Showing posts with label عبدالرزاق. Show all posts
Showing posts with label عبدالرزاق. Show all posts

Sunday, 21 August 2016

تحرير؛ عبدالرزاق ڪنڀر خانگي اسڪول ۽ در پيش مسئلا

 خانگي  اسڪول ۽ در پيش مسئلا (آرٽيڪل)
تحرير؛ عبدالرزاق ڪنڀر رول نمبر 03 ايم اي (پريويس)
دنيا جو انتهائي تيزي سان ترقي ڏانهن گامزن ٿيڻ ۾ سائنس جو تمام وڏو هٿ آهي ،  جيئن جيئن جدت اچي رهي آهي تيئن تيئن دنيا جا  ترقي ڏانهن قدم وڌنڌا پيا وڃن، پرائيوٽ اسڪول ( خانگي اسڪول) به انهن جو  هڪ حصو آهن ، ڇو ته پرائيوٽ اسڪولن جو تعليمي  معيار سرڪاري اسڪولن جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهتر آهي ان ڪري ته ماڻهوءَ ڳريون فيسون ادا ڪري پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن جي بدران خانگي اسڪولن ۾ پڙهائڻ تي مجبور آهن. اها ڳالھ بلڪل سچ آهي ته خانگي اسڪولن جو مڪمل ڪار وهنوار شاگردن  جي ملندڙ فيس تي هوندو آهي، ۽ اها  ڳالھ به قابلِ قبول آهي ته  خانگي اسڪول ڪمائي جو به ذريعو آهن. پر تنهن جي باوجود پرائيوٽ اسڪولن ۾ اسڪول انتظاميه، ٽيچر اسٽاف،  شاگرد، شاگردن جي مائٽن کي ڪافي مسئلا درپيش اچن ٿا ان جو ذڪر هت ڪجي ٿو.
سڀ کان پهرين اسڪول انتظاميه کي سامهون ايندڙ مسئلن جو ذڪر ڪجي ٿو ته؛ جتي  اسڪول انتظاميه 200، 400، 500، ٻارن کي سنڀالي رهي آهي لازمي اتي انهن کي ڪافي مسئلن کي منهن به ڏيڻو پوندو آهي، انتظاميه کي نه صرف شاگردن ۽ انهن  جي مائٽن سان مسئلا اچن ٿا پر   ايجوڪيشن جا  اعليٰ عملدار پڻ خانگي اسڪول جي انتظاميه  کي حڪم احڪامات جي ڊگهي فهرست تيار ڪري ڏينداآهن جيڪي احڪامات پڻ خانگي اسڪولن لاءِ دشواري پيدا ڪندا آهن.
جهڙوڪه اسڪول انتظاميه کي تقريبن جيڪي مسئلا سامهون اچن ٿا اهي گورنمنٽ طرفان ئي هوندا آهن، خانگي اسڪولن جو مڪمل سسٽم گورنمنٽ جي اسڪول سسٽم کان بلڪل مختلف هوندو آهي، جنهن ۾ سليبس، اسڪول جو ماحول، اسڪول جا ٽيچر، يونيفارم، رُول ۽ ريگيوليشن، سڀ جا سڀ گورنمنٽ اسڪول کان جدا هوندا آهن. انهن کي پنهنجي سسٽم تحت اسڪول هلائڻا هوندا آهن، پر خانگي اسڪولن جي ِڊائريڪٽوريٽ طرفان وقتن فوقتن خانگي اسڪولن جي لاءِ  نوان نوان حڪم ناما،  جيڪي اسڪول انتظاميه کي مشڪلات ۾ وجھي ڇڏيندا آهن. پرائيوٽ اسڪول جو مڪمل انتظام شاگردن جي ملندڙ فيس تي هجي ٿو، پوءِ جيڪو اسڪول جهڙيون سهولتون ميسر ڪندو آهي اهو فيس به ان جهڙي وٺندو آهي، ڇو ته گورنمنٽ طرفان خانگي اسڪولن جي لاءِ ڪو به فنڊ وغيره نه ملندو آهي ، جيڪڏهن هو اسڪول جي لاءِ ڪا به سستي يا مهنگي شيءَ خريد ڪندا آهن ته اها به پاڻ ئي خريد  ڪندا آهن، ڊاريڪٽوريٽ طرفان فيس گھٽ ڪرڻ جي ڳالھ ڄڻ خانگي اسڪول انتظاميه جي نڙي تي لت ڏيو وجھي،
تازو ئي  سمر وئڪيشن تي گورنمنٽ 25 جولاءِ تي موڪلون ڪري ڇڏيون جڏهن ته پهرين تاريخ کان پرائيوٽ اسڪولن کي فيس وغيره  ڏيڻ وٺڻ جو عمل شروع ڪرڻو هوندو آهي، پر گورنمنٽ جي اوچتي  اعلان سبب خانگي اسڪولن جو سڄو پلان ۽ سسٽم چوپٽ ٿي ويو،
خانگي اسڪولن ۾ جيڪڏهن پڙهائي معياري   آهي  ته اتي شاگردن کي به  ڪيترائي  مسئلا در پيش اچن ٿا، تنهن کان پوءِ به  اهي انهن  مشڪلاتن  کي منهن ڏئي  پنهنجي پڙهائي کي جاري رکن ٿا، پرائيوٽ اسڪولن ۾ شاگردن کي جيڪي مسئلا سامهون اچن ٿا انهن ۾ پريپ يا ڪي.جي ڪلاسن جي ٻارن تي ايترو تـ پڙهائي جو وزن وجهن تا جو اهو  ٻار پنهنجي اندر موجود  تخليقي صلاحيت کي ننڍي هوندي  کان ئي دٻائي  ڇڏي ٿو.۽ اهو ٻار  ننڍي هوندي کان ئي  پنهنجي صلاحيت کي ظاهر يا اجاگر ڪرڻ جي بجاءِ رٽو هڻڻ تي مجبور ٿيو وڃي، شاگردن کي مٿان پڙهائي جو وزن ته وڌو ٿو وڃي پر ان سان گڏ  غير ضروري ڪتابن جو به تمام وڏو وزن کڻڻو ٿو پوي، ڳرا ڪتاب وڏا ٿيلها جن جو بار شاگرد کڻڻ کان ته لنوائي ٿو پر ان کي مجبوري تحت کڻڻو پوي ٿو، جيڪا ضروري ۽ اهم ڳالھ آهي اها هي آهي ته  هر  خانگي اسڪول  پنهنجي ديڳڙي چاڙيو ويٺو آهي جنهن ۾ هر ڪو پنهنجا طور طريقا، حڪم احڪامات جاري ڪندو آهي ان سان گڏ هر  خانگي اسڪول جو  پنهنجو پنهنجو  نصاب آهي ،  جنهن اسڪول کي جيڪا ڪمپني سٺي ڪميشن ٿي ڏي اهو اسڪول ان ڪمپني جو نصاب ٿو پڙهائي. يا جنهن نصاب  مان  خانگي انتظاميـ  کي ٻـ  يا چار پئسا ملن اهو نصاب پڙهائيو ٿو وڃي، اسڪول انتظاميه جو ان ڳالھ سان ڪو به تعلق نٿو هجي آيا شاگرد هي نصاب پڙهي سگھندو يا نه..؟   ڳالھ  ڪئي وڃي ٿي مادري زبان، يا صوبائي زبان  جي تـ  خانگي اسڪولن ۾ صرف انگريزي زبان تي زور ۽  اهميت  ڏني وڃي ٿي، تـ جيئن ٻار  پنهنجي مادري زبان  سکڻ جي بدران جي انگريزي سکي، ڳالھائي ۽ پڙهي. اها ڳالھ بلڪل صحيح آهي ته انگريزي زبان عالمي ٻولي آهي ۽ وقت جي ضرورت به آهي. وقت جي تقاضا کي مدنظر رکندي انگريزي ٻولي سکڻ گھرجي. پر ان ڳالھ جو اهو مطلب ته ناهي ته ماڻهو پنهنجي قومي ۽ علائقائي زبان مان هٿ ڪـڍي ڇڏي. حالانڪه ٻار کي جيستائين ان جي پنهنجي زبان ۾ ڪجهـ نـ ايندو  تـ هو انگريزي زبان ۾ ڪئين سمجھي سگهندو؟ اهوئي سبب آهي جو اڄڪلهـ جي ٻارن ۾ علم گهٽ  ۽ معلومات وڌيڪ آهي. ڇاڪاڻ تـ  علم ۽ معلومات ۾ فرق آهي. علم هڪ وشال ميدان آهي  جنهن ۾ انسان هر شئ کي پروڙي سگهي ٿو، جڏهن تـ معلومات صرف هڪ محدود  آهي، جنهن شيءَ کي ٻار ياد ڪندو اها شيءَ ئي ايندي. جيڪڌهن سهولتن جي  اڻهوند جي ڳالھ ڪئي  وڃي تـ تقريبن خانگي اسڪول مختصرجڳهـ تي مبني يا مشتمل هوندا آهن،  جنهن ۾ نه راند  روند جي ميدان  جي سهولت،   نـ  پارڪ وغيره هوندي آهي ان کانسواءِ خانگي جا ڪلاس تمام ننڍا ۽ ان ۾ موجود ٻارن جي وڏي  تعداد جيڪو ٻار جي ذهن ۽ ماحول تي  اثرانداز ٿئي ٿو، ڇو جو چوندا آهن تـ ٻار ماحول مان جلدي سکي ٿو، پر جنهن اداري ۾ تعليمي ماحول بدران اٻس ،گهٽ هوندي اتي  بار  بجاء پڙهائي ڪرڻ جي نفسياتي طور پريشان ٿي ويندو،خانگي اسڪول ۾ موجود پاڻي ۽ صفائي جي نظام جي ڳالھ ڪئي وڃي تـ اهو بـ ڪجهـ خاص انتظام ناهي هوندو هر ٻار پنهنجي پنهنجي گھران پاڻي جو ڪولر کنيو پيو ويندو آهي، ان کان علاوه به ڪافي مسئلا آهن جيڪي بارن کي درپيش اچن ٿا.
نه صرف اسڪول انتظاميه۽ شاگرد مسئلن کي منهن ڏين ٿا پر پنهنجن ٻارن کي پرائيوٽ اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ ٻارن جا والدين به ڪافي مسئلن کي منهن ٿا ڏين. امير ته پنهنجي ٻار جي فيس وغيره ڀري سگهي ٿو پر غريب لاءِ اها ڳالھ مشڪل هوندي آهي پر تنهن هوندي به غريب پنهنجي ٻار کي سٺي تعليم ڏيارڻ جي خواهش جي پٺيان محنت مزدوري ڪري پنهنجي ٻار جي هر ضرورت پوري ڪندو رهي ٿو. اسڪول جو ڳريون فيسون، ڪتابن جا ڳرا خرچ، ٽرانسپورٽيشن جو خرچ وغيره. اسڪول ننڍين ننڍين گلين ۾ هجڻ ڪري ٽرانسپورٽ جي آمد و رفت ته پري جي ڳالھ آهي پر موٽر سائيڪل به مشڪل سان ٿو وڃي. ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ ۽ وٺي اچڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي.  خانگي اسڪول جي انتظامي به رڳو پنهنجي خان  صاحبي هلائڻ ۾ پوري آهي جڌهن مرضي پوي تـ نصاب تبديل ڪري جڌهن مرضي پوي فيس  وڌائي ٿي ڇڏي،  ائين ڪرڻ سان نه صرف شاگرد تي وزن وڌي ٿو پر شاگردن جا مائٽ پڻ پريشان ٿين ٿا.

آخر ۾ تجويز اها آهي ته پوري ملڪ جي خانگي اسڪولن ۾ سرڪاري اسڪولن وانگي هڪ ئي نظام لاڳو ڪيو وڃي، ڪنهن به پرائيوٽ اسڪول جو لائيسنس وٺندڙ کان مڪمل معلومات وٺي ۽ تمام بهترين لوڪيشن جو لازمي شرط اڳيان رکي پوءِ ان کي لائيسنس جاري ڪيو وڃي، پرائيوٽ اسڪولن جون ڪيٽيگريون ٺاهيون وڃن جيڪو جنهن ڪيٽيگري جو اسڪول کولڻ چاهي ان کي اهو لائيسن ڏنو وڃي، رهي ڳالھ فيس جي  فيس وغيره جو شيدول پڻ سرڪار تجويز ڪري جنهن جو جنهن ڪيٽيگري جو اسڪول آهي ان جي فيس به اها ئي مقرر ڪئي وڃي. خانگي اسڪولن جي انتظاميه کي پنهنجي من ماني تي نه ڇڏيو وڃي.

Thursday, 11 August 2016

پروفيسر لئونگ اميداڻي پروفائیل عبدالرزاق ڪنڀر.

corrected
 پروفيسر ڊاڪٽر لئونگ اميداڻي صاحب   
تحرير: عبدالرزاق ڪنڀر.
رول نمبر 03 ايم.اي پريوس  
سنڌ ڌرتي ڪيترن ئي مهان انسانن کي پنهنجي هنج ۾ جنم ڏنو آهي. انهن مان هر ڪنهن پنهنجي سنڌ ماتا جو ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ نالو روشن ڪيو ۽ ڪري رهيا آهن. اهڙن عظيم انسانن مان محترم پروفيسر لئونگ اميداڻي صاحب پڻ هڪ آهن.
پروفيسر ڊاڪٽرلئونگ  اميداڻي صاحب 7 جنوري 1957 تي مهان  قوي  ۽ پنهنجي دور جي عظيم استاد محترم سائين وسنداس اميداڻي صاحب  جي گهر  ۾ جنم ورتو سندن رهائش ان وقت ڳوٺ نصير خان  لغاري  نزد چمبڙ ۾ هوندي هئي، هن وقت سندن سمورو ڪٽنب چمبڙ شهر ۾ رهائش پذير آهي. ڊاڪٽر صاحب جو گھراڻو پڙهيل لکيل گھراڻو سڏيو ويندو هو. اهوئي سبب آهي جو ڊاڪٽر صاحب کي به ننڍي هوندي کان ئي  تعليم حاصل ڪرڻ جو تمام گھڻو شوق ۽ ذوق هوندو هو. پاڻ  ابتدائي پرائمري تعليم گورنمنٽ پرائمري  اسڪول چمبڙ مان حاصل  ڪئي، ان کان پوءِ  مئٽرڪ سنڌ ماڊل هاءِ اسڪول ٽنڊوالهيار مان، انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان  1973 ع ۾ پاس ڪيائين. گريجوئيشن سال 1983 ۾ لياَقت يونيورسٽي آف هيلٿ ايند ميڊيڪل سائنس ڄامشورو مان  ايم بي بي ايس ۾ پاس ڪيائين.  سال 1986ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سروس ۾ پير پاتائين،  نوڪري ملڻ کان پوءِ به پاڻ پنهنجي تعليم کي به جاري رکيائين ۽ سال  2008 ۾ (ايم. فل)   “ايڪيولينس ريڪگينيشن يونيورسٽي آف ڪراچي”   مان ڪيائين. ۽ سال 2011 ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري  “ميڊيڪل ۽هيلٿ سائنس يونيورسٽي آف ڪراچي”  مان ڪيائين.
 پروفيسر ڊاڪٽر لئونگ اميداڻي صاحب جي سروس جي ڳالھ ڪئي وڃي ته پاڻ  1986 ۾ سنڌ پبلڪ سروس  ڪميشن جو امتحان پاس  ڪري پنهنجي پيشورانـ ميدان ۾ پير پاتو ،سندن پهرئين مقرري   ميڊيڪل آفيسر طور  تي سال 1987 ۾ ٿر جي هڪڙي ڳوٺ ڏاتو دانڌل،  ضلع ٿرپارڪر ۾ هڪ  هيلٿ ڪلينڪ تي ٿي ، هڪ سال اتي جاب  ڪرڻ کان بعد ۾ 1988 ۾ بدلي ڪرائي  ڳوٺ نصير خان لغاري (بي.ايڇ.يو) ۾ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيا، ڊاڪٽر صاحب  1991 کان 2000 تائين  ڊماسٽريٽر ايناٽومي پيپلز ميڊيڪل  ڪاليج فار گرلس  ۾ انسٽرڪٽر پوسٽ تي ڪم ڪيو، سال  2006 کان 2012 تائين  انسٽريڪٽر ايناٽومي آغا خان يونيورسٽي ڪراچي م مقرر ٿيا. 2012 ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آف ايناٽومي يونيورسٽي ،ڪاليج آف   ميديسن ۽     ميڊيڪل سائنس (ڪي.ايس.اي) ۾ مقرر ٿيا،  2013 ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ايناٽومي(هيلٿ سائنس سبجيڪٽ) ڪنگ سعود بن عبدلله  يونيورسٽي  الرياض  ڪنگڊم آف سعودي عربيـ  ۾ مقرر ٿيا،  ۽ حال ۾ به ان يونيورسٽي ۾ خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن،
ڊاڪٽر لئونگ صاحب  اميدا ڻي کي  مختلف  ميديڪل يونيورسٽين  کان سٺي  ڪارڪردگي ۽ مڃتا  طور  ايوارڊ مليا، جنهن ۾ سال 2011 آغا خان يونيورسٽي طرفان ايوارڊ مليو ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا آهن
هن سنسار ۾ انسان جي ذهني تربيت گهڻن ذريعن سان ٿئي ٿي. پر انهن مان ٻه ڪارڻ  مکيه آهن هڪ ته چڱن جي صحبت ۽ ٻيو سٺن ڪتابن پڙهڻ وسيلي،  انهن  ٻنهي ذريعن  جي باري  ۾  ڪافي چوڻيون مشهور آهن تـ جيئن  “چڱن جي  صحبت  جو سٺو اثر پوي ٿو”  جڏهن تـ ٻئي چوڻي هي  آهي تـ  “سٺا ڪتاب انسان جو سٺا مصرف ۽ دوست آهن” پروفيسر ڊاڪٽر لونگ اميداڻي صاحب کي ٻئي نعمتون نصيب ٿيون. ڇاڪاڻ تـ  سندن ننڍي هوندي کان ئي پنهنجو  ڪافي وقت پنهنجي والد سان گڏ گذرندو هو،ڊاڪٽر صاحب جو والد هڪ بهترين  اد يب  ۽ استاد هو،سندس  صحبت جي ڊاڪٽر لونگ اميداڻي صاحب کي  اعلي شخصيت ، خوش اخلاقي ۽ خوش مزاج طبيعت جو مالڪ بنايو. چوندا آهن تـ اخلاق ئي انسانيت جو معراج آهي.اهو ابتدائي سبق کيس سندس والد صاحب وسنداس اميداڻي کان نصيب ٿيو. ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت گھڻن رخن کان هڪ بهترين شخصيت آهن،
 پاڻ نه صرف ميديڪل  سائنس  ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرايو اٿن پر معاشري ۾ به سٺو مقام حاصل ڪيو اٿن، شهر جي هر هڪ فرد جي دل ۾ تمام گھڻي مقبوليت ۽ مان عزت وارو مقام حاصل ڪيو اٿن. ان  کان علاوه مختلف ادارن  ۽ تنظيمن ۾ بـ مکيـ ميمبر طور ڪم ڪري رهيا آهن، ڊاڪٽر  اميداڻي صاحب  سنڌ ٽي.وي نيٽ ورڪ  طرفان ۽ ڪي.ٽي.اين نيٽ ورڪ طرفان ڊاڪيومينٽري پروگرام “سنڌ جي سرهاڻ” صوفي ۽ ناٿ،  چار سيريز رڪارڊ ڪيا ۽ پهرئين  ڊاڪيومينٽري چاليهـ منٽ آن ايئر پروگرام ۾ هلي، ۽ ڊاڪٽر صاحب ڪيترائي پيپر پبلش ڪرايا. ايتري ڪاوشن ۽ جدوجهد ڪندڙ ماڻهو انهن سڀني ڪمن کي  ذميواري سان  سهڻي نموني نڀائي رهيا آهن.
پاڻ ميڊيڪل سائنس جو فن ته ڄاڻن ئي ٿا، پر ان  کان علاوه ٻي دلچسپ ۽ وڻندڙ  ڳالھ هي به  آهي ته پاڻ  هڪ سٺا  شاعر ۽ بهترين صوفي گلوڪار  پڻ آهن. گلوڪاري ۾ به پاڻ پنهنجي فن ۾ ڪنهن به طرح ڪنهن کان گھٽ نه آهن. سندس آواز ۾ قدرت واري طرفان عجب  قسم  جي تاثير رکيل   آهي  جيڪا  ٻڌندڙن  جي  دلين  تي  ڪافي  اثر  ڪري ٿي. ان کان علاوه اگر ڊاڪٽر صاحب جي شاعري جي ڳالهه ڪئي وڃي ته  ڊا ڪٽر صاحب  جن جو تخلص “اشوڪ” آهي۽ پاڻ  هڪ بهترين عارفاڻي شاعري جا مالڪ آهن جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب کي صف  اول  جي شاعرن  ۾ شمار ڪيو وڃي  ته ان ۾ ڪو به وڌاء نه آهي  سندن پهرين شاعري جي ڪتاب “آلاپ اشوڪ جا ” جي “ سّر مومل راڻو” مان ڪجهه صفون هيٺ ڏجن ٿيون ؛
“مومل مجاز وڍيا، رڳ رڳ وهين رت
دل ۾ سڳنڌ ڪاڪ جي، پل پل وڃين  ست
اشوڪ رکج پت، هيڻا حال اڳيء گهڻا”


    

. Make it profile. put some interesting and informative points, comments .This is CV type 
پروفيسر ڊاڪٽر لئونگ اميداڻي صاحب   

تحرير؛ عبدالرزاق ڪنڀر.
رول نمبر 03 ايم اي پريوس                                                                                                                            هن سنسار ۾ انسان جي ذهني تربيت گهڻن ذريعن سان ٿئي ٿي. پر انهن مان ٻه ڪارڻ  مکيه آهن هڪ ته چڱن جي صحبت ۽ ٻيو سٺن ڪتابن پڙهڻ وسيلي،  انهن  ٻنهي ذريعن  جي باري  ۾  ڪافي چوڻيون مشهور آهن تـ جيئن  “چڱن جي  صحبت  جو سٺو اثر پوي ٿو”  جڏهن تـ ٻئي چوڻي هي  آهي تـ  “سٺا ڪتاب انسان جو سٺا مصرف ۽ دوست آهن” پروفيسر ڊاڪٽر لونگ اميداڻي صاحب کي ٻئي نعمتون نصيب ٿيون. ڇاڪاڻ تـ  سندن ننڍي هوندي کان ئي پنهنجو  ڪافي وقت پنهنجي والد سان گڏ گذرندو هو،ڊاڪٽر صاحب جو والد هڪ بهترين  اد يب  ۽ استاد هو،سندس  صحبت جي ڊاڪٽر لونگ اميداڻي صاحب کي  اعلي شخصيت ، خوش اخلاق هستي جو  مالڪ بنايو. چوندا آهن تـ اخلاق ئي انسانيت جو معراج آهي.اهو ابتدائي سبق کيس سندس والد صاحب وسنداس اميداڻي کان نصيب ٿيو.
پروفائيل
پروفيسر ڊاڪٽرلئونگ  اميداڻي صاحب 7 جنوري 1957۾ مهان استاد  سائين وسنداس اميداڻي جي گهر ڳوٺ نصير لغاري  نزد چمبڙ ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر صاحب ابتدائي پرائمري تعليم گورنمنٽ پرائمري اسڪول چمبڙ مان حاصل  ڪئي،  مئٽرڪ سنڌ ماڊل هاء اسڪول ٽنڊوالهيار مان ،   انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان  1973 ع ۾ پاس ڪيائين. گريجوئيشن سال 1983 ۾ لياَقت يونيورسٽي آف هيلٿ ايند ميڊيڪل سائنس ڄامشورو مان  ايم بي بي ايس ۾ پاس ڪيائين.  سال 1986ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سروس ۾ پير پاتائين، ملازمت ڪرڻ سان گڏ پاڻ پنهنجي تعليم کي به جاري رکيائين ۽ سال  2008 ۾ (ايم. فل)   “ايڪيولينس ريڪگينيشن يونيورسٽي آف ڪراچي”   مان ڪئي. ۽ سال 2011 ۾ پي.ايڇ.ڊي “ميڊيڪل ۽هيلٿ سائنس يونيورسٽي آف ڪراچي”  مان ڪئي.

ڊاڪٽر لونگ اميداڻي 1986 ۾ سنڌ پبلڪ سروس  ڪميشن جو امتحان پاس  ڪري پنهنجي پيشورانـ ميدان ۾ پير پاتو ،سندن پهرئين مقرري  ميڊيڪل آفيسر طور  تي سال 1987 ۾ هاءِ اسڪول  ڏاتو دانڌل،  ضلع ٿرپارڪر ۾ هڪ  هيلٿ ڪلينڪ تي ٿي ، هڪ سال اتي جاب  ڪرڻ کان بعد ۾ 1988 ۾ ميڊيڪل آفيسر (بي.ايڇ.يو) نصير خان لغاري ڳوٺ ۾ مقرر ٿيو، ڊاڪٽر صاحب  1991 کان 2000 تائين  ڊماسٽريٽر ايناٽومي پيپلز ميڊيڪل  ڪاليج فار گرلس  ۾ انسٽرڪٽر پوسٽ تي ڪم ڪيو، سال  2006 کان 2012 تائين  انسٽريڪٽر ايناٽومي آغا خان يونيورسٽي ڪراچي م مقرر ٿيو. 2012 ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آف ايناٽومي يونيورسٽي ،ڪاليج آف   ميديسن ۽     ميڊيڪل سائنس (ڪي.ايس.اي) ۾ مقرر ٿيو،  2013 ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ايناٽومي ڪنگ سعود بن عبدلله             يونيورسٽي  (هيلٿ سائنس سبجيڪٽ) الرياض  ڪنگڊم آف سعودي عربيـ  ۾ مقرر ٿيا،  ۽ اڃا تائين  ان يونيورسٽي ۾ خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن،
ڊاڪٽر لئونگ صاحب  اميدا ڻي کي  مختلف  ميديڪل يونيورسٽين  کان سٺي  ڪارڪردگي ۽ مڃتا  طور  ايوارڊ مليا، جنهن ۾ سال 2011 آغا خان يونيورسٽي طرفان ايوارڊ مليو ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا آهن.انهي کانسواء ڊاڪٽر لئونگ اميداڻي نـ صرف ميڊيڪل  جي  ميدان  ۾ پاڻ کي  مڃرايو  آهي بلڪـ ان  کان علاوه مختلف ادارن  ۽ تنظيمن ۾ بـ مکيـ ميمبر طور ڪم ڪري رهيا آهن، ڊاڪٽر  اميداڻي صاحب  سنڌ ٽي.وي نيٽ ورڪ  طرفان ۽ ڪي.ٽي.اين نيٽ ورڪ طرفان ڊاڪيومينٽري پروگرام “سنڌ جي سرهاڻ” صوفي ۽ ناٿ،  چار سيريز رڪارڊ ڪيا ۽ پهرئين  ڊاڪيومينٽري چاليهـ منٽ  ايئر پروگرام ۾ هلي، ۽ ڊاڪٽر صاحب ڪيترائي پيپر پبلش ڪرايا، ايتري ڪاوشن ۽ جدوجهد ڪندڙ ما ڻهو انهن سڀني ڪمن کي  ذميواري سان نڀائي رهيا آهن. ان  کان علاوه دلچسپ ڳالھ هي آهي ته پاڻ  هڪ بهترين صوفي گلوڪار  پڻ آهن.