Monday, 22 August 2016

ڪوٽ ڏجيءِ قلعو ۽ ان جو پس منظر ..امتياز عباسي



               ڪوٽ ڏجيءِ قلعو ۽ ان جو پس منظر
     فيچر           تحرير....امتياز عباسي          رول نمبر 28

اوائلي دور م جڏهن انسان غارن ۾ رهندو هو تڏهن هو خونخوار جهنگلي جانورن جي خوف کان غارن اندر لڪي ان جي منهن کي وڻن جي ٽارين يا وڏن پٿرن سان ڍڪي ڇڏيندو هو.
انسان جڏهن بعد ۾ پوک ڪرڻ شروع ڪئي تڏهن هو گروهن جي شڪل ۾ رهڻ لڳو هن ڳوٺ ۽ گهر آباد ڪرڻ جو رواج پيو هڪ ٻئي جي ويجهو هن ڪري هن جا پاڻ ۾ جھيڙا،جهڳڙا شروع ٿيا ويا. جنهن ڪري هنن کي نون هٿيارن تيرن،تلوارن سان گڏ، بچاءُ لاءِ ڍالن، لوڙهن ۽ ڪوٽن جي ضرورت محسوس ڪئي.
سنڌ ۾ ٻين ڪوٽن وانگر، ڏجيءِ جو ڪوٽ بـ ٽالپرن جي دور ۾ ٺاهيو ويو ڪلھوڙن کان پوءِ ٽالپر پوءِ سنڌ جا حڪمران ٿيا  تـ سنڌ ڪلهوڙن يا ان کان اڳ هڪ سڄو ملڪ هو پر ميرن ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.مرزا قليچ بيگ لکيو هو تـ ميرن سنڌ کي ست حصن ۾ ورهايو هو.
ميرن جي سنڌ جي ورهاڱي ۾ خيرپور جو علائقو مير سهراب خان کي حصي ۾ آيو.مير سهراب خان 1775ع ۾ شاڪر خان جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
ڪوٽ ڏجيءِ جي اڏاوت ۽ سنڌ جي ٻين قلعن کان مختلف قلعو؛
ڪوٽ ڏجي جو قلعو خيرپورميرس کان ڏکڻ طرف ويهن ڪلو ميٽرن تي اتر،اوڀر قومي شاهراھ تي هڪ ننڍڙي ٽڪري تي آهي اهي ٽڪريون وارياسي چن جي پٿرن جو آهن.ڪوٽ ڏجي جي تعمير لاءِ چون ٿا تـ جنهن زماني م ٿر، جوڌپور ۽ جيسلمير رياستن ۾ ڏڪار پيو هو ان جو سرحدون جئين تـ خيرپور رياست سان گڏيل هيون. تنهن ڪري بک ۽ بيروزگاري جا سٽيل لوڪ هن طرف هليا آيا ميرن ٿرين جي مجبوري جو فائدو وٺي ڪوٽ ڏجي شهر اندر ئي هڪ ٽڪري تي ئي ڪوٽ اڏاوت سروع ڪرائي ۽ ڪوٽ جي ڪمائيندڙن کي پورهيي جي بدلي  هر روز جوئر هڪ ماني ڏيندا هئا اهڙي طرح 1795ع ۾ مير سهراب خان جي تعميرات جي وزير سرائي محمد صالح زهري جي نگراني هيٺ جوڙي راس ٿيو.
ڪوٽ ڏجيءِ جو قلعو زري گهٽ ترشول جهڙي شڪل جو ٺهي ٿو هي ترشول نما قلعو چن جي پٿر واري ٽڪري تي ٺهيل آهي. هي سڄو ڪوٽ پڪن سرن جو جڙيل آهي تمام گهٽ انداز ۾ پٿر جو استعمال ڪيو آهي  سرن جو گهڻو استعمال جو اهو سبب ٿي سگهي ٿو تـ سرن وارو ڪم پٿر کان سستو ۽ سولو آهي سر هر هنڌ ٺاهي سگهجي ٿي پر پٿر ڍوئڻو پوي ٿو ، سر جي بناوٽ مهل ان جي خوبي خرابي چڪاس ڪري الڳ ڪري سگهجي ٿي، سر جي هڪ شڪل رکي ان جون ڪنڊون تيز ۽ پاسا لسا رکي سگهجن ٿا. ڪوٽ ڏجيءِ قلعي اڏيندڙ ڪاردانن اهو ڪارڻ ذهن رکي ڪري آس پاس پٿرن جي موجودگي باوجود سرون ڪتب آنديون آهن.سرن جي استعمال کان سوءِ ڪوٽ جي اڏاوت ۽ بچاءُ بندي لاءِ ٽن ڳالهين جو خاص خيال رکيو ويو آهي هڪ تـ ڪوٽ کي ٽي دفاعي لائنون ڏنيون ويو آهن ٻيو تـ ڪوٽ هيٺ کان مٿي اُڀو ٿيندو وڃي ٿو ٽيون ڪوٽ جئين مٿي پنڌ ڪندو وڃي ٿو تـ سوڙهي شڪل اختيار ڪندو وڃي ٿو.
ان کان سوءِ ان ڪوٽ جي هڪ اها بـ خصوصيت آهي تـ اهو قدرتي اڀ ڪپرن تي اڏيل آهي پاسي کان لشڪر جي صورت م چڙهي اچڻ ناممڪن آهي جيڪڏهن لشڪر مٿي چڙهي بـ اچي تـ بـ ان تي پير ڦٻائي وڙهڻ مشڪل آهي جيڪڏهن ماڻهو ديوار تي تائين پهچي وڃي تـ بـ اُڀين مضبوظ ديوارن تائين رسڻ لاءِ سر جي بازي لڳائڻي پوندس،قلعي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ صرف هڪ ئي رستو آهي اهو مکيـ دروازي وارو جنهن جي ذريعي ئي اصل قلعي ۾ گهڙي سگهجي ٿو،اصل قلعو بـ ٽين دروازي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو جيڪو قلعي جو وڌ ۾ وڌ مٿانهون حصو آهي.
ان قلعي جي وڏي خوبي اها آهي جو اهو ٽڪري جي شڪل مطابق نـ آهي ڇو تـ ٽڪري جا ڪجھ اھڙا هنڌ بـ آهن جتان قلعي کي وڌائي سگهجي پيو پر ائين نـ ڪيو ويو، لڳي ٿو تـ ڄاڻي واڻي قلعي جي شڪل اهڙي رکي وئي آهي اهو خاص ڪري توپ جي گولي جي فائر کان بچڻ لاءِ ٺاهيو وئي آهي.جنگي حڪمت عملي مطابق قلعي جي ديوار ۽ حصا اهڙِي نموني ٺهيل آهن جيڪڏهن ان تي گولي بازي ڪئي وڃي تـ گولو اندر ڪرن بدران ٻاهر وڃي ڪرندو اهڙي نموني قلعي کي نقصان گهٽ آهي
مير سهراب خان (1803_1830ع) ڪيترائي سال ان قلعي ٺهرائڻ ۾ لڳايا، ان مان محسوس ٿئي ٿو تـ ايترا سال ان ڪري ورتا ويا هئا تـ جيئن ڪم منصوبي ۽ هوشياري سان ڪيو وڃي.هي ڪوٽ خالص فوجي،دفاعي،انتظامي ڳالهين سواءِ سپاهين جي رهائش طور بـ مخصوص هو. هڪ سپھ سالار جي هيٺ پنج سوء سپاهين جو جٿو ۽ سوء کن توپون برجن تي نصب هيون.
قلعي جي اصل رهائش تي پهچڻ لاءِ ٽن شاهڙ دروازن مان گذري اچڻو پوي ٿو.قلعي جو شاهي دووازو دفاع لاءِ ٺهيل هي دروازو انجنيئرنگ جو ڪمال آهي دروازو ڏکڻ منهن نهايت پختي ڪاٺ جو جوڙيل آهي جنهن کي هاٿين جي حملي کان بچاءَ لاءِ 234 نوڪدار ڪل پڻ لڳايا ويا آهن جن جون چنهبون ٻاهر نڪتل آهن، در جي ڊيگھ 15 فٽ ساڍا 9 انچ ۽ ويڪر ڏھ فٽ آهي ان دروازي جي پيشاني تي  هي مهر لڳل آهي جنهن تي لکيل آهي
           قلع احمد اباد برسنگ است  دل دشمنان ازو تنگ است
ترجمو؛   احمد آباد جو قلعو پٿر آهي دشمنن جي دل ان کان تنگ آهي .
ٻيو دروازو بـ ڪافي ڀاري ڀرڪم آهي ان جي چوڦير بـ مارا ٺهيل آهن ان دروازي جي بناوٽ نـ ساڳي نموني پختي ڪاٺ جي آهي جنهن ۾ ٻـ سوء اٺ لوها چنهنبدار ڪل لڳل آهن در جي اوچائي تيرهن فٽ آهي در اندر سپاهين جي ويهڻ لاءِ دڪا ۽ ڪمرا ٺهيل آهن
ٽيون دوازو جي مٿان هي لکيل آهي تـ “جيڪو اندر داخل ٿئي سو سڀ لاڳاپا لاهي”.
اصل ڪوٽ ٽئين دروازن بعد شروع ٿئي ٿو هيٺين سطح وارن برجن،ديوارن ۽ دروازن وارو سارو ٽڪساٽ صرف ان حصي جي دفاع لاءِ ڪيو ويو آهي ڪوٽ جي ان حصي جي شڪل ذري گهٽ ويٺل اُٺ سان مشابهت رکي ٿي اُٺ جي ڳچي جيان قلعي جي اترين ڪنڊ نڪتل آهي ڪوٽ جو وچ ٿوهي جيان ظاهر بيٺو آهي اهڙي طرح ان حصي جو اولهائون  حصو بـ اٺ جي پڇ واري اُڀار جيان اڀريل نظر اچي ٿو.ان حصي ۾ ڪوٽ جا سڀ مشهور برج،باروت خانو،تلاءُ،حرم،جيل،تخت ۽ سپاهين وغيره جي رهن جون جايون اچي وڃن ٿيون.
برج...
سڄي ڪوٽ ۾ پنجٽيھ کن ننڍا وڏا برج آهن  ڪوٽ ڏجي قلعي جي هر برج کي بـ اسان چئن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا سڀ کان هيٺانهين وارو حصو برج جا جا پير آهن هي ڊگهي ۾ ۾ ڊگهو آهي ان ۾ مٿان ٻئي حصي ۾ بئرڪ،ڪمرا،غلام گردش اچن وڃن ٿا ٽئين حصي تي اصل مورچو يعني برج جو پليٽ فارم آهي برج جي آخري حصي ڪنگريون آهن ڪن برجن جون ڪنگريون ايڏيون تـ خوبصورت آهن جو پري کان ڄڻ گلاب جون ٽڙيل پنکڙيون ٿيون لڳن.ڪوٽ ڏجيءِ قلعي ۾ انهن برجن ۾ ڪجھ شاهي ۽ مشهور برج آهن.
فتح ٺل...
فتح ٺل ٽئين دروازي جي پويان ۽ مٿان جڙيل آهي فتح ٺل برج هيٺان موڪرو ۽ مٿان سوڙهو آهي ان برج ڪري سڄي ڪوٽ جي خوبصورتي ۾ اضافو اچي ويو آهي ڪوٽ جي هر ڪنڊ آساني نظر رکي سگهجي ٿي  منجهس خوبصورتي لاءِ رنگين گلڪاري ٿيل آهي هي برج فتح ٺل جي نالي سان مشهور آهي يعني ڪوت جي فتح صورت ۾ فاتح فوج پنهنجو جهنڊو ان برج تي چاڙهي سوڀ اعلان ڪندي هئي
صفن صفا،ملڪ ميدان برج
هي قلعي جي اولهائين پاسي جي آخري ڪنڊ تي گولائي تي ويڪرو برج آهي ان جو نالو صفن صفا ۽ ملڪ ميدان ان ڪري پيو جو ان تي ڪنهن دور ۾ ان تي ٻـ توپون صفن صفا ۽ ملڪ ميدان رکيل هونديون هيون جن ڪري ان اهو نالو پيو.
شهيد بادشاھ برج
هي سهڻو برج قلعي اتر اولھ ٻانهين ۾ سپر هاءِ وي جي پاسي آهي هن شاهي برج جي پيرن ۾ هڪ شهيد بادشاھ جي چوءڪورو مزار آهي  ان مان لڳي ٿو تـ ٽڪري جو اهو حصو بـ قلعي ۾ شامل ڪري سگهجي پيو يا وري ائين بڱ ٿي سگهي ٿو اهو پير قلعي کان اڳ ئي اُتي موجود هو ان مزار جي موجودگي جي ڪري ئي برج جو نالو رکيوويو.
جيسلمير برج
هي برج ڪوٽ جي اوڀر ڪنڊ تي آهي ان جو رخ جيسلمير طرف هوئڻ ڪري مٿس نالو رکيو ويو ان برج جي خاصيت هي آهي تـ هن برج تان سڄي ڪوٽ ڏجي شهر تي پکي وانگي نظر اڏائي سگهجي ٿو ان برج ڀرسان ئي اڇي پٿر جو هڪ خوبصورت تخت رکيل آهي
مريم برج
ان برج تي ڪنهن زماني ۾ مريم توپ رکيل هئي جيڪا هاڻي خيرپور شهر ۾ نيشنل هاءِوي  جي هڪ چوڪ تي رکيل آهي
غلام گردش،فيصل،بئرڪ
هر ڪوٽ ۾ ديوار جي اندرين پاسي چوڪي ۽ نگاھ داشت لاءِ غلام گردشون ٺهيل هونديون آهن جيئن تـ قلعي جي ديوار ميدان کان بلند ۽ ماڻهو جي قد کان وڏي هوندي آهي ان ٻاهرين ديوار جي مضبوطي ۽ مٿين حصي تي پهچڻ اندران متي وغيره سان مضبوط دڪا ٺاهيا ويندا آهن جن کي فصيل سڏيو ويندو آهي ٻين قلعن جيئن رني ڪوٽ، عمر ڪوٽ ۾ بـ ديوار سان گڏ فصيل کي سرن، گاري ۽ مٽي سان ڀريو ويو آهي پر ڪوٽ ڏجيءِ قلعي جي خوبي آهي تـ ان فصيل کي ڀراءُ لاءِ سرون ۽ مٽي ڪتب آڻڻ بجاءِ فصيل جو هيٺيون حصو ڪمرن ۽ بئرڪ وانگر ٺاهيو ويو آهي ان لاءِ فصيل کي ٻن مقصدن لاءِ استعمال ڪري  سگهجي ٿو هيٺيون حصو رهائش طور ۽ مٿين حصو چوڪيداري لاءِ ڪتب اچي سگهي ٿو.
حرم
ميرن جو حرم الڳ ٿلڳ هڪ مستطيل جاءِ آهي جنهن ۾ اڱڻ،ورانڊو، اندر هڪ هال ۽ ٻـ کن ڪمرا آهن جاءِ جون ڀتيون مضبوظ ۽ موڪريون آهن جن تي ميٽائي رنگ ٿيل آهي ڪمري اندر مختلف رنگ ۽ گلڪاري  ٿيل آهي رهائشگاھ ۾ مغل طرز جي ڪاٺ جو ڪم ۽ در ديوارن تي بـ دلڪش گل ٺهيل آهن حرم جي ڊيگھ 40 ۽ ويڪر 20 فٽ کن ٿيندي.
جيل
ڪوٽ ۾ جيل ڪافي وڏو آهي جنهن ۾ قيدين کي کاڌو اڇلائي ڏنو ويندو هو ان دور جي سخت قيد خانو چئي سگهجي ٿو.“اڙي چاڙهيوس ڪوٽ تي”  ميرن جو اهو حڪم ماڻهون لاءِ ڄڻ تـ موت جو پروانو هو موت تـ آسان آهي پر ڪوٽ ڏجي جي قلعي اندر کڙيون رڳڙي مرڻ بدترين موت هو خيرپور جا مير جنهن کي هي سزا ڏيندا هئا قيدي تـ ڄڻ جيئري ئي موت سان لائون لهندو هو ميرن لاءِ مشهور هو تـ ميرن جي پوئرن مان جڏهن ڪو تخت تي وهندو هو تـ کيس ڪنهن جهوني قيدي جي يادگيري ڏياري ويندي هئي تـ چوندو هو “ان کي رهڻ ڏيو  اها اسان جي وڏن جي نشاني آهي
تخت
هي تخت ڪوٽ جي آخري ڇيڙي تي جيسلمير ٺل جي ڀرسان آهي ان پٿر جي خوبصورت تخت تي ويهي والي رياست، عيد برات يا ڪنهن وڏي ڏينهن تي درٻار لڳائيندو هو ۽ ڪن اهم فيصلن جو اعلان ڪندو هو ڪوٽ ڏجي قلعي جي تخت جا ٿنڀا بـ قسم ۽ سينگار مطابق ڪارنٿين سان مشابھ آهن ڪارنٿين ٿنڀن جي خاص ڳالھ اها هوندي آهي جو مٿيون حصو (ڪيپيٽل) تختي جي شڪل وانگر هوندو آهي ۽ اها تختي هيٺان وڻن ۽ ٻوٽن جي پنن سان سينگاريل هوندي آهي
ڪارنٿين محاوري جي پويان هڪ ڏند ڪٿا آهي تـ “ ڪارنٿين جي معصوم نينگري مري وئي، نينگري جي ماءُ سندس سڀ رانديڪا  زيور هڪ ٽوڪري ۾ وجهي زمين پوري ان مٿان سرون ڏئي ڇڏيون، جيئن رانديڪا ۽ زيور هوا جي زور تي اڏي نـ وڃن اها ٽوڪري اتفاق سان يونان ٻوٽي اڪنٿس جي پاڙ مٿان پوري وئي ڪجھ وقت تـ سر ان ٽوڪري کي دٻائي رکيو پر بهار جي مند ۾ جڏهن ٻوٽي ڦٽڻ شروع ڪيو تـ ٽوڪري ۾ رکيل زيور ۽ رانديڪا بـ وڻ جي شڪل ۾ ظاهر ٿيا اهڙي طرح ان ڏندڪٿا سان وابسط محاورو ڪارنٿين،ٿنڀن جي طرز م شامل ٿي ويو.
امتياز عباسي ايم اي پريويس
رول نمبر 2

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi at Department of Media & Communication Studies, University of Sindh, Jamshoro

No comments:

Post a Comment