Tuesday 16 August 2016

سليم احمد شاه جو پروفائيل :رشيد احمد نظاماڻي

پروفائل:
سليم احمد شاه:
پريشانين ۾ گھيريل هئڻ باوجود اعلاي تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد
لکندڙ:رشيد احمد نظاماڻي
ايم.اي پريويس
رول نمبر: 49
 هونئن ته هر انسان کي پنهنجي زندگي ۾ ڏکن ۽ پريشانين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي پر ڪن ماڻهن تي ڏک ڪجهه گھڻو ئي مهربان هوندا آهن. پوءِ اهڙا ماڻهو اڪثر زندگي جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويندا آهن پر ڪي اهڙا به هوندا آهن جيڪي پريشانين ۽ ڏکن وارين حالتن باوجود زندگي ۾ اڳتي نڪرڻ لاءِ جدوجهد جو دامن نه ڇڏيندا آهن،لعلو رائنڪ شهر جو سليم احمد به انهن مان هڪ آهي جيڪو گھڻ رخي پريشانين ۽ تڪليفن ۾ گھيريل هجڻ باوجود پنهنجي اعلاي تعليم جاري رکيو اچي.
سليم احمد سنڌ يونيورسٽي جي جيولاجي شعبي جو گريجوئيٽ آهي ۽ هن وقت اولڊ ڪيمپس حيدرآباد مان بي.ايڊ جي تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.
 سليم جي مسئلن جي شروعات سندس پيدائش کان وٺي ئي ٿي وئي.ڇاڪاڻ ته هُو سندس والدين کي وڏي عمر ۾ ڄائو جنهن ڪري هو هن کي معاشري کان لڪائيندا
هئا.
هو پنهنجي والد ۽ والده،ٻنهي جي ٻيءِ شادي جي اولاد مان هڪ ڀيڻ ۽ 5 ڀائرن مان آخري ۾ ڄائو.هندوستان مان لڏي آيل ۽ اردو ڳالهائيندڙ آبادي سان تعلق رکندڙ سليم جو والد شفيع احمد ٽنڊوالهيار ۾ ڪلينڪ هلائيندو هو جنهن کي سندس پهرين گهر واري مان 6 ڌيئرون ۽ هڪ پُٽ هيو.پهرين گھر واريءَ جي وفات کانپوءِ هن لاڙڪاڻي جي سنڌي گھراڻي سان تعلق رکندڙ هڪ بيواه سان شادي ڪئي جنهن کي پهرين شاديءَ مان هڪ پُٽ ۽ ٻه نياڻيون هيون.

27 سالن جو سليم احمد ، انتهائي بااخلاق ۽ عزت ۽ قرب ڏيندڙ انسان آهي جيڪو به هن سان ملي ٿو سو سندس شخصيت جي انهن خوبين جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿو سگھي.
.گذريل 8 سالن کان هُو پنهنجي تعليم سميت سڀ خرچ پاڻ ڀريندو اچي پيو اِهو خرچو هو ٽي جاين تي ٽيوشن پڙهائي حاصل ڪندو آهي.
سليم جي اعلاي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ جتي سندس پنهنجون ڪوششون آهن اتي ان جي بنياد ۾ هن جي والده ۽ سڀ کان وڏي ۽ سڳي ڀاءٌ هاشم رضاءَ جون ڪوششون به شاملِ حال رهيون.
هن جو والد عمر جي ان حصي ۾ پهچي چڪو هو جو هو هاڻ پنهنجي اولاد جي ڪفالت نٿي ڪري سگھيو.جنهن ڪري سندس والده ڪڙهائي جو ڪم شروع ڪري پنهنجي ٻارن جي ڪفالت سان گڏ وڏي پٽ هاشم رضاءَ کي پڙهائڻ شروع ڪيو.هاشم رضاءَ کي جڏهن بي.ڊي.ايس پڙهڻ دوران هائوس جاب ملي ته هن پنهنجي خاندان کي حيدرآباد گھرائي ورتو.ان هائوس جاب جي 20 هزار پگھار مان 15 هزار پگھار گهر لاءِ ڏيندو هو جيڪو راشن ۽ ڪراءِ ۾ خرچ ٿيندو هو ۽ گذارو تمام گھڻو ڏکيو ٿيندو هو.سليم جي مطابق هُو رسمي طور ٻارنهن ڪلاس پڙهيل هو پر کيس پڙهائي جو صحيح شعور ۽ شوق حيدرآباد اچڻ کانپوءِ ٿيو.
حيدرآباد اچڻ کانپوءِ سليم، پاڙي ۾ ميٿ جي ٽيوشن پڙهڻ شروع ڪئي ۽ ايترو شوق هئس جو ڪاپين جا پئسا نه هجڻ ڪري هُو اخبارن تي ميٿ جي پريڪٽس ڪندو هو ۽ ٽن مهينن ۾7،6،5 ۽ 8 ڪلاس جي ميٿ مڪمل ڪئي.ڪجهه عرصي ۾ هو ميٿ ۾ ايترو ذهين ٿي ويو جو سندس ميٿ جي استاد هن کي هن جي گهر تي شاگرد ڏنا ته اُنهن کي پڙهائي جنهن جي فيءَ شروع ۾ اڌ ۽ پوءِ مڪمل هن کي ملڻ لڳي.
 ان سلسلي کي هلندي اڃا ڪجهه ئي مهينا گذريا هئا جو سليم جي زندگي ۾ هڪ وڏي مصيبت اچي وئي ۽ ڊسمبر 2007 ۾هن کي گوڏي ۾ هڏي جو ڪينسر ظاهر ٿي پئي.غربت جي اهڙي حالت ۾ ان جي علاج لاءِ پئسن جو بندوبست هڪ وڏو مسئلو هيو.سندس وڏي ڀاءُ وياج تي قرض کڻي ڪراچي جي  هڪ وڏي ڊاڪٽر کان هن جو آپريشن ڪرايو.ان کانپوءِ کيس هڪ سال تائين پنهنجي گھر ۾ بستري تي آرام ڪرڻو پيو.ان دوران سندس ڪيفيت اها هئي جو هن کي خدشو رهندو هو  ته سندس ڄنگھ ڪٽي ويندي.
اها مصيبت به نيٺ ٽري وئي ۽ هن واپس ٽيوشن پڙهائڻ شروع ڪئي.ٽيوشن مان
ملندڙ پئسن مان هو پنهجون پڙهائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ سان گڏ گھر وارن کي به ڪجهه پئسا ڏيندو هو.
سنڌ يونيورسٽي جي انٽري ٽيسٽ ڏيڻ کانپوءِ سال 2009ع ۾هن جي جيولاجي شعبي ۾ داخلا ٿي.يونيورسٽي جا 4 سال سليم تمام گھڻي جدودجهد ۽ مصروفيت ۾ گذاريا.صبح جو هو يونيورسٽي ويندو هو ۽ اتان واپسي تي ٽن مختلف جاين تي ٽيوشن پڙهائي رات جو جڏهن 9 بجي فارغ ٿيندو هو ته پوءِ کيس گھر جو سيڌو سامان وٺڻو پوندو هو. هو ايترو ته مصروف رهندو هو جو پيپرن جي تياري به صبح جي وقت يونيورسٽي ويندي پوائنٽ ۾ ڪندو هو.هن جي مطابق ڪڏهن ڪڏهن سندس دل چاهيندي هئي ته هو به ٻين شاگردن جيان دوستن سان گڏ گھمي ڦري پر سندس حالتن جي تقاضا هئي ته هُو مشين جيان زندگي گزاريندو رهي.
سليم جو وڏو ڀاءُ شادي کانپوءِ تبديل ٿي ويو ۽ يونيورسٽي جي آخري سال ۾ سليم کي چيو ته هاڻ هو پنهجو خرچو پاڻ ڪن ۽ هُو هنن جي وڌيڪ مدد نٿو ڪري سگھي.ان ڳالهه جو هن کي گھڻو ڏک ٿيو.هن کي لڳي ٿو ته شايد هن جي ڀاءٌ هن کي ائين ان ڪري چيو ته متان هي ان تي ڀاڙيندو رهي ۽ اڳتي نه نڪري سگهي.
سليم جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي چڪا آهن پر اڃا به ڪجهه مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي انهن مان هڪ اهو آهي ته ننڍي هوندي کان وٺي ٻن مختلف قومن سان تعلق رکڻ جي ڪري هن کي ٻنهي، سنڌي ۽ مهاجر مخالف تعصب کي منهن ڏيڻو پوي پيو.هو جڏهن ڏاڏاڻن مائٽن ويندو آهي ته هن کي سنڌي سمجهي هن کي تعصب جو نشانو بڻايو ويندو آهي ۽ جڏهن ناناڻن ويندو آهي ته هن کي مهاجر سمجهي تعصب جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي ، ايتري قدر جو سندس مامن ان بنياد تي ئي هن جي والده جي حصي جي 5 جريب ٻني هنن کي نه ڏني.
انهن سڀني پريشانين ۽ تڪليفن باوجود هن پنهنجي پڙهائي جاري رکي آهي  ۽  نه رڳو ايترو جو هن فرسٽ ڪلاس ڊويزن ۾ جيولاجي پاس ڪئي بلڪه هن وقت هُو بي.ايڊ ۾ پڙهي پيو ۽ ايم.ايڊ جو ارادو اٿس.
سليم جي ٽيوشن جي شاگردن جو چوڻ آهي ته هُو هڪ بهترين استاد آهي جيڪو انهن سان تمام پيار سان پيش اچي ٿو.جنهن ڪري هو پنهنجا تعليمي مسئلا هن کي ٻڌائي صحيح رهنمائي حاصل ڪن ٿا.سندس پڙهائي جو طريقو اهو آهي جو هو ڪنهن به ڏکي سبجيڪٽ جا سادا ۽ دلچسپ مثال ڏئي شاگردن کي متوجه ڪندو آهي ۽ پوءِ انهن کي گِھرو پڙهائيندو آهي.هو شاگردن کي تمام گھڻو همٿائيندو آهي جنهن ڪري موڳا شاگرد به محنت ڪرڻ لڳندا آهن.هو ٻارن کي سزا به ڏيندو آهي ته اُها اِها ته انهن جي آچر جي موڪل بند ڪري ان ڏينهن تي انهن کي پڙهائيندو آهي.

سليم جو خيال آهي ته جيڪڏهن صرف استاد ئي قوم سان سچا ٿي پون اسان جي تعليم م وڏي ترقي اچي سگھي ٿي.هن جو ارادو آهي ته هُو هڪ معياري اسڪول کولي جتي “ڪُوانٽِٽي” نه بلڪه “ڪُئالِٽي” تي زور ڏنو ويندو

No comments:

Post a Comment