Monday 22 August 2016

عبدالغفار وڌو شهداد ڪوٽ شهر

شهداد ڪوٽ شهر جي حيثيت ڪيئن اختيار ڪئي
عبدالغفار وڌو
ڪلاس: ايم.اي.پريويس
رول نمبر: 02

                    الله پاڪ جي خلقيل هن ڪائنات ۾ ڪيترائي حصا سهڻا ۽ من کي موهيندڙ آهن، پر انسان جي سوچ ۽ فطرت کانپوءِ اهي ويتر ڌيان جو مرڪز بڻجن ٿا، هن سڄي دنيا ۾ هر ملڪ چاهي ان جو ننڍي کان ننڍو شهر به پنهنجي الڳ حيثيت طور سڃاتو ويندو آهي، ان ۾ مالڪ جي طرفان اهڙيون خاص ڳالهيون رکيل هونديون آهن، جيڪي ان کي از خود هڪ خوبصورتي بخشينديون آهن، اهڙن شهرن مان شهدادڪوٽ به هڪ آهي.
                    قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جو مشهور ۽ وڏي کان وڏو تعلقو شهدادڪوٽ آهي، هن تعلقي اصل زمينون ۽ ڪاروبار سڄي شهر ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ کهاوڙ، هندو ۽ سيلرن جا هئا، جنهن ۾ اهم ڪردار ۽ سخي قوم کهاوڙ هئي، هنن تمام گهڻي تعداد پنهنجون زمينون هتان جي ماڻهن جي حوالي ڪيون ان سان گڏ حڪومت کي به انهن ڪافي زمينون ڏنيون جنهن ۾ هنن لائيبريري، قبرستان، پرائيويٽ اسڪول، گئيس آفيس ۽ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ان کانسواءِ ٻيون ڪيتريون ئي جڳهيون سرڪاري توڙي غير سرڪاري ماڻهن کي ورهاست طور ڏنيون، ان کانپوءِ هتان جي حڪومت ۽ هتان جي ماڻهن جو خيال هو ته جنهن انسان هن شهر لاءِ هيترو ڪيو آهي، ڇو نه هي شهر هن وقت جڙي هڪ تعلقي جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، ڇو هن تي ان شخص جو نالو رکيو وڃي جنهن هن ويران جڳهه تي آبادي جي شڪل ڏني پوءِ ان شخص جي نالي سان هي شهر سڃاپڻ لڳو، اصل ۾ ان شخص جو نالو شهداد خان هو، پر ان کي شهداد ڪوٽ جي نالي سان رکيو ويو، يعني شهدادڪوٽ جو محل يا ڪوٽ چيو وڃي ٿو. هي اصل کهاوڙ قبيلي سان واسطو رکندڙ شخص هو، شهدادڪوٽ شهر ٿيڻ ۾ ٻن قومن جو اهم ڪردار آهي، هڪ سيلرا ۽ ٻيو کهاوڙ، هن شهر کي اڳتي وٺي اچڻ ۾ تمام گهڻو هٿ سيلرن جو به آهي، جنهن ۾ هنن گهڻو ئي ڪجهه ڪيو، جيئن شهدادڪوٽ ۾ ماڻهن کي ڪيترائي پلاٽ ۽ آبادي زمينون ڏئي ماڻهن کي آباد ٿيڻ لاءِ زمينون وڪڻي ڏنيون جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو ڳوٺن مان لڏپلاڻ ڪري شهرن جي طرف وڌڻ شروع ڪيو، ۽ آهستي آهستي هڪ سٺي وڏي تعلقي جي حيثيت اختيار ڪري ورتي، چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن سيلرا ۽ پنهنجا پلاٽ ماڻهن کي حڪومت کي نه ڏين ها ته شايد اڄ شهدادڪوٽ نه هجي ها، ڇو ته هي شهر ٺهڻ کان اڳ هتي هندو، سيلرا ۽ کهاوڙ رهندا هئا، جنهن ۾ سڄي جوءِ تر باقي پيل پلاٽ کهاوڙ ۽ سيلرن جا هئا، پلاٽ ڏيڻ کانپوءِ آبادي جي واڌ کانپوءِ هن کي نالو گڏي ڪري سيلرا شهدادڪوٽ جي نالي سان سڏيو ويو هن وقت به هن جو اصل نالو سيلرا شهدادڪوٽ آهي، هي شهر سنڌ جي آخري حد يعني بلوچستان صوبي جي سرحد سان تقريبن لڳ آهي، هن جي اتر اولهه ۾ 51 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي لاڙڪاڻو شهر آهي، جيڪو هن وقت هڪ ڊويزن جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ 32 ڪلوميٽر اولهه واري طرف قمبر شهر آهي، جيڪو هن وقت ضلعي جي حيثيت رکي ٿو، هن وقت شهدادڪوٽ جي ڪل آبادي، تقريبن ساڍا پنج لک آهي، هتي سڀ کان پهريون وڻج واپا جي شروعات هندن ڪئي، ان کانپوءِ آهستي آهستي ٻيون قومون آباد ٿينديون ويون، پوءِ انهن پنهنجا الڳ الڳ ڌنڌا ۽ واپار شروع ڪيا، هن وقت شهدادڪوٽ واپار جي لحاظ کان سنڌ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هتي ڪڻڪ، ساري، جوئر، تر، سرنهن، چوپايو مال، جڳهين جو ۽ ان کانسواءِ ٻيا ڪيترائي واپار پڻ ڪيا ويندا آهن، ان کانسواءِ هتي ڪڻڪ ۽ سارين جا تمام وڏا ڪارخانا آهن، هتي لڳ ڀڳ 120 کان به وڌيڪ سيلريون آهن، جيڪو پاڪستان نه پر سڄي ايشيا ۾ مشهور آهن، 1974ع واري ڏهاڪي ۾ چائنا ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪپڙا ٺاهڻ جي هڪ مشين طوفي طور ڏني هئي، اها مشين ڀٽي صاحب شهدادڪوٽ ۾ لڳرائي هئي، جنهن ۾ 4500 مزدور ڪم ڪندا هئا، هي مل تمام گهڻي مشهور وئي، هن ۾ ٺهندڙ ڪپڙو سنڌ نه پر سڄي پاڪستان جا ماڻهو ان ڪپڙي کي تمام گهڻو پسند ڪندا هئا، هن مل ۾ (جهلڪ) نالي مشهور لون جو ڪپڙو به ٺاهيو ويندو هو، جيڪي سڄي پاڪستان جا ماڻهو وڏي شوق سان خريد ڪندا هئا، هن مل جي لڳڻ کانپوءِ ئي شهدادڪوٽ ۾ ٻيون به قومون اچڻ شروع ٿيون، هن فيڪٽري ۾ مزدور کان 8 گهنٽا ڪم ورتو ويندو هو، چڱو عرصو هي مل تمام سٺي پيماني تي نالي ڪمايو، پاڪستان نه پر سڄي ايشيا جي اندر. آخرڪار مل کي 2007ع ۾ ڪجهه سازشن تحت مشرف جي دور ۾ بند ڪيو ويو، هن جي بند ٿيڻ سان ڪجهه ماڻهن کي فائدو ته ضرور پيو، پر انهن ظالمن 4500 مزدورن جي گهرن جي ٻرندڙ چلهن کي وسائي ڇڏيو.
                    شهدادڪوٽ بلوچستان سان لڳ هجڻ ڪري هتي بلوچ پڻ رهندا آهن، جنهن ۾ هنن جو ڪجهه ذاتيون هي آهن، مگسي، بروهي، جروار، بوجاڻي، جاگيراڻي، چانڊيو، کوسو ۽ تمام گهٽ تعداد ۾ بلوچن جا ٻيا پاڙا به رهندا آهن، هي ته هئا بلوچ پر هتي اڪثر سنڌين جون قومون جام رهن ٿيون، جنهن ۾ سنڌي شيخ ، ابڙو، وڌو، ڀٽي، چنو، ميمڻ، ٻرڙو ۽ منگي وغيره ٻيون ڪيتريون ئي سنڌي ذاتيون رهن ٿيون، هتي گهڻي کان گهڻيون ٻوليون پنج ڳالهايون وڃن ٿيون، جنهن ۾ سنڌي، بروهي، بلوچي، سرائيڪي ۽ اردو ٻولي پڻ ڳالهائي وڃي ٿي، هن وقت شهدادڪوٽ جو ايم.پي.اي مير نادر خان مگسي آهي، مگسي قوم اصل ۾ جهل مگسي بلوچستان جي آهي، پر اسان وٽ ايم.پي.اي نادر خان مگسي جي هجڻ جي ڪري اتان جا ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ لڏپلاڻ ڪري شهدادڪوٽ اچي ويٺا.
                    2009ع ۽ 2010ع واري ٻوڏ ۾ شهدادڪوٽ شهر ته نه ٻڏيو پر ان جا ٻاهريان زرعي علائقا ٻڏي ويا ۽ هن ٻنهي سالن ۾ تمام گهڻو زرعي ۽ مالي نقصان رسيو، جنهن جي نتيجي ۾ هتان جي آبادگارن، ڪارخانا مالڪن ۽ ڀلاوڻن کي تمام گهڻي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو، شهدادڪوٽ تمام گهڻو گرم شهر آهي، هتي اونهاري ۾ گرمي 53 کان 54 سينٽي گريڊ هوندي آهي، ڊسمبر 2005ع تي شهدادڪوٽ ۽ قمبر کي لاڙڪاڻي کان الڳ ڪري هڪ الڳ ضلعي جي حيثيت ڏني وئي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ ست تعلقه جوڙيا ويا جنهن ۾ قمبر، شهدادڪوٽ، وارهه، ميروخان، نصيرآباد، قبوسعيد خان ۽ سجاول اچي وڃن ٿا ۽ 2015ع جي آبادي جو جائزو وٺڻ سان خبر پئي ته ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي ڪل آبادي 1.845 ملين آهي.




No comments:

Post a Comment