سنڌ جي زمينن کي تباهه ڪندڙ پنجاب جو زهريلو پاڻي
سنڌ جيئي تـ ڪيترن ئي
حوالن سان تباهي کي منهن ڏئي رهي آهي اتي پنجاب طرفان سنڌو درياءَ ۾ ڇڏيو ويندڙ
زهريلو پاڻي بـ وڏي تباهي آڻي پيو.سنڌ ۾ هڪڙي پاسي ٿر ۾ ڏُڪار راڱا ڪري ڇڏيا آهن.
مٺي، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ خيرپور ضلعن جي صحرائي علائقن ۾ ماڻهو ۽ مال بکن ۾ پاهه ٿي
موت حوالي ٿي رهيا آهن. ڪوهستان جي جابلو پٽيءَ ۾ به ماڻهن ۽ مال ۾ بيماريون وبائي صورت اختيار ڪري
ويون آهن، ته اُتي پنجاب مان ايندڙ زهريلو پاڻي گهوٽڪي ضلعي کي ٻوڙڻ کان پوءِ سکر
ضلعي جي صالح پٽ تائين وڃي پهتو آهي. مٺي، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ خيرپور جي علائقي ۾
ڏڪار بابت ته حڪمران هڪدم اهو چئي ڄڻ ته پنهنجي ڪوتاهين مٿان پردو وجهي ڇڏين ٿا
ته، ”مينهن نه پوڻ سبب ڏُڪار واري صورتحال پيدا ٿي ويئي آهي“ پر هن تباهيءَ بابت
وٽن ڪهڙو جواب هوندو؟ ڇو ته سنڌ ۾ پنجاب جي سم ۽ صنعتن جو زهريلو پاڻي ته هٿ سان
ڇڏيو پيو وڃي. نتيجي ۾ زهريلو پاڻي گهوٽڪي ضلعي جي ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلو ۽ خانڳڙهه
تعلقن جي لکين ايڪڙ زمين کي تباهه ۽ سوين ڳوٺن کي ويران ڪرڻ بعد سکر ضلعي جي صالح
پٽ تائين وڃي پهتو آهي ۽ ان صورتحال بابت اڃان تائين سنڌ حڪومت کي ڪا ڳڻتي ناهي.
اهو سم ۽
صنعتن جو پاڻي هڪڙي ڏينهن ۾ ناهي آيو پر 1982ع کان اهو سلسلو شروع آهي،
ائين به ناهي ته ڪو پنجاب مان زهريلو پاڻي ڪنهن سم نالي جي بند جي اتفاقي ٽُٽڻ سان سنڌ ۾ داخل ٿيو آهي پر اهو هڪ
باقائده جوڙيل نظام تحت ڇڏيو پيو وڃي ۽ پنجاب جي کاتي اسڪارپ_IV وٽ ان جو
انتطام آهي، جنهن اداري طرفان پنجاب جي ضلعن بهاولپور ۽ رحيم يار خان جي مختلف
علائقن جي سم ۽ صنعتن مان خارج ٿيندڙ زهريلو پاڻي سمينٽيڊ ڪئنالن جي ذريعي تعلقي
صادق آباد جي چڪ نمبر 512 تائين پهچايو پيو وڃي، جتي سنڌ ۽ پنجاب جون حدون پاڻ ۾
ملن ٿيون، اهڙيءَ ريت گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي ڏهرڪي جي ديهه پوهه نمبر هڪ وٽ پمپنگ
سينٽر قائم ٿيل آهي، جتي 450 ٽيوب ويل لڳل آهن، جن جي ذريعي ڪئنالن جو پاڻي سنڌ
ڏانهن کليل زمين ۾ ڇوڙ ڪيو ٿو وڃي.
زهريلي پاڻيءَ سبب
گهوٽڪي ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين تباهه ٿيڻ سان گڏ ڏهرڪي ميرپور ماٿيلو ۽ خانڳڙهه
تعلقن جي سوين ڳوٺن ۾ جَرَ جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي، جروار شهر هجي يا ريتي يا
داد لغاري ۽ غلام حسين لغاري جهڙا ڳوٺ، ماڻهو پيئڻ جي مٺي پاڻيءَ لاءِ
سِڪي رهيا آهن ۽ زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب 80 سيڪڙو ماڻهو هيپاٽائٽس بي _سي ۽
چمڙيءَ جي بيمارين م مبتلا آهن، زمينون زهريلي پاڻيءَ جي هيٺ اچي وڃڻ سبب سوين
سوين ايڪڙ زمين جا مالڪ زميندار لڏپلاڻ
ڪري شهرن ۾ مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن، سوين ڪٽنب، جيڪي اهڙي حالت ۾ اچي ويا آهن،
انهن جي ٻارن جي تعليم تباهه ٿي ويئي آهي، ماڻهن جو مال متاع مري کپي ويو آهي،
گهوٽڪيءَ جي صحرا جا وڻ ٽڻ سُڪي سڙي تباهه
ٿي ويا آهن، تلور سميت مختلف قسم جي جهنگلي جيوت جو مرڪز علائقو رِڻ پٽ جهڙو بڻجي
ويو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه هڪ ڏينهن ۾ ناهي ٿيو، گذريل ٽيهه چوٽيهه سالن کان تباهيءَ
جو اهو سفر مسلسل جاري آهي، پمپنگ سينٽر وٽ هر هفتي عملدارن کي بريفنگ ڏني ويندي
آهي ته، ڪيترو پاڻي سنڌ ڏانهن ڇوڙ ٿي چڪو آهي، سنڌ جي زمينن کي تباهه ڪرڻ لاءِ
ايترو انتظام ٿيل آهي، جو جيڪڏهن بجلي بند ٿي ٿئي ته، هاءِ پاور جنريٽر تي ٽيوب
هلايا ٿا وڃن، مطلب ته 24 ڪلاڪ اهو سلسلو جاري آهي، ظاهر آهي صالح پٽ تائين پهتل
اهو پاڻي بيهي ته نه رهندو، ان جو سفر اڃان اڳتي هلندو، سکر ضلعي کان پوءِ خيرپور
سانگهڙ - خبر ناهي تباهيءَ جو انت ڪٿي ٿيندو؟
سنڌ کي وفاق اڳيان هِي ڪيس رکڻ گهرجي، هڪ ته هن وقت تائين
سنڌ جي جيتري زمين تباهه و برباد ٿي آهي، ڳوٺ ويران ٿيا آهن، ڪيترا ماڻهو زهريلي
پاڻيءَ سبب مختلف قسمن جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي وفات ڪري ويا آهن، اهي سڀ انگ اکر گڏ
ڪري سنڌ کي وفاق اڳيان ڪيس رکڻ کپي، ساڳئي وقت سنڌ اسيمبليءَ ۾ هن مامري تي
قرارداد پاس ڪرائي هن آفت سبب سنڌ کي ٿيل نقصانن کي تاريخ ۽ رڪارڊ جو حصو بڻائڻ
گهرجي، جيڪڏهن زهريلي ۽ سم جي پاڻيءَ لاءِ صرف گهوٽڪي جو صحرائي علائقو ئي آهي، ته
اهڙو صحرا ته پنجاب ۾ چولستان جي صورت ۾ به آهي ۽ وڏي ڳالهه ته جنهن منصوبي جي
1981ع ۾ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي آف دي نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل کان سم جي پاڻي کي گهٽ ۾
گهٽ نقصان سان ٺڪاڻي لڳائڻ جي لاءِ منظوري ورتي ويئي هئي، ان موجب پنجاب جي
بهاولپور ۽ رحيم يار خان ضلعن جي مختلف واهن جي ڪمانڊ ايريا جي سم جي پاڻي کي
نيڪال ڪرڻ جي لاءِ چولستان ۽ گهوٽڪي جي وارياسي پٽيءَ ۾ هڪ جيتري زمين يعني پنجاب
جي 28061 ۽ سنڌ جي 28031 ايڪڙن تي ٺاهي ان
پاڻيءَ کي قدرتي طور تي ٻاڦ ۾ تبديل ڪري ختم ڪرڻ لاءِ تلاءَEvaporation ponds ٺاهڻا هئا، جن مان ڪجهه چولستان ۽ ڪجهه گهوٽڪي جي صحرائي
علائقي ۾ ٺاهڻا هئا، جيتوڻيڪ اهو به سنڌ سان ڪو گهڻو انصاف نه هو پر بروقت سنڌ جي
ڪيس جي پوئواري نه ٿيڻ ۽ ڪا مزاحمت نه ٿيڻ سبب پنجاب طرفان ائين ئي پنهنجي حدن
تائين پاڻي پهچائي سنڌ ڏانهن ائين پاڻي ڌڪي ڇڏيو، جيئن ڪنهن زمين کي ٻوڙڻ جي لاءِ
واهه کي ڪٽ ڏنو ويندو آهي، ان مامري تي سنڌ جي پاڻي ماهرن ۽ قانوندانن ۽ سنڌ جي
ساڃاهه وندن کي اڳيان اچڻ گهرجي. فهيم احمد ميمڻ
2k16/MMC/20
No comments:
Post a Comment