ٿي وئي، پر هي اڪيلو رهڻ لڳو ۽ دلچسپي ڪاروبار ۾ نه هجڻ جي ڪري وري هن جي گهر ۾ ساڳي حالت پيدا ٿي وئي ۽ هڪ ڏينهن هن جي ماءُ هن کان پڇا ڪئي، پٽ توحيد خير ته آ، مان ڪجهه ڏينهن کان محسوس ڪري رهي آهيان ته پريشان پيو لڳي ۽ ڪم ڪار ۾ به دلچسپي نه رهي اٿئي ڇا ڳالهه آهي! پر هي اها ڳالهه به مان کان نٽائي ويو ۽ ڪو ٻيو بهانو ڪري هليو ويو ۽ وري هن پنهنجي دوست سان فون تي رابطو ڪيو ۽ سڄو حال احوال ڏنو، هن جي پريشاني ڏسي اهو دوست هن وٽ آيو ۽ هن کي چيو ته صاف صاف هاڻي ان ڇوڪري سان صاف صاف ڳالهه ڪر ته مان توهان سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ پنهنجي همصفر بڻائڻ ٿو چاهيان ۽ مون کي اهو روز روز جو ٽائيم پاس نه پيو وڻي ۽ هي ساڳي ٽائيم تي گهر پهتو ۽ ڇوڪري کي اهو سڀ ڪجهه چيو جيڪو هن کي پنهنجي دوست چيو. ان ڇوڪري چيو ٺيڪ آ، پر مان هڪ دفعو توهان کي ڏسڻ ٿي چاهيان ۽ ايئن ئي توحيد چيو ها، ٺيڪ آهي، جڏهن توهان چئون، مان ڪٿي به ايندس ۽ ايئن ئي ڪجهه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ ان ڇوڪري هڪ بهانو ٺاهي، توحيد سان ملڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو، ڇو جو ڇوڪري ٻهراڙي جي هئي ان جي ڪري هن جو گهر کان ٻاهر اڪيلو وڃڻ تمام ڏکيو هيو، تنهن ڪري هن پنهنجي پراڻي ڪاليج جي فرينڊ جي گهمڻ جو بهانو ڪري پنهنجي ماءَ کي رازي ڪري ورتو ۽ پنهنجي ڪاليج جي دوست کي سمورو حال احوال ڏنو ته هي ڳالهه آهي ۽ هڪ ڏينهن هي پنهنجي دوست وٽ آئي، پنهنجي ماءَ سان گڏ، ۽ توحيد کي به چيو ته اچ، هي هن جي دوست جي هڪ ڪلو ميٽر پري هڪ بزرگ جي درگاهه هئي، جتي دعا لاءِ ۽ بيمار شفا لاءِ ايندا هئا، ۽ هن جي دوست هن کي چيو ته اتي توحيد کي اسين ڏسي سگهون ٿا ۽ ڪو وري شق به نه ڪندو ۽ ايئن ئي ٿيو، تسقين جي ماءَ ۽ تسقين جي دوست ۽ ان جي ماءَ ان درگاهه تي آيا، تسقين جي ماءَ کي ڪا خبر نه هئي، ته اصل ڳالهه ڇا آهي، پر هو پير تي دعا گهرڻ لاءِ آئي هئي، تسقين توحيد کي فون ڪري اتي گهرايو ۽ پري کان ڏسڻ جو چيو، توحيد پنهنجي ننڍپڻ جي دوست سان گڏ اتي اچي پهتو، جنهن پير تي هن جو پيار هو، توحيد سادي طبيعت جي ڪري ۽ سادو ڏسڻ جي ڪري تسقين کي نه وڻيو، پر وري به خوامخواهه جي ڪوڙي تعريف ڪري هن کي خوش ڪيو. پر توحيد ته اڳ ۾ ئي هن جي پيار ۾ ديوانو ۽ پاگل، مجنون بنجي چڪو هيو، پر ڏسڻ کانپوءِ هن جو پيار روحاني بڻجي ويو، ان کانپوءِ گهر پهتو، هن کان اهو شادي جو خواب و خيال ئي وسري ويو، پر هن جي دوست هن کان پڇيو ته ڇا ٿيو، تڏهن هن کي اها ڳالهه ياد آهي ۽ وري هن پنهنجي پيار سان اها ڳالهه وري شادي جي دهرائي ۽ ان کي چيو مان پنهنجي ماءَ کي تنهنجي گهر تنهنجو رشتو وٺڻ لاءِ موڪلي رهيو آهيان، تنهن تي ان ڇوڪري هن ڏينهن جو ٽائيم وري ورتو ۽ چيو ته مان پنهنجي گهر وارن سان ڳالهه ڪيان ٿي ۽ سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿي، ڏينهن گذرڻ کانپوءِ جڏهن توحيد پنهنجي پيار کان پڇا ڪئي ته تسقين ڇا ٿيو، توهان پنهنجي بابا سان اها شادي واري ڳالهه ڪئي ۽ ڇا چيو توهان جي بابا، اها ڇوڪري هن سان شروع کان ئي ٽائيم پاس ڪندي هئي، پنهنجي روزمرهه جي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ، پر توحيد کي ڏسڻ کانپوءِ وري بلڪل سوچ تبديل ڪري ڇڏيئي ته هاڻي هاڻي هن ته بلڪل تنگ ڪري ڏنو آهي، ان جي لاءِ هن مان هميشهه لاءِ جان ڇڏايا، تنهنڪري هن هڪ ڪوڙو ناٽڪ ڪيو ۽ توحيد کي پنهنجي پيار واري طريقي ۾ روئي ٻڌايو ته مان مجبور آهيان، جڏهن ته مان بابا سان پنهنجي پيار جي ڳالهه ڪئي، تڏهن منهنجي بابا صاف انڪار  ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته جيڪڏهن تون اتي شادي ڪندي ته مان پاڻ خودڪشي ڪري ڇڏينديس، اها ڳالهه ٻڌي توحيد روئي ويٺو ۽ پنهنجي پيار کي چيائين تسقين تون پريشان نه ٿي مان هر ڳالهه ۾ تون سان گڏ آهيان، توحيد کي اها خبر ئي نه هئي ته تسقين جي محبت محبت نه هئي پر هڪ فريب هيو، وري به ان ڳالهه کي تسقين وڌايو، پنهنجي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ۽ هڪ نئون بهانو ٺاهيو ته مان نوڪري ۾ اپلاءِ ڪري رهي آهيان، جيئن ئي مون کي نوڪري ملندي مان تو سان شادي ڪري هلندس. پوءِ چاهي منهنجي گهر وارا راضي ٿين يا نه پر تسقين کي اها خبر ئي نه هئي ته سچي محبت فنان ته ٿي ويندي آهي، پر ان جو وجود ڪڏهن به فنان نه ٿيندي آهي ۽ سچي محبت خدا به ڪئي آهي جو قرآن ۾ فرمايو اٿئي،
اي  نبي  جيڪڏهن  تو  کي  نه  بڻايان  ها  ته  هي  قائنات  به  نه بڻايان ها
پيار ته خدا کي به نه ڇڏيو، هڪ محبوب جي خاطر پوري دنيا ٺاهي ڇڏيئي
                  ايئن ئي سچي محبت جو مثال هير رانجهان، ليلا مجنون جو هو، هن توحيد جي به سچي محبت ان تسقين سان هئي، جيڪا فقط جسم تائين نه بلڪه روح تائين هئي. جنهن ڏينهن کان تسقين هن کي چيو ته مون کي نوڪري ملندي مان توسان پوءِ شادي ڪنديس، ان ڏينهن کان وٺي توحيد نماز پنج وقت ڇا پر تهجد به پڙهڻ لڳو ۽ پيرن بزرگن تي پنهنجي پيار جي تمنان لاءِ ۽ پنهنجي نيڪ تمنائن لاءِ دعائون گهرندون رهيو ۽ هڪ ڏينهن اهڙو آيو جو توحيد جي دعا اگهامي وئي ۽ ناممڪن ڪم ٿي ويو جو تسقين کي نوڪري ملي وئي ۽ هي به بهانو ان جو ختم ٿي ويو، جڏهن توحيد کي خبر پئي ان جي نوڪري جي هن سڀني دوستن کي مٺايون کارايون ۽ الله جي بارگاهه ۾ شڪراني جا نفل ادا ڪيا ۽ تسقين کي چيو هاڻي پنهنجي گهر وارن کي چئي ڏس ڇو جو مان ڪڏهن به نٿو چاهيان ته توکي تنهنجي گهر وارن جي اجازت کانسواءِ تو سان شادي ڪيان ڇو جو تو به ڪنهن جي عزت آهي ۽ مان ڪڏهن به نه چاهيندس ته تنهنجي گهر وارن جي عزت تي ڪو آڱر کڻي، پر افسوس جو تسقين جو ته پيار ئي نه هيو ۽ وري هڪ نئون بهانو ڪري ڇڏيو ته مان هاڻي خوش آهيان مون کي وساري ڇڏ ۽ مان نٿي چاهيان ته توهان سان هاڻي رابطو رکان، ڇو جو منهنجي گهر وارا ڪڏهن به رازي نه ٿيندا، کلي اکين مان ڳوڙها ڪيرائي توحيد چيو ته اڙي چري پيار ته نالو ڏيڻ جو هوندو آهي ان ۾ وٺبو ڪجهه به نه آهي، ڇو جو ڏيڻ وٺڻ ته هڪ ڪاروبار آهي, جيڪو سڀ ڪجهه پنهنجو ڏئي، ڪجهه نه گهري ان کي ئي سچي محبت چئبو آهي
                  بس ٻيو ڪجهه به گهر اگر جان کپئي منهنجي ته اها به ڌئي ڇڏيئي ان کان پوءِ تسقين فون جو نمبر بند ڪري ڇڏيندي آهي ۽ نمبر ئي بدلائي ڇڏيندي آهي پر توحيد ڄڻ ته چرين ۽ ديوانن وانگر پيو گهمندو وتندو آهي، جيڪو ڪجهه هو ڪم ڪار ڪندو هيو، ان کان به فارغ ٿي گهر اچي ويٺو، بس هاڻي جيڪا هن جي ڏاڏي جي پينشن هئي، ان مان بس سوتو پوتو گهر جو راشن پيو اچي باقي ڪجهه نه، ننڍپڻ جو دوست گهڻي عرصي کانپوءِ جڏهن توحيد سان ملي ٿو، ته هو حيران ٿي وڃي ٿو، ڇو جو توحيد جو هي دوست ملڪ ڇڏي سعودي ڪمائڻ لاءِ نڪري ويو هيو ۽ توحيد کي ڏسي حيرت مان چيائين ته هي ڇا ڪري ڇڏيو اٿئي ۽ ڇا ٿيو آهي، ان کانپوءِ توحيد روئي سڄو حال احوال ٻڌايو، توحيد جو دوست گهڻي ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ اٿي بيهي رهيو، ته مان ٿو ڏسان هن کي ڪيئن ڪنهن سان فريب ڪبو آهي ۽ ڪنهن جي سچي جذبات سان کيڏبو آهي ڇو جو توحيد جي سچي محبت هئي ان ڪري توحيد روئي ان کي پيرن تي هٿ رکي چيو خدا کي مڃ منهنجي ڪري ڪجهه نه ڪر، جيڪو منهنجو نصيب هيو، اهو ئي مليو، ان کانپوءِ توحيد جي دوست ان کي هڪ فيصل آباد جي ڪمپني ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر جي پوسٽ تي نوڪري وٺي ڏني ۽ توحيد پنهنجي پوري فيملي سان اتي شفٽ ٿي ويو، بس اهو ئي چوندس ته جيئن توحيد سان ٿيو ايئن ٻئي ڪنهن سان نه ٿئي. محبت انڌي ضرور هوندي آهي پر بي عقلي نه هوندي آهي، توحيد جي زندگي ته وري به سيٽ ٿي وئي، پر توحيد جهڙا ڪيترائي نوجوان انهن واقعن جي ڪري ڪي ديوانا، ته ڪي فقير ته ڪي پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي چڪا آهن.