فيچر:
08 -aijaz ali bhatti
Give soem stories related to the topic
paragraphs
Photos
write in interesting manner to make it feature, otherwise it is article or essay.
Put some current this for its timeliness and freshness
ٿر جا ميويدار
وڻ
اڪثر سنڌ جي پٽ واري
علائقن ۾ مشهور ۽ گهڻائي مقدار ۾ ميويدار وڻ ٿيندا آهن. پر انهي جي ٻئي پاسي واري
ريگستاني يعني ٿر واري علائقن ۾ به ميويدار وڻ ٿيندا آهن. جيڪي سنڌ جي پٽ واري
علائقن ۾ هتي جا ميويدار وڻ ماڻهن جي کاڌ جو ذريعو بڻجن ٿا. ائين ٿر ۾ به اتي جا
ميويدار وڻ جيڪي انهن ماڻهن جي جياپي جي لاءِ ساهه وانگي ساٿ ڏيندا آهن. نه رڳو
کائڻ طور استعمال ٿيندا آهن. پر گهرن جي ڍڪ چوپايو مال جو چارو، باهه ٻارڻ جو
ذريعو ۽ رڌ پچاءُ ۾ به ڪم ايندا آهن اسان جي اڄڪلهه جي نوجوان نسل کي اهو ضرور ٻڌي
تعجب لڳو هوندو ته ٿر جا ميويدار وڻ، ڇا ٿر ۾ به ميويدار وڻ ٿيندا آهن؟ ٿر جتي
زندگي مانگهي ۽ موت سستو وڪامي ٿو. ٿر جتي اڪثر ڏڪار واري حالت هوندي آهي. پر جڏهن
ٿر ۾ برسات وسندي آهي ته اتي جي ماڻهو ڄڻ جيءَ اٿندا آهن. ٿر جي ماڻهن جي منهن تي
ڄڻ مرڪون واپس موٽي آيون هجن جيڪي هميشه برسات جو انتظار ڪندا آهن. چند اهڙيون
قدرت طرفان نعمتون ڏنل آهن. جتي زندگي اڃان هتي جي ماڻهن ۾ رڪس ڪري رهي آهي. پر
هنن ميويدار وڻن جي ڪري انهن ماڻهن جو جياپو هلندو رهي ٿو. ڪجهه اهڙا وڻ جيڪي
موسمي طور تي ٿيندا آهن. ۽ ڪجهه اهڙا وڻ جيڪي برساتون پوڻ جي ڪري ٿيندا آهن.
جتي لڪ لڳي اتي اڪ تپن
اهو ديس مسافر منهنجو ڙي
اهو ديس مسافر منهنجو ڙي
پپون،ڪرڙ، ڪنڊي، ٻير،
ڄار،
پپون: پپون جيڪو ٿر ۾ اڪثر برساتن جي موسم ۾ ٿينديون آهن. پپون جي وَل ٿيندي آهي.
جيڪا سائي رنگ جي ٿيندي آهي. هن کي ڀاڄي طور به استعمال ڪئي ويندي آهي. جيڪا نمڪين
ذائقي جي ٿيندي آهي. انهي کان علاوه ميوي طور به استعمال ٿيندي آهي. پپون اڪثر ٿر
جي سڀني علائقن ۾ ٿيندي آهي.
ڄــار: هي به ٿر جو اهم وڻ آهي. هن جي ميوي کي پيرون
چيو ويندو آهي، جهن کي ٿري ماڻهون ٿر جا انگور ڪري به سڏيندا آهن پر هن جو ٻج کارو
ٿيندو آهي پيرون اڪثر ڪري ڳاڙهي ۽ پيلي رنگ جا ٿين ٿا ۽ مال کي کارائڻ سان کير
وڌندو آهي ڄار جي وڻ کي اٺ جو کاڌ به چيو ويندو آهي. ٿر ۾ ڄاري جي کوٽ ۾ اٺ کي ڄار
جو وڻ ڪٽي کارايو ويندو آهي ان جو ڪاٺ ٻارڻ کانسواءِ شهتيرن، داسن ۽ پٽين طور ڪتب
آندو ويندو آهي ڄار جو وڻ ٿر جي ڍٺ واري علائقي ۾ وڌيڪ موجود آهي.
ٻير: ريگستان واري علائقي ۾ ٻير جو وڻ به عام جام
ٿيندو آهي، هن علائقي ۾ ديسي ٻيرن جا وڻ وڌيڪ آهن، پر هاڻي وڌندڙ آباديءِ جي ڪري
ڏينهون ڏينهن گهٽتائي ايندي پئي وڃي. ديسي ٻير جسامت ۾ ننڍڙا پر کائڻ ڏاڊا لذيز
هوندا آهن. ٻيرن جي موسم کانپوءِ هن وڻ جا پن چوپايو مال کي کاريا ويندا آهن ۽
ڪنڊن مان ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجي گهرن کي لوڙها ٺاهي ڏيندا آهن. ٿر ۾ ٻيرن جا وڻ
گهرن ۽ ڳوٺن ۾ گهٽ پر جهنگ ۾ وڌيڪ نظر ايندا آهن. هاڻي ته ٿر واري علائقي ۾ به
ڪجهه سماجي تنظيمن جي مدد سان ديسي ٻيرن کي ڪٽي قلم لڳايا ويا آهن . ڪجهه اهڙا
فارم تيار ڪيا ويا آهن جتي ولايتي ٻير ٿين ٿا. ڪجهه ماڻهو گهرن ۾ ٻيرن کي قلم
لڳائي سار سنڀال ڪن ٿا اتان جا ماڻهون ديسي ٻير مارڪيٽ تائين پهچائي به چگو ناڻو
ڪمائين ٿا.
ڪرڙ: هي وڻ به ٿر جي ڪجهه علائقن ۾ تمام گهڻو نظر ايندو آهي جڏهن ته ٻين علائقن ۾
تمام گهٽ جتي هي وڻ وڌيڪ ملي ٿو اهي علائقا ڍٺ ۽ مهراڻو آهن هن وڻ جو ڪاٺ عام طور
تي ٻارڻ ۾ استعمال ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته هن جي ڪاٺي جلدي سڪي ويندي آهي ۽ چٽي ٻري ٿي
جڏهن اونهاري جي موسم ايندي آهي ته هن وڻ ۾ ميوو لڳڻ شروع ٿيندو ان جا ننڊا ننڊا
ڪچا ميوا جنهن کي ٿري جا ماڻهو”ڏنئورا يا ڏيلها“
ڪري سڏيندا آهن جن مان تمام لذيذ قسم جو آچار ٺهندو آهي، ڪرڙ جو پڪل ميووڳاڙهي رنگ
جو ٿئي جنهن کي اتي جا ماڻهو پڪا ڪري سڏيندا آهن جيڪو کائڻ ۾ ڏاڍو مٺو هوندو آهي
ڪرڙ جي گل کي ماڻهن”ٻاٽي يا پسي“
ڪري سڏيندا آهن جنهن جو ٻوڙ بيحد لذيز هوندو آهي ان کان علاوه پسي مال کي به
کارائي ويندي آهي سو اهو گهڻن شين ۾ ڪم ايندو آهي.
ڪنڊي: ڪنڊي جو وڻ ڳوٺن ۾ گهٽ پر ٻنين ۾ وڌيڪ نظر ايندو آهي هن وڻ جي ڇانو ايڏي
گهاٽي نه هوندي آهي. تنهن ڪري ڳوٺن ۾ هن وڻ کي گهٽ پوکيو ويندو آهي ڪنڊي جي وڻ جا
ٿر ۾ ٻه قسم ٿين ٿا هڪ ڪنڊيدار ۽ ٻيو لاسي ڪنڊي جي وڻ ۾ سنڱريون ٿينديون آهن جن کي
اتان جا ماڻهون سائي توڙي سڪل ڀاڄي طور استعمال ڪندا آهن. لاسي ڪنڊي ۾ سنڱريون
ڪنڊيدار ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿينديون آهن. هن وڻ ۾ ڏڪاري واري حالت کي برادشت ڪرڻ جي ڪافي
صلايت موجود آهي سدائين سائي رهندي آهي هن جا پن مال کي کاريا ويندا آهن هن وڻ جو
ڪاٺ عام جام ٻارڻ طور به ڪتب آندو ويندو آهي ان کان علاوه هن وڻ جو وڏيون وڏيون
ڪاٺيون چئونرن ۽ لاڊين ۾ استعمال ڪبيون
آهن ٿر جا هندو ماڻهون هن وڻ جي پوجا به ڪندا آهن ۽ ماتا جو درجو ڏيندا آهن هن وڻ
سان شيخ اياز کي به ڏاڊو پيار هوندو هو پاڻ هن وڻ ته هڪ بيت به چيو هو جنهن جي
شروعات هن ريت آهي.
ڪنڊين نه سڱري، ٻيرن نه پلڙو
سائو نه سلڙو، ڇانگو نه ڇيلڙا
مارو اڪيلڙا، مارو اڪيلڙا
No comments:
Post a Comment