feature main zaman aen makan zarori hondo ahy.
Feature reporting based hondo ahy.
Twhan jo file name aen subject line b ghalt ahy,
مالوند ماڻهن جو مال تي گذران
Feature reporting based hondo ahy.
Twhan jo file name aen subject line b ghalt ahy,
مالوند ماڻهن جو مال تي گذران
فيچر
ليکڪ آفتاب احمد
M.A Previous
Roll No. MMC 5
زندگي ته هر انسان جي گذري ويندي آهي ڪن جي سورن جي سيج تي
ته ڪن جي گلن جي سيج تي . ڪن کي ته
مخمل جا بستر ته ڪن کي سمهڻ جي لاءِ ڇانو ڇپر ئي نه هوندي آهي.پاڪستان جي آبادي جي
ڪجهه اڪثريت انهن ماڻهن جي به آهي جيڪي وقت حالات مجبوري، غربت ۽ سهولتن جي نه هجڻ
جي ڪري ڪافي تڪليفن جو شڪار آهن ۽ انهن ماڻهن جا خواب و خيال ڪا به حيثيت نه ٿا
رکن، ڇو ته اهوماڻهو قدرت جي عنايت ڪيل نعمتن کان گهڻي قدر محروم هوندا آهن ۽ انهن
کي سماج ۾ اها حيثيت ۽ مقام نه ٿو ڏنو وڃي ڇو ته اهي ماڻهو تعليم جي زيور کان اڪثر
محروم هوندا آهن. پوءِ انهن
ماڻهن کي پنهنجي جياپي جو رستو ٻني ٻاري جي کيتي ۽ پالتو جانورن کي پالڻ جو ڪم
اختيار ڪيو.
انهن سٻاجهڙن ماڻهن جو روزگار ڪاروبار، ڌن ۽ دولت صرف ٻني
ٻارو ۽ چوپايو مال هوندو آهي . مالوند ماڻهو ٻني ٻاري جي ڪم ڪار کانپوءِ پنهنجي جانورن جي
سار سنڀال ڪندا آهن، ڪجهه ته اهڙا به آهن جيڪي تعليم کي بيڪار سمجهي پنهنجن ننڍڙن
ٻارن کي مال چارڻ جي ڪم سان لڳائي ڇڏيندا آهن جنهن کي سنڌي ٻولي ۾ ڌنار يا مالوند
سڏيو ويندو آهي. اڪثر ڪري
ٻهراڙين ۾ مالوند ماڻهو مال کي چارڻ جي سانگي پنهنجي ڳوٺن کان پري پري تائين سانگ
ڪري جڳهه جڳهه جهوپڙا اڏي مهينن جا مهينا رهندا آهن انهن ماڻهن کي مختلف زبانن ۾
مختلف لفظن سان سڏيو ويندو آهي جيئن ته لاڏڙائو، مال چارڻ وارا ۽ خانه بدوش وغيره
وغيره سڏيو ويندو آهي اهي ڪٿي به ۽ ڪنهن به رڻ پٽ بربيگان ۾ پنهنجا جهوپڙا اڏي
ويهي رهندا آهن جتي ضرورت حيات جي ڪابه گهربل شيءِ ميسر يا موجود نه هوندي آهي
ايتري قدر جو قدرت جي عام طرح ۽ آسان طرح سان ملندڙ نعمت پاڻي جو ميسر نه هوندو
آهي پر اهي ماڻهو انهن سهولتن جي پرواهه ڪندي بغير همت ۽ حوصلن جا خيما کوڙي ويهي
رهندا آهن اهي ماڻهو جياپي لاءِ انهن جانورن مان ڪجهه جانور وڪڻي کاڌ خوراڪ جي
لاءِ ضروري شيون ۽ صحت جو سامان خريد ڪندا آهن. پيئڻ جو پاڻي ۽ استعمال
جي لاءِ پاڻي ڪلهن گڏهن ۽ اٺن تي خلين ۾ ڀري کڻي ايندا آهن انهن ماڻهن کي مال ۽
پنهنجي ذاتي زندگي کانسواءِ ڪنهن به شيءِ جي خبر نه هوندي آهي نه دنياوي سهولتن جي
۽ نه وري ڪم ايندڙ سهولتن جي مشينري جي نه ئي دنيا جي حالات ۽ نشريات جي خبر هوندي
آهي مطلب ته انهن ماڻهو جو روزگار زندگي صرف و صرف چوپايو مال هوندو آهي ۽ انهن جي
خوابن خيالن ۽ اميدن جي ڪا به منزل نه هوندي آهي اهي ماڻهو پنهنجي زندگي رات ۽
ڏينهن محنت ڪري صرف ۽ صرف پنهنجو ۽ پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالڻ ۾ گذاري ڇڏيندا آهن. مالوند ماڻهو پنهنجي
گهرن ڏانهن تڏهن واپس موٽندا آهن جڏهن انهن جي علاقن ۾ بارش ٿيندي آهي ۽ ساوا گاهه
ڦٽندا آهن تڏهن هو پنهنجي پيارن ڏي واپس
موٽندا آهن انهن ماروئڙن جي لاءِ شاهه صاحب فرمايو آهي ته
اڄ پڻ اتر
پار ڏي ڪڪريون ٿيون ڪاريون
وسي ٿو وڏ
ڦڙو ٽهڪن ٿيون ٽاريون
ڀڄندنديون
ڀٽاريون وري وٿاڻي آيون
No comments:
Post a Comment