Thursday, 11 August 2016

ٽيڪنالجي جا انسانن تي اثر: رشيد احمد نظاماڻي


Rasheed Nizamani,         Corrected
آرٽيڪل:
ٽيڪنالجي جا انسانن تي اثر
لکندڙ:رشيد احمد نظاماڻي
ايم.اي پريويس رول نمبر 49
سائنسي علم ۾ آئنسٽائن جو جانشين مڃيو ويندڙ ۽ موجوده وقت جي ذهين ترين سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ 19 جنوري 2016 تي بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو هو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي سلطنت کي جهڙي ريت انسان تيزي سان ترقي ڏئي رهيو آهي اها ايندڙ 100 سالن ۾ انسان کي هن ڌرتي تان مٽائي سگهي ٿي.هن نيو ڪليئر جنگ ، عالمي گرمي پد ۽ جينيٽڪ انجنيئرنگ زريعي ٺاهيل وائرس کي انسانيت جي پڇاڙي جون ممڪنه نشانيون قرار ڏنو.ان کان اڳ ڊسمبر 2014 ۾ هن خبردار ڪيو هوته روبوٽن ۾ پيدا ڪيل هٿرادو ذهانت انسانن تي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي.
ٽيڪنالاجي جي اثرات کان ڪو بـ ذي شعور انسان انڪار نٿو ڪري سگهي. ٽيڪنالاجي جا انسانن تي ڪيترا اثر پيا آهن؟ جيڪڏهن ان جو سادن لفظن ۾ ڇييد ڪجي ته هيئن چئبو ته اڄوڪي دور کي صنعتي دور چيو وڃي ٿو ۽ وقت تي پنهنجو نالو ثبت ڪندڙ صنعت،ٽيڪنالاجي جي مرهونِ منت آهي يا ائين چئجي ته صبح جو جاڳڻ کان وٺي رات جو سمهڻ تائين اسان جو جن به شين سان واسطو پوي ٿو اها ٽيڪنالاجي جي بدولت آهي.پر اصل بحث اهو آهي تـ اهي اثرات منفي گھڻا آهن يا مثبت گھڻا آهن.اهو اهڙو بحث آهي جيڪو عام ماڻهن کان وٺي سائنسدانن تائين جي ڳالهين جو موضوع بڻيل آهي.ان حوالي سان ٻه گروهه چئي سگھجن ٿا.هڪڙا اُهي جيڪي انجا حامي آهن ۽ ٻيا اُهي جيڪي ان جي ناڪاري اثرات کان خائف آهن.ٻي گروهه کي جيڪي ناڪاري اثرات نظر اچن ٿا اُهي ٿُلهي ليکي هن ريت آهن.
1.ٽيڪنالاجي تهذيب کي جديد بڻايو آهي جنهن ڪري انسان سماج کان ڪٽجي مشينن جي ويجهو ٿي انهن جو غلام بڻجي ويو آهي.
2.ٽيڪنالاجي جي مدد سان مهلڪ هٿيار ٺاهيا ويا آهن جيڪي انسانن کي وڏي پئماني تي موت جو شڪار بڻائين پيا،جيئن ائٽم بم يا هئڊروجن بم.ان جي لاءِ آمريڪا پاران جاپان جي ٻن شهرن تي اڇلايل بمن جو حوالو ڏنو وڃي ٿو.
3.صنعتن جي ڪثرت عالمي گرمي پد کي وڌايو آهي جنهن ڪري موسمن جي هير ڦير انسانن ۽ ان جي آسپاس جي ماحول کي تمام وڏو نقصان پهچايو آهي ۽ مستقبل ۾ به ان جو خطرو آهي.
4.ٽيڪنالاجي هٿرادو ڊمانڊ پيدا ڪري انسانن کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي.18 صدي جي مشهور فلسفي ۽ جديد تعليم جي ماهر،جين جيڪ روسو به ان خيال جو اظهار ڪيو ۽ هو سائنس ۽ ٽيڪنالجي جي اثرن کان ايڏو ته ڪاوڙيل هو جو هن “فطرت ڏانهن واپس هلو” جو نعرو ڏئي ڇڏيو.
ٽيڪنالاجي ۽ سائنس جي انهن منفي اثرات کان بلڪل انڪار نٿو ڪري سگھجي.بلڪه ٽيڪنالاجي جي منفي اثرن بابت انٽرنيٽ تي پڙهندي مونکي هڪ حيران ڪندڙ ڳالهه خبر پئي.اُها اِها ته ٽيڪنالاجي جي ڪري هاڻ “ڳالهائجندڙ لفظ” آهستي آهستي ختم ٿيڻ طرف وڃ رهيو آهي.اِها تحقيق آمريڪا جي اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي سينيئر ريسرچر ڊاڪٽر ڪيئٿ ڊيولِن پاران ڪئي وئي آهي. سندس ان تحقيق جو مختصر تت هي ته اڄ کان75000 سال کان200000سال اڳ جي انسانن ڳالهائيجندڙ لفظن جي ٽيڪنيڪ استعمال ڪرڻ شروع ڪئي ان کان اڳ هو اشارن،لهجي،مخصوص آوازن ۽ جسماني حرڪتن ذريعي هڪٻئي سان رابطو ڪندا هئا جنهن کي”ٻولي کان اڳ جو رابطو“ چئجي ٿو.پوءِ وڏي عرصي کانپوءِ انسانن لکجڻ وارن لفظن جي ايجاد ڪئي جيڪا ماهرن مطابق يونانين پاران 400 کان 700 ق.م ۾ الفابيٽ جي ايجاد سان ممڪن ٿي.سندس مطابق ان کانپوءِ پرننٽنگ پريس ،ڪمپيوٽر ۽ ٻين ٽيڪنالاجين جي ايجاد “ڳالهائجندڙ لفظ” تي هر گذرندڙ ڏينهن سان پنهنجو اثر ڇڏي پئي.
اهي ناڪاري اثر پنهنجي جاءِ تي پر ٽيڪنالاجي جا انسانن کي فائدا وڌيڪ مليا آهن جن جاڪجهه سرسري مثال ڪجهه هن ريت آهن.
1987 ۾ ظاهر ٿيندڙ ۽ فقط گيمز لاءِ استعمال ٿيندڙ 3 ڊي ٽيڪنالاجي هاڻ ڪنهن به شي جي عملي ڊيزائن ۾ به ڪم اچي ٿي.نه رڳو ايترو پر هاڻ 3 ڊي پرننٽنگ هڪ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو آهي جنهن جي مدد سان ٻين شين سان گڏ هاڻ 3 ڊي ڪارون ۽ ويندي انساني عضوا ٺاهڻ جا ڪامياب تجربا به ٿي رهيا آهن.جينيٽڪ انجنيئرنگ جي ذريعي ماليڪيولر بائيولاجي ۾ هڪ انقلاب اچي ويو آهي.جنهن جي ڪري ذراعت ۾ وڏي ترقي ٿي آهي ۽ ميڊيڪل جي ترقي ۾ ويڪسين ۽ پروٽينز جي ايجاد،وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.انٽرنيٽ،ڪمپيوٽر ۽ موبائل جي ايجاد به دنيا ۾ هڪ انقلاب برپا ڪيو آهي جن جا فائدا ايترا آهن جو هن تحرير ۾ سمائجي نٿا سگھن.
مختصر طور ته اڄ اسان ٽيڪنالاجي جي بغير زندگي جو تصور به نٿا ڪري سگھون ۽ ٽيڪنالاجي بغير اسان کي زندگي جي هر شعبي ۾ تمام گھڻين پريشانن کي منهن ڏيڻو پوي ها.ڏٺو وڃي ته ٽيڪنالاجي پنهنجي جوهر ۾ انسانذات کي فائدو پهچائيندڙ آهي. پر اهو انسان ئي آهي جنهن ان کي پنهنجي لالچ ۽ مفادن جي ڪري ان کي اهڙو غلط استعمال ڪيو آهي جو اها اڄ انسانن کي فائدو ڏيڻ بجاءِ نقصان گھڻا ڏئي رهي آهي. ان غلط استعمال جي ڪري هاڻ اسين هڪ ”خوفناڪ ٽيڪنالاجي انقلاب“ جي وچ ۾ آهيون جنهن ماڻهن جي پاڻ ۾ ماحول سان لاڳاپن تي گھرا اثر ڇڏيا آهن.20 صدي عيسوي جي مشهور فلسفي ، سياسي سماجي ايڪٽيوسٽ ۽ نقاد برٽرنڊ رسل به سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهڙن غلط استعمال ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ منفي اثرات ڏانهن ڌيان ڇڪايو.سندس ڪتاب”سائنس جو معاشري تي اثر“ ۾ هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي منفي اثرات تي نه رڳو تفصيلي بحث ڪيو آهي پر انهن جو حل به پيش ڪيو آهي جيڪو هيٺين نقطن تي مشتمل آهي
1.جنگ جو خاتمو 2.طاقت جو توازن قائم رهڻ 3.خوشحالي جي هر طبقي ۾ فراواني 4.ڄم تي موثر ضابطو 5.عام ماڻهن کي تخليقي عمل جي آزادي.

دنيا جي سپر طاقتن کي ٽيڪنالاجي ۽ سائنس جي منفي اثرات جي لپيٽ ۾ ورتل هن دنيا کي برٽرنڊ رسل جي ”مستحڪم سائنسي معاشري“ بڻائڻ لاءِ سندس پاران ٻڌايل مفروضاتي حل تي غور ڪرڻ گھرجي.  

Referred back This is all old stuff. what is new? . It is not according to outline we disscussed and finalised
 آرٽيڪل
:

ٽيڪنالاجي جا انسانن تي اثر

لکندڙ: رشيد احمد نظاماڻي
M.A Previous(2k16 MMC-49)

ٽيڪنالاجي جا انسانن تي ڪيترا اثر پيا آهن؟ جيڪڏهن ان جو سادن لفظن ۾ ڇييد ڪجي ته هيئن چئبو ته اڄوڪي دور کي صنعتي دور چيو وڃي ٿو ۽ وقت تي پنهنجو نالو ثبت ڪندڙ صنعت،ٽيڪنالاجي جي مرهونِ منت آهي يا ائين چئجي ته صبح جو جاڳڻ کان وٺي رات جو سمهڻ تائين اسان جو جن به شين سان واسطو پوي ٿو اها ٽيڪنالاجي جي بدولت آهي.
انسان پنهنجي صدين جي ارتقائي مرحلن ۾ نه رڳو پاڻ تبديل ٿيندو رهيو آهي پر پنهنجي آسپاس جي ماحول کي به پنهنجي تابع ڪرڻ لاءِ تبديل ڪندو رهيو آهي.ان تبديلي جا انسانن وٽ ٽي اهم ۽ بنيادي مقصد رهيا آهن هڪ دفاع ٻيو ضرورت ۽ ٽيون سهولت.انهي ٽنهي مقصدن جي لاءِ ٻين شين مان سڀ کان وڌيڪ جنهن شيءَ جو انسان سهارو ورتو اها ٽيڪنالاجي آهي.هر شيءَ  جا مثبت توڙي منفي پهلو ضرور هوندا آهن. اچو ته زماني جي گردشن تي نظر وجهندي هڪ سرسري جائزو وٺون ته ٽيڪنالاجي انسانن تي ڪهڙا مثبت ۽ منفي اثر ڇڏيا آهن.
اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي سينيئر ريسرچر ڊاڪٽر ڪيئٿ ڊيولن جي مطابق اڄ کان75000 سال کان200000سال اڳ جي انسانن ڳالهائيجندڙ لفظن جي ٽيڪنيڪ استعمال ڪرڻ شروع ڪئي ان کان اڳ هو اشارن،لهجي،مخصوص آوازن ۽ جسماني حرڪتن ذريعي هڪٻئي سان رابطو ڪندا هئا جنهن کي”ٻولي کان اڳ جو رابطو“ چئجي ٿو.پوءِ وڏي عرصي کانپوءِ انسانن لکجڻ وارن لفظن جي ايجاد ڪئي جيڪا ماهرن ،مطابق يونانين پاران 400 کان 700 ق.م ۾ الفابيٽ جي ايجاد سان ممڪن ٿي.ان کانپوءِ 15 صدي عيسوي ۾ پرنٽنگ پريس جي ايجاد جي صورت ۾ دنيا ۾ وڏو انقلاب آيو جنهن دنيا ۾ ترقي جا نوان گس کوليا ۽ نئين دنيا جا بنياد وڌا ڇاڪاڻ ته پرنٽنگ پريس کان اڳ ۾ علم جي ڦهلاءُ جي رفتار تمام سست هئي.ڪنهن ڪتاب کي نقل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو ۽ وقت درڪار هوندو هو پر پرنٽنگ پريس هڪ ئي وقت ڪيترائي ڪتاب ڇپڻ لڳي ته علم تيزي سان پکڙجڻ لڳو ۽ علم جي ڪري ئي دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ڪيتريون ئي نيون ايجادون ٿيون ۽ ٿي رهيون آهن.هتي انهن ايجادن مان چند جو ذڪر ڪجي ٿو.
ريڊيو جي ايجاد ماڻهن کي آواز ذريعي دنيا جي خبرن جي معلومات ملڻ لڳي ۽ ٽيليويزن جي ايجاد سان ماڻهن کي انهن خبرن جو نه رڳو آواز پر چرندڙ ڦرندڙ تصويرون پڻ نظر آيون ٿي ۽ بهترين معلوماتي پروگرام ڏسڻ لاءِ مليا هاڻ ته ٽي.وي تمام گھڻي جديد بنجي وئي آهي.ٽيليفون جي ايجاد ماڻهن کي هڪٻئي کان پري هوندي به ڳنڍي ڇڏيو.ان جي جديد شڪل اڄ جا موبائل آهن جن ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان جدت اچڻ ڪري هاڻ نه رڳو ان سان پوري دنيا ۾ هڪٻئي کي ڏسي ۽ ٻڌي سگھجي ٿو بلڪه فوٽو، وڊيو ٺاهڻ ۽ سماجي ويب سائيٽن تي ايڪٽيوٽيز ڪرڻ سان گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي سهولتون ان ۾ سمائجي چڪيون آهن.بجلي جي دريافت ۽ پوءِ بلب جي ايجاد ۽ هن وقت تائين ان ۾ ٿيندڙ ترقي اسان جي راتين کي روشن ڪيو آهي نه ته ان کان اڳ ۾ شام کان پوءِ ڄڻ ته ڪا زندگي ئي نه هئي.اسٽيم انجڻ ۽ ڪمبسشن انجڻ جي ڪري نه رڳو ڪارون،جهاز ۽ ريلون ٺهيون بلڪه انهن صنعتي انقلاب برپا ڪري ڇڏيو.اهي صنعتون هاڻ اهڙيون تيز ترين ڪارون،ريلون ۽ جهاز ٺاهين پيون جو مهينن جو سفر هاڻ ڪجهه ڪلاڪن ۾ ٿئي ٿو.فقط ٻه ڏهاڪا اڳ ۾ ٽيڪنالاجي منظر تي ڪمپيوٽر نمودار ٿيو ته دنيا ۾ هڪ نئون دور جي شروعات ٿي وئي.ٻين ڪيترن سڌارن سان گڏ ڪمپيوٽرن جي اسپيڊ ۾ واڌاري ۽ انٽرنيٽ جي ايجاد هاڻ ڪمپيوٽر کي ڪيترين ئي شين جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي.هن وقت دنيا ۾ بئنڪن جو نظام،خريد و فروخت ،واپار ، پڙهڻ پڙهائڻ ، نظرين جو پرچار ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪم ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي ٿين ٿا بلڪه هاڻ جنگيون به ٿين ٿيون ته آن لائن عدالتون به هلن ٿيون.ٽيڪنالاجي جا اهي چند مثال تصوير جو هڪ پاسو آهن ان جو ٻيو پاسو به آهي.
ٽيڪنالاجي جي ڪثرت ڏسي ائين لڳي ٿو ڄڻ انسان عروج تي پهچي چڪو آهي پر گھري نظر وجهڻ سان خبر پوندي ته ٽيڪنالاجي جو انفرادي توڙي اجتماعي غلط ۽ گهڻو استعمال انسان کي پوئتي ڌڪي رهيو آهي.جيئن ته ٽيڪنالاجي تهذيب کي جديد بڻائي ڇڏيو آهي تيئن انسان سماج کان ڪٽجي مشينن جي ويجهو ٿيندو وڃي پيو بلڪ ان جو غلام ٿيندو وڃي پيو.ٽيڪنالاجي جي اثر هيٺ انسان پنهنجي خواهشن کي نه رڳو ضرورت بلڪه بنيادي ضرورت جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي جنهن ڪري شين جي گهرج تمام گهڻي وڌي وئي آهي ۽ گھرج وڌڻ سان پيداوار وڌائڻ لازمي آهي.اها وڌيڪ گھرج ۽ وڌيڪ پيداوار هڪ اهڙي معاشي صورتحال پيدا ڪري ٿي جيڪا ماڻهن کان وڌيڪ ڪم جي تقاضا ڪري ٿي.اهو سڀ ٿيڻ جي ڪري زندگي تيز رفتار ٿي وئي آهي ۽ اها تيز رفتاري اهڙو نسل آڻي پئي جيڪا ان تيز رفتاري جي ڪري انتشار جو شڪار آهي.اڄ جي انسان ٽيڪنالاجي وسيلي،دفاع جي نالي تي اهڙا مهلڪ هٿيار ٺاهي ورتا آهن جيڪي هڪ ئي ڌڪ سان لکين انسانن کي موت جي وادي ڏانهن ڌڪي سگهن ٿا.تاريخ ۾ ان جو وڏو مثال ٻي عالمي جنگ ۾ آمريڪا پاران جاپان جي ٻن شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي اڇلايل ائٽمي بم آهي جنهن ۾ اندازي موجب ٻه لک 20 هزار ماڻهو مارجي ويا ۽ ان حملي جي اثر جي ڪري اڄ به اتي معذور ٻار ڄمندا آهن.اڄ انسان صنعتي دور جي ترقي تي فخر محسوس ڪندي اهو وساري ويهي ٿو ته صنعتن جي ڪري اڄ اسان جي فضا خطرناڪ حد تائين نقصانڪار ٿي وئي آهي جنهن ڪري ڪيتريون ئي خطرناڪ ۽ وچڙندڙ بيماريون جنم وٺن پيون.نه رڳو اهو پر صنعتن جي فضائي گدلاڻ عالمي گرمي پد کي وڌائي رهي آهي جنهن ڪري ساه ڪڍندڙ تيز گرميون، سمنڊ جي سطح بلند ٿيڻ جي ڪري طوفان ۽ برف ڳرڻ جي ڪري هر سال  تباهه ڪن ٻوڏون اچن پيون.ٽيڪنالاجي بيروزگاري جو به سبب بڻجندي وڃي پئي.هاڻ اهڙيون مشينون اچي ويون آهن جو هڪ مشين ڪيترن ئي ماڻهن جو ڪم ٿوري وقت ۾ ڪري ٿي ڏي ان جو جديد نمونو  روبوٽ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي.جديد روبوٽ هاڻ انسانن جي جاءِ والاريندا وڃن پيا.عالمي بئنڪ ”سٽي“ جي هڪ رپورٽ موجب هن وقت برطانيا ۾  35 سيڪڙو ، آمريڪا ۾ 47 سيڪڙو ۽ سڀ کان وڌيڪ چين ۾ 77 سيڪڙو ، روبوٽن پاران انساني جايون والارڻ جي ڪري بيروزگاري جو خطرو آهي.سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهڙن منفي اثرات کي محسوس ڪندي وقت جا سائنسدان ۽ فلاسافر خبردار ڪندا رهيا آهن.
هئڊروجن ۽ ائٽم بم جي تباهه ڪارين کي محسوس ڪندي عظيم سائنسدان آئنسٽائن خدشو ڏيکاريو هو ته ڪٿي انسان خود هن ڌرتي کي تباه نه ڪري ڇڏي.سائنسي علم ۾ آئنسٽائن جو جانشين مڃيو ويندڙ ۽ موجوده وقت جي ذهين ترين سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ پڻ 19 جنوري 2016 تي بي بي سي سان ڳالهائيندي اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو هو.سندس چوڻ هو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي سلطنت کي جهڙي ريت انسان تيزي سان ترقي ڏئي رهيو آهي اها ايندڙ 100 سالن ۾ انسان کي هن ڌرتي تان مٽائي سگهي ٿي.هن نيو ڪليئر جنگ ، عالمي گرمي پد ۽ جينيٽڪ انجنيئرنگ زريعي ٺاهيل وائرس کي انسانيت جي پڇاڙي جون ممڪنه نشانيون قرار ڏنو.ان کان اڳ ڊسمبر 2014 ۾ هن خبردار ڪيو هوته روبوٽن ۾ پيدا ڪيل هٿرادو ذهانت انسانن تي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي.18 صدي عيسوي جو مشهور فلسفي ۽ جديد تعليم جو باني جين جيڪ روسو کي ته سائنس سان ايتري نفرت هئي جو هن ”فطرت ڏانهن واپس هلو“ جو نعرو ڏئي ڇڏيو.سندس خيال هو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي هٿرادو گھرج پيدا ڪري انسانن کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي.الفريڊ نوبل ، امن جي نوبل انعام جو بنياد تڏهن ئي وڌو هو جڏهن هن کي اهو احساس ٿيو ته سندس ايجاد ڪيل ”ڊائينامائيٽ“ انسانن ۽ ڌرتي لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.
در اصل اسين هاڻ هڪ ”خوفناڪ ٽيڪنالاجي انقلاب“ جي وچ ۾ آهيون جنهن ماڻهن جي پاڻ ۾ ماحول سان لاڳاپن تي گھرا اثر ڇڏيا آهن.20 صدي عيسوي جي مشهور فلسفي ، سياسي سماجي ايڪٽيوسٽ ۽ نقاد برٽرنڊ رسل به سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهڙن منفي اثرات ڏانهن ڌيان ڇڪايو.سندس ڪتاب”سائنس جو معاشري تي اثر“ ۾ هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي منفي اثرات تي نه رڳو تفصيلي بحث ڪيو آهي پر انهن جو حل به پيش ڪيو آهي جيڪو هيٺين نقطن تي مشتمل آهي
1.جنگ جو خاتمو 2.طاقت جو توازن قائم رهڻ 3.خوشحالي جي هر طبقي ۾ فراواني 4.ڄم تي موثر ضابطو 5.عام ماڻهن کي تخليقي عمل جي آزادي.

دنيا جي سپر طاقتن کي ٽيڪنالاجي ۽ سائنس جي منفي اثرات جي لپيٽ ۾ ورتل هن دنيا کي برٽرنڊ رسل جي ”مستحڪم سائنسي معاشري“ بڻائڻ لاءِ سندس پاران ٻڌايل مفروضاتي حل تي غور ڪرڻ گھرجي.

No comments:

Post a Comment