Showing posts with label آرٽيڪل. Show all posts
Showing posts with label آرٽيڪل. Show all posts

Monday, 22 August 2016

عبدالغفار وڌو شهداد ڪوٽ شهر

شهداد ڪوٽ شهر جي حيثيت ڪيئن اختيار ڪئي
عبدالغفار وڌو
ڪلاس: ايم.اي.پريويس
رول نمبر: 02

                    الله پاڪ جي خلقيل هن ڪائنات ۾ ڪيترائي حصا سهڻا ۽ من کي موهيندڙ آهن، پر انسان جي سوچ ۽ فطرت کانپوءِ اهي ويتر ڌيان جو مرڪز بڻجن ٿا، هن سڄي دنيا ۾ هر ملڪ چاهي ان جو ننڍي کان ننڍو شهر به پنهنجي الڳ حيثيت طور سڃاتو ويندو آهي، ان ۾ مالڪ جي طرفان اهڙيون خاص ڳالهيون رکيل هونديون آهن، جيڪي ان کي از خود هڪ خوبصورتي بخشينديون آهن، اهڙن شهرن مان شهدادڪوٽ به هڪ آهي.
                    قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جو مشهور ۽ وڏي کان وڏو تعلقو شهدادڪوٽ آهي، هن تعلقي اصل زمينون ۽ ڪاروبار سڄي شهر ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ کهاوڙ، هندو ۽ سيلرن جا هئا، جنهن ۾ اهم ڪردار ۽ سخي قوم کهاوڙ هئي، هنن تمام گهڻي تعداد پنهنجون زمينون هتان جي ماڻهن جي حوالي ڪيون ان سان گڏ حڪومت کي به انهن ڪافي زمينون ڏنيون جنهن ۾ هنن لائيبريري، قبرستان، پرائيويٽ اسڪول، گئيس آفيس ۽ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ان کانسواءِ ٻيون ڪيتريون ئي جڳهيون سرڪاري توڙي غير سرڪاري ماڻهن کي ورهاست طور ڏنيون، ان کانپوءِ هتان جي حڪومت ۽ هتان جي ماڻهن جو خيال هو ته جنهن انسان هن شهر لاءِ هيترو ڪيو آهي، ڇو نه هي شهر هن وقت جڙي هڪ تعلقي جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، ڇو هن تي ان شخص جو نالو رکيو وڃي جنهن هن ويران جڳهه تي آبادي جي شڪل ڏني پوءِ ان شخص جي نالي سان هي شهر سڃاپڻ لڳو، اصل ۾ ان شخص جو نالو شهداد خان هو، پر ان کي شهداد ڪوٽ جي نالي سان رکيو ويو، يعني شهدادڪوٽ جو محل يا ڪوٽ چيو وڃي ٿو. هي اصل کهاوڙ قبيلي سان واسطو رکندڙ شخص هو، شهدادڪوٽ شهر ٿيڻ ۾ ٻن قومن جو اهم ڪردار آهي، هڪ سيلرا ۽ ٻيو کهاوڙ، هن شهر کي اڳتي وٺي اچڻ ۾ تمام گهڻو هٿ سيلرن جو به آهي، جنهن ۾ هنن گهڻو ئي ڪجهه ڪيو، جيئن شهدادڪوٽ ۾ ماڻهن کي ڪيترائي پلاٽ ۽ آبادي زمينون ڏئي ماڻهن کي آباد ٿيڻ لاءِ زمينون وڪڻي ڏنيون جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو ڳوٺن مان لڏپلاڻ ڪري شهرن جي طرف وڌڻ شروع ڪيو، ۽ آهستي آهستي هڪ سٺي وڏي تعلقي جي حيثيت اختيار ڪري ورتي، چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن سيلرا ۽ پنهنجا پلاٽ ماڻهن کي حڪومت کي نه ڏين ها ته شايد اڄ شهدادڪوٽ نه هجي ها، ڇو ته هي شهر ٺهڻ کان اڳ هتي هندو، سيلرا ۽ کهاوڙ رهندا هئا، جنهن ۾ سڄي جوءِ تر باقي پيل پلاٽ کهاوڙ ۽ سيلرن جا هئا، پلاٽ ڏيڻ کانپوءِ آبادي جي واڌ کانپوءِ هن کي نالو گڏي ڪري سيلرا شهدادڪوٽ جي نالي سان سڏيو ويو هن وقت به هن جو اصل نالو سيلرا شهدادڪوٽ آهي، هي شهر سنڌ جي آخري حد يعني بلوچستان صوبي جي سرحد سان تقريبن لڳ آهي، هن جي اتر اولهه ۾ 51 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي لاڙڪاڻو شهر آهي، جيڪو هن وقت هڪ ڊويزن جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ 32 ڪلوميٽر اولهه واري طرف قمبر شهر آهي، جيڪو هن وقت ضلعي جي حيثيت رکي ٿو، هن وقت شهدادڪوٽ جي ڪل آبادي، تقريبن ساڍا پنج لک آهي، هتي سڀ کان پهريون وڻج واپا جي شروعات هندن ڪئي، ان کانپوءِ آهستي آهستي ٻيون قومون آباد ٿينديون ويون، پوءِ انهن پنهنجا الڳ الڳ ڌنڌا ۽ واپار شروع ڪيا، هن وقت شهدادڪوٽ واپار جي لحاظ کان سنڌ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هتي ڪڻڪ، ساري، جوئر، تر، سرنهن، چوپايو مال، جڳهين جو ۽ ان کانسواءِ ٻيا ڪيترائي واپار پڻ ڪيا ويندا آهن، ان کانسواءِ هتي ڪڻڪ ۽ سارين جا تمام وڏا ڪارخانا آهن، هتي لڳ ڀڳ 120 کان به وڌيڪ سيلريون آهن، جيڪو پاڪستان نه پر سڄي ايشيا ۾ مشهور آهن، 1974ع واري ڏهاڪي ۾ چائنا ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪپڙا ٺاهڻ جي هڪ مشين طوفي طور ڏني هئي، اها مشين ڀٽي صاحب شهدادڪوٽ ۾ لڳرائي هئي، جنهن ۾ 4500 مزدور ڪم ڪندا هئا، هي مل تمام گهڻي مشهور وئي، هن ۾ ٺهندڙ ڪپڙو سنڌ نه پر سڄي پاڪستان جا ماڻهو ان ڪپڙي کي تمام گهڻو پسند ڪندا هئا، هن مل ۾ (جهلڪ) نالي مشهور لون جو ڪپڙو به ٺاهيو ويندو هو، جيڪي سڄي پاڪستان جا ماڻهو وڏي شوق سان خريد ڪندا هئا، هن مل جي لڳڻ کانپوءِ ئي شهدادڪوٽ ۾ ٻيون به قومون اچڻ شروع ٿيون، هن فيڪٽري ۾ مزدور کان 8 گهنٽا ڪم ورتو ويندو هو، چڱو عرصو هي مل تمام سٺي پيماني تي نالي ڪمايو، پاڪستان نه پر سڄي ايشيا جي اندر. آخرڪار مل کي 2007ع ۾ ڪجهه سازشن تحت مشرف جي دور ۾ بند ڪيو ويو، هن جي بند ٿيڻ سان ڪجهه ماڻهن کي فائدو ته ضرور پيو، پر انهن ظالمن 4500 مزدورن جي گهرن جي ٻرندڙ چلهن کي وسائي ڇڏيو.
                    شهدادڪوٽ بلوچستان سان لڳ هجڻ ڪري هتي بلوچ پڻ رهندا آهن، جنهن ۾ هنن جو ڪجهه ذاتيون هي آهن، مگسي، بروهي، جروار، بوجاڻي، جاگيراڻي، چانڊيو، کوسو ۽ تمام گهٽ تعداد ۾ بلوچن جا ٻيا پاڙا به رهندا آهن، هي ته هئا بلوچ پر هتي اڪثر سنڌين جون قومون جام رهن ٿيون، جنهن ۾ سنڌي شيخ ، ابڙو، وڌو، ڀٽي، چنو، ميمڻ، ٻرڙو ۽ منگي وغيره ٻيون ڪيتريون ئي سنڌي ذاتيون رهن ٿيون، هتي گهڻي کان گهڻيون ٻوليون پنج ڳالهايون وڃن ٿيون، جنهن ۾ سنڌي، بروهي، بلوچي، سرائيڪي ۽ اردو ٻولي پڻ ڳالهائي وڃي ٿي، هن وقت شهدادڪوٽ جو ايم.پي.اي مير نادر خان مگسي آهي، مگسي قوم اصل ۾ جهل مگسي بلوچستان جي آهي، پر اسان وٽ ايم.پي.اي نادر خان مگسي جي هجڻ جي ڪري اتان جا ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ لڏپلاڻ ڪري شهدادڪوٽ اچي ويٺا.
                    2009ع ۽ 2010ع واري ٻوڏ ۾ شهدادڪوٽ شهر ته نه ٻڏيو پر ان جا ٻاهريان زرعي علائقا ٻڏي ويا ۽ هن ٻنهي سالن ۾ تمام گهڻو زرعي ۽ مالي نقصان رسيو، جنهن جي نتيجي ۾ هتان جي آبادگارن، ڪارخانا مالڪن ۽ ڀلاوڻن کي تمام گهڻي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو، شهدادڪوٽ تمام گهڻو گرم شهر آهي، هتي اونهاري ۾ گرمي 53 کان 54 سينٽي گريڊ هوندي آهي، ڊسمبر 2005ع تي شهدادڪوٽ ۽ قمبر کي لاڙڪاڻي کان الڳ ڪري هڪ الڳ ضلعي جي حيثيت ڏني وئي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ ست تعلقه جوڙيا ويا جنهن ۾ قمبر، شهدادڪوٽ، وارهه، ميروخان، نصيرآباد، قبوسعيد خان ۽ سجاول اچي وڃن ٿا ۽ 2015ع جي آبادي جو جائزو وٺڻ سان خبر پئي ته ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي ڪل آبادي 1.845 ملين آهي.




مهدي, ٽنڊوآدم شهر جي پهرين ڪاميابي

ٽنڊوآدم شهر جي پهرين ڪاميابي
الحاج سليمان روشن ميڊيڪل ڪاليج ٽنڊوآدم


                    جيئن ته تعليم جي لحاظ کان هر شهر ۾ ٻيا کوڙ سارا ميڊيڪل ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز آهن پر ميڊيڪل جي لحاظ کان ڪنهن ڪنهن شهر کي تحفو مليل آهي.
                   ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته جڏهن ڪنهن تعليمي اداري جو دروازو کلندو آهي ته هڪ اونداه جو دروازو بند ٿي ويندو آهي.جنهن ۾ سنڌ جي ڪجھ شهرن جا نالا ڄاڻائيندا سين:
                 
  حيدرآباد ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، اسراء ميڊيڪل يونيورسٽي، ميرپور ۾ محمدي ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ هاڻ اسان جي پنهنجي شهر ٽنڊوآدم ۾ علم جو هڪ ڏيو روشن ٿي رهيو آهي، جيڪو مختلف ضلعن ۽ ان جي شهرن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ هڪ سونهرو موقعو آهي، هاڻ ٽنڊوآدم، شهدادپور، ٽنڊوالهيار، سانگھڙ، هالا، ڀٽ شاهه، کيبر، مٽياري، اڏيرولعل، جي طالب علمن کي ٻين شهرن ۾ وڃي پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. توهان جي پنهنجي شهر ٽنڊوآدم ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪري سگھو ٿا. جنهن ۾ نه صرف هڪ صوبي جا شاگرد پر پوري پاڪستان جي ڪنهن به ڪنڊ مان اچي علم حاصل ڪري پنهنجي زندگي کي روشن ڪري سگھن ٿا.
        
     الحاج سليمان روشن ميڊيڪل ڪاليج کي اسراء يونيورسٽي جي نقشي موجب تيار ڪيو پيو وڃي.
       
      ميڊيڪل ڪاليج سان گڏ ٽنڊوآدم جي نه پر پوري سانگھڙ ضلعي جي اسپتال جيڪا الحاج سليمان روشن اسپتال جي نالي سان مشهور آهي جنهن ۾ سنڌ جا نه پر پوري پاڪستان جا مشهور ڊاڪٽر مريضن جو معائنو ۽ علاج ڪن ٿا.
           الحاج سليمان روشن اسپتال ۾ 24 ڪلاڪ سروس موجود آهي، ايمرجنسي جي حالت ۾ ڊاڪٽر پڻ موجود هوندا آهن.
            ميڊيڪل ڪاليج جو 80 فيصد ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، باقي 20 فيصد ڪم هن هلندڙ سال ۾ مڪمل ٿي ويندو.
           2017 جي جنوري تائين الحاج سليمان روشن ميڊيڪل ڪاليج ٽنڊوآدم جو افتتاح ڪيو ويندو. هن ميڊيڪل ڪاليج ۾ اڃان ته صرف ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪري سگھجي ٿي. پر جڏهن هي ڪاليج مڪمل 100 فيصد پاپولر ٿي ويندو ته پوءِ ميڊيڪل سان تعلق رکندڙ سڀ ڊگريون توهان جي پنهنجي شهر ٽنڊوآدم ۾ حاصل ڪري سگھو ٿا.
             الحاج سليمان روشن ميڊيڪل ڪاليج جي ڪل ايراضي 8 کان 10 ايڪڙن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪلاس روم، آفيس، ليڪچرر هال، ڪلرڪ آفيس، ڪينٽين، گراؤنڊ، هاسٽل ۽ پارڪ ان ايراضي ۾ شامل آهن.
             تمام شاگرد ۽ شاگردياڻين جي لاءِ پوائنٽس جو پڻ بندوبست ڪيو ويندو. جيڪي شاگردن کي کڻن لاءِ هر وقت موجود هونديون.
             هن ميڊيڪل ڪاليج ۾ جيڪي باهران ايندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون علم حاصل ڪرڻ ايندا انهن جي لاءِ الگ الگ هاسٽل جو بندوبست هوندو.
             ميڊيڪل ڪاليج جي شروعات ۾ 50 فيصد ڇوڪرا ۽ 50 فيصد ڇوڪرين کي داخلا ڏني ويندي. جيڪا فل ميرٽ تي هوندا.
              ڪنهن به ڇوڪري يا ڇوڪريءَ کي تيستائين داخلا نه ڏني ويندي جيستائين طالب علم رولز ۽ ريگوليشن کي پورو نه ڪندا.
             هن ڪاليج جو بنياد رکندڙ ملڪ امام الدين شوقين آهي، جيڪو ٽنڊوآدم جي مشهور ۽ نالي واري شخصيتن مان هڪ آهي.
            ملڪ امام الدين شوقين جيڪو هيئنر سياسي حوالي سان پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سان متسلڪ آهي، ملڪ امام الدين شوقين ٽنڊوآدم جي عوام جي لاءِ ڪافي ساريون ڪاوشون آهن جيڪي وسارن جوڳيون نه آهن.
            ٽنڊوآدم ۾ تعليم جي لحاظ کان هڪ ڪاليج اڳ ۾ ئي اونچائيءَ جا قدم چمي رهيو آهي، جيڪو هن وقت بحريه فاؤنڊيشن جي نالي سان سڃانتو وڃي ٿو. بحريه فاؤنڊيشن ۾ پڙهندڙ ڇوڪرا هڪ نئي منزل تي پهچن انهن جي لاءِ درڪار نه آهي ڇو جو اڄ ڪلهه جي دور ۾ جيڪا تعليم گھربل آهي اها بحريه فا‍ؤنڊيشن ۾ ڏني وڃي ٿي.
       اڄ جي جديد ترين دور ۾ جنهن ۾ هر ڪم ڪمپيوٽر کان ورتو وڃي ٿو ان دور جي حساب سان تعليم جي بلندي جي لحاظ کان حڪومت کي پڻ قدم وڌائڻ گھرجي.
    حڪومتي ادارن ۾ تعليم نه پئي مهيا ڪئي وڃي جيڪا پرائيويٽ اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ ڏني وڃي ٿي.
           منهنجي حساب سان ٽنڊوآدم ۽ ان جي ڀرپاسي جي شاگرد ۽ شاگردياڻين جي لاءِ هي انتهائي سنهرو موقعو آهي هن ڪاليج ۾ پڙهندڙ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جڏهن ڪنهن اعليٰ منزل تي پهچندا ته اها نه صرف ٽنڊوآدم جي شهر جي ڪاميابي پر پوري پاڪستان جي سربلنديءَ جو سبب بڻبو.
       انسان علم حاصل ڪرڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪري ڇاڪاڻ ته علم هي انسان کي انسان بڻائيندو آهي.
              آخر ۾ منهنجي هر ان والدين کي گزارش آهي ته پنهنجي اولاد کي علم جي قيمتي زيور سان سرشار ڪيو وڃي ته جيئن هو معاشري ۾ هڪ سٺي انسان جي طرح زندگي گزاري سگھن.



Sunday, 21 August 2016

فهيم احمد ميمڻ سنڌ جي زمينن کي تباهه ڪندڙ زهريلو پاڻي

سنڌ جي زمينن کي تباهه ڪندڙ پنجاب جو زهريلو پاڻي
سنڌ جيئي تـ ڪيترن ئي حوالن سان تباهي کي منهن ڏئي رهي آهي اتي پنجاب طرفان سنڌو درياءَ ۾ ڇڏيو ويندڙ زهريلو پاڻي بـ وڏي تباهي آڻي پيو.سنڌ ۾ هڪڙي پاسي ٿر ۾ ڏُڪار راڱا ڪري ڇڏيا آهن. مٺي، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ خيرپور ضلعن جي صحرائي علائقن ۾ ماڻهو ۽ مال بکن ۾ پاهه ٿي موت حوالي ٿي رهيا آهن. ڪوهستان جي جابلو پٽيءَ ۾ به  ماڻهن ۽ مال ۾ بيماريون وبائي صورت اختيار ڪري ويون آهن، ته اُتي پنجاب مان ايندڙ زهريلو پاڻي گهوٽڪي ضلعي کي ٻوڙڻ کان پوءِ سکر ضلعي جي صالح پٽ تائين وڃي پهتو آهي. مٺي، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ خيرپور جي علائقي ۾ ڏڪار بابت ته حڪمران هڪدم اهو چئي ڄڻ ته پنهنجي ڪوتاهين مٿان پردو وجهي ڇڏين ٿا ته، ”مينهن نه پوڻ سبب ڏُڪار واري صورتحال پيدا ٿي ويئي آهي“ پر هن تباهيءَ بابت وٽن ڪهڙو جواب هوندو؟ ڇو ته سنڌ ۾ پنجاب جي سم ۽ صنعتن جو زهريلو پاڻي ته هٿ سان ڇڏيو پيو وڃي. نتيجي ۾ زهريلو پاڻي گهوٽڪي ضلعي جي ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلو ۽ خانڳڙهه تعلقن جي لکين ايڪڙ زمين کي تباهه ۽ سوين ڳوٺن کي ويران ڪرڻ بعد سکر ضلعي جي صالح پٽ تائين وڃي پهتو آهي ۽ ان صورتحال بابت اڃان تائين سنڌ حڪومت کي ڪا ڳڻتي ناهي. اهو سم ۽
صنعتن جو پاڻي هڪڙي ڏينهن ۾ ناهي آيو پر 1982ع کان اهو سلسلو شروع آهي، ائين به ناهي ته ڪو پنجاب مان زهريلو پاڻي ڪنهن سم نالي جي بند جي  اتفاقي ٽُٽڻ سان سنڌ ۾ داخل ٿيو آهي پر اهو هڪ باقائده جوڙيل نظام تحت ڇڏيو پيو وڃي ۽ پنجاب جي کاتي اسڪارپ_IV وٽ ان جو انتطام آهي، جنهن اداري طرفان پنجاب جي ضلعن بهاولپور ۽ رحيم يار خان جي مختلف علائقن جي سم ۽ صنعتن مان خارج ٿيندڙ زهريلو پاڻي سمينٽيڊ ڪئنالن جي ذريعي تعلقي صادق آباد جي چڪ نمبر 512 تائين پهچايو پيو وڃي، جتي سنڌ ۽ پنجاب جون حدون پاڻ ۾ ملن ٿيون، اهڙيءَ ريت گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي ڏهرڪي جي ديهه پوهه نمبر هڪ وٽ پمپنگ سينٽر قائم ٿيل آهي، جتي 450 ٽيوب ويل لڳل آهن، جن جي ذريعي ڪئنالن جو پاڻي سنڌ ڏانهن کليل زمين ۾ ڇوڙ ڪيو ٿو وڃي.                                                                                  
زهريلي پاڻيءَ سبب گهوٽڪي ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين تباهه ٿيڻ سان گڏ ڏهرڪي ميرپور ماٿيلو ۽ خانڳڙهه تعلقن جي سوين ڳوٺن ۾ جَرَ جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي، جروار شهر هجي يا ريتي يا داد لغاري ۽ غلام  حسين  لغاري جهڙا ڳوٺ، ماڻهو پيئڻ جي مٺي پاڻيءَ لاءِ سِڪي رهيا آهن ۽ زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب 80 سيڪڙو ماڻهو هيپاٽائٽس بي _سي ۽ چمڙيءَ جي بيمارين م مبتلا آهن، زمينون زهريلي پاڻيءَ جي هيٺ اچي وڃڻ سبب سوين سوين  ايڪڙ زمين جا مالڪ زميندار لڏپلاڻ ڪري شهرن ۾ مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن، سوين ڪٽنب، جيڪي اهڙي حالت ۾ اچي ويا آهن، انهن جي ٻارن جي تعليم تباهه ٿي ويئي آهي، ماڻهن جو مال متاع مري کپي ويو آهي، گهوٽڪيءَ جي  صحرا جا وڻ ٽڻ سُڪي سڙي تباهه ٿي ويا آهن، تلور سميت مختلف قسم جي جهنگلي جيوت جو مرڪز علائقو رِڻ پٽ جهڙو بڻجي ويو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه هڪ ڏينهن ۾ ناهي ٿيو، گذريل ٽيهه چوٽيهه سالن کان تباهيءَ جو اهو سفر مسلسل جاري آهي، پمپنگ سينٽر وٽ هر هفتي عملدارن کي بريفنگ ڏني ويندي آهي ته، ڪيترو پاڻي سنڌ ڏانهن ڇوڙ ٿي چڪو آهي، سنڌ جي زمينن کي تباهه ڪرڻ لاءِ ايترو انتظام ٿيل آهي، جو جيڪڏهن بجلي بند ٿي ٿئي ته، هاءِ پاور جنريٽر تي ٽيوب هلايا ٿا وڃن، مطلب ته 24 ڪلاڪ اهو سلسلو جاري آهي، ظاهر آهي صالح پٽ تائين پهتل اهو پاڻي بيهي ته نه رهندو، ان جو سفر اڃان اڳتي هلندو، سکر ضلعي کان پوءِ خيرپور سانگهڙ - خبر ناهي تباهيءَ جو انت ڪٿي ٿيندو؟ 

سنڌ کي وفاق اڳيان هِي ڪيس رکڻ گهرجي، هڪ ته هن وقت تائين سنڌ جي جيتري زمين تباهه و برباد ٿي آهي، ڳوٺ ويران ٿيا آهن، ڪيترا ماڻهو زهريلي پاڻيءَ سبب مختلف قسمن جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي وفات ڪري ويا آهن، اهي سڀ انگ اکر گڏ ڪري سنڌ کي وفاق اڳيان ڪيس رکڻ کپي، ساڳئي وقت سنڌ اسيمبليءَ ۾ هن مامري تي قرارداد پاس ڪرائي هن آفت سبب سنڌ کي ٿيل نقصانن کي تاريخ ۽ رڪارڊ جو حصو بڻائڻ گهرجي، جيڪڏهن زهريلي ۽ سم جي پاڻيءَ لاءِ صرف گهوٽڪي جو صحرائي علائقو ئي آهي، ته اهڙو صحرا ته پنجاب ۾ چولستان جي صورت ۾ به آهي ۽ وڏي ڳالهه ته جنهن منصوبي جي 1981ع ۾ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي آف دي نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل کان سم جي پاڻي کي گهٽ ۾ گهٽ نقصان سان ٺڪاڻي لڳائڻ جي لاءِ منظوري ورتي ويئي هئي، ان موجب پنجاب جي بهاولپور ۽ رحيم يار خان ضلعن جي مختلف واهن جي ڪمانڊ ايريا جي سم جي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جي لاءِ چولستان ۽ گهوٽڪي جي وارياسي پٽيءَ ۾ هڪ جيتري زمين يعني پنجاب جي 28061 ۽ سنڌ جي 28031 ايڪڙن تي  ٺاهي ان پاڻيءَ کي قدرتي طور تي ٻاڦ ۾ تبديل ڪري ختم ڪرڻ لاءِ تلاءَEvaporation ponds  ٺاهڻا هئا، جن مان ڪجهه چولستان ۽ ڪجهه گهوٽڪي جي صحرائي علائقي ۾ ٺاهڻا هئا، جيتوڻيڪ اهو به سنڌ سان ڪو گهڻو انصاف نه هو پر بروقت سنڌ جي ڪيس جي پوئواري نه ٿيڻ ۽ ڪا مزاحمت نه ٿيڻ سبب پنجاب طرفان ائين ئي پنهنجي حدن تائين پاڻي پهچائي سنڌ ڏانهن ائين پاڻي ڌڪي ڇڏيو، جيئن ڪنهن زمين کي ٻوڙڻ جي لاءِ واهه کي ڪٽ ڏنو ويندو آهي، ان مامري تي سنڌ جي پاڻي ماهرن ۽ قانوندانن ۽ سنڌ جي ساڃاهه وندن کي اڳيان اچڻ گهرجي.                                                                                                                                      فهيم احمد ميمڻ                                                        
2k16/MMC/20




تحرير؛ عبدالرزاق ڪنڀر خانگي اسڪول ۽ در پيش مسئلا

 خانگي  اسڪول ۽ در پيش مسئلا (آرٽيڪل)
تحرير؛ عبدالرزاق ڪنڀر رول نمبر 03 ايم اي (پريويس)
دنيا جو انتهائي تيزي سان ترقي ڏانهن گامزن ٿيڻ ۾ سائنس جو تمام وڏو هٿ آهي ،  جيئن جيئن جدت اچي رهي آهي تيئن تيئن دنيا جا  ترقي ڏانهن قدم وڌنڌا پيا وڃن، پرائيوٽ اسڪول ( خانگي اسڪول) به انهن جو  هڪ حصو آهن ، ڇو ته پرائيوٽ اسڪولن جو تعليمي  معيار سرڪاري اسڪولن جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهتر آهي ان ڪري ته ماڻهوءَ ڳريون فيسون ادا ڪري پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن جي بدران خانگي اسڪولن ۾ پڙهائڻ تي مجبور آهن. اها ڳالھ بلڪل سچ آهي ته خانگي اسڪولن جو مڪمل ڪار وهنوار شاگردن  جي ملندڙ فيس تي هوندو آهي، ۽ اها  ڳالھ به قابلِ قبول آهي ته  خانگي اسڪول ڪمائي جو به ذريعو آهن. پر تنهن جي باوجود پرائيوٽ اسڪولن ۾ اسڪول انتظاميه، ٽيچر اسٽاف،  شاگرد، شاگردن جي مائٽن کي ڪافي مسئلا درپيش اچن ٿا ان جو ذڪر هت ڪجي ٿو.
سڀ کان پهرين اسڪول انتظاميه کي سامهون ايندڙ مسئلن جو ذڪر ڪجي ٿو ته؛ جتي  اسڪول انتظاميه 200، 400، 500، ٻارن کي سنڀالي رهي آهي لازمي اتي انهن کي ڪافي مسئلن کي منهن به ڏيڻو پوندو آهي، انتظاميه کي نه صرف شاگردن ۽ انهن  جي مائٽن سان مسئلا اچن ٿا پر   ايجوڪيشن جا  اعليٰ عملدار پڻ خانگي اسڪول جي انتظاميه  کي حڪم احڪامات جي ڊگهي فهرست تيار ڪري ڏينداآهن جيڪي احڪامات پڻ خانگي اسڪولن لاءِ دشواري پيدا ڪندا آهن.
جهڙوڪه اسڪول انتظاميه کي تقريبن جيڪي مسئلا سامهون اچن ٿا اهي گورنمنٽ طرفان ئي هوندا آهن، خانگي اسڪولن جو مڪمل سسٽم گورنمنٽ جي اسڪول سسٽم کان بلڪل مختلف هوندو آهي، جنهن ۾ سليبس، اسڪول جو ماحول، اسڪول جا ٽيچر، يونيفارم، رُول ۽ ريگيوليشن، سڀ جا سڀ گورنمنٽ اسڪول کان جدا هوندا آهن. انهن کي پنهنجي سسٽم تحت اسڪول هلائڻا هوندا آهن، پر خانگي اسڪولن جي ِڊائريڪٽوريٽ طرفان وقتن فوقتن خانگي اسڪولن جي لاءِ  نوان نوان حڪم ناما،  جيڪي اسڪول انتظاميه کي مشڪلات ۾ وجھي ڇڏيندا آهن. پرائيوٽ اسڪول جو مڪمل انتظام شاگردن جي ملندڙ فيس تي هجي ٿو، پوءِ جيڪو اسڪول جهڙيون سهولتون ميسر ڪندو آهي اهو فيس به ان جهڙي وٺندو آهي، ڇو ته گورنمنٽ طرفان خانگي اسڪولن جي لاءِ ڪو به فنڊ وغيره نه ملندو آهي ، جيڪڏهن هو اسڪول جي لاءِ ڪا به سستي يا مهنگي شيءَ خريد ڪندا آهن ته اها به پاڻ ئي خريد  ڪندا آهن، ڊاريڪٽوريٽ طرفان فيس گھٽ ڪرڻ جي ڳالھ ڄڻ خانگي اسڪول انتظاميه جي نڙي تي لت ڏيو وجھي،
تازو ئي  سمر وئڪيشن تي گورنمنٽ 25 جولاءِ تي موڪلون ڪري ڇڏيون جڏهن ته پهرين تاريخ کان پرائيوٽ اسڪولن کي فيس وغيره  ڏيڻ وٺڻ جو عمل شروع ڪرڻو هوندو آهي، پر گورنمنٽ جي اوچتي  اعلان سبب خانگي اسڪولن جو سڄو پلان ۽ سسٽم چوپٽ ٿي ويو،
خانگي اسڪولن ۾ جيڪڏهن پڙهائي معياري   آهي  ته اتي شاگردن کي به  ڪيترائي  مسئلا در پيش اچن ٿا، تنهن کان پوءِ به  اهي انهن  مشڪلاتن  کي منهن ڏئي  پنهنجي پڙهائي کي جاري رکن ٿا، پرائيوٽ اسڪولن ۾ شاگردن کي جيڪي مسئلا سامهون اچن ٿا انهن ۾ پريپ يا ڪي.جي ڪلاسن جي ٻارن تي ايترو تـ پڙهائي جو وزن وجهن تا جو اهو  ٻار پنهنجي اندر موجود  تخليقي صلاحيت کي ننڍي هوندي  کان ئي دٻائي  ڇڏي ٿو.۽ اهو ٻار  ننڍي هوندي کان ئي  پنهنجي صلاحيت کي ظاهر يا اجاگر ڪرڻ جي بجاءِ رٽو هڻڻ تي مجبور ٿيو وڃي، شاگردن کي مٿان پڙهائي جو وزن ته وڌو ٿو وڃي پر ان سان گڏ  غير ضروري ڪتابن جو به تمام وڏو وزن کڻڻو ٿو پوي، ڳرا ڪتاب وڏا ٿيلها جن جو بار شاگرد کڻڻ کان ته لنوائي ٿو پر ان کي مجبوري تحت کڻڻو پوي ٿو، جيڪا ضروري ۽ اهم ڳالھ آهي اها هي آهي ته  هر  خانگي اسڪول  پنهنجي ديڳڙي چاڙيو ويٺو آهي جنهن ۾ هر ڪو پنهنجا طور طريقا، حڪم احڪامات جاري ڪندو آهي ان سان گڏ هر  خانگي اسڪول جو  پنهنجو پنهنجو  نصاب آهي ،  جنهن اسڪول کي جيڪا ڪمپني سٺي ڪميشن ٿي ڏي اهو اسڪول ان ڪمپني جو نصاب ٿو پڙهائي. يا جنهن نصاب  مان  خانگي انتظاميـ  کي ٻـ  يا چار پئسا ملن اهو نصاب پڙهائيو ٿو وڃي، اسڪول انتظاميه جو ان ڳالھ سان ڪو به تعلق نٿو هجي آيا شاگرد هي نصاب پڙهي سگھندو يا نه..؟   ڳالھ  ڪئي وڃي ٿي مادري زبان، يا صوبائي زبان  جي تـ  خانگي اسڪولن ۾ صرف انگريزي زبان تي زور ۽  اهميت  ڏني وڃي ٿي، تـ جيئن ٻار  پنهنجي مادري زبان  سکڻ جي بدران جي انگريزي سکي، ڳالھائي ۽ پڙهي. اها ڳالھ بلڪل صحيح آهي ته انگريزي زبان عالمي ٻولي آهي ۽ وقت جي ضرورت به آهي. وقت جي تقاضا کي مدنظر رکندي انگريزي ٻولي سکڻ گھرجي. پر ان ڳالھ جو اهو مطلب ته ناهي ته ماڻهو پنهنجي قومي ۽ علائقائي زبان مان هٿ ڪـڍي ڇڏي. حالانڪه ٻار کي جيستائين ان جي پنهنجي زبان ۾ ڪجهـ نـ ايندو  تـ هو انگريزي زبان ۾ ڪئين سمجھي سگهندو؟ اهوئي سبب آهي جو اڄڪلهـ جي ٻارن ۾ علم گهٽ  ۽ معلومات وڌيڪ آهي. ڇاڪاڻ تـ  علم ۽ معلومات ۾ فرق آهي. علم هڪ وشال ميدان آهي  جنهن ۾ انسان هر شئ کي پروڙي سگهي ٿو، جڏهن تـ معلومات صرف هڪ محدود  آهي، جنهن شيءَ کي ٻار ياد ڪندو اها شيءَ ئي ايندي. جيڪڌهن سهولتن جي  اڻهوند جي ڳالھ ڪئي  وڃي تـ تقريبن خانگي اسڪول مختصرجڳهـ تي مبني يا مشتمل هوندا آهن،  جنهن ۾ نه راند  روند جي ميدان  جي سهولت،   نـ  پارڪ وغيره هوندي آهي ان کانسواءِ خانگي جا ڪلاس تمام ننڍا ۽ ان ۾ موجود ٻارن جي وڏي  تعداد جيڪو ٻار جي ذهن ۽ ماحول تي  اثرانداز ٿئي ٿو، ڇو جو چوندا آهن تـ ٻار ماحول مان جلدي سکي ٿو، پر جنهن اداري ۾ تعليمي ماحول بدران اٻس ،گهٽ هوندي اتي  بار  بجاء پڙهائي ڪرڻ جي نفسياتي طور پريشان ٿي ويندو،خانگي اسڪول ۾ موجود پاڻي ۽ صفائي جي نظام جي ڳالھ ڪئي وڃي تـ اهو بـ ڪجهـ خاص انتظام ناهي هوندو هر ٻار پنهنجي پنهنجي گھران پاڻي جو ڪولر کنيو پيو ويندو آهي، ان کان علاوه به ڪافي مسئلا آهن جيڪي بارن کي درپيش اچن ٿا.
نه صرف اسڪول انتظاميه۽ شاگرد مسئلن کي منهن ڏين ٿا پر پنهنجن ٻارن کي پرائيوٽ اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ ٻارن جا والدين به ڪافي مسئلن کي منهن ٿا ڏين. امير ته پنهنجي ٻار جي فيس وغيره ڀري سگهي ٿو پر غريب لاءِ اها ڳالھ مشڪل هوندي آهي پر تنهن هوندي به غريب پنهنجي ٻار کي سٺي تعليم ڏيارڻ جي خواهش جي پٺيان محنت مزدوري ڪري پنهنجي ٻار جي هر ضرورت پوري ڪندو رهي ٿو. اسڪول جو ڳريون فيسون، ڪتابن جا ڳرا خرچ، ٽرانسپورٽيشن جو خرچ وغيره. اسڪول ننڍين ننڍين گلين ۾ هجڻ ڪري ٽرانسپورٽ جي آمد و رفت ته پري جي ڳالھ آهي پر موٽر سائيڪل به مشڪل سان ٿو وڃي. ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ ۽ وٺي اچڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي.  خانگي اسڪول جي انتظامي به رڳو پنهنجي خان  صاحبي هلائڻ ۾ پوري آهي جڌهن مرضي پوي تـ نصاب تبديل ڪري جڌهن مرضي پوي فيس  وڌائي ٿي ڇڏي،  ائين ڪرڻ سان نه صرف شاگرد تي وزن وڌي ٿو پر شاگردن جا مائٽ پڻ پريشان ٿين ٿا.

آخر ۾ تجويز اها آهي ته پوري ملڪ جي خانگي اسڪولن ۾ سرڪاري اسڪولن وانگي هڪ ئي نظام لاڳو ڪيو وڃي، ڪنهن به پرائيوٽ اسڪول جو لائيسنس وٺندڙ کان مڪمل معلومات وٺي ۽ تمام بهترين لوڪيشن جو لازمي شرط اڳيان رکي پوءِ ان کي لائيسنس جاري ڪيو وڃي، پرائيوٽ اسڪولن جون ڪيٽيگريون ٺاهيون وڃن جيڪو جنهن ڪيٽيگري جو اسڪول کولڻ چاهي ان کي اهو لائيسن ڏنو وڃي، رهي ڳالھ فيس جي  فيس وغيره جو شيدول پڻ سرڪار تجويز ڪري جنهن جو جنهن ڪيٽيگري جو اسڪول آهي ان جي فيس به اها ئي مقرر ڪئي وڃي. خانگي اسڪولن جي انتظاميه کي پنهنجي من ماني تي نه ڇڏيو وڃي.

Tuesday, 16 August 2016

لاڙڪاڻي جا مشهور زيتون طارق علي چانڊيو

لاڙڪاڻي جا مشهور زيتون (آرٽيڪل)
ليکڪ طارق علي چانڊيو
ايم اي  پريويس
 رول نمبر ؛ M.M.C/63

جئين ته هر شهر جي ڪا نه ڪا شي مشهور ٿئي ٿي جئين مٽياري جو مائو ۽  ميهڙ جي ميندي خيرپور جون خارڪون شڪارپور جي کٽاڻ ۽ گهوٽڪي جا پيڙا ۽ نوابشاه جا ڪيلا حيدرآباد جون چوڙيون مشهور آهن.
ائين لاڙڪاڻي جا زيتون پاڪستان ۾ نه صرف پسند ڪيا وڃن ٿا بلڪي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به پڻ مشهور آهن ان جو اهو به اهم سبب آهي جو لاڙڪاڻي ۾ مختلف ذاتين جا زيتون پڻ ٿين ٿا.
زيتون ٻين مندن ۾ ٿين ٿا.
1.    هڪ سيارو ۾ ٿين ٿا جيڪي تمام مٺا ۽ لذيذ ٿين ٿا ان جو اهو به سبب آهي جو زيتون سياري واري مند وارا ئي زيتون مند وارا سڏجن ٿا تنهن ڪري هي خراب به جلدي نه ٿيندا آهن ۽ پڻ گهڻا مٺا ٿين ٿا.
2.    سانوڻ ۾ به زيتون ٿين ٿا پر اهي غير مند وارا زيتون سڏجن ٿا ڇو جو زيتونن جي مند سيارو هوندي آهي سانوڻي جا زيتون جيڪي جون جولاءِ آگسٽ تائين ٿين ٿا اهي نرم ٿين ٿا ۽ پڻ مٺا گهٽ ٿين ٿا ڇو جو زيتون ٿيندو ئي مٺو گهڻي ٿڌ تي آهن ۽ سانوڻي جو زيتون نرم گهڻي گرمي جي ڪري ٿئي ٿو ۽ ان ڪري ئي هن مان مٺاس ختم ٿي وڃي ٿي.

زيتونن جا قسم ۽ انن جون ذاتيون جيڪي لاڙڪاڻي ۾ ٿين ٿيون.
1.    سنڌي زيتون
2.    رئيالي زيتون
3.    رمضاني زيتون
4.    ٿڌا رامي زيتون
5.    حيدرآبادي زيتون
1.      سنڌي زيتون؛ نه صرف مٺو ٿئي ٿو بلڪ هن جي سڀني زيتونن ذاتين کان مختلف ٿئي ٿو هي سائيز ۾ نه گهڻو وڏو نه گهڻو ننڍو ٿئي ٿو هن جو رنگ  هلڪو سائو ۽ مٿان هلڪا هلڪا ڳاڙها نشان ٿين ٿا هي ٻين سڀني زيتونن جي ذاتين کان گهڻو مٺو ۽ لذيذ ٿئي ٿو.
2.    رئيالي زيتون؛ به مٺو ٿئي ٿو پر سنڌي زيتون کان گهٽ رئيالي زيتون ڏسڻ ۾ لائيٽ ۽ هلڪو ڦڪو ٿئي ٿو هي هلڪي سائيز جو ٿئي ٿو.
3.    رمضاني زيتون؛ مٺو ٿئي ٿو پر هي ڏسڻ ۾ سنڌي زيتون کان ۽ رئيالي زيتون کان مختلف ٿئي ٿو رمضاني زيتون سائيز ۾ سنڌي زيتون ۽ رئيالي زيتون کان وڏو ٿئي ٿو باقي هي سائو ۽ ڦڪو ۽ هلڪو لا،ئيٽ سائو ٿئي ٿو.
4.    ٿڌا رامي زيتون؛ انهي ٽنهي ذاتين کان مختلف ۽ تمام وڏو ٿئي ٿو ۽ هي مٺو به تمام گهٽ ٿئي ٿو هن جو رنگ ڦڪو ٿئي ٿو .
5.    حيدرآبادي زيتون؛ گول مٽول ٿئي ٿو هي انهن چئني ذاتين کان نه صرف مختلف ٿئي ٿو بلڪ هي کائڻ ۾ به گهڻو مختلف ٿئي ٿو هي نه وري مٺو ٿئي ٿو نه وري کٽو ٿئي ٿو بلڪ مٺي ۽ کٽي جو مڪسچر ٿئي ٿو هي سائيز ۾ وڏو ٿئي ٿو ۽ اندران گلابي ٿئي ٿو.
هر هڪ ميوي جو ذائقو مختلف ٿئي ٿو ۽ زيتون جو ذائقو پڻ مختلف ٿئي ٿو زيتون نه صرف اسين کائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهيون پر انهي جو جوس پڻ پيئندا آهيون ٻين ميون وانگر زيتون جي ميوي ۾ هڪ خاص ڳالهه اها به آهي ته هن مان اسين تيل پڻ ڪڍي سگهون ٿا جيڪو تمام فائدي مند ثابت ٿئي ٿو.

زيتون جي وڻ جي چڪي ڪڍڻ جو به ٻين وڻن کان ٿورو مختلف طريقو ٿئي ٿو. هن جي چڪي وڏي وڻ جي ٽاري مان ٿئي ٿي اها ٽاري پهريان زمين ۾ ان جو وچ پوربو آهي باقي اڳيون حصو ڇڏي ڏبو آهي هي چڪي وڏي وڻ جي پاڙ واري ٽاري مان ٿئي ٿي جڏهن اها ٽاري پاڙ هڻي وڃي ٿي پوءِ ان جو وڏي وڻ وارو حصو ڪٽي چڏجي ٿو.
                    زيتون جي ڪهڙي  وڻ جا زيتون گهڻا مٺا ٿين ٿا
خاص ڪري زيتون جي ٻروٽن جا زيتون گهڻا مٺا ۽ لذيذ ٿين ٿا ٻروٽن مان مراد آهي ننڍا وڻ جنهن کي ڦر ڏيڻ ۾ ڪجهه ئي سال ٿيا هجن.
باقي جيڪي گهڻا وڏا وڻ ۽ پراڻا وڻ زيتون جا ٿين ٿا انهن جا زيتون ايترا مٺا نه ٿين ٿا.

سنڌ ۾ راندين جا ميدان ۽ ان جا اثر : صدام لاشاري

آرٽيڪل:
سنڌ ۾ راندين جا ميدان ۽ ان جا اثر
تحرير:  صدام لاشاري
ايم.اي پريويس
رول نمبر 52
چيو ويندو آهي تـ جتي جتي راندين جا ميدان آباد هوندا آهن تـ اتان جون اسپتالون ۽ اسڪول ويران ٿي ويندا آهن پر هي جملو هن جي بلڪل ابتڙ آهي.ڪراچي جي گرائونڍن کي ٻـ هزار نو کان وٺي ويراني جو ويس پاتل آهي.گذريل اٺن سالن کان وٺي ميدانن جي ويراني، شوق رکندڙن جي دل ۾ گهرو صدمو رسايو آهي.ٻـ هزار نو ۾ سريلنڪن ٽيم مٿان حملي کان بعد ۾ پاڪستان توڙي سنڌ جا ميدان قبرستان جو ڏس ڏسي رهيا آهن.ڪرڪيٽ سان چاهه رکندڙن مرحوم محمد علي ڪراچي جي محمد علي اسٽيڊم ۾ غير ملڪي رانديگرن کي ججهي قيمت ڏئي گهرائي ڪري ڪجهه عرصي لاٰءِ ميدانن جي سونهن کي ورکا بخشي غير ملڪي رانديگرن تي حملي کان بعد ۾ هر شعبي جا ميدان سورن وانگر ستايلن جو ڏيک ڏيک ڏيئي رهيا آهن.
حيدرآباد جي نياز اسٽيديم جي حالت انتهائي ڳڻتي جوگي آهي.اتان جي ٽيلينٽيڊ ۽ ڦڙت رانديگرن کي ڪنهن بـ قسم جي فراهمي نـ ڏئي سندن کي ميدانن جي رونق بڻجن کان روڪيو وڃي ٿو.انڊرنائينٽين ۽ فرسٽ ڪلاس رانديگرن کي سونهن ڀري سکيا کان مرحوم ڪندي دلي طور تي ڏک پڻ رسائي رهيا آهن.سنڌ جي ماڻهن کي راندين ڪرڻ ۽ ڏسڻ جو هر وقت انتظار هجي ٿو.
چاهي ڪرڪيٽ هجي فٽ بال هجي ٽينس هجي يا وري هاڪي ڇو نـ هجي هنن جي شوق ۾ مبتلا مريضن جو ڪو علاج ئي ممڪن ئي ناهي.سفارش ۽ پئسا ڏئي راندين جي هر مرحلي ۾ سُفارشي ڪامياب ٿيندي نظر اچن ٿا پر صلاحيتن سان مالامال سنڌ جا ڀلوڙ رانديگر پوئتي ڌڪيندي نظر اچن ٿا.ورهين کان ڪرڪيٽ،فٽ بال ۽ هاڪي کيڏي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارا اڄ اهي پاڻ هڪ ناڪام ڪوشش بڻجي سنڌ جي ڇاتي تي ڇڻي پيا آهن.خبر هجڻ باوجود تـ اسان سنڌين جو ڊوميسٽڪ کان اڳتي وڌڻ محال آهي تـ  پوءِ هن وقت جي نازڪ نزاڪت کي نـ سمجهيون ۽ ميدان تي وقت وڃائيندڙ جهڙيون صلاحون ڏيندڙ والدين کي بـ دل شڪستـا ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي مستقبل جي فڪر جي بجاءِ اکين ۾ راند جو جنون سر چڙهيل آهي ان ئي جنون ۾ جلواگر ٿي اڄ اهي ماضي تي طنزيه سوال ڪندي نظر ايندا آهن.
سندن جي والدين تي جيڪو شڪست جو خوفناڪ سايو پيو تنهن سندن جي زندگي تي گهرو اثر زم ڪري ڇڏيو آهي.ڪيترن ئي رانديگرن کي عالمي ٽيم ۾ جاءِ نـ ڏيڻ تي سندن اهو اثر اڄ جي اسڪول،ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي شاگردن جي والدين کي کوکلي وانگر ختم ڪري رهيو آهي تـ ٻين رانديگرن وانگر هنن جي پٽن جو بـ مستقبل تباهه نـ ٿي وڃي.
سروي مطابق اڄ بـ راندين جي شوق ۾ ستايل شاگرد پنهنجا ڪلاس وٺڻ بدران ميدانن جي سونهن بڻيل آهن.هر اسڪول توڙي ڪاليج مان ڪيترائي شاگرد مختلف ميدانن تي کيڏندي نظر اچن ٿا. سنڌ ۾ سنڌي رانديگرن جو راندين ۾ مستقبل نـ هوندي بـ  هو وڏي شوق سان راند ڪندي نظر ايندا آهن. سندن جا والدين ويتر،پريشان ۽ غم جي عالم ۾ هجن ٿا ۽ اولاد جي مستقبل کي تباھ ٿيندي لائيو ميچ وانگر ڏسن ٿا. سندن جي مستقبل لاءِ وِيچاريندي اکين ۾ لُڙڪن سان گڏ دلين ۾ غم جا داستان بـ دفن هجن ٿا.
 سنڌ جي ميدانن کي ڪئي سال گذرڻ کان بعد ۾ اڃان تائين عالمي راند جو اشارو ڪٿا بـ ناهي مليو.هنن مرجھايل ميدانن جي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ انتهائي مشڪل آهي.ھڪ پاسي پي ايس ايل پاڪستان سپرليگ جو فائنل سنڌ جي ميدان ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو هڪ ئي اشارو مليو آهي تنهن هوندي بـ شوقين اها خبر ٻڌي خوشي ۾ سمائجي ويا آهن. شوقينن تي تمام سٺو ۽ گهرو اثر پيوآهي جنهن غمگيني واري اثر کي جڙ کان ختم ڇڏيو.راندين جي ميدانن والدين جي چهرن تي غم جي شماع ٻاري ڇڏي آهي.هر روز هو پنهنجي اولاد کي راندين جي اڻ کٽندڙ آڙاهه ۾ هر روز ڪرندي نظر ايندا آهن،ان باوجود بـ اولاد جي خوشي ۾ خوش ٿي ويندا آهن.
والدين کي راند روند سا ڪنهن بـ قسم جي شڪايت نـ آهي بس انهن کي تـ پنهنجي نينگرن جو فڪر هوندو آهي تـ ڪٿي راند جي انڌي عشق ۾ مستقبل سان گڏوڏ ٻين وانگر پنهنجي زندگي جو ڏيئو نـ وسائي ڇڏين.خبر هوئڻ  باوجود تـ اسان کي مٿي وڌڻ تائين اڻ کُٽ وقت لڳي ويندو. اگر پنهنجي منزل ڏانهن پهچي بـ وياسين تـ سفارشن جا نانءُ اسان کان اڳ ۾ هوندا. هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ راندين جي شهرت تمام تيزي سان وڌندي پئي وڃي،تنهن سان گڏوڏ والدين جي فڪر ۾ بـ اضافو ٿيندو پيو وڃي. ماهر ڪرڪيٽر عبدالماجد ڀٽي جي مطابق سنڌ جي نوجوانن ۾ ٽئلينٽ جي ڪمي ناهي ٻين رانديگرن وانگر  بـ سنڌ جي اهم ۽ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي قومي ٽيم ۾ جاءِ ڏني وڃي تـ جينئن هو بـ پنهنجي ملڪ جو نانءُ روشن ڪري سگهن.آءُ فقط اهو چوڻ چاهيندس تـ ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين بهترين رانديگرن جي بهتر ڪارڪردگي هر ماڻهون جي زبان تي آهي.

ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ٻين راندين سان تعلق رکندڙ عهديدارن کي کپي تـ هو سنڌ جي ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ هر سال سليڪٽنگ ڪئمپ لڳائي وڃي جيئن ميرٽ تي سٺن رانديگرن جي چونڊ ٿي سگھي، جيئن اهي بـ  ٻين وانگر پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪري سگهن.

Thursday, 11 August 2016

ٽيڪنالجي جا انسانن تي اثر: رشيد احمد نظاماڻي


Rasheed Nizamani,         Corrected
آرٽيڪل:
ٽيڪنالجي جا انسانن تي اثر
لکندڙ:رشيد احمد نظاماڻي
ايم.اي پريويس رول نمبر 49
سائنسي علم ۾ آئنسٽائن جو جانشين مڃيو ويندڙ ۽ موجوده وقت جي ذهين ترين سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ 19 جنوري 2016 تي بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو هو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي سلطنت کي جهڙي ريت انسان تيزي سان ترقي ڏئي رهيو آهي اها ايندڙ 100 سالن ۾ انسان کي هن ڌرتي تان مٽائي سگهي ٿي.هن نيو ڪليئر جنگ ، عالمي گرمي پد ۽ جينيٽڪ انجنيئرنگ زريعي ٺاهيل وائرس کي انسانيت جي پڇاڙي جون ممڪنه نشانيون قرار ڏنو.ان کان اڳ ڊسمبر 2014 ۾ هن خبردار ڪيو هوته روبوٽن ۾ پيدا ڪيل هٿرادو ذهانت انسانن تي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي.
ٽيڪنالاجي جي اثرات کان ڪو بـ ذي شعور انسان انڪار نٿو ڪري سگهي. ٽيڪنالاجي جا انسانن تي ڪيترا اثر پيا آهن؟ جيڪڏهن ان جو سادن لفظن ۾ ڇييد ڪجي ته هيئن چئبو ته اڄوڪي دور کي صنعتي دور چيو وڃي ٿو ۽ وقت تي پنهنجو نالو ثبت ڪندڙ صنعت،ٽيڪنالاجي جي مرهونِ منت آهي يا ائين چئجي ته صبح جو جاڳڻ کان وٺي رات جو سمهڻ تائين اسان جو جن به شين سان واسطو پوي ٿو اها ٽيڪنالاجي جي بدولت آهي.پر اصل بحث اهو آهي تـ اهي اثرات منفي گھڻا آهن يا مثبت گھڻا آهن.اهو اهڙو بحث آهي جيڪو عام ماڻهن کان وٺي سائنسدانن تائين جي ڳالهين جو موضوع بڻيل آهي.ان حوالي سان ٻه گروهه چئي سگھجن ٿا.هڪڙا اُهي جيڪي انجا حامي آهن ۽ ٻيا اُهي جيڪي ان جي ناڪاري اثرات کان خائف آهن.ٻي گروهه کي جيڪي ناڪاري اثرات نظر اچن ٿا اُهي ٿُلهي ليکي هن ريت آهن.
1.ٽيڪنالاجي تهذيب کي جديد بڻايو آهي جنهن ڪري انسان سماج کان ڪٽجي مشينن جي ويجهو ٿي انهن جو غلام بڻجي ويو آهي.
2.ٽيڪنالاجي جي مدد سان مهلڪ هٿيار ٺاهيا ويا آهن جيڪي انسانن کي وڏي پئماني تي موت جو شڪار بڻائين پيا،جيئن ائٽم بم يا هئڊروجن بم.ان جي لاءِ آمريڪا پاران جاپان جي ٻن شهرن تي اڇلايل بمن جو حوالو ڏنو وڃي ٿو.
3.صنعتن جي ڪثرت عالمي گرمي پد کي وڌايو آهي جنهن ڪري موسمن جي هير ڦير انسانن ۽ ان جي آسپاس جي ماحول کي تمام وڏو نقصان پهچايو آهي ۽ مستقبل ۾ به ان جو خطرو آهي.
4.ٽيڪنالاجي هٿرادو ڊمانڊ پيدا ڪري انسانن کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي.18 صدي جي مشهور فلسفي ۽ جديد تعليم جي ماهر،جين جيڪ روسو به ان خيال جو اظهار ڪيو ۽ هو سائنس ۽ ٽيڪنالجي جي اثرن کان ايڏو ته ڪاوڙيل هو جو هن “فطرت ڏانهن واپس هلو” جو نعرو ڏئي ڇڏيو.
ٽيڪنالاجي ۽ سائنس جي انهن منفي اثرات کان بلڪل انڪار نٿو ڪري سگھجي.بلڪه ٽيڪنالاجي جي منفي اثرن بابت انٽرنيٽ تي پڙهندي مونکي هڪ حيران ڪندڙ ڳالهه خبر پئي.اُها اِها ته ٽيڪنالاجي جي ڪري هاڻ “ڳالهائجندڙ لفظ” آهستي آهستي ختم ٿيڻ طرف وڃ رهيو آهي.اِها تحقيق آمريڪا جي اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي سينيئر ريسرچر ڊاڪٽر ڪيئٿ ڊيولِن پاران ڪئي وئي آهي. سندس ان تحقيق جو مختصر تت هي ته اڄ کان75000 سال کان200000سال اڳ جي انسانن ڳالهائيجندڙ لفظن جي ٽيڪنيڪ استعمال ڪرڻ شروع ڪئي ان کان اڳ هو اشارن،لهجي،مخصوص آوازن ۽ جسماني حرڪتن ذريعي هڪٻئي سان رابطو ڪندا هئا جنهن کي”ٻولي کان اڳ جو رابطو“ چئجي ٿو.پوءِ وڏي عرصي کانپوءِ انسانن لکجڻ وارن لفظن جي ايجاد ڪئي جيڪا ماهرن مطابق يونانين پاران 400 کان 700 ق.م ۾ الفابيٽ جي ايجاد سان ممڪن ٿي.سندس مطابق ان کانپوءِ پرننٽنگ پريس ،ڪمپيوٽر ۽ ٻين ٽيڪنالاجين جي ايجاد “ڳالهائجندڙ لفظ” تي هر گذرندڙ ڏينهن سان پنهنجو اثر ڇڏي پئي.
اهي ناڪاري اثر پنهنجي جاءِ تي پر ٽيڪنالاجي جا انسانن کي فائدا وڌيڪ مليا آهن جن جاڪجهه سرسري مثال ڪجهه هن ريت آهن.
1987 ۾ ظاهر ٿيندڙ ۽ فقط گيمز لاءِ استعمال ٿيندڙ 3 ڊي ٽيڪنالاجي هاڻ ڪنهن به شي جي عملي ڊيزائن ۾ به ڪم اچي ٿي.نه رڳو ايترو پر هاڻ 3 ڊي پرننٽنگ هڪ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو آهي جنهن جي مدد سان ٻين شين سان گڏ هاڻ 3 ڊي ڪارون ۽ ويندي انساني عضوا ٺاهڻ جا ڪامياب تجربا به ٿي رهيا آهن.جينيٽڪ انجنيئرنگ جي ذريعي ماليڪيولر بائيولاجي ۾ هڪ انقلاب اچي ويو آهي.جنهن جي ڪري ذراعت ۾ وڏي ترقي ٿي آهي ۽ ميڊيڪل جي ترقي ۾ ويڪسين ۽ پروٽينز جي ايجاد،وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.انٽرنيٽ،ڪمپيوٽر ۽ موبائل جي ايجاد به دنيا ۾ هڪ انقلاب برپا ڪيو آهي جن جا فائدا ايترا آهن جو هن تحرير ۾ سمائجي نٿا سگھن.
مختصر طور ته اڄ اسان ٽيڪنالاجي جي بغير زندگي جو تصور به نٿا ڪري سگھون ۽ ٽيڪنالاجي بغير اسان کي زندگي جي هر شعبي ۾ تمام گھڻين پريشانن کي منهن ڏيڻو پوي ها.ڏٺو وڃي ته ٽيڪنالاجي پنهنجي جوهر ۾ انسانذات کي فائدو پهچائيندڙ آهي. پر اهو انسان ئي آهي جنهن ان کي پنهنجي لالچ ۽ مفادن جي ڪري ان کي اهڙو غلط استعمال ڪيو آهي جو اها اڄ انسانن کي فائدو ڏيڻ بجاءِ نقصان گھڻا ڏئي رهي آهي. ان غلط استعمال جي ڪري هاڻ اسين هڪ ”خوفناڪ ٽيڪنالاجي انقلاب“ جي وچ ۾ آهيون جنهن ماڻهن جي پاڻ ۾ ماحول سان لاڳاپن تي گھرا اثر ڇڏيا آهن.20 صدي عيسوي جي مشهور فلسفي ، سياسي سماجي ايڪٽيوسٽ ۽ نقاد برٽرنڊ رسل به سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهڙن غلط استعمال ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ منفي اثرات ڏانهن ڌيان ڇڪايو.سندس ڪتاب”سائنس جو معاشري تي اثر“ ۾ هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي منفي اثرات تي نه رڳو تفصيلي بحث ڪيو آهي پر انهن جو حل به پيش ڪيو آهي جيڪو هيٺين نقطن تي مشتمل آهي
1.جنگ جو خاتمو 2.طاقت جو توازن قائم رهڻ 3.خوشحالي جي هر طبقي ۾ فراواني 4.ڄم تي موثر ضابطو 5.عام ماڻهن کي تخليقي عمل جي آزادي.

دنيا جي سپر طاقتن کي ٽيڪنالاجي ۽ سائنس جي منفي اثرات جي لپيٽ ۾ ورتل هن دنيا کي برٽرنڊ رسل جي ”مستحڪم سائنسي معاشري“ بڻائڻ لاءِ سندس پاران ٻڌايل مفروضاتي حل تي غور ڪرڻ گھرجي.  

Referred back This is all old stuff. what is new? . It is not according to outline we disscussed and finalised
 آرٽيڪل
:

ٽيڪنالاجي جا انسانن تي اثر

لکندڙ: رشيد احمد نظاماڻي
M.A Previous(2k16 MMC-49)

ٽيڪنالاجي جا انسانن تي ڪيترا اثر پيا آهن؟ جيڪڏهن ان جو سادن لفظن ۾ ڇييد ڪجي ته هيئن چئبو ته اڄوڪي دور کي صنعتي دور چيو وڃي ٿو ۽ وقت تي پنهنجو نالو ثبت ڪندڙ صنعت،ٽيڪنالاجي جي مرهونِ منت آهي يا ائين چئجي ته صبح جو جاڳڻ کان وٺي رات جو سمهڻ تائين اسان جو جن به شين سان واسطو پوي ٿو اها ٽيڪنالاجي جي بدولت آهي.
انسان پنهنجي صدين جي ارتقائي مرحلن ۾ نه رڳو پاڻ تبديل ٿيندو رهيو آهي پر پنهنجي آسپاس جي ماحول کي به پنهنجي تابع ڪرڻ لاءِ تبديل ڪندو رهيو آهي.ان تبديلي جا انسانن وٽ ٽي اهم ۽ بنيادي مقصد رهيا آهن هڪ دفاع ٻيو ضرورت ۽ ٽيون سهولت.انهي ٽنهي مقصدن جي لاءِ ٻين شين مان سڀ کان وڌيڪ جنهن شيءَ جو انسان سهارو ورتو اها ٽيڪنالاجي آهي.هر شيءَ  جا مثبت توڙي منفي پهلو ضرور هوندا آهن. اچو ته زماني جي گردشن تي نظر وجهندي هڪ سرسري جائزو وٺون ته ٽيڪنالاجي انسانن تي ڪهڙا مثبت ۽ منفي اثر ڇڏيا آهن.
اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي سينيئر ريسرچر ڊاڪٽر ڪيئٿ ڊيولن جي مطابق اڄ کان75000 سال کان200000سال اڳ جي انسانن ڳالهائيجندڙ لفظن جي ٽيڪنيڪ استعمال ڪرڻ شروع ڪئي ان کان اڳ هو اشارن،لهجي،مخصوص آوازن ۽ جسماني حرڪتن ذريعي هڪٻئي سان رابطو ڪندا هئا جنهن کي”ٻولي کان اڳ جو رابطو“ چئجي ٿو.پوءِ وڏي عرصي کانپوءِ انسانن لکجڻ وارن لفظن جي ايجاد ڪئي جيڪا ماهرن ،مطابق يونانين پاران 400 کان 700 ق.م ۾ الفابيٽ جي ايجاد سان ممڪن ٿي.ان کانپوءِ 15 صدي عيسوي ۾ پرنٽنگ پريس جي ايجاد جي صورت ۾ دنيا ۾ وڏو انقلاب آيو جنهن دنيا ۾ ترقي جا نوان گس کوليا ۽ نئين دنيا جا بنياد وڌا ڇاڪاڻ ته پرنٽنگ پريس کان اڳ ۾ علم جي ڦهلاءُ جي رفتار تمام سست هئي.ڪنهن ڪتاب کي نقل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو ۽ وقت درڪار هوندو هو پر پرنٽنگ پريس هڪ ئي وقت ڪيترائي ڪتاب ڇپڻ لڳي ته علم تيزي سان پکڙجڻ لڳو ۽ علم جي ڪري ئي دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ڪيتريون ئي نيون ايجادون ٿيون ۽ ٿي رهيون آهن.هتي انهن ايجادن مان چند جو ذڪر ڪجي ٿو.
ريڊيو جي ايجاد ماڻهن کي آواز ذريعي دنيا جي خبرن جي معلومات ملڻ لڳي ۽ ٽيليويزن جي ايجاد سان ماڻهن کي انهن خبرن جو نه رڳو آواز پر چرندڙ ڦرندڙ تصويرون پڻ نظر آيون ٿي ۽ بهترين معلوماتي پروگرام ڏسڻ لاءِ مليا هاڻ ته ٽي.وي تمام گھڻي جديد بنجي وئي آهي.ٽيليفون جي ايجاد ماڻهن کي هڪٻئي کان پري هوندي به ڳنڍي ڇڏيو.ان جي جديد شڪل اڄ جا موبائل آهن جن ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان جدت اچڻ ڪري هاڻ نه رڳو ان سان پوري دنيا ۾ هڪٻئي کي ڏسي ۽ ٻڌي سگھجي ٿو بلڪه فوٽو، وڊيو ٺاهڻ ۽ سماجي ويب سائيٽن تي ايڪٽيوٽيز ڪرڻ سان گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي سهولتون ان ۾ سمائجي چڪيون آهن.بجلي جي دريافت ۽ پوءِ بلب جي ايجاد ۽ هن وقت تائين ان ۾ ٿيندڙ ترقي اسان جي راتين کي روشن ڪيو آهي نه ته ان کان اڳ ۾ شام کان پوءِ ڄڻ ته ڪا زندگي ئي نه هئي.اسٽيم انجڻ ۽ ڪمبسشن انجڻ جي ڪري نه رڳو ڪارون،جهاز ۽ ريلون ٺهيون بلڪه انهن صنعتي انقلاب برپا ڪري ڇڏيو.اهي صنعتون هاڻ اهڙيون تيز ترين ڪارون،ريلون ۽ جهاز ٺاهين پيون جو مهينن جو سفر هاڻ ڪجهه ڪلاڪن ۾ ٿئي ٿو.فقط ٻه ڏهاڪا اڳ ۾ ٽيڪنالاجي منظر تي ڪمپيوٽر نمودار ٿيو ته دنيا ۾ هڪ نئون دور جي شروعات ٿي وئي.ٻين ڪيترن سڌارن سان گڏ ڪمپيوٽرن جي اسپيڊ ۾ واڌاري ۽ انٽرنيٽ جي ايجاد هاڻ ڪمپيوٽر کي ڪيترين ئي شين جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي.هن وقت دنيا ۾ بئنڪن جو نظام،خريد و فروخت ،واپار ، پڙهڻ پڙهائڻ ، نظرين جو پرچار ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪم ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي ٿين ٿا بلڪه هاڻ جنگيون به ٿين ٿيون ته آن لائن عدالتون به هلن ٿيون.ٽيڪنالاجي جا اهي چند مثال تصوير جو هڪ پاسو آهن ان جو ٻيو پاسو به آهي.
ٽيڪنالاجي جي ڪثرت ڏسي ائين لڳي ٿو ڄڻ انسان عروج تي پهچي چڪو آهي پر گھري نظر وجهڻ سان خبر پوندي ته ٽيڪنالاجي جو انفرادي توڙي اجتماعي غلط ۽ گهڻو استعمال انسان کي پوئتي ڌڪي رهيو آهي.جيئن ته ٽيڪنالاجي تهذيب کي جديد بڻائي ڇڏيو آهي تيئن انسان سماج کان ڪٽجي مشينن جي ويجهو ٿيندو وڃي پيو بلڪ ان جو غلام ٿيندو وڃي پيو.ٽيڪنالاجي جي اثر هيٺ انسان پنهنجي خواهشن کي نه رڳو ضرورت بلڪه بنيادي ضرورت جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي جنهن ڪري شين جي گهرج تمام گهڻي وڌي وئي آهي ۽ گھرج وڌڻ سان پيداوار وڌائڻ لازمي آهي.اها وڌيڪ گھرج ۽ وڌيڪ پيداوار هڪ اهڙي معاشي صورتحال پيدا ڪري ٿي جيڪا ماڻهن کان وڌيڪ ڪم جي تقاضا ڪري ٿي.اهو سڀ ٿيڻ جي ڪري زندگي تيز رفتار ٿي وئي آهي ۽ اها تيز رفتاري اهڙو نسل آڻي پئي جيڪا ان تيز رفتاري جي ڪري انتشار جو شڪار آهي.اڄ جي انسان ٽيڪنالاجي وسيلي،دفاع جي نالي تي اهڙا مهلڪ هٿيار ٺاهي ورتا آهن جيڪي هڪ ئي ڌڪ سان لکين انسانن کي موت جي وادي ڏانهن ڌڪي سگهن ٿا.تاريخ ۾ ان جو وڏو مثال ٻي عالمي جنگ ۾ آمريڪا پاران جاپان جي ٻن شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي اڇلايل ائٽمي بم آهي جنهن ۾ اندازي موجب ٻه لک 20 هزار ماڻهو مارجي ويا ۽ ان حملي جي اثر جي ڪري اڄ به اتي معذور ٻار ڄمندا آهن.اڄ انسان صنعتي دور جي ترقي تي فخر محسوس ڪندي اهو وساري ويهي ٿو ته صنعتن جي ڪري اڄ اسان جي فضا خطرناڪ حد تائين نقصانڪار ٿي وئي آهي جنهن ڪري ڪيتريون ئي خطرناڪ ۽ وچڙندڙ بيماريون جنم وٺن پيون.نه رڳو اهو پر صنعتن جي فضائي گدلاڻ عالمي گرمي پد کي وڌائي رهي آهي جنهن ڪري ساه ڪڍندڙ تيز گرميون، سمنڊ جي سطح بلند ٿيڻ جي ڪري طوفان ۽ برف ڳرڻ جي ڪري هر سال  تباهه ڪن ٻوڏون اچن پيون.ٽيڪنالاجي بيروزگاري جو به سبب بڻجندي وڃي پئي.هاڻ اهڙيون مشينون اچي ويون آهن جو هڪ مشين ڪيترن ئي ماڻهن جو ڪم ٿوري وقت ۾ ڪري ٿي ڏي ان جو جديد نمونو  روبوٽ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي.جديد روبوٽ هاڻ انسانن جي جاءِ والاريندا وڃن پيا.عالمي بئنڪ ”سٽي“ جي هڪ رپورٽ موجب هن وقت برطانيا ۾  35 سيڪڙو ، آمريڪا ۾ 47 سيڪڙو ۽ سڀ کان وڌيڪ چين ۾ 77 سيڪڙو ، روبوٽن پاران انساني جايون والارڻ جي ڪري بيروزگاري جو خطرو آهي.سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهڙن منفي اثرات کي محسوس ڪندي وقت جا سائنسدان ۽ فلاسافر خبردار ڪندا رهيا آهن.
هئڊروجن ۽ ائٽم بم جي تباهه ڪارين کي محسوس ڪندي عظيم سائنسدان آئنسٽائن خدشو ڏيکاريو هو ته ڪٿي انسان خود هن ڌرتي کي تباه نه ڪري ڇڏي.سائنسي علم ۾ آئنسٽائن جو جانشين مڃيو ويندڙ ۽ موجوده وقت جي ذهين ترين سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ پڻ 19 جنوري 2016 تي بي بي سي سان ڳالهائيندي اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو هو.سندس چوڻ هو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي سلطنت کي جهڙي ريت انسان تيزي سان ترقي ڏئي رهيو آهي اها ايندڙ 100 سالن ۾ انسان کي هن ڌرتي تان مٽائي سگهي ٿي.هن نيو ڪليئر جنگ ، عالمي گرمي پد ۽ جينيٽڪ انجنيئرنگ زريعي ٺاهيل وائرس کي انسانيت جي پڇاڙي جون ممڪنه نشانيون قرار ڏنو.ان کان اڳ ڊسمبر 2014 ۾ هن خبردار ڪيو هوته روبوٽن ۾ پيدا ڪيل هٿرادو ذهانت انسانن تي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي.18 صدي عيسوي جو مشهور فلسفي ۽ جديد تعليم جو باني جين جيڪ روسو کي ته سائنس سان ايتري نفرت هئي جو هن ”فطرت ڏانهن واپس هلو“ جو نعرو ڏئي ڇڏيو.سندس خيال هو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي هٿرادو گھرج پيدا ڪري انسانن کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي.الفريڊ نوبل ، امن جي نوبل انعام جو بنياد تڏهن ئي وڌو هو جڏهن هن کي اهو احساس ٿيو ته سندس ايجاد ڪيل ”ڊائينامائيٽ“ انسانن ۽ ڌرتي لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.
در اصل اسين هاڻ هڪ ”خوفناڪ ٽيڪنالاجي انقلاب“ جي وچ ۾ آهيون جنهن ماڻهن جي پاڻ ۾ ماحول سان لاڳاپن تي گھرا اثر ڇڏيا آهن.20 صدي عيسوي جي مشهور فلسفي ، سياسي سماجي ايڪٽيوسٽ ۽ نقاد برٽرنڊ رسل به سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهڙن منفي اثرات ڏانهن ڌيان ڇڪايو.سندس ڪتاب”سائنس جو معاشري تي اثر“ ۾ هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي منفي اثرات تي نه رڳو تفصيلي بحث ڪيو آهي پر انهن جو حل به پيش ڪيو آهي جيڪو هيٺين نقطن تي مشتمل آهي
1.جنگ جو خاتمو 2.طاقت جو توازن قائم رهڻ 3.خوشحالي جي هر طبقي ۾ فراواني 4.ڄم تي موثر ضابطو 5.عام ماڻهن کي تخليقي عمل جي آزادي.

دنيا جي سپر طاقتن کي ٽيڪنالاجي ۽ سائنس جي منفي اثرات جي لپيٽ ۾ ورتل هن دنيا کي برٽرنڊ رسل جي ”مستحڪم سائنسي معاشري“ بڻائڻ لاءِ سندس پاران ٻڌايل مفروضاتي حل تي غور ڪرڻ گھرجي.

اياز احمد نظاماڻي نقلي دوائن جو وڌندڙ رُجحان



آرٽيڪل
:

نقلي دوائن جو وڌندڙ رُجحان

لکندڙ: اياز احمد نظاماڻي
M.A Previous(2k16 MMC-14)
نقلي دوائن جي حوالي سان سال 2010ع ۾ ان وقت جي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي اهو اعتراف ڪيو هو ته پاڪستان ۾ 45 کان 50 سيڪڙو نقلي ۽ مدي خارج دوائون استعمال ٿين ٿيون جنهن جي روڪٿام لاءِ اسين ايڪشن وٺڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.رحمان ملڪ جي ايڪشن وٺڻ واري ڳالهه ته اڳتي ته نه وڌي سگھي پر سندس ڏنل انگ اکر ضرور اڳتي وڌي ويا جيڪي هاڻ 6 سال گذرڻ کانپوءِ وڌي تقريبن65 کان 70 سيڪڙو تي پهچي چڪا آهن.
پاڪستان فارماٽسٽ ايسوسيئيشن جي مطابق پاڪستان ۾ تقريبن 4000 فارميسي جي ڪمپنين کي لائيسنس مهيا ڪيل آهن جڏهن ته 100000 کان وڌيڪ نقلي دوائن جون ايجنسيون غير قانوني طريقي سان نقلي دوائون وڪرو ڪن ٿيون.جيڪي ڪنهن جڳهه ، دڪان ، يا فيڪٽري جي صورت ۾ سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهن.انهن مان اڪثر فيڪٽرين جي مالڪن کي  با اثر وڏيرن ، سياسي ماڻهن کان ويندي حڪومتن جي اعلا عهديدارن تائين جي ماڻهن جي سرپرستي حاصل هئڻ جي ڪري انهن جي خلاف ڪو خاص ايڪشن نه ٿو ورتو وڃي.ٻيو ته وري اسان واري پوليس جي هر مهيني اوڳاڙي جاري هوندي آهي ته پوءِ انهن کي ڪهڙو لاچار ڇاپا هڻڻ جو يا نقلي دوائن جي فيڪٽرين بند ڪرائڻ جو ، ماڻهو مرن ته ڀلي وڃي مرن پر هو چاهين ٿا سندن اوڳاڙي جو در بند نه ٿئي.اهڙي قسم جا کوڙ سارا واقعا اسان جي سنڌ ۾ ملن ٿا. تازو اهڙو هڪ واقعو هلندڙ سال فيبروري جي مهيني ۾ ٿيو. شڪارپور شهر جي شاهي باغ چوڪي ڀرسان هڪ جاءِ تي ڇاپو هڻي ڪروڙين رپين جون نقلي دوائون ، نقلي دوائون تيار ڪندڙ مشينري ، خالي بوتلون ، پيڪنگ جو سامان ، اسٽيڪر ۽ پاٺا هٿ ڪيا ويا هئا.ان فيڪٽري جو مالڪ هڪ سياسي پارٽي جو سرگرم ڪائونسلر شهباز آرائين نالي همراهه هو جنهن کي سندس پارٽي جي وڏن عهديدارن  جي سرپرستي حاصل هئڻ ڪري ان وقت موقعي تان فرار ٿي ويو ۽ هاڻ ان ڳالهه کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
اڄوڪي دور ۾ هر ماڻهو پئسي جي لالچ ۾ مشين وانگر ڪم ڪندي نظر اچي ٿو،ڪوڙ ، ٺڳي ۽ فريب معاشري کي هڪ قسم جي بيماري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.اڄ جي انسان پنهنجو پاڻ کي خواهشن جي تابع ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي حاصلات جي جستجو ۾ هو سڄي زندگي ڀٽڪندو رهي ٿو،ڪيترائي جائز ۽ نا جائز طريقا اختيار ڪري ٿو ۽ ان جي لاءِ انسانيت جو ديوارون به اورانگهي وڃي ٿو ۽ انسان جي سڀ کان قيمتي شيءَ حياتي جو به فڪر نه ٿو ڪري.اهڙن ئي ڪمن مان ،ڏوڪڙ ڪمامئڻ خاطر اسان وٽ ڪجهه گروهه نقلي دوائن جو ڪاروبار ڪري انسانن جي جانين سان کيڏن ٿا.انسانن جي صحتيابي لاءِ ڪم ايندڙ دوائن جا نقلي برانڊ اسان جي معاشري ۾ تيزي سان ڦهلجي رهيا آهن جنهن جي ڪري اسان جون زندگيون بچڻ جي بجاءِ مورڳو ئي داءُ تي لڳل آهن.
انهن نقلي دوائن جي ٺهڻ ۾ ايسڊ جي مقدار جي گھٽ وڌائي ، سادا ڪيميڪل ۽ ٻين ناقص مرڪبن جي ملاوٽ انساني جانين لاءِ تمام گھڻي نقصان ويندي موت جو سبب بنجي سگهي ٿي. نقلي دوائن جي ڪري سڀ کان وڌيڪ نقصان غربت جو شڪار ، اڻ پڙهيل ۽ ٻهراڙين سان وابستا ماڻهن جي طبقي کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو.شهر جي نسبت ٻهراڙي جي علائقن ۾ نقلي ۽ مدي خارج دوائن جو وڪرو گھڻو عام آهي ڇاڪاڻ ته ٻهراڙين ۾  نقلي   ۽ مدي خارج دوائن خلاف ايڪشن کڻندڙ ميڊيڪل ٽيمن جو ڌيان نه هئڻ جي برابر آهي جنهن ڪري عطائي ڊاڪٽر به ٻهراڙين ڏانهن گھڻوي رُخ ڪندا آهن.ٻهراڙين جا ماڻهو سادا ، اٻوجهه ۽ گھڻي ڀاڱي اڻپڙهيل هئڻ جي ڪري ميڊيڪل جي بنيادي معلومات کان نا واقف هوندا آهن جنهن ڪري اهي اهڙن ڊاڪٽرن جي خلاف ڪا شڪايت وغيره به درج نه ڪرائيندا آهن.

نقلي دوائن جي واپار کي هٿي ان ڪري به ملي ٿي جو اهي اصلي دوائن جي ڀيٽ ۾ ميڊيڪل اسٽور مالڪن کي تمام سستيون ملن  ٿيون.انهن اسٽور مالڪن کي رجسٽرڊ ڪمپنيون 100 رپين تي 15 کان 20 سيڪڙو بچت ڏين ٿيون جڏهن ته غير رجسٽرڊ ۽ نقلي دوائون هلائيندڙ ڪمپنيون ان جي جاءِ تي 100 سيڪڙو تائين بچت ڏين ٿيون.اهي انگ اکر ته پنهنجي جاءِ تي پر مونکي حيراني تڏهن ٿي جڏهن نقلي دوائن جي حوالي سان پنهنجي شهر جي هڪ ڊاڪٽر سان ڳالهه ٻولهه ٿي  ته هن ٻڌايو ته نقلي دوائن جون ڪمپنيون ڪجهه پراڊڪٽس تي  300 سيڪڙو تائين بچت پڻ ڏين ٿيون جيئن ته گھڻن ڊاڪٽرن جا  ميڊيڪل اسٽور به پنهنجا ئي ٿين ٿا ۽ پوءِ زياده منافعو ملڻ جي ڪري اهي دوائون ڊاڪٽر مريضن کي گهڻو لکي ڏين ٿا.اهي نقلي دوائن جون ڪمپنيون ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل اسٽور وارن کي مختلف قسمن جون لالچون پڻ ڏين ٿا جهڙوڪ:گھر جو فرنيچر وٺي ڏيڻ ، ڪلينڪ جي استعمال جو سامان ڏيڻ ، ڪار گفٽ ڪرڻ يا ڪيش پئسا ۽ ٽوئر پيڪيج ڏيڻ ويندي عمرو پڻ ڪرائين ٿا.اهڙين لالچن جي وجه سان ميڊيڪل اسٽور وارا ۽ ڊاڪٽر نقلي دوائن جي وڪري کي هٿي ڏيڻ ۾ وڏو ڪرادار ادا ڪن ٿا.صرف منهنجي ننڍي شهر ڪڙيو گهنور ۾ جڏهن ان حوالي سان مون سرسري سروي ڪيو ته خبر پئي ته شهر ۾ تقريبن 270 جي لڳ ڀڳ نقلي دوائن جا پراڊڪٽ موجود آهن جنهن ۾ سيرپ ، گوريون ، انجيڪشن اچي وڃن ٿيون جيئن پيناڊول هڪ اصل گوري جو نالو آهي ته ان جو نقل راسڪوڊول يا پائيرول جهڙيون گوريون اسٽورن تي موجود آهن انهن جي پيڪنگ ۽ ڪلر کي به تقريبن ساڳيو رکيو ويندو آهي جنهن جي ڪري اڻپڙهيل ماڻهو يا ميڊيڪل کان اڻ واقف ماڻهن کي اصل گوري جي سڃاڻپ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي.ميڊيڪل اسٽور وارا اهي نقلي دوائون سرِ عام هلائين ٿا ڇو ته انهن کي اسان جي حڪومتن جا حال به ساريا پيا آهن ته اگر ڪو ڀلجي به ميڊيڪل ٽيم اچي وئي ته 2 کا 3 هزار روپيا ڏئي انهن کي ماٺ ڪرائي ڇڏينداسين.ان کا علاوه اسان جي معاشري ۾ غربت جي ڪري اوڌر جو به وڏو رُجحان آهي ان ڳالهه جو به ميڊيڪل اسٽور وارا ناجائز فائدو وٺن ٿا ڇاڪاڻ ته اوڌر وارا ماڻهو اصل شيءَ جي فرمائش نٿا ڪري سگھن تنهڪري نه هئڻ کان هئڻ بهتر سمجهي هو نقل دوا ئي کڻي وڃن ٿا.اسان وٽ ٻهراڙين توڙي ننڍن شهرن ۾ اهو رُجحان به عام آهي ته ڪنهن به مرض ۾ اتي جا ماڻهو انجيڪشن لڳرائڻ لازمي سمجهن ٿا چاهي ان جي ضرورت هجي يا نه هجي.اهڙين حالتن م اڪثر ڊاڪٽر”ڊيڪسا“ انجيڪشن جو استعمال ڪندا آهن جيڪا جانورن جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي ۽ ان تي جانور جي واضع تصوير ڇپيل هوندي آهي جنهن سان گڏ انگريزي ۾ صاف لکيل هوندو آهي ”فار ويٽرنري يوز اونلي“ جنهن جو مطلب فقط جانورن لاءِ. ان جي لڳڻ سان فائدو ڪو به ڪونهي البته نقصان جو خطرو  ضرور رهندو آهي. افسوس ، چند ڏوڪڙن جي خاطر ، مسيحا جهڙن لقبن سان نوازيل ڊاڪٽرن کي انسانن ۽ جانورن جي وچ ۾ ڪو فرق نظر نه ٿو اچي.اهڙين حالتن ۾ اسان کي ڌيان ڏيڻو پوندو ته ڪا به دوا وٺڻ مهل اها خاطري ڪريون ته ان جي مدي خارج وارو ليبل ڪٿي اسٽور وارن بدلائي هٿرادو طور تاريخ وڌائي ته نه ڇڏي آهي ٻيو ته اسان کي ميڊيڪل جي بنيادي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کپي ته جيئن اسان اصل ۽ نقل دوا کي سڃاڻي سگھون.اگر ڪو ميڊيڪل اسٽور وارو يا ڊاڪٽر نقل دوا ڏي ته ان خلاف رپورٽ داخل ڪرايون ۽ ان کي وائکو ڪريون ته جيئن آئينده لاءِ ڪنهن کي نقل يا مدي خارج دوا ڏئي انساني جانين سان کيڏي نه سگھن.