Showing posts with label پروفائیل. Show all posts
Showing posts with label پروفائیل. Show all posts

Sunday, 14 August 2016

ڊاڪٽر هيرا نند بجاج جو پروفائیل عبدالغفار وڌو

plz check, ur and Sadam profile's intro is same? why its so?

ڊاڪٽر هيرا نند بجاج
عبدالغفار وڌو
رول نمبر: M.M.C/02
 ايم.اي. پريويس

          چيو ويندو آهي ته غريب انسان جي مدد ۽ حوصلا افزائي اهو ڪندو آهي جنهن جي دل ۾ انسانيت ديرو ڄمائي ويٺي هوندي آهي، يا ته اهو انسان خود انهن مشقلاتن جو سير ڪندي وڏي منزل تي پهچندو آهي، سندس پوءِ غريبي جي چڱي ريت سڌ پوندي آهي، ڇو ته انهن جو تعلق پهريان ڏينهن رات ان پردا غريبي سان هيو، باقي ته غريبن جو قدر اميرن کان وڌيڪ ڪير ڄاڻيندو هوندو، جو اهي امير پنهنجي اناءَ ۽ وڏائي جي ڇانو جي ڇاپري ۾ بيهي غريب سان هٿ ملائڻ به پنهنجي بيعزتي سمجهندا آهن، شايد انهن کي ڪنهن تعليمي اداري ۾ اهو درس ناهي ڏنو ويو، جيڪو اميري جي چادر اوڍي هلي سگهي ٿو، ته ان کي غريبي جو پاجامو پائڻ ۾ وقت ئي نه لڳندو، شايد اهو ئي سبب آهي جو امير غريب سان ايئن نفت ڪندو آهي جيئن رٺل عاشق پنهنجي محبوب سان.
          اسان جي معاشري ۾ ڪجهه اهڙا انسان آهن جيڪي ننڍپڻ کان وٺي زندگي جو ڪافي حصو ڏکن ۽ تڪليفن ۾ گذاري به همت نه هاريندا آهن ۽ پنهنجي زندگي کي هڪ مقصد ڏانهن رجوع ڪري اڳتي وڌندا رهندا آهن، آخرڪار هڪ نه هڪ ڏينهن هو پنهنجي منزل تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃن. ساڳي طرح هيرانند بجاج به انهن مان هڪ آهي، سندس جنم 1970ع ۾ سنڌ جي آخري شهر ۽ بلوچستان جي آخري حد شهداد ڪوٽ ۾ ٿيو، هي اهو شخص آهي جنهن جي تعليم پرائڻ لاءِ ڏاڍيون تڪليفون سٺيون، هن اهڙو وقت گذارڻ کانپوءِ هن جي زندگي جو باقي رهندڙ مقصد غريبن جي مدد ڪرڻ هو، هن پنهنجي بنيادي تعليم پنهنجي شهر شهداد ڪوٽ مان حاصل ڪئي، پرائمري تعليم شهداد ڪوٽ جي گورنمينٽ  “مين” اسڪول مان حاصل ڪئي هئي، ۽ سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري تعليم شهداد ڪوٽ جي هائي اسڪول مان حاصل ڪئي، آخر وڏي محنت جدوجهد کانپوءِ هن اعليٰ تعليم جي لاءِ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ انٽري ٽيسٽ ڏني، جنهن کانپوءِ هو ان ٽيسٽ ۾ سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيو، هن ميڊيڪل ڪاليج ۾ تمام گهڻي محنت ڪري آخرڪار ايم.بي.بي.ايس جي ڊگري حاصل ڪئي، پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ، هن غريبن جي مدد لاءِ جاکوڙڻ شروع ڪيو، ڪجهه وقت کانپوءِ آخرڪار هي سرڪاري نوڪري سان هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ سڃاتو ويو، ڪافي عرصو هي سرڪاري ڊاڪٽر جي حيثيت سان غريبن، يتيمن ۽ بي يارومددگارن جي مددگارن جي مدد ڪندو رهيو، ايتريقدر جو ڊاڪٽر مفت ۾ مريضن جو چيڪ اپ ڪرڻ، مفت جو دوائون ڏيڻ، جيڪڏهن ڪنهن غريب وٽ ٻاهرين دوا جي لاءِ پيسا نه هوندا هئا ته هو خود انهن جي مدد ڪندو هو ۽ چوندو هو ته اڄ آئون جيڪو ڪجهه آهيان، سڀ اوهان جو دعائون آهن، ڪجهه عرصي کانپوءِ ڊاڪٽر کي خيال پئي آيو ته ڇو نه خانگي اسپتال جو بنياد رکيو وڃي، پوءِ هن پنهنجي هڪ خانگي اسپتال جو بنياد رکيو، جنهن ۾ انهن ماڻهن جو معائنون بلڪل مفت ڪندو هو، جيڪي تمام گهڻا غريب هئا، يعني چيو وڃي ته اهڙا غريب جن وٽ ماني کائڻ لاءِ هڪ وقت جي سگهه هوندي آهي پر ٻي وقت تي بک ڪاٽڻ تي مجبور ٿيو وڃن. ڊاڪٽر جي چوڻ مطابق ته آئون غريبن کي گهرڀاتين وانگر سمجهندو آهيان ڇو ته اهي به انسان آهن ۽ آئون چوندو آهيان ته جنهن ۾ انسانيت ناهي اهو انسان نه پر حيوان جي مثل آهي، ڇو ته انسان خدا جي طرفان ڏنل هڪ بهترين ۽ انمول تحفو آهي، ڊاڪٽر صاحب ٻيون کوڙ ئي ڳالهيون ٻڌايون جن کي ٻڌڻ سان ڏاڍو ئي مزو پئي آيو، پر انهن سڀني ڳالهين مان مون کي اڃان تائين اهي لفظ ياد ٿا اچن جيڪي مون کي ڏاڍا وڻيا، اهي ڪجهه لفظ هي هئا ته
“ڪو  آهي  رحمان  جي  پاسي ته ڪو آهي ڀگوان جي پاسي
پر اسان جو سجدو انهيءَ کي آ جيڪو آهي انسان جي پاسي”
          هي ته هيون ڊاڪٽر جون چيل ڳالهيون پر جڏهن آئون ڪجهه غريبن سان مليس ۽ ڊاڪٽر صاحب جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي ته اهي به ڊاڪٽر جي سخاوت کي ڀرپور نموني بيان ڪري رهيا هئا ۽ انهن جي چوڻ موجب ته اڄوڪي دور ۾ ڪو ماڻهو ڪنهن انسان تي هڪ روپيو خرچ ڪرڻ لاءِ به سئو دفعا سوچي ٿو، پر ڊاڪٽر هزارين روپيا خرچ ڪندو آهي ته جيئن غريبن ۽ مظلومن کي شفا ملي سگهي.
          ڊاڪٽر وٽ ايم.بي.بي.ايس جي ڊگري هجڻ جي باوجود به ٻيا ميڊيڪل جا ڪيترائي ڪورس ڪيا، جنهن ۾ نيوٽريشن، اي.ٽي.پي.آءِ، پيڊس ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا توڙي وڏا ڪورس ۽ ٽريننگون پڻ ڪيون، اهي سڀ ڪورس ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن ۾ تمام سٺيون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن غريب يا ضرورتمند کي ڪنهن به قسم جي آپريشن ڪرائڻ جي ضرورت پوندي آهي ته هي انهن سان هر قسم جو تعاون ڪندو آهي، جيئن مريضن جي آپريشن چاهي ڪهڙي به شهر ۾ به ٿئي، چاهي اهو لاڙڪاڻو هجي يا حيدرآباد هجي يا وري ڪراچي هو ڪنهن به غريب کي اڪيلو ناهي ڇڏيندو، ايتريقدر جو انهن ڊاڪٽرن سان ڳالهائڻ ان مريض لاءِ وقت طئي ڪرائڻ، آپريشن جي رقم گهٽ ڪرائڻ وغيره، يعني چيو وڃي ته هر قسم جي مدد لاءِ سرپيش هوندو آهي، جيڪڏهن اسين ٻئي ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏسنداسين ته هي اڪثر ڪنهن مريض کي پاڻ وٽ بار بار گهرائيندا رهندا آهن ته جيئن هر روز مريض کان رقم ورتي وڃي ۽ گهڻو ڪري ڊاڪٽر عام ماڻهو کي ٻئي ڊاڪٽر ڏي ناهن ڇڏيندا ته متان اسان جي دوڪان کي تالو لڳي وڃي، پر هن ڊاڪٽر ۾ هي سڀ ڳالهيون بلڪل ناهن ۽ نه ئي ڪا لالچ آهي، جيڪڏهن ڪو مريض ٻئي ڊاڪٽر ڏي وڃڻ جهڙو هوندو آهي ته هي ان کي جلدي ڊاڪٽر ان ڊاڪٽر ڏي منتقل ڪندو آهي، آئون ته نٿو سمجهان ته اهڙي دور ۾ جنهن ۾ ڪو ڀاءُ ڪنهن ڀاءُ لاءِ ڪجهه به نه ٿو ڪري ته اهڙي وقت ۾ هڪ غير شخص ٿي، هڪ سٺي ۽ اعليٰ عهدي تي رهي، غريبن، يتيمن جو خيال ٿو ڪري ۽ انهن جي تڪليفن کي پنهنجي تڪليف سمجهي انهن لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندو رهي ٿو.


    

Thursday, 11 August 2016

ٽنڊوآدم جو مشهور حجام استاد پنهون عمراڻي پروفائیل, مهدي

ٽنڊوآدم جو مشهور حجام استاد پنهون عمراڻي

نالو                   :           پنهون
پيءُ جو نالو      :           دائود
ذات                  :           عمراڻي
ڄمڻ جي تاريخ  :           1953
پيدائش جو هنڌ :           ڳوٺ ملان مکڻ ٽنڊوآدم

        استاد پنهون عمراڻي تعلقه ٽنڊوآدم ضلعو سانگھڙ جي هڪ ننڍي ڳوٺ ملان مکڻ ۾ اکيون کوليون.
         پراڻي زماني ۾ اسان جا ابا ڏاڏا راڄ جو ڪم ڪندا هئا ان وقت ۾ ماڻهون اسان  کي راڄن جو حجام سڏيندا هئا ۽ سنڌيءَ ۾ ان کي آهتي سڏيندا هئا. آهتي جو مطلب آهياجرتيعني 12 مهينن جي محنت ان جي صورت ۾ ملندي هئي جنهن تي اسان جو گزر سفر ٿيندو هو ۽ آئون به پنهنجي پيءَ داؤد عمراڻي ۽ ڀاءُ لکاڏنو عمراڻي سان گڏ ڪم ڪندو هئس.
                 آئون ۽ منهنجو ڀاءُ لکاڏنو عمراڻي راڄ ۾ وڃي هتي ماڻهن جا وار ۽ ڏاڙهيون ٺاهيندا هئا سين. ان وقت اسان وٽ مال متاءُ هوندو هو. ان مال جو گاهه به راڄ وارا ڏيندا هئا.
                        1977ع ۾ ٽنڊوآدم شهر ۾ دڪان کوليم جيڪو هن وقت داؤڊ هيئر ڊريسر جي نالي سان مشهور آهي، منهنجو ڀاءُ لکاڏنو راڄن ۾ وڃي ڪري وار ڏاڙهيون ٺاهيندو هو ۽ آئون دوڪان کي ٽائيم ڏيندو هئس ۽ آهستي آهستي ماڻهن دوڪانن تي وڃي ڪري وار ۽ ڏاڙهيون ٺهرائڻ جو رجحان ٿيو.
        الله سائين مونکي اهو موقعو ڏنو مون دوڪان کي به ٽائيم ڏنو ۽ ڪجھ ضلعن جي معزز شخصيتن جي به حاضري ڀري.
  جنهن ۾ ٽنڊي آدم جي معروف شخصيت مرحوم وڏيرو شاهنواز خان جوڻيجو، ايم اين اي روشن دين جوڻيجو، وڏيرو محمد خان جوڻيجو، غلام قادر جوڻيجو، غلام حسين جوڻيجو، غلام رسول جوڻيجو پاڻ ۾ ڀائر آهن. هينئر وڏيرو محمد خان جوڻيجو، نور محمد جوڻيجو، شاهجهان جوڻيجو، تعلقه ناظم چاچا غلام مرتضيٰ جوڻيجو، غلام مصطفيٰ جوڻيجو ۽ ٻيا ڀائرن ۽ ان جو اولاد شامل آهن.
                        ڄام نواز علي جي معزز شخصيت سابق وزير اعليٰ مرحوم ڄام صادق علي، ڄام مدد علي، ڄام معشوق علي، ليفٽينينٽ ڪرنل منير ميمڻ سميت ڪيترن ئي ڏاڪٽرن، انجينئرن جا وار ۽ ڏاڙهيون ٺاهي ان جي خدمت ڪئي. منهنجي اصل ڳوٺ ملان مکڻ جي معزز شخصيت فدا حسين ڏيرو، ايم پي اي فراز ڏيرو، نويد ڏيرو، پارس ڏيرو ۽ ٻيا خاندان جا ماڻهو شامل آهن.
                        ٽنڊوآدم جي شورا برادري جا معزز ماڻهون سابقه پ پ پ رهنما حاجي مختيار علي شورو، حاجي انور علي شورو ۽ مري خاندان ۾ سابقه ايم پي اي مرحوم رئيس رسول بخش مري، عطا محمد مري (والد شازيه مري) شڪيل احمد مري، لياقت خان مري (سابقه ايم اين اي) آهي، جنهن جي خدمت پارليمنٽ ۾ ڏاڙهي ۽ وار ٺاهي ڪئي.
                        مرحوم عبدالله ورياهه، تاج محمد ورياهه، ايڊوڪيٽ عبدالحڪيم کوسو، لالا ايوب خان، سابقه ڊي پي او ممتاز علي جوڻيجو، رئيس گل حسن مري، سيد نور محمد شاهه دادو، سيد باقر علي شاهه (نوابشاهه)، پناهه شاهه ۾ سيد الله جڙيو شاهه، سيد غلام علي شاهه، سيد فضل حسين شاهه (ايس ايس جي ايس)، سيد هاشم شاهه، علي حسن شاهه، پير غلام عباس شاهه، پير محبوب شاهه جيلاني، اوڏيرو لال جي معزز شخصيت سيد ممتاز علي شاهه (چيئر مين زڪوٰة ۽ عشر ڪميٽي) ۽ ٻيا شامل آهن.
                        ان کان وڌيڪ ٽنڊوآدم، حيدرآباد، ڪراچي، اسلام آباد، نوابشاهه، گھوٽڪي، مٽياري، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي، اوباؤڙو، خانپور مهر ۽ ٻيا ڪئي شهر شامل آهن جن ۾ وڃي وڃي ماڻهن جون ڪاروبار جي لحاظ سان خدمت ڪئي آهي.
                        زندگي ۾ جيلن ۾ وڃي سياسي ماڻهن جو ڏاڙهيون ۽ وار ٺاهيا، جنهن ۾ سياسي قيدي وڏيرو شاهنواز جوڻيجو، فدا حسين ڏيرو، محمد خان جوڻيجو، مرحوم علي ڏنو شاهه، ظهور علي رند، ڄام معشوق علي خان جي به وڃي ڏاڙهي وار ٺاهيا. سڀ کان وڌيڪ جيل ۾ رهندڙ وڏيرو شاهنواز جوڻيجو جي حاضري ڀري ۽ جڏهن وڏيري شاهنواز جوڻيجي جي زندگي جا آخري لمحه هئا مونکي گھرايو هو ۽ پنهنجي پٽن کي گھرائي هنن کي وصيت ڪئي ته ان شخص پنهنون عمراڻي سڄي زندگي منهنجي خدمت ڪئي آهي، هن جي توهان کي پارت آهي.
                        جيسي تائين زندگي آهي ۽ اکين جو نور سلامت آهي عوام جي خدمت ڪندو رهندس.
                        جن ماڻهن جي اڄ ڏينهن تائين خدمت ڪئي آهي الله پاڪ انهن کي سلامت ۽ هميشه خوش رکي ۽ جيڪي هن فاني دنيا مان لاڏاڻون ڪري ويا آهن الله پاڪ انهن جي مغفرت ڪري.




Profile By:
Guhram Mehdi Shah
Class: (M.A Pre) Roll #  MMC-25