Showing posts with label رشيد. Show all posts
Showing posts with label رشيد. Show all posts

Monday, 22 August 2016

حيدرآباد جا ادبي ڪتاب گھر ۽ انهن جا خريدار :رشيد احمد نظاماڻي

 Rasheed Nizamani    
فيچر:
حيدرآباد جا ادبي ڪتاب گھر ۽ انهن جا خريدار
لکندڙ:رشيد احمد نظاماڻي
ڪلاس:ايم.اي پريويس
رول نمبر:49
گڏيل هندوستان جي گھڻ رُخي شخصيت ابوُالڪلام آزاد پنهنجي جڳ مشهور تصنيف “غبارِ خاطر” ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته هن جي لاءِ زندگي جي سڀ کان وڏي عياشي اها آهي ته سياري جي تيز ٿڌي رات ۾ باهه جو مچ ٻرندو هجي ۽ هو ڪتاب پڙهندو هجي يا ڪجهه لکندو هجي.سنڌ جي ڪنهن شاعر ڪيڏو نه خُوب چيو آهي ته:
ڪتابن سان دل منهنجي ، ڪُتب خانا وطن منهنجو،
ڪتابن ۾ ٿيندس دفن مان،ورق ٿيندا ڪفن منهنجو.
ڪتابن جي عشق ۾ ورتل اهڙن ماڻهن کي من ۾ هميشه اها تات هوندي آهي ته هو نوان ۽ پراڻا،مطلب ته هر اهو ڪتاب پڙهن جيڪو انهن جو پڙهيل نه هجي.ان ڪري هو هميشه اهڙين جاين جي تلاش ۾ رهندا آهن جتي انهن کي ڪتاب ملي سگھن.
اهڙن پڙهندڙن مان هر ڪنهن جي پسند  مخلتلف هوندي آهي،ڪو ناول ۽ ڪهاڻيون پسند ڪري ٿو ته ڪوئي شاعري.ڪو زندگي جي رمزن ۾ اُلجهڻ لاءِ فلسفو پڙهي ٿو ته ڪوئي ماضي جي ڳولها ۾ تاريخ پڙهڻ پسند ڪري ٿو.ڪي پاڻ سنوارڻ لاءِ دنيا جي عظيم شخصيتن جو جيون ڪٿائون پڙهن ٿا ته ڪي وري دنيا کي گھمڻ لاءِ سفر نامن جو سهارو وٺن ٿا.
ڪتابن سان چاه رکندڙ اهڙا ماڻهو جن کي حيدرآباد ويجهو پوي ٿو انهن کي ٻڌائيندو هلان ته حيدرآباد جو علائقو حيدر چوڪ،ادبي ڪتاب گھرن جو مرڪز آهي جتي ادبي ڪتابن جي 8 دڪانن کان علاوه ٽي ريڙهي وارا به آهن جيڪي ادبي ڪتاب وڪرو ڪن ٿا.
مون جڏهن پنهنجي اسائنمينٽ خاطر انهن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان انهن جا مسئلا،پڙهندڙن جي پسند ۽ ڪتابن جي وڪري وغيره بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ته تمام دلچسپ معلومات ملي.سڀ کان پهريان آئون ريڙهي تي ڪتاب وڪرو ڪندڙن سان مليس جيڪي حيدر چوڪ کان گول بلدنگ طرف ويندڙ روڊ جي موڙ ۾ ويٺل آهن.اتي ڪتاب وڪرو ڪندڙ جنهن پهرين شخص سان ڳالهه ٿي ته ان ٻڌايو ته هو موسيٰ پبليڪيشن جو ڌڻي آهي جنهن جا 28 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن هن پنهنجو نالو حبدار گاڏهي ٻڌايو.هن ٻڌايو ته هو 20 سالن کان وٺي حيدر چوڪ تي ڪتاب وڪرو ڪري رهيو آهي پر ڪتابن جي وڪري ۽ پبليڪيشن مان ڪجهه گھڻو پلئـه نه پيو آهي اهو  ئي سبب آهي جو هو اڃا تائين هڪ ريڙهي کان دڪان تائين نه پهچي سگھيو آهي.هن چيو ته جيڪڏهن گورنمينٽ تعاون ڪري ته اسان جي معاشي حالت ڪجهه بهتر ٿي وڃي.
اتان پوءِ ويجهو ئي حيدر چوڪ کان اولڊ ڪيمپس ويندڙ روڊ تي ٺهيل هڪ مارڪيٽ جي اندر ڪويتا پبليڪيشن جو ننڍو ڪتاب گھر آهي، جنهن جو مالڪ موهن مدهوش آهي جيڪو 16 سالن کان وٺي هي پبليڪيشن هلائي رهيو آهي. موهن مدهوش ٻڌايو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻ وڪرو گھٽجي ويو آهي.باقي جينيئن ريڊرس (اڳوڻن پڙهندڙن) اڃا پڙهڻ ڪون ڇڏيو آهي.هن چيو ته جيترو به وڪرو ٿئي ٿو ان ۾ سفر ناما خاص طور الطاف شيخ جا سفر ناما گھڻو وڪرو ٿين ٿا،ان کان پوءِ ناول ۽ پوءِ آتم ڪٿا جا ڪتاب وڪرو ٿين ٿا.هن وڌيڪ چيو ته اسان سڀني،خاص طور نوجوانن کي ادبي ڪتاب ضرور پڙهڻ گھرجن ڇاڪاڻ ته ان کانسواءِ اسان مضبوط نٿا ٿي سگھون ۽ نوان پڙهندڙ پيدا ڪرڻ لاءِ ٻاراڻي ادب تي ڪم ٿيڻ گھرجي جيڪو نه ٿي رهيو آهي.موهن مدهوش وٽ الطاف ملڪاڻي به ويٺل هو جنهن 35 ڪتابن جا ترجما ڪيا آهن ۽ پنج ڪتابن جو مصنف آهي.ڪتابن جو وڪرو گھٽ ٿيڻ تي هن پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته اڳ ۾ سياسي سماجي تنظيمن جا اسٽڊي سرڪل هوندا هئا جتي ڪارڪنن کي ڪتاب پڙهايا ويندا هئا پر هاڻ نظرياتي سياست گھٽ ٿيڻ جي ڪري ڪتاب پڙهڻ جو رُجحان به گھٽجي ويو آهي.
اتان کان پوءِ آئون ڀٽائي بُڪ هائوس تي ويس جيڪو حيدر چوڪ جي اوڀر ڏانهن ويندڙ روڊ تي واقع آهي. هي هڪ وڏو ڪتاب گھر آهي ۽ ٻن دڪانن تي مشتمل آهي جنهن جو مالڪ اُردو ڳالهائيندڙ ذوالفقار علي آهي.هن وٽ سنڌي ۽ اردو ٻنهي ٻولين جا ڪتاب پيل آهن.هن ٻڌايو ته مجموعي طور وڪرو گھٽ ٿي ويو آهي پر منهنجو وڪرو سٺو ٿئي.هن چيو ته اسان وٽ روشني پبليڪيشن جا ڪتاب گھڻا وڪرو ٿين ٿا جنهن جا ست کان اٺ سئو ٽائيٽل آهن.جڏهن مون هن کان ٻاراڻي ادب جي صورتحال معلوم ڪئي ته هن ٻڌايو ته اردو ميگزين ان حوالي سان سٺو ڪم ڪن پيا جيڪي خاص طور ٻارن جا رسالا هلائين پيا جيئن نونهال ۽ نٽ گھٽ وغيره.هن چيو ته اسان وٽ ناول گھڻو وڪرو ٿئي ٿو.
ان کانپوءِ شاه لطيف ڪتاب گھر وڃڻ ٿيو جيڪو روشني ڪتاب گھر طور به سڃاتو وڃي ٿو.هي ڪتاب گھر حيدرچوڪ جي اتر طرف گلي ۾ واپڊا يونين هال وٽ آهي. هي به هڪ وڏو ڪتاب گھر آهي جيڪو ٻين ڪتاب گھرن کي هو سيل تي به ڪتاب ڏين ٿا.هتي ويٺل علي اظهار جو چوڻ هو ته هاڻ نوجوان ناول جي جڳهه تي فلم کي ۽ ننڍا ٻار آکاڻين جي جڳهه تي ڪارٽون ڏسڻ کي ترجيح ڏين ٿا.شاه لطيف ڪتاب گھر جي سامهون ئي پهرين فلور تي سنڌيڪا وارن جي فرينچائز آهي جنهن کي غلام عباس ابڙو هلائي ٿو.سنڌيڪا سنڌ جي وڏين پبليڪيشنز مان هڪ آهي جنهن جو مالڪ نور احمد ميمڻ آهي.ٻين ڪتاب گھرن جي ابتڙ هتي فقط سنڌيڪا جا ڇپيل ڪتاب ملن ٿا.سنڌيڪا جا 400 کان مٿي ڪتاب ڇپيا ويا آهن.هن ٻڌايو ته اسان جا اسلامي،سيلف ڊولپمينٽ ۽ تاريخي موضوع تي ڪتاب گھڻا وڪامجن ٿا.
حيدر چوڪ تي ئي واپڊا يونيين هال جي ويجهو سِنڌيا پبليڪشين جو ادارو آهي جنهن کي شروع ٿيندي صرف ڏيڊ سال ٿيو آهي ۽ ان جا هن وقت تائين 27 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.سِنڌيا پبليڪيشن جي ڪتاب گھر تي ويٺل رشيد احمد هاليپوٽو،جيڪو اتي اڪائونٽنگ مينيجر آهي،ٻڌايو ته اسان جي اداري ۾ سفارشي ڪلچر نه آهي.اسان وٽ مواد ڪنهن جو به شايع ٿي سگھي ٿو بشرطيڪه اسان جو سليڪشن بورڊ ان کي منظور ڪري ۽ اسان ليکڪ کي وس آهر رائلٽي به ڏيندا آهيون.هن ٻڌايو ته اسان پنهنجا ڪتاب 50 سيڪڙو رعايت سان ڏيندا آهيون.هي ادارو سِنڌيا پبليڪيشن جي نالي سان هڪ ماهوار رسالو به هلائي ٿو.
ان  کانپوءِ ڪتاب گھرن جي پُڇاءَ ڪندي آئون حيدر چوڪ وٽ رابِعه اسڪوائر پهتس جتي اندر مارڪيٽ ۾ ٻه ڪتاب گھر آهن،هڪ سنڌي ساهت گھر ۽ ٻيو فڪشن هائوس.سنڌي ساهت گهر، جيڪا 1973 کان ڪم ڪري پئي جو مالڪ ناز سنائي آهي جيڪو هڪ ليکڪ آهي ۽ کيس جي.ايم سيد پٽ وانگر سانڍيو.ناز سنائي جو چوڻ هو ته اڳ ۾ سنڌي ميڊيم اسڪول به هوندا هئا ته ڪتاب پڙهندڙ به هوندا هئا ۽ ڪتاب ڇپبا گھٽ هئا پڙهندڙ وڌيڪ هئا پر هاڻ ڇپجن گھڻا ٿا پڙهجن گھٽ ٿا،لکڻ جو معيار نه رهيو آهي.سنڌي ادب ۾ ٻاراڻو ادب نه آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو چاهين ٿا ته انهن جا ٻار سنڌي ڪتاب پڙهڻ لاءِ تياري ڪن پر گھڻي ڳولها باوجود انهن کي سنڌي ادب جو ٻاراڻو ڪتاب  نٿو ملي.جڏهن اسان جي ٻولي جو نئون پڙهندڙ ئي پيدا نه ٿيندو ته اڳتي هلي اسان جي ٻولي سان جيڪو حشر ٿيندو ان جو اندازو ڪري سگھجي ٿو.سنڌي ساهت گھر جي پاسي ۾ ئي فڪشن هائوس لاهور جو پبليڪيشن ادارو آهي جيڪو 1991ع کان ڪم ڪري پيو، هن جو مالڪ ظهور احمد خان آهي. هن اداري روسي،فرانسيسي،جرمن ٻولين سميت دنيا جو مشهور ادب اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي.هن اداري 700 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپيا آهن جنهن ۾ نه رڳو اردو ۽ انگريزي پر سنڌي ڪتاب به شامل آهن.هن اداري پاڪستان جي مشهور تاريخدان مبارڪ سان گڏ ڪم ڪندي مخلتف موضوعن تي سندس 20 ڪتاب ڇاپيا آهن. هن جي هڪ سب آفيس ڪراچي ۽ ٻي حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ ويجهو
رابِعه اسڪوائر ۾ آهي جتي پڙهندڙن کي تقريبن هر موضوع تي ڪتاب ملي وڃن ٿا.

سڀ کان آخر ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتاب گھر تي ويس جيڪو تلڪ چاڙهي تي موجود آهي.هي هڪ سرڪاري ادارو آهي،هتي ڪتابن کي مخلتف موضوعن جي حوالي سان الڳ ڪري رکيو ويو هو جنهن ڪري ڪتابن جي چونڊ آساني سان ڪري سگھجي ٿي.اداري جي سيل اسسٽنٽ بشير احمد عمراڻي ٻڌايو ته سنڌي ادبي بورڊ ٻاراڻي ادب لاءِ تقريبن گذريل 50 سالن کان ماهوار گُل ڦُل رسالو هلائي پيو ان کان علاوه عورتن لاءِ 1990ع کان وٺي ماهوار سرتيون رسالو هلايو وڃي پيو.

Tuesday, 16 August 2016

سليم احمد شاه جو پروفائيل :رشيد احمد نظاماڻي

پروفائل:
سليم احمد شاه:
پريشانين ۾ گھيريل هئڻ باوجود اعلاي تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد
لکندڙ:رشيد احمد نظاماڻي
ايم.اي پريويس
رول نمبر: 49
 هونئن ته هر انسان کي پنهنجي زندگي ۾ ڏکن ۽ پريشانين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي پر ڪن ماڻهن تي ڏک ڪجهه گھڻو ئي مهربان هوندا آهن. پوءِ اهڙا ماڻهو اڪثر زندگي جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويندا آهن پر ڪي اهڙا به هوندا آهن جيڪي پريشانين ۽ ڏکن وارين حالتن باوجود زندگي ۾ اڳتي نڪرڻ لاءِ جدوجهد جو دامن نه ڇڏيندا آهن،لعلو رائنڪ شهر جو سليم احمد به انهن مان هڪ آهي جيڪو گھڻ رخي پريشانين ۽ تڪليفن ۾ گھيريل هجڻ باوجود پنهنجي اعلاي تعليم جاري رکيو اچي.
سليم احمد سنڌ يونيورسٽي جي جيولاجي شعبي جو گريجوئيٽ آهي ۽ هن وقت اولڊ ڪيمپس حيدرآباد مان بي.ايڊ جي تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.
 سليم جي مسئلن جي شروعات سندس پيدائش کان وٺي ئي ٿي وئي.ڇاڪاڻ ته هُو سندس والدين کي وڏي عمر ۾ ڄائو جنهن ڪري هو هن کي معاشري کان لڪائيندا
هئا.
هو پنهنجي والد ۽ والده،ٻنهي جي ٻيءِ شادي جي اولاد مان هڪ ڀيڻ ۽ 5 ڀائرن مان آخري ۾ ڄائو.هندوستان مان لڏي آيل ۽ اردو ڳالهائيندڙ آبادي سان تعلق رکندڙ سليم جو والد شفيع احمد ٽنڊوالهيار ۾ ڪلينڪ هلائيندو هو جنهن کي سندس پهرين گهر واري مان 6 ڌيئرون ۽ هڪ پُٽ هيو.پهرين گھر واريءَ جي وفات کانپوءِ هن لاڙڪاڻي جي سنڌي گھراڻي سان تعلق رکندڙ هڪ بيواه سان شادي ڪئي جنهن کي پهرين شاديءَ مان هڪ پُٽ ۽ ٻه نياڻيون هيون.

27 سالن جو سليم احمد ، انتهائي بااخلاق ۽ عزت ۽ قرب ڏيندڙ انسان آهي جيڪو به هن سان ملي ٿو سو سندس شخصيت جي انهن خوبين جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿو سگھي.
.گذريل 8 سالن کان هُو پنهنجي تعليم سميت سڀ خرچ پاڻ ڀريندو اچي پيو اِهو خرچو هو ٽي جاين تي ٽيوشن پڙهائي حاصل ڪندو آهي.
سليم جي اعلاي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ جتي سندس پنهنجون ڪوششون آهن اتي ان جي بنياد ۾ هن جي والده ۽ سڀ کان وڏي ۽ سڳي ڀاءٌ هاشم رضاءَ جون ڪوششون به شاملِ حال رهيون.
هن جو والد عمر جي ان حصي ۾ پهچي چڪو هو جو هو هاڻ پنهنجي اولاد جي ڪفالت نٿي ڪري سگھيو.جنهن ڪري سندس والده ڪڙهائي جو ڪم شروع ڪري پنهنجي ٻارن جي ڪفالت سان گڏ وڏي پٽ هاشم رضاءَ کي پڙهائڻ شروع ڪيو.هاشم رضاءَ کي جڏهن بي.ڊي.ايس پڙهڻ دوران هائوس جاب ملي ته هن پنهنجي خاندان کي حيدرآباد گھرائي ورتو.ان هائوس جاب جي 20 هزار پگھار مان 15 هزار پگھار گهر لاءِ ڏيندو هو جيڪو راشن ۽ ڪراءِ ۾ خرچ ٿيندو هو ۽ گذارو تمام گھڻو ڏکيو ٿيندو هو.سليم جي مطابق هُو رسمي طور ٻارنهن ڪلاس پڙهيل هو پر کيس پڙهائي جو صحيح شعور ۽ شوق حيدرآباد اچڻ کانپوءِ ٿيو.
حيدرآباد اچڻ کانپوءِ سليم، پاڙي ۾ ميٿ جي ٽيوشن پڙهڻ شروع ڪئي ۽ ايترو شوق هئس جو ڪاپين جا پئسا نه هجڻ ڪري هُو اخبارن تي ميٿ جي پريڪٽس ڪندو هو ۽ ٽن مهينن ۾7،6،5 ۽ 8 ڪلاس جي ميٿ مڪمل ڪئي.ڪجهه عرصي ۾ هو ميٿ ۾ ايترو ذهين ٿي ويو جو سندس ميٿ جي استاد هن کي هن جي گهر تي شاگرد ڏنا ته اُنهن کي پڙهائي جنهن جي فيءَ شروع ۾ اڌ ۽ پوءِ مڪمل هن کي ملڻ لڳي.
 ان سلسلي کي هلندي اڃا ڪجهه ئي مهينا گذريا هئا جو سليم جي زندگي ۾ هڪ وڏي مصيبت اچي وئي ۽ ڊسمبر 2007 ۾هن کي گوڏي ۾ هڏي جو ڪينسر ظاهر ٿي پئي.غربت جي اهڙي حالت ۾ ان جي علاج لاءِ پئسن جو بندوبست هڪ وڏو مسئلو هيو.سندس وڏي ڀاءُ وياج تي قرض کڻي ڪراچي جي  هڪ وڏي ڊاڪٽر کان هن جو آپريشن ڪرايو.ان کانپوءِ کيس هڪ سال تائين پنهنجي گھر ۾ بستري تي آرام ڪرڻو پيو.ان دوران سندس ڪيفيت اها هئي جو هن کي خدشو رهندو هو  ته سندس ڄنگھ ڪٽي ويندي.
اها مصيبت به نيٺ ٽري وئي ۽ هن واپس ٽيوشن پڙهائڻ شروع ڪئي.ٽيوشن مان
ملندڙ پئسن مان هو پنهجون پڙهائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ سان گڏ گھر وارن کي به ڪجهه پئسا ڏيندو هو.
سنڌ يونيورسٽي جي انٽري ٽيسٽ ڏيڻ کانپوءِ سال 2009ع ۾هن جي جيولاجي شعبي ۾ داخلا ٿي.يونيورسٽي جا 4 سال سليم تمام گھڻي جدودجهد ۽ مصروفيت ۾ گذاريا.صبح جو هو يونيورسٽي ويندو هو ۽ اتان واپسي تي ٽن مختلف جاين تي ٽيوشن پڙهائي رات جو جڏهن 9 بجي فارغ ٿيندو هو ته پوءِ کيس گھر جو سيڌو سامان وٺڻو پوندو هو. هو ايترو ته مصروف رهندو هو جو پيپرن جي تياري به صبح جي وقت يونيورسٽي ويندي پوائنٽ ۾ ڪندو هو.هن جي مطابق ڪڏهن ڪڏهن سندس دل چاهيندي هئي ته هو به ٻين شاگردن جيان دوستن سان گڏ گھمي ڦري پر سندس حالتن جي تقاضا هئي ته هُو مشين جيان زندگي گزاريندو رهي.
سليم جو وڏو ڀاءُ شادي کانپوءِ تبديل ٿي ويو ۽ يونيورسٽي جي آخري سال ۾ سليم کي چيو ته هاڻ هو پنهجو خرچو پاڻ ڪن ۽ هُو هنن جي وڌيڪ مدد نٿو ڪري سگھي.ان ڳالهه جو هن کي گھڻو ڏک ٿيو.هن کي لڳي ٿو ته شايد هن جي ڀاءٌ هن کي ائين ان ڪري چيو ته متان هي ان تي ڀاڙيندو رهي ۽ اڳتي نه نڪري سگهي.
سليم جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي چڪا آهن پر اڃا به ڪجهه مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي انهن مان هڪ اهو آهي ته ننڍي هوندي کان وٺي ٻن مختلف قومن سان تعلق رکڻ جي ڪري هن کي ٻنهي، سنڌي ۽ مهاجر مخالف تعصب کي منهن ڏيڻو پوي پيو.هو جڏهن ڏاڏاڻن مائٽن ويندو آهي ته هن کي سنڌي سمجهي هن کي تعصب جو نشانو بڻايو ويندو آهي ۽ جڏهن ناناڻن ويندو آهي ته هن کي مهاجر سمجهي تعصب جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي ، ايتري قدر جو سندس مامن ان بنياد تي ئي هن جي والده جي حصي جي 5 جريب ٻني هنن کي نه ڏني.
انهن سڀني پريشانين ۽ تڪليفن باوجود هن پنهنجي پڙهائي جاري رکي آهي  ۽  نه رڳو ايترو جو هن فرسٽ ڪلاس ڊويزن ۾ جيولاجي پاس ڪئي بلڪه هن وقت هُو بي.ايڊ ۾ پڙهي پيو ۽ ايم.ايڊ جو ارادو اٿس.
سليم جي ٽيوشن جي شاگردن جو چوڻ آهي ته هُو هڪ بهترين استاد آهي جيڪو انهن سان تمام پيار سان پيش اچي ٿو.جنهن ڪري هو پنهنجا تعليمي مسئلا هن کي ٻڌائي صحيح رهنمائي حاصل ڪن ٿا.سندس پڙهائي جو طريقو اهو آهي جو هو ڪنهن به ڏکي سبجيڪٽ جا سادا ۽ دلچسپ مثال ڏئي شاگردن کي متوجه ڪندو آهي ۽ پوءِ انهن کي گِھرو پڙهائيندو آهي.هو شاگردن کي تمام گھڻو همٿائيندو آهي جنهن ڪري موڳا شاگرد به محنت ڪرڻ لڳندا آهن.هو ٻارن کي سزا به ڏيندو آهي ته اُها اِها ته انهن جي آچر جي موڪل بند ڪري ان ڏينهن تي انهن کي پڙهائيندو آهي.

سليم جو خيال آهي ته جيڪڏهن صرف استاد ئي قوم سان سچا ٿي پون اسان جي تعليم م وڏي ترقي اچي سگھي ٿي.هن جو ارادو آهي ته هُو هڪ معياري اسڪول کولي جتي “ڪُوانٽِٽي” نه بلڪه “ڪُئالِٽي” تي زور ڏنو ويندو

Thursday, 11 August 2016

ٽيڪنالجي جا انسانن تي اثر: رشيد احمد نظاماڻي


Rasheed Nizamani,         Corrected
آرٽيڪل:
ٽيڪنالجي جا انسانن تي اثر
لکندڙ:رشيد احمد نظاماڻي
ايم.اي پريويس رول نمبر 49
سائنسي علم ۾ آئنسٽائن جو جانشين مڃيو ويندڙ ۽ موجوده وقت جي ذهين ترين سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ 19 جنوري 2016 تي بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو هو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي سلطنت کي جهڙي ريت انسان تيزي سان ترقي ڏئي رهيو آهي اها ايندڙ 100 سالن ۾ انسان کي هن ڌرتي تان مٽائي سگهي ٿي.هن نيو ڪليئر جنگ ، عالمي گرمي پد ۽ جينيٽڪ انجنيئرنگ زريعي ٺاهيل وائرس کي انسانيت جي پڇاڙي جون ممڪنه نشانيون قرار ڏنو.ان کان اڳ ڊسمبر 2014 ۾ هن خبردار ڪيو هوته روبوٽن ۾ پيدا ڪيل هٿرادو ذهانت انسانن تي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي.
ٽيڪنالاجي جي اثرات کان ڪو بـ ذي شعور انسان انڪار نٿو ڪري سگهي. ٽيڪنالاجي جا انسانن تي ڪيترا اثر پيا آهن؟ جيڪڏهن ان جو سادن لفظن ۾ ڇييد ڪجي ته هيئن چئبو ته اڄوڪي دور کي صنعتي دور چيو وڃي ٿو ۽ وقت تي پنهنجو نالو ثبت ڪندڙ صنعت،ٽيڪنالاجي جي مرهونِ منت آهي يا ائين چئجي ته صبح جو جاڳڻ کان وٺي رات جو سمهڻ تائين اسان جو جن به شين سان واسطو پوي ٿو اها ٽيڪنالاجي جي بدولت آهي.پر اصل بحث اهو آهي تـ اهي اثرات منفي گھڻا آهن يا مثبت گھڻا آهن.اهو اهڙو بحث آهي جيڪو عام ماڻهن کان وٺي سائنسدانن تائين جي ڳالهين جو موضوع بڻيل آهي.ان حوالي سان ٻه گروهه چئي سگھجن ٿا.هڪڙا اُهي جيڪي انجا حامي آهن ۽ ٻيا اُهي جيڪي ان جي ناڪاري اثرات کان خائف آهن.ٻي گروهه کي جيڪي ناڪاري اثرات نظر اچن ٿا اُهي ٿُلهي ليکي هن ريت آهن.
1.ٽيڪنالاجي تهذيب کي جديد بڻايو آهي جنهن ڪري انسان سماج کان ڪٽجي مشينن جي ويجهو ٿي انهن جو غلام بڻجي ويو آهي.
2.ٽيڪنالاجي جي مدد سان مهلڪ هٿيار ٺاهيا ويا آهن جيڪي انسانن کي وڏي پئماني تي موت جو شڪار بڻائين پيا،جيئن ائٽم بم يا هئڊروجن بم.ان جي لاءِ آمريڪا پاران جاپان جي ٻن شهرن تي اڇلايل بمن جو حوالو ڏنو وڃي ٿو.
3.صنعتن جي ڪثرت عالمي گرمي پد کي وڌايو آهي جنهن ڪري موسمن جي هير ڦير انسانن ۽ ان جي آسپاس جي ماحول کي تمام وڏو نقصان پهچايو آهي ۽ مستقبل ۾ به ان جو خطرو آهي.
4.ٽيڪنالاجي هٿرادو ڊمانڊ پيدا ڪري انسانن کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي.18 صدي جي مشهور فلسفي ۽ جديد تعليم جي ماهر،جين جيڪ روسو به ان خيال جو اظهار ڪيو ۽ هو سائنس ۽ ٽيڪنالجي جي اثرن کان ايڏو ته ڪاوڙيل هو جو هن “فطرت ڏانهن واپس هلو” جو نعرو ڏئي ڇڏيو.
ٽيڪنالاجي ۽ سائنس جي انهن منفي اثرات کان بلڪل انڪار نٿو ڪري سگھجي.بلڪه ٽيڪنالاجي جي منفي اثرن بابت انٽرنيٽ تي پڙهندي مونکي هڪ حيران ڪندڙ ڳالهه خبر پئي.اُها اِها ته ٽيڪنالاجي جي ڪري هاڻ “ڳالهائجندڙ لفظ” آهستي آهستي ختم ٿيڻ طرف وڃ رهيو آهي.اِها تحقيق آمريڪا جي اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي سينيئر ريسرچر ڊاڪٽر ڪيئٿ ڊيولِن پاران ڪئي وئي آهي. سندس ان تحقيق جو مختصر تت هي ته اڄ کان75000 سال کان200000سال اڳ جي انسانن ڳالهائيجندڙ لفظن جي ٽيڪنيڪ استعمال ڪرڻ شروع ڪئي ان کان اڳ هو اشارن،لهجي،مخصوص آوازن ۽ جسماني حرڪتن ذريعي هڪٻئي سان رابطو ڪندا هئا جنهن کي”ٻولي کان اڳ جو رابطو“ چئجي ٿو.پوءِ وڏي عرصي کانپوءِ انسانن لکجڻ وارن لفظن جي ايجاد ڪئي جيڪا ماهرن مطابق يونانين پاران 400 کان 700 ق.م ۾ الفابيٽ جي ايجاد سان ممڪن ٿي.سندس مطابق ان کانپوءِ پرننٽنگ پريس ،ڪمپيوٽر ۽ ٻين ٽيڪنالاجين جي ايجاد “ڳالهائجندڙ لفظ” تي هر گذرندڙ ڏينهن سان پنهنجو اثر ڇڏي پئي.
اهي ناڪاري اثر پنهنجي جاءِ تي پر ٽيڪنالاجي جا انسانن کي فائدا وڌيڪ مليا آهن جن جاڪجهه سرسري مثال ڪجهه هن ريت آهن.
1987 ۾ ظاهر ٿيندڙ ۽ فقط گيمز لاءِ استعمال ٿيندڙ 3 ڊي ٽيڪنالاجي هاڻ ڪنهن به شي جي عملي ڊيزائن ۾ به ڪم اچي ٿي.نه رڳو ايترو پر هاڻ 3 ڊي پرننٽنگ هڪ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو آهي جنهن جي مدد سان ٻين شين سان گڏ هاڻ 3 ڊي ڪارون ۽ ويندي انساني عضوا ٺاهڻ جا ڪامياب تجربا به ٿي رهيا آهن.جينيٽڪ انجنيئرنگ جي ذريعي ماليڪيولر بائيولاجي ۾ هڪ انقلاب اچي ويو آهي.جنهن جي ڪري ذراعت ۾ وڏي ترقي ٿي آهي ۽ ميڊيڪل جي ترقي ۾ ويڪسين ۽ پروٽينز جي ايجاد،وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.انٽرنيٽ،ڪمپيوٽر ۽ موبائل جي ايجاد به دنيا ۾ هڪ انقلاب برپا ڪيو آهي جن جا فائدا ايترا آهن جو هن تحرير ۾ سمائجي نٿا سگھن.
مختصر طور ته اڄ اسان ٽيڪنالاجي جي بغير زندگي جو تصور به نٿا ڪري سگھون ۽ ٽيڪنالاجي بغير اسان کي زندگي جي هر شعبي ۾ تمام گھڻين پريشانن کي منهن ڏيڻو پوي ها.ڏٺو وڃي ته ٽيڪنالاجي پنهنجي جوهر ۾ انسانذات کي فائدو پهچائيندڙ آهي. پر اهو انسان ئي آهي جنهن ان کي پنهنجي لالچ ۽ مفادن جي ڪري ان کي اهڙو غلط استعمال ڪيو آهي جو اها اڄ انسانن کي فائدو ڏيڻ بجاءِ نقصان گھڻا ڏئي رهي آهي. ان غلط استعمال جي ڪري هاڻ اسين هڪ ”خوفناڪ ٽيڪنالاجي انقلاب“ جي وچ ۾ آهيون جنهن ماڻهن جي پاڻ ۾ ماحول سان لاڳاپن تي گھرا اثر ڇڏيا آهن.20 صدي عيسوي جي مشهور فلسفي ، سياسي سماجي ايڪٽيوسٽ ۽ نقاد برٽرنڊ رسل به سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهڙن غلط استعمال ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ منفي اثرات ڏانهن ڌيان ڇڪايو.سندس ڪتاب”سائنس جو معاشري تي اثر“ ۾ هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي منفي اثرات تي نه رڳو تفصيلي بحث ڪيو آهي پر انهن جو حل به پيش ڪيو آهي جيڪو هيٺين نقطن تي مشتمل آهي
1.جنگ جو خاتمو 2.طاقت جو توازن قائم رهڻ 3.خوشحالي جي هر طبقي ۾ فراواني 4.ڄم تي موثر ضابطو 5.عام ماڻهن کي تخليقي عمل جي آزادي.

دنيا جي سپر طاقتن کي ٽيڪنالاجي ۽ سائنس جي منفي اثرات جي لپيٽ ۾ ورتل هن دنيا کي برٽرنڊ رسل جي ”مستحڪم سائنسي معاشري“ بڻائڻ لاءِ سندس پاران ٻڌايل مفروضاتي حل تي غور ڪرڻ گھرجي.  

Referred back This is all old stuff. what is new? . It is not according to outline we disscussed and finalised
 آرٽيڪل
:

ٽيڪنالاجي جا انسانن تي اثر

لکندڙ: رشيد احمد نظاماڻي
M.A Previous(2k16 MMC-49)

ٽيڪنالاجي جا انسانن تي ڪيترا اثر پيا آهن؟ جيڪڏهن ان جو سادن لفظن ۾ ڇييد ڪجي ته هيئن چئبو ته اڄوڪي دور کي صنعتي دور چيو وڃي ٿو ۽ وقت تي پنهنجو نالو ثبت ڪندڙ صنعت،ٽيڪنالاجي جي مرهونِ منت آهي يا ائين چئجي ته صبح جو جاڳڻ کان وٺي رات جو سمهڻ تائين اسان جو جن به شين سان واسطو پوي ٿو اها ٽيڪنالاجي جي بدولت آهي.
انسان پنهنجي صدين جي ارتقائي مرحلن ۾ نه رڳو پاڻ تبديل ٿيندو رهيو آهي پر پنهنجي آسپاس جي ماحول کي به پنهنجي تابع ڪرڻ لاءِ تبديل ڪندو رهيو آهي.ان تبديلي جا انسانن وٽ ٽي اهم ۽ بنيادي مقصد رهيا آهن هڪ دفاع ٻيو ضرورت ۽ ٽيون سهولت.انهي ٽنهي مقصدن جي لاءِ ٻين شين مان سڀ کان وڌيڪ جنهن شيءَ جو انسان سهارو ورتو اها ٽيڪنالاجي آهي.هر شيءَ  جا مثبت توڙي منفي پهلو ضرور هوندا آهن. اچو ته زماني جي گردشن تي نظر وجهندي هڪ سرسري جائزو وٺون ته ٽيڪنالاجي انسانن تي ڪهڙا مثبت ۽ منفي اثر ڇڏيا آهن.
اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي سينيئر ريسرچر ڊاڪٽر ڪيئٿ ڊيولن جي مطابق اڄ کان75000 سال کان200000سال اڳ جي انسانن ڳالهائيجندڙ لفظن جي ٽيڪنيڪ استعمال ڪرڻ شروع ڪئي ان کان اڳ هو اشارن،لهجي،مخصوص آوازن ۽ جسماني حرڪتن ذريعي هڪٻئي سان رابطو ڪندا هئا جنهن کي”ٻولي کان اڳ جو رابطو“ چئجي ٿو.پوءِ وڏي عرصي کانپوءِ انسانن لکجڻ وارن لفظن جي ايجاد ڪئي جيڪا ماهرن ،مطابق يونانين پاران 400 کان 700 ق.م ۾ الفابيٽ جي ايجاد سان ممڪن ٿي.ان کانپوءِ 15 صدي عيسوي ۾ پرنٽنگ پريس جي ايجاد جي صورت ۾ دنيا ۾ وڏو انقلاب آيو جنهن دنيا ۾ ترقي جا نوان گس کوليا ۽ نئين دنيا جا بنياد وڌا ڇاڪاڻ ته پرنٽنگ پريس کان اڳ ۾ علم جي ڦهلاءُ جي رفتار تمام سست هئي.ڪنهن ڪتاب کي نقل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو ۽ وقت درڪار هوندو هو پر پرنٽنگ پريس هڪ ئي وقت ڪيترائي ڪتاب ڇپڻ لڳي ته علم تيزي سان پکڙجڻ لڳو ۽ علم جي ڪري ئي دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ڪيتريون ئي نيون ايجادون ٿيون ۽ ٿي رهيون آهن.هتي انهن ايجادن مان چند جو ذڪر ڪجي ٿو.
ريڊيو جي ايجاد ماڻهن کي آواز ذريعي دنيا جي خبرن جي معلومات ملڻ لڳي ۽ ٽيليويزن جي ايجاد سان ماڻهن کي انهن خبرن جو نه رڳو آواز پر چرندڙ ڦرندڙ تصويرون پڻ نظر آيون ٿي ۽ بهترين معلوماتي پروگرام ڏسڻ لاءِ مليا هاڻ ته ٽي.وي تمام گھڻي جديد بنجي وئي آهي.ٽيليفون جي ايجاد ماڻهن کي هڪٻئي کان پري هوندي به ڳنڍي ڇڏيو.ان جي جديد شڪل اڄ جا موبائل آهن جن ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان جدت اچڻ ڪري هاڻ نه رڳو ان سان پوري دنيا ۾ هڪٻئي کي ڏسي ۽ ٻڌي سگھجي ٿو بلڪه فوٽو، وڊيو ٺاهڻ ۽ سماجي ويب سائيٽن تي ايڪٽيوٽيز ڪرڻ سان گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي سهولتون ان ۾ سمائجي چڪيون آهن.بجلي جي دريافت ۽ پوءِ بلب جي ايجاد ۽ هن وقت تائين ان ۾ ٿيندڙ ترقي اسان جي راتين کي روشن ڪيو آهي نه ته ان کان اڳ ۾ شام کان پوءِ ڄڻ ته ڪا زندگي ئي نه هئي.اسٽيم انجڻ ۽ ڪمبسشن انجڻ جي ڪري نه رڳو ڪارون،جهاز ۽ ريلون ٺهيون بلڪه انهن صنعتي انقلاب برپا ڪري ڇڏيو.اهي صنعتون هاڻ اهڙيون تيز ترين ڪارون،ريلون ۽ جهاز ٺاهين پيون جو مهينن جو سفر هاڻ ڪجهه ڪلاڪن ۾ ٿئي ٿو.فقط ٻه ڏهاڪا اڳ ۾ ٽيڪنالاجي منظر تي ڪمپيوٽر نمودار ٿيو ته دنيا ۾ هڪ نئون دور جي شروعات ٿي وئي.ٻين ڪيترن سڌارن سان گڏ ڪمپيوٽرن جي اسپيڊ ۾ واڌاري ۽ انٽرنيٽ جي ايجاد هاڻ ڪمپيوٽر کي ڪيترين ئي شين جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي.هن وقت دنيا ۾ بئنڪن جو نظام،خريد و فروخت ،واپار ، پڙهڻ پڙهائڻ ، نظرين جو پرچار ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪم ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي ٿين ٿا بلڪه هاڻ جنگيون به ٿين ٿيون ته آن لائن عدالتون به هلن ٿيون.ٽيڪنالاجي جا اهي چند مثال تصوير جو هڪ پاسو آهن ان جو ٻيو پاسو به آهي.
ٽيڪنالاجي جي ڪثرت ڏسي ائين لڳي ٿو ڄڻ انسان عروج تي پهچي چڪو آهي پر گھري نظر وجهڻ سان خبر پوندي ته ٽيڪنالاجي جو انفرادي توڙي اجتماعي غلط ۽ گهڻو استعمال انسان کي پوئتي ڌڪي رهيو آهي.جيئن ته ٽيڪنالاجي تهذيب کي جديد بڻائي ڇڏيو آهي تيئن انسان سماج کان ڪٽجي مشينن جي ويجهو ٿيندو وڃي پيو بلڪ ان جو غلام ٿيندو وڃي پيو.ٽيڪنالاجي جي اثر هيٺ انسان پنهنجي خواهشن کي نه رڳو ضرورت بلڪه بنيادي ضرورت جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي جنهن ڪري شين جي گهرج تمام گهڻي وڌي وئي آهي ۽ گھرج وڌڻ سان پيداوار وڌائڻ لازمي آهي.اها وڌيڪ گھرج ۽ وڌيڪ پيداوار هڪ اهڙي معاشي صورتحال پيدا ڪري ٿي جيڪا ماڻهن کان وڌيڪ ڪم جي تقاضا ڪري ٿي.اهو سڀ ٿيڻ جي ڪري زندگي تيز رفتار ٿي وئي آهي ۽ اها تيز رفتاري اهڙو نسل آڻي پئي جيڪا ان تيز رفتاري جي ڪري انتشار جو شڪار آهي.اڄ جي انسان ٽيڪنالاجي وسيلي،دفاع جي نالي تي اهڙا مهلڪ هٿيار ٺاهي ورتا آهن جيڪي هڪ ئي ڌڪ سان لکين انسانن کي موت جي وادي ڏانهن ڌڪي سگهن ٿا.تاريخ ۾ ان جو وڏو مثال ٻي عالمي جنگ ۾ آمريڪا پاران جاپان جي ٻن شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي اڇلايل ائٽمي بم آهي جنهن ۾ اندازي موجب ٻه لک 20 هزار ماڻهو مارجي ويا ۽ ان حملي جي اثر جي ڪري اڄ به اتي معذور ٻار ڄمندا آهن.اڄ انسان صنعتي دور جي ترقي تي فخر محسوس ڪندي اهو وساري ويهي ٿو ته صنعتن جي ڪري اڄ اسان جي فضا خطرناڪ حد تائين نقصانڪار ٿي وئي آهي جنهن ڪري ڪيتريون ئي خطرناڪ ۽ وچڙندڙ بيماريون جنم وٺن پيون.نه رڳو اهو پر صنعتن جي فضائي گدلاڻ عالمي گرمي پد کي وڌائي رهي آهي جنهن ڪري ساه ڪڍندڙ تيز گرميون، سمنڊ جي سطح بلند ٿيڻ جي ڪري طوفان ۽ برف ڳرڻ جي ڪري هر سال  تباهه ڪن ٻوڏون اچن پيون.ٽيڪنالاجي بيروزگاري جو به سبب بڻجندي وڃي پئي.هاڻ اهڙيون مشينون اچي ويون آهن جو هڪ مشين ڪيترن ئي ماڻهن جو ڪم ٿوري وقت ۾ ڪري ٿي ڏي ان جو جديد نمونو  روبوٽ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي.جديد روبوٽ هاڻ انسانن جي جاءِ والاريندا وڃن پيا.عالمي بئنڪ ”سٽي“ جي هڪ رپورٽ موجب هن وقت برطانيا ۾  35 سيڪڙو ، آمريڪا ۾ 47 سيڪڙو ۽ سڀ کان وڌيڪ چين ۾ 77 سيڪڙو ، روبوٽن پاران انساني جايون والارڻ جي ڪري بيروزگاري جو خطرو آهي.سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهڙن منفي اثرات کي محسوس ڪندي وقت جا سائنسدان ۽ فلاسافر خبردار ڪندا رهيا آهن.
هئڊروجن ۽ ائٽم بم جي تباهه ڪارين کي محسوس ڪندي عظيم سائنسدان آئنسٽائن خدشو ڏيکاريو هو ته ڪٿي انسان خود هن ڌرتي کي تباه نه ڪري ڇڏي.سائنسي علم ۾ آئنسٽائن جو جانشين مڃيو ويندڙ ۽ موجوده وقت جي ذهين ترين سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ پڻ 19 جنوري 2016 تي بي بي سي سان ڳالهائيندي اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو هو.سندس چوڻ هو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي سلطنت کي جهڙي ريت انسان تيزي سان ترقي ڏئي رهيو آهي اها ايندڙ 100 سالن ۾ انسان کي هن ڌرتي تان مٽائي سگهي ٿي.هن نيو ڪليئر جنگ ، عالمي گرمي پد ۽ جينيٽڪ انجنيئرنگ زريعي ٺاهيل وائرس کي انسانيت جي پڇاڙي جون ممڪنه نشانيون قرار ڏنو.ان کان اڳ ڊسمبر 2014 ۾ هن خبردار ڪيو هوته روبوٽن ۾ پيدا ڪيل هٿرادو ذهانت انسانن تي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي.18 صدي عيسوي جو مشهور فلسفي ۽ جديد تعليم جو باني جين جيڪ روسو کي ته سائنس سان ايتري نفرت هئي جو هن ”فطرت ڏانهن واپس هلو“ جو نعرو ڏئي ڇڏيو.سندس خيال هو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي هٿرادو گھرج پيدا ڪري انسانن کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي.الفريڊ نوبل ، امن جي نوبل انعام جو بنياد تڏهن ئي وڌو هو جڏهن هن کي اهو احساس ٿيو ته سندس ايجاد ڪيل ”ڊائينامائيٽ“ انسانن ۽ ڌرتي لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.
در اصل اسين هاڻ هڪ ”خوفناڪ ٽيڪنالاجي انقلاب“ جي وچ ۾ آهيون جنهن ماڻهن جي پاڻ ۾ ماحول سان لاڳاپن تي گھرا اثر ڇڏيا آهن.20 صدي عيسوي جي مشهور فلسفي ، سياسي سماجي ايڪٽيوسٽ ۽ نقاد برٽرنڊ رسل به سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهڙن منفي اثرات ڏانهن ڌيان ڇڪايو.سندس ڪتاب”سائنس جو معاشري تي اثر“ ۾ هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي منفي اثرات تي نه رڳو تفصيلي بحث ڪيو آهي پر انهن جو حل به پيش ڪيو آهي جيڪو هيٺين نقطن تي مشتمل آهي
1.جنگ جو خاتمو 2.طاقت جو توازن قائم رهڻ 3.خوشحالي جي هر طبقي ۾ فراواني 4.ڄم تي موثر ضابطو 5.عام ماڻهن کي تخليقي عمل جي آزادي.

دنيا جي سپر طاقتن کي ٽيڪنالاجي ۽ سائنس جي منفي اثرات جي لپيٽ ۾ ورتل هن دنيا کي برٽرنڊ رسل جي ”مستحڪم سائنسي معاشري“ بڻائڻ لاءِ سندس پاران ٻڌايل مفروضاتي حل تي غور ڪرڻ گھرجي.