Tuesday 16 August 2016

سنڌ ۾ راندين جا ميدان ۽ ان جا اثر : صدام لاشاري

آرٽيڪل:
سنڌ ۾ راندين جا ميدان ۽ ان جا اثر
تحرير:  صدام لاشاري
ايم.اي پريويس
رول نمبر 52
چيو ويندو آهي تـ جتي جتي راندين جا ميدان آباد هوندا آهن تـ اتان جون اسپتالون ۽ اسڪول ويران ٿي ويندا آهن پر هي جملو هن جي بلڪل ابتڙ آهي.ڪراچي جي گرائونڍن کي ٻـ هزار نو کان وٺي ويراني جو ويس پاتل آهي.گذريل اٺن سالن کان وٺي ميدانن جي ويراني، شوق رکندڙن جي دل ۾ گهرو صدمو رسايو آهي.ٻـ هزار نو ۾ سريلنڪن ٽيم مٿان حملي کان بعد ۾ پاڪستان توڙي سنڌ جا ميدان قبرستان جو ڏس ڏسي رهيا آهن.ڪرڪيٽ سان چاهه رکندڙن مرحوم محمد علي ڪراچي جي محمد علي اسٽيڊم ۾ غير ملڪي رانديگرن کي ججهي قيمت ڏئي گهرائي ڪري ڪجهه عرصي لاٰءِ ميدانن جي سونهن کي ورکا بخشي غير ملڪي رانديگرن تي حملي کان بعد ۾ هر شعبي جا ميدان سورن وانگر ستايلن جو ڏيک ڏيک ڏيئي رهيا آهن.
حيدرآباد جي نياز اسٽيديم جي حالت انتهائي ڳڻتي جوگي آهي.اتان جي ٽيلينٽيڊ ۽ ڦڙت رانديگرن کي ڪنهن بـ قسم جي فراهمي نـ ڏئي سندن کي ميدانن جي رونق بڻجن کان روڪيو وڃي ٿو.انڊرنائينٽين ۽ فرسٽ ڪلاس رانديگرن کي سونهن ڀري سکيا کان مرحوم ڪندي دلي طور تي ڏک پڻ رسائي رهيا آهن.سنڌ جي ماڻهن کي راندين ڪرڻ ۽ ڏسڻ جو هر وقت انتظار هجي ٿو.
چاهي ڪرڪيٽ هجي فٽ بال هجي ٽينس هجي يا وري هاڪي ڇو نـ هجي هنن جي شوق ۾ مبتلا مريضن جو ڪو علاج ئي ممڪن ئي ناهي.سفارش ۽ پئسا ڏئي راندين جي هر مرحلي ۾ سُفارشي ڪامياب ٿيندي نظر اچن ٿا پر صلاحيتن سان مالامال سنڌ جا ڀلوڙ رانديگر پوئتي ڌڪيندي نظر اچن ٿا.ورهين کان ڪرڪيٽ،فٽ بال ۽ هاڪي کيڏي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارا اڄ اهي پاڻ هڪ ناڪام ڪوشش بڻجي سنڌ جي ڇاتي تي ڇڻي پيا آهن.خبر هجڻ باوجود تـ اسان سنڌين جو ڊوميسٽڪ کان اڳتي وڌڻ محال آهي تـ  پوءِ هن وقت جي نازڪ نزاڪت کي نـ سمجهيون ۽ ميدان تي وقت وڃائيندڙ جهڙيون صلاحون ڏيندڙ والدين کي بـ دل شڪستـا ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي مستقبل جي فڪر جي بجاءِ اکين ۾ راند جو جنون سر چڙهيل آهي ان ئي جنون ۾ جلواگر ٿي اڄ اهي ماضي تي طنزيه سوال ڪندي نظر ايندا آهن.
سندن جي والدين تي جيڪو شڪست جو خوفناڪ سايو پيو تنهن سندن جي زندگي تي گهرو اثر زم ڪري ڇڏيو آهي.ڪيترن ئي رانديگرن کي عالمي ٽيم ۾ جاءِ نـ ڏيڻ تي سندن اهو اثر اڄ جي اسڪول،ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي شاگردن جي والدين کي کوکلي وانگر ختم ڪري رهيو آهي تـ ٻين رانديگرن وانگر هنن جي پٽن جو بـ مستقبل تباهه نـ ٿي وڃي.
سروي مطابق اڄ بـ راندين جي شوق ۾ ستايل شاگرد پنهنجا ڪلاس وٺڻ بدران ميدانن جي سونهن بڻيل آهن.هر اسڪول توڙي ڪاليج مان ڪيترائي شاگرد مختلف ميدانن تي کيڏندي نظر اچن ٿا. سنڌ ۾ سنڌي رانديگرن جو راندين ۾ مستقبل نـ هوندي بـ  هو وڏي شوق سان راند ڪندي نظر ايندا آهن. سندن جا والدين ويتر،پريشان ۽ غم جي عالم ۾ هجن ٿا ۽ اولاد جي مستقبل کي تباھ ٿيندي لائيو ميچ وانگر ڏسن ٿا. سندن جي مستقبل لاءِ وِيچاريندي اکين ۾ لُڙڪن سان گڏ دلين ۾ غم جا داستان بـ دفن هجن ٿا.
 سنڌ جي ميدانن کي ڪئي سال گذرڻ کان بعد ۾ اڃان تائين عالمي راند جو اشارو ڪٿا بـ ناهي مليو.هنن مرجھايل ميدانن جي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ انتهائي مشڪل آهي.ھڪ پاسي پي ايس ايل پاڪستان سپرليگ جو فائنل سنڌ جي ميدان ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو هڪ ئي اشارو مليو آهي تنهن هوندي بـ شوقين اها خبر ٻڌي خوشي ۾ سمائجي ويا آهن. شوقينن تي تمام سٺو ۽ گهرو اثر پيوآهي جنهن غمگيني واري اثر کي جڙ کان ختم ڇڏيو.راندين جي ميدانن والدين جي چهرن تي غم جي شماع ٻاري ڇڏي آهي.هر روز هو پنهنجي اولاد کي راندين جي اڻ کٽندڙ آڙاهه ۾ هر روز ڪرندي نظر ايندا آهن،ان باوجود بـ اولاد جي خوشي ۾ خوش ٿي ويندا آهن.
والدين کي راند روند سا ڪنهن بـ قسم جي شڪايت نـ آهي بس انهن کي تـ پنهنجي نينگرن جو فڪر هوندو آهي تـ ڪٿي راند جي انڌي عشق ۾ مستقبل سان گڏوڏ ٻين وانگر پنهنجي زندگي جو ڏيئو نـ وسائي ڇڏين.خبر هوئڻ  باوجود تـ اسان کي مٿي وڌڻ تائين اڻ کُٽ وقت لڳي ويندو. اگر پنهنجي منزل ڏانهن پهچي بـ وياسين تـ سفارشن جا نانءُ اسان کان اڳ ۾ هوندا. هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ راندين جي شهرت تمام تيزي سان وڌندي پئي وڃي،تنهن سان گڏوڏ والدين جي فڪر ۾ بـ اضافو ٿيندو پيو وڃي. ماهر ڪرڪيٽر عبدالماجد ڀٽي جي مطابق سنڌ جي نوجوانن ۾ ٽئلينٽ جي ڪمي ناهي ٻين رانديگرن وانگر  بـ سنڌ جي اهم ۽ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي قومي ٽيم ۾ جاءِ ڏني وڃي تـ جينئن هو بـ پنهنجي ملڪ جو نانءُ روشن ڪري سگهن.آءُ فقط اهو چوڻ چاهيندس تـ ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين بهترين رانديگرن جي بهتر ڪارڪردگي هر ماڻهون جي زبان تي آهي.

ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ٻين راندين سان تعلق رکندڙ عهديدارن کي کپي تـ هو سنڌ جي ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ هر سال سليڪٽنگ ڪئمپ لڳائي وڃي جيئن ميرٽ تي سٺن رانديگرن جي چونڊ ٿي سگھي، جيئن اهي بـ  ٻين وانگر پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪري سگهن.

No comments:

Post a Comment