Showing posts with label فهيم. Show all posts
Showing posts with label فهيم. Show all posts

Sunday, 21 August 2016

فهيم احمد ميمڻ سنڌ جي زمينن کي تباهه ڪندڙ زهريلو پاڻي

سنڌ جي زمينن کي تباهه ڪندڙ پنجاب جو زهريلو پاڻي
سنڌ جيئي تـ ڪيترن ئي حوالن سان تباهي کي منهن ڏئي رهي آهي اتي پنجاب طرفان سنڌو درياءَ ۾ ڇڏيو ويندڙ زهريلو پاڻي بـ وڏي تباهي آڻي پيو.سنڌ ۾ هڪڙي پاسي ٿر ۾ ڏُڪار راڱا ڪري ڇڏيا آهن. مٺي، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ خيرپور ضلعن جي صحرائي علائقن ۾ ماڻهو ۽ مال بکن ۾ پاهه ٿي موت حوالي ٿي رهيا آهن. ڪوهستان جي جابلو پٽيءَ ۾ به  ماڻهن ۽ مال ۾ بيماريون وبائي صورت اختيار ڪري ويون آهن، ته اُتي پنجاب مان ايندڙ زهريلو پاڻي گهوٽڪي ضلعي کي ٻوڙڻ کان پوءِ سکر ضلعي جي صالح پٽ تائين وڃي پهتو آهي. مٺي، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ خيرپور جي علائقي ۾ ڏڪار بابت ته حڪمران هڪدم اهو چئي ڄڻ ته پنهنجي ڪوتاهين مٿان پردو وجهي ڇڏين ٿا ته، ”مينهن نه پوڻ سبب ڏُڪار واري صورتحال پيدا ٿي ويئي آهي“ پر هن تباهيءَ بابت وٽن ڪهڙو جواب هوندو؟ ڇو ته سنڌ ۾ پنجاب جي سم ۽ صنعتن جو زهريلو پاڻي ته هٿ سان ڇڏيو پيو وڃي. نتيجي ۾ زهريلو پاڻي گهوٽڪي ضلعي جي ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلو ۽ خانڳڙهه تعلقن جي لکين ايڪڙ زمين کي تباهه ۽ سوين ڳوٺن کي ويران ڪرڻ بعد سکر ضلعي جي صالح پٽ تائين وڃي پهتو آهي ۽ ان صورتحال بابت اڃان تائين سنڌ حڪومت کي ڪا ڳڻتي ناهي. اهو سم ۽
صنعتن جو پاڻي هڪڙي ڏينهن ۾ ناهي آيو پر 1982ع کان اهو سلسلو شروع آهي، ائين به ناهي ته ڪو پنجاب مان زهريلو پاڻي ڪنهن سم نالي جي بند جي  اتفاقي ٽُٽڻ سان سنڌ ۾ داخل ٿيو آهي پر اهو هڪ باقائده جوڙيل نظام تحت ڇڏيو پيو وڃي ۽ پنجاب جي کاتي اسڪارپ_IV وٽ ان جو انتطام آهي، جنهن اداري طرفان پنجاب جي ضلعن بهاولپور ۽ رحيم يار خان جي مختلف علائقن جي سم ۽ صنعتن مان خارج ٿيندڙ زهريلو پاڻي سمينٽيڊ ڪئنالن جي ذريعي تعلقي صادق آباد جي چڪ نمبر 512 تائين پهچايو پيو وڃي، جتي سنڌ ۽ پنجاب جون حدون پاڻ ۾ ملن ٿيون، اهڙيءَ ريت گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي ڏهرڪي جي ديهه پوهه نمبر هڪ وٽ پمپنگ سينٽر قائم ٿيل آهي، جتي 450 ٽيوب ويل لڳل آهن، جن جي ذريعي ڪئنالن جو پاڻي سنڌ ڏانهن کليل زمين ۾ ڇوڙ ڪيو ٿو وڃي.                                                                                  
زهريلي پاڻيءَ سبب گهوٽڪي ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين تباهه ٿيڻ سان گڏ ڏهرڪي ميرپور ماٿيلو ۽ خانڳڙهه تعلقن جي سوين ڳوٺن ۾ جَرَ جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي، جروار شهر هجي يا ريتي يا داد لغاري ۽ غلام  حسين  لغاري جهڙا ڳوٺ، ماڻهو پيئڻ جي مٺي پاڻيءَ لاءِ سِڪي رهيا آهن ۽ زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب 80 سيڪڙو ماڻهو هيپاٽائٽس بي _سي ۽ چمڙيءَ جي بيمارين م مبتلا آهن، زمينون زهريلي پاڻيءَ جي هيٺ اچي وڃڻ سبب سوين سوين  ايڪڙ زمين جا مالڪ زميندار لڏپلاڻ ڪري شهرن ۾ مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن، سوين ڪٽنب، جيڪي اهڙي حالت ۾ اچي ويا آهن، انهن جي ٻارن جي تعليم تباهه ٿي ويئي آهي، ماڻهن جو مال متاع مري کپي ويو آهي، گهوٽڪيءَ جي  صحرا جا وڻ ٽڻ سُڪي سڙي تباهه ٿي ويا آهن، تلور سميت مختلف قسم جي جهنگلي جيوت جو مرڪز علائقو رِڻ پٽ جهڙو بڻجي ويو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه هڪ ڏينهن ۾ ناهي ٿيو، گذريل ٽيهه چوٽيهه سالن کان تباهيءَ جو اهو سفر مسلسل جاري آهي، پمپنگ سينٽر وٽ هر هفتي عملدارن کي بريفنگ ڏني ويندي آهي ته، ڪيترو پاڻي سنڌ ڏانهن ڇوڙ ٿي چڪو آهي، سنڌ جي زمينن کي تباهه ڪرڻ لاءِ ايترو انتظام ٿيل آهي، جو جيڪڏهن بجلي بند ٿي ٿئي ته، هاءِ پاور جنريٽر تي ٽيوب هلايا ٿا وڃن، مطلب ته 24 ڪلاڪ اهو سلسلو جاري آهي، ظاهر آهي صالح پٽ تائين پهتل اهو پاڻي بيهي ته نه رهندو، ان جو سفر اڃان اڳتي هلندو، سکر ضلعي کان پوءِ خيرپور سانگهڙ - خبر ناهي تباهيءَ جو انت ڪٿي ٿيندو؟ 

سنڌ کي وفاق اڳيان هِي ڪيس رکڻ گهرجي، هڪ ته هن وقت تائين سنڌ جي جيتري زمين تباهه و برباد ٿي آهي، ڳوٺ ويران ٿيا آهن، ڪيترا ماڻهو زهريلي پاڻيءَ سبب مختلف قسمن جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي وفات ڪري ويا آهن، اهي سڀ انگ اکر گڏ ڪري سنڌ کي وفاق اڳيان ڪيس رکڻ کپي، ساڳئي وقت سنڌ اسيمبليءَ ۾ هن مامري تي قرارداد پاس ڪرائي هن آفت سبب سنڌ کي ٿيل نقصانن کي تاريخ ۽ رڪارڊ جو حصو بڻائڻ گهرجي، جيڪڏهن زهريلي ۽ سم جي پاڻيءَ لاءِ صرف گهوٽڪي جو صحرائي علائقو ئي آهي، ته اهڙو صحرا ته پنجاب ۾ چولستان جي صورت ۾ به آهي ۽ وڏي ڳالهه ته جنهن منصوبي جي 1981ع ۾ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي آف دي نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل کان سم جي پاڻي کي گهٽ ۾ گهٽ نقصان سان ٺڪاڻي لڳائڻ جي لاءِ منظوري ورتي ويئي هئي، ان موجب پنجاب جي بهاولپور ۽ رحيم يار خان ضلعن جي مختلف واهن جي ڪمانڊ ايريا جي سم جي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جي لاءِ چولستان ۽ گهوٽڪي جي وارياسي پٽيءَ ۾ هڪ جيتري زمين يعني پنجاب جي 28061 ۽ سنڌ جي 28031 ايڪڙن تي  ٺاهي ان پاڻيءَ کي قدرتي طور تي ٻاڦ ۾ تبديل ڪري ختم ڪرڻ لاءِ تلاءَEvaporation ponds  ٺاهڻا هئا، جن مان ڪجهه چولستان ۽ ڪجهه گهوٽڪي جي صحرائي علائقي ۾ ٺاهڻا هئا، جيتوڻيڪ اهو به سنڌ سان ڪو گهڻو انصاف نه هو پر بروقت سنڌ جي ڪيس جي پوئواري نه ٿيڻ ۽ ڪا مزاحمت نه ٿيڻ سبب پنجاب طرفان ائين ئي پنهنجي حدن تائين پاڻي پهچائي سنڌ ڏانهن ائين پاڻي ڌڪي ڇڏيو، جيئن ڪنهن زمين کي ٻوڙڻ جي لاءِ واهه کي ڪٽ ڏنو ويندو آهي، ان مامري تي سنڌ جي پاڻي ماهرن ۽ قانوندانن ۽ سنڌ جي ساڃاهه وندن کي اڳيان اچڻ گهرجي.                                                                                                                                      فهيم احمد ميمڻ                                                        
2k16/MMC/20




Tuesday, 16 August 2016

عبدالرشيد ميمڻ جو پروفائيل فهيم احمد ميمڻ

 استاد ۽ اديب : عبدالرشيد ميمڻ  
عبدالرشيد ميمڻ علم ۽ ادب سان چاهـ رکندڙ شخصيت جو مالڪ آهي هن نـ صرف علم لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي پر ان جي تمام گھڻي خدمت بـ ڪئي آهي. عبدالرشيد ميمڻ 1966ع ۾ ڳوٺ دوآٻو جي رهواسي عبدالغني جي گهر ۾ جنم ورتائين، پرائمري کان مڊل تائين جي تعليم پنهنجي آبائي ڳوٺ گورنمنٽ اسڪول مان حاصل ڪيائين. جنهن کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ دادو جو رخ ڪيائين ۽ مڪمل تعليم سنڌ يونيورسٽي جي ايم.اي.ايڪانامڪس شعبي ۾ پاس ڪيائين. سروس لاءِ ٻئي ڪنهن محڪمي کي پسند ڪرڻ بجاءِ تعليم کي ئي پسند ڪيائين،ڇو تـ هي مهمان پيشو آهي. جنهن سان نـ رڳو انسان کي ڄاڻ ملي ٿي پر مان سمان، عزت ۽ آبرو پڻ وڌي ٿي.                                        
سال 1990ع ۾ تعليم کاتي ۾ جي.ايس.ٽي ٿيا، زولاجي جي سبجيڪٽ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ٿي ڀان سيد آباد جي هاير سيڪنڊري اسڪول آيا، ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو جي هاير سيڪنڊري اسڪول ۾ 2010ع کان 2013ع تائين تعليمي خدمتون سرانجام ڏنائين. هڪ فرض شناس ۽ ايماندار استاد هجڻ جي ناتي ٻن کان چار پيرڊ هر روز ڪلاس ۾ بيهي پڙهائيندڙ استاد آهن.سائين عبدالرشيد ميمڻ نـ صرف هڪ استاد پر هڪ درويش ماڻهو آهي جنهن ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.                                                                                
 هن پنهنجي آبائي ڳوٺ ۾ مسجد تعمير ڪرائي جنهن ۾ هن مسجد ۾ وضو جي جاءِ ۽ ڀاٿ روم جي سهولت موجود ڪيائين سائين هن وقت جامشوري ۾ رهائش ڪري رهيو آهي ۽ جمع جي نمازسائين عبدالرشيد ميمڻ پنهنجي آبائي ڳوٺ واري مسجد ۾ پاڻ پڙهائيندو آهي.ان کان سواءِ هن ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن،هن پهريون ڪتاب سال 2011ع ۾ “سيهوهڻ:تاريخ جي آئيني ۾” منظر عام تي آندو، جنهن ۾ سيوهڻ بابت سنڌ جي بهترين ماضي ۽ حال جي مورخن،محققن جي چونڊ مضمونن ۽ مقالن کي يڪجا ڪري پنهنجي بـ هڪ اڌ مضمون سان گڏ ترتيب ڏئي ڇپايو. جيڪو سيوهڻ بابت ڪافي تاريخي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. سندس ان ادبي سهيڙ کي سنڌ جي ادبي حلقن مانائتي موٽ ڏني تـ هن سال 2013ع ۾ ٻيو ڪتاب “ڳوٺ عبدالرحيم جو کوهـ_علمي ادبي ۽ ثقافتي حيثيت” لکي ڇپايو. جنهن ۾ هن مذڪوره ڳوٺ جي تاريخ سان گڏ اتان جي ماضي جي شخصيتن کي پڻ نئين سر نروار ڪري پڙهندڙن آڏو آندو. موجوده وقت هن سنڌ جي ٻن قديم تاريخي ڳوٺن دوآٻو ۽ اميناڻي شريف تي گڏيل ڪتاب لکي ٻنهي ڳوٺن جي تاريخ جاگرافي سان گڏ ماضي جي مشاهير توڙي حال جي اهڙن شخصيتن کان آگاهـ ڪيو آهي. جن مختلف فيلڊس ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي. تحقيق ۽ تاريخ جو ڪم لازمي جاکوڙ جو ڪم آهي. جيڪو هڪ هنڌ ويهي ڪرڻ جوڳوناهي هوندو.                                      
 عبدالرشيد ميمڻ پنهنجي زندگي انسانن سان محبت ۽ پيار وارو رشتو قائم رکيو ۽ پنهنجي نسل سميت سڀني کي محبت ۽ پيار جو سبق ڏيندو اچي ٿو چاهي اهو امير هجي يا غريب سڀني سان هڪ ئي رويو رکندو آهي، اڄ سندس چاهيندڙ شاگرد سندن لاءِ دعاڳو آهن تـ شل اهڙا استاد اسان جي ملڪ ۽ پوري دنيا ۾ هجن تـ نفرت جي جنگ ختم ٿئي ، سڀ پيار ۽ محبت سان رهن.        فهيم احمد ميمڻ
2k16/MMC/20

Thursday, 11 August 2016

فهيم احمد ميمڻ امير پير جي درگاھ

 Is this topic approved?? very weak
حضرت امير پير جي درگاھ
فهيم احمد ميمڻ فیچر
 سنڌ ۾ قلندر لعل شهباز، اڏيرو لعل کان علاوه حضرت امير پير بـ  ديوانن جو ڪامل مرشد آهي، مسلمانن جي ڀيٽ ۾ هتي ديوانن صاحبان جون يادگار خدمتون آهن، انهن لکين روپين جو درگاھ تي ڪم ڪرايو آهي. سال 2012ع کان 2015ع جي دوران جيڪو هن درگاه تي ڪم ٿيو آهي .اندر روضي کان صحن تائين ۽ وري ٻاهرين در اڳيان 3 فث جي ديوار، ٽائلس سان روضي جي چئو طرف ڇت تائين ٽائلس، هڪ وڏو مسافر کانو مردن لاءِ جدا ۽ عورتن لاءِ جدا ۽ ڪچهري هال ٺهرايو ويو آهي، ٿدي پاڻي جون سبيلون ديوانن ۽ مسلمانن لاءِ الڳ الڳ تيار ڪرايون ويون آهن درگاه تي نئو علم تيار ڪرائي لڳرايو ويو آهي.هن سموري تعميراتي ڪم ۾ ديوانن جو وڏو هٿ آهي ۽ شروع کان هلندو آيو آهي.روضي کان ويندي مسافر کاني تائين بجلي جي فثينگ بٰـ سٺي نموني ڪرايل آهي جڏهن تـ هن بزرگ تي سال ۾ ٻـ الڳ الڳ ميلا لڳن ٿا.مسلمانن جو ميلو ڪڏهن مارچ ۾ تـ ڪڏهن فيبروري ۾ بـ لڳندو آهي.اهي ميلا ماضي بعيد ۾ سٺا لڳندا هئا، پر سال 2001ع کانپوءِ انهن ميلن جو آهستي آهستي گهٽجڻ شروع ٿيو جنهن جا سبب مٿي ڄاڻايل آهن. باقي ديوانن جو ميلو هر سال مارچ ۾ لڳندو آهي.اهو ميلو فقط ٻـ ڏينهن هلندو آهي ان ۾ مرد ۽ عورتون وڏي تعداد ۾ اچي پنهنجي مرشد آڏو حاضري ڀريندا آهن، بجلي جو انتظام ۽ حفاظتي انتظام بلڪل ساراهـ جوڳا هوندا آهن، اندازن پنج سئو کن گاڏين جي بيهڻ جو بندوبست هوندو آهي ۽ هزارين ديوان اچي هتي ٻن ڏينهن جي لاءِ قيام ڪندا آهن،سنڌ جا ڀڳت، راڳي ديا رام، “شهداد پور”،  سشيل ڪمار “ڪنڌڪوٽ”،ونود ساگر “ خيرپور ميرس”، ڪنڊن چنڊ “گهوٽڪي”،مڪيش ڪمار“ٿاڻو بولا خان”،راجس ڪمار“ڪنڌڪوٽ”، نام ديو“شڪارپور”.                                                                                                       
 جو پروگرام بـ هوندو K.T.N  مارچ جو مهينو جنهن کي ديوان ڦڳڻ سڏين ٿا، ان ميلي ۾
آهي.صوبائي وزير جناب موهن لعل ڪوهستاني سال  2011 ۽ 2012ع ۾ان جو افتتاح ڪيو آهي.بزرگ جا ٻئي عقيدتمند مسلمان توڙي ديوان هجن ٿا.انهن ۾ سال 2012 دوران سرڪار کان هن درگاه لاءِ فنڊ منظور ڪرائيڻ،ديوانن جون خدمتون آهن ۽ اهو سڀ ڪجھ اسان سڀني جي سامهون آهي. تـ انهن جي ڀيٽ ۾ اسين مسلمان ايتريون خدمتون سرانجام ناهيون ڏئي سگهيان.تمام سٺي نموني لنگر تيار ڪرايو ويندو آهي مطلب تـ کاڌي پيتي کان ويندي مهمانن لاءِ رهائيش جو پڻ هڪ بهترين بندوبست هوندو آهي.                                                                                                           
هاّڻي درگاه جي اڳيان اسٽيل جو علم نسب ڪيو ويو آهي.ديوانن سال 2014ع واري سالياني ميلي ۾ راڳ جو سٺو بندوبست رهيو، سنڌ جا مشهور هندو ڀڳت اچي پنهنجي مرشد جي حاضري ڏئي پاڻ ملهايو، هتي مسلمانن جي لڳندڙ ميلي ۾ بـ 86_1985 ڌاري مرحوم جلال چانڊيو، مرحوم غلامو ميراثي، منظور سخيراڻي ۽ روبينـ حيدري اچي ميلي جي محفل کي چوڏهن چنڊ لڳايا آهن ۽ سڄي رات پري پري کان ايندڙ پانڌيئڙن اچي پنهنجو ويهي راڳ ٻڌي وري واپس پنهنجي پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽيا آهن، ان کان پوءِ اڄ تائين، مسلمانن جي طرفان لڳندڙ ميلي ۾ راڳ جو بندوبست نـ ٿي سگھيو آهي.                                                                                                           
هن علائقي ۾ سٺا سٺا ۽ پڄندي وارا زميندار آهن، انهن جو سٺو اثر رسوخ آهي. سندن هن درگاه سان عقيدت بـ آهي، جي هر سال لڳندڙ سالياني ميلي ۾ اچي مرشد وٽ حاضر ٿي، سٺا دڪان سينگاريندڙن کي پنهنجي هٿن سان انعام ڏيندا ۽ هر سال ٿيندڙ ملاکڙي ۾ سٺن ملهـ پهلوانن ۾ انعام ڏيندا تـ ميلي جي دڪانداري ۾ اضافو، ملاکڙي ۾ رونق ايندي ۽ سندن اهو احسان هن علائقي سميت سڀني کي ياد تـ رهندو، بلڪـ تاريخ ۾ هميشهـ لاءِ لکيو ويندو، اهڙي طرح سان اسان جي سنڌ جي ثقافت بـ اجاگر ٿيندي.
فهيم احمد ميمڻ

2k16/MMC/20