Showing posts with label مهدي. Show all posts
Showing posts with label مهدي. Show all posts

Monday, 22 August 2016

مهدي, ٽنڊوآدم شهر جي پهرين ڪاميابي

ٽنڊوآدم شهر جي پهرين ڪاميابي
الحاج سليمان روشن ميڊيڪل ڪاليج ٽنڊوآدم


                    جيئن ته تعليم جي لحاظ کان هر شهر ۾ ٻيا کوڙ سارا ميڊيڪل ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز آهن پر ميڊيڪل جي لحاظ کان ڪنهن ڪنهن شهر کي تحفو مليل آهي.
                   ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته جڏهن ڪنهن تعليمي اداري جو دروازو کلندو آهي ته هڪ اونداه جو دروازو بند ٿي ويندو آهي.جنهن ۾ سنڌ جي ڪجھ شهرن جا نالا ڄاڻائيندا سين:
                 
  حيدرآباد ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، اسراء ميڊيڪل يونيورسٽي، ميرپور ۾ محمدي ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ هاڻ اسان جي پنهنجي شهر ٽنڊوآدم ۾ علم جو هڪ ڏيو روشن ٿي رهيو آهي، جيڪو مختلف ضلعن ۽ ان جي شهرن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ هڪ سونهرو موقعو آهي، هاڻ ٽنڊوآدم، شهدادپور، ٽنڊوالهيار، سانگھڙ، هالا، ڀٽ شاهه، کيبر، مٽياري، اڏيرولعل، جي طالب علمن کي ٻين شهرن ۾ وڃي پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. توهان جي پنهنجي شهر ٽنڊوآدم ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪري سگھو ٿا. جنهن ۾ نه صرف هڪ صوبي جا شاگرد پر پوري پاڪستان جي ڪنهن به ڪنڊ مان اچي علم حاصل ڪري پنهنجي زندگي کي روشن ڪري سگھن ٿا.
        
     الحاج سليمان روشن ميڊيڪل ڪاليج کي اسراء يونيورسٽي جي نقشي موجب تيار ڪيو پيو وڃي.
       
      ميڊيڪل ڪاليج سان گڏ ٽنڊوآدم جي نه پر پوري سانگھڙ ضلعي جي اسپتال جيڪا الحاج سليمان روشن اسپتال جي نالي سان مشهور آهي جنهن ۾ سنڌ جا نه پر پوري پاڪستان جا مشهور ڊاڪٽر مريضن جو معائنو ۽ علاج ڪن ٿا.
           الحاج سليمان روشن اسپتال ۾ 24 ڪلاڪ سروس موجود آهي، ايمرجنسي جي حالت ۾ ڊاڪٽر پڻ موجود هوندا آهن.
            ميڊيڪل ڪاليج جو 80 فيصد ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، باقي 20 فيصد ڪم هن هلندڙ سال ۾ مڪمل ٿي ويندو.
           2017 جي جنوري تائين الحاج سليمان روشن ميڊيڪل ڪاليج ٽنڊوآدم جو افتتاح ڪيو ويندو. هن ميڊيڪل ڪاليج ۾ اڃان ته صرف ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪري سگھجي ٿي. پر جڏهن هي ڪاليج مڪمل 100 فيصد پاپولر ٿي ويندو ته پوءِ ميڊيڪل سان تعلق رکندڙ سڀ ڊگريون توهان جي پنهنجي شهر ٽنڊوآدم ۾ حاصل ڪري سگھو ٿا.
             الحاج سليمان روشن ميڊيڪل ڪاليج جي ڪل ايراضي 8 کان 10 ايڪڙن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪلاس روم، آفيس، ليڪچرر هال، ڪلرڪ آفيس، ڪينٽين، گراؤنڊ، هاسٽل ۽ پارڪ ان ايراضي ۾ شامل آهن.
             تمام شاگرد ۽ شاگردياڻين جي لاءِ پوائنٽس جو پڻ بندوبست ڪيو ويندو. جيڪي شاگردن کي کڻن لاءِ هر وقت موجود هونديون.
             هن ميڊيڪل ڪاليج ۾ جيڪي باهران ايندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون علم حاصل ڪرڻ ايندا انهن جي لاءِ الگ الگ هاسٽل جو بندوبست هوندو.
             ميڊيڪل ڪاليج جي شروعات ۾ 50 فيصد ڇوڪرا ۽ 50 فيصد ڇوڪرين کي داخلا ڏني ويندي. جيڪا فل ميرٽ تي هوندا.
              ڪنهن به ڇوڪري يا ڇوڪريءَ کي تيستائين داخلا نه ڏني ويندي جيستائين طالب علم رولز ۽ ريگوليشن کي پورو نه ڪندا.
             هن ڪاليج جو بنياد رکندڙ ملڪ امام الدين شوقين آهي، جيڪو ٽنڊوآدم جي مشهور ۽ نالي واري شخصيتن مان هڪ آهي.
            ملڪ امام الدين شوقين جيڪو هيئنر سياسي حوالي سان پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سان متسلڪ آهي، ملڪ امام الدين شوقين ٽنڊوآدم جي عوام جي لاءِ ڪافي ساريون ڪاوشون آهن جيڪي وسارن جوڳيون نه آهن.
            ٽنڊوآدم ۾ تعليم جي لحاظ کان هڪ ڪاليج اڳ ۾ ئي اونچائيءَ جا قدم چمي رهيو آهي، جيڪو هن وقت بحريه فاؤنڊيشن جي نالي سان سڃانتو وڃي ٿو. بحريه فاؤنڊيشن ۾ پڙهندڙ ڇوڪرا هڪ نئي منزل تي پهچن انهن جي لاءِ درڪار نه آهي ڇو جو اڄ ڪلهه جي دور ۾ جيڪا تعليم گھربل آهي اها بحريه فا‍ؤنڊيشن ۾ ڏني وڃي ٿي.
       اڄ جي جديد ترين دور ۾ جنهن ۾ هر ڪم ڪمپيوٽر کان ورتو وڃي ٿو ان دور جي حساب سان تعليم جي بلندي جي لحاظ کان حڪومت کي پڻ قدم وڌائڻ گھرجي.
    حڪومتي ادارن ۾ تعليم نه پئي مهيا ڪئي وڃي جيڪا پرائيويٽ اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ ڏني وڃي ٿي.
           منهنجي حساب سان ٽنڊوآدم ۽ ان جي ڀرپاسي جي شاگرد ۽ شاگردياڻين جي لاءِ هي انتهائي سنهرو موقعو آهي هن ڪاليج ۾ پڙهندڙ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جڏهن ڪنهن اعليٰ منزل تي پهچندا ته اها نه صرف ٽنڊوآدم جي شهر جي ڪاميابي پر پوري پاڪستان جي سربلنديءَ جو سبب بڻبو.
       انسان علم حاصل ڪرڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪري ڇاڪاڻ ته علم هي انسان کي انسان بڻائيندو آهي.
              آخر ۾ منهنجي هر ان والدين کي گزارش آهي ته پنهنجي اولاد کي علم جي قيمتي زيور سان سرشار ڪيو وڃي ته جيئن هو معاشري ۾ هڪ سٺي انسان جي طرح زندگي گزاري سگھن.



Thursday, 11 August 2016

ٽنڊوآدم جو مشهور حجام استاد پنهون عمراڻي پروفائیل, مهدي

ٽنڊوآدم جو مشهور حجام استاد پنهون عمراڻي

نالو                   :           پنهون
پيءُ جو نالو      :           دائود
ذات                  :           عمراڻي
ڄمڻ جي تاريخ  :           1953
پيدائش جو هنڌ :           ڳوٺ ملان مکڻ ٽنڊوآدم

        استاد پنهون عمراڻي تعلقه ٽنڊوآدم ضلعو سانگھڙ جي هڪ ننڍي ڳوٺ ملان مکڻ ۾ اکيون کوليون.
         پراڻي زماني ۾ اسان جا ابا ڏاڏا راڄ جو ڪم ڪندا هئا ان وقت ۾ ماڻهون اسان  کي راڄن جو حجام سڏيندا هئا ۽ سنڌيءَ ۾ ان کي آهتي سڏيندا هئا. آهتي جو مطلب آهياجرتيعني 12 مهينن جي محنت ان جي صورت ۾ ملندي هئي جنهن تي اسان جو گزر سفر ٿيندو هو ۽ آئون به پنهنجي پيءَ داؤد عمراڻي ۽ ڀاءُ لکاڏنو عمراڻي سان گڏ ڪم ڪندو هئس.
                 آئون ۽ منهنجو ڀاءُ لکاڏنو عمراڻي راڄ ۾ وڃي هتي ماڻهن جا وار ۽ ڏاڙهيون ٺاهيندا هئا سين. ان وقت اسان وٽ مال متاءُ هوندو هو. ان مال جو گاهه به راڄ وارا ڏيندا هئا.
                        1977ع ۾ ٽنڊوآدم شهر ۾ دڪان کوليم جيڪو هن وقت داؤڊ هيئر ڊريسر جي نالي سان مشهور آهي، منهنجو ڀاءُ لکاڏنو راڄن ۾ وڃي ڪري وار ڏاڙهيون ٺاهيندو هو ۽ آئون دوڪان کي ٽائيم ڏيندو هئس ۽ آهستي آهستي ماڻهن دوڪانن تي وڃي ڪري وار ۽ ڏاڙهيون ٺهرائڻ جو رجحان ٿيو.
        الله سائين مونکي اهو موقعو ڏنو مون دوڪان کي به ٽائيم ڏنو ۽ ڪجھ ضلعن جي معزز شخصيتن جي به حاضري ڀري.
  جنهن ۾ ٽنڊي آدم جي معروف شخصيت مرحوم وڏيرو شاهنواز خان جوڻيجو، ايم اين اي روشن دين جوڻيجو، وڏيرو محمد خان جوڻيجو، غلام قادر جوڻيجو، غلام حسين جوڻيجو، غلام رسول جوڻيجو پاڻ ۾ ڀائر آهن. هينئر وڏيرو محمد خان جوڻيجو، نور محمد جوڻيجو، شاهجهان جوڻيجو، تعلقه ناظم چاچا غلام مرتضيٰ جوڻيجو، غلام مصطفيٰ جوڻيجو ۽ ٻيا ڀائرن ۽ ان جو اولاد شامل آهن.
                        ڄام نواز علي جي معزز شخصيت سابق وزير اعليٰ مرحوم ڄام صادق علي، ڄام مدد علي، ڄام معشوق علي، ليفٽينينٽ ڪرنل منير ميمڻ سميت ڪيترن ئي ڏاڪٽرن، انجينئرن جا وار ۽ ڏاڙهيون ٺاهي ان جي خدمت ڪئي. منهنجي اصل ڳوٺ ملان مکڻ جي معزز شخصيت فدا حسين ڏيرو، ايم پي اي فراز ڏيرو، نويد ڏيرو، پارس ڏيرو ۽ ٻيا خاندان جا ماڻهو شامل آهن.
                        ٽنڊوآدم جي شورا برادري جا معزز ماڻهون سابقه پ پ پ رهنما حاجي مختيار علي شورو، حاجي انور علي شورو ۽ مري خاندان ۾ سابقه ايم پي اي مرحوم رئيس رسول بخش مري، عطا محمد مري (والد شازيه مري) شڪيل احمد مري، لياقت خان مري (سابقه ايم اين اي) آهي، جنهن جي خدمت پارليمنٽ ۾ ڏاڙهي ۽ وار ٺاهي ڪئي.
                        مرحوم عبدالله ورياهه، تاج محمد ورياهه، ايڊوڪيٽ عبدالحڪيم کوسو، لالا ايوب خان، سابقه ڊي پي او ممتاز علي جوڻيجو، رئيس گل حسن مري، سيد نور محمد شاهه دادو، سيد باقر علي شاهه (نوابشاهه)، پناهه شاهه ۾ سيد الله جڙيو شاهه، سيد غلام علي شاهه، سيد فضل حسين شاهه (ايس ايس جي ايس)، سيد هاشم شاهه، علي حسن شاهه، پير غلام عباس شاهه، پير محبوب شاهه جيلاني، اوڏيرو لال جي معزز شخصيت سيد ممتاز علي شاهه (چيئر مين زڪوٰة ۽ عشر ڪميٽي) ۽ ٻيا شامل آهن.
                        ان کان وڌيڪ ٽنڊوآدم، حيدرآباد، ڪراچي، اسلام آباد، نوابشاهه، گھوٽڪي، مٽياري، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي، اوباؤڙو، خانپور مهر ۽ ٻيا ڪئي شهر شامل آهن جن ۾ وڃي وڃي ماڻهن جون ڪاروبار جي لحاظ سان خدمت ڪئي آهي.
                        زندگي ۾ جيلن ۾ وڃي سياسي ماڻهن جو ڏاڙهيون ۽ وار ٺاهيا، جنهن ۾ سياسي قيدي وڏيرو شاهنواز جوڻيجو، فدا حسين ڏيرو، محمد خان جوڻيجو، مرحوم علي ڏنو شاهه، ظهور علي رند، ڄام معشوق علي خان جي به وڃي ڏاڙهي وار ٺاهيا. سڀ کان وڌيڪ جيل ۾ رهندڙ وڏيرو شاهنواز جوڻيجو جي حاضري ڀري ۽ جڏهن وڏيري شاهنواز جوڻيجي جي زندگي جا آخري لمحه هئا مونکي گھرايو هو ۽ پنهنجي پٽن کي گھرائي هنن کي وصيت ڪئي ته ان شخص پنهنون عمراڻي سڄي زندگي منهنجي خدمت ڪئي آهي، هن جي توهان کي پارت آهي.
                        جيسي تائين زندگي آهي ۽ اکين جو نور سلامت آهي عوام جي خدمت ڪندو رهندس.
                        جن ماڻهن جي اڄ ڏينهن تائين خدمت ڪئي آهي الله پاڪ انهن کي سلامت ۽ هميشه خوش رکي ۽ جيڪي هن فاني دنيا مان لاڏاڻون ڪري ويا آهن الله پاڪ انهن جي مغفرت ڪري.




Profile By:
Guhram Mehdi Shah
Class: (M.A Pre) Roll #  MMC-25