Thursday 11 August 2016

اياز احمد نظاماڻي نقلي دوائن جو وڌندڙ رُجحان



آرٽيڪل
:

نقلي دوائن جو وڌندڙ رُجحان

لکندڙ: اياز احمد نظاماڻي
M.A Previous(2k16 MMC-14)
نقلي دوائن جي حوالي سان سال 2010ع ۾ ان وقت جي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي اهو اعتراف ڪيو هو ته پاڪستان ۾ 45 کان 50 سيڪڙو نقلي ۽ مدي خارج دوائون استعمال ٿين ٿيون جنهن جي روڪٿام لاءِ اسين ايڪشن وٺڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.رحمان ملڪ جي ايڪشن وٺڻ واري ڳالهه ته اڳتي ته نه وڌي سگھي پر سندس ڏنل انگ اکر ضرور اڳتي وڌي ويا جيڪي هاڻ 6 سال گذرڻ کانپوءِ وڌي تقريبن65 کان 70 سيڪڙو تي پهچي چڪا آهن.
پاڪستان فارماٽسٽ ايسوسيئيشن جي مطابق پاڪستان ۾ تقريبن 4000 فارميسي جي ڪمپنين کي لائيسنس مهيا ڪيل آهن جڏهن ته 100000 کان وڌيڪ نقلي دوائن جون ايجنسيون غير قانوني طريقي سان نقلي دوائون وڪرو ڪن ٿيون.جيڪي ڪنهن جڳهه ، دڪان ، يا فيڪٽري جي صورت ۾ سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهن.انهن مان اڪثر فيڪٽرين جي مالڪن کي  با اثر وڏيرن ، سياسي ماڻهن کان ويندي حڪومتن جي اعلا عهديدارن تائين جي ماڻهن جي سرپرستي حاصل هئڻ جي ڪري انهن جي خلاف ڪو خاص ايڪشن نه ٿو ورتو وڃي.ٻيو ته وري اسان واري پوليس جي هر مهيني اوڳاڙي جاري هوندي آهي ته پوءِ انهن کي ڪهڙو لاچار ڇاپا هڻڻ جو يا نقلي دوائن جي فيڪٽرين بند ڪرائڻ جو ، ماڻهو مرن ته ڀلي وڃي مرن پر هو چاهين ٿا سندن اوڳاڙي جو در بند نه ٿئي.اهڙي قسم جا کوڙ سارا واقعا اسان جي سنڌ ۾ ملن ٿا. تازو اهڙو هڪ واقعو هلندڙ سال فيبروري جي مهيني ۾ ٿيو. شڪارپور شهر جي شاهي باغ چوڪي ڀرسان هڪ جاءِ تي ڇاپو هڻي ڪروڙين رپين جون نقلي دوائون ، نقلي دوائون تيار ڪندڙ مشينري ، خالي بوتلون ، پيڪنگ جو سامان ، اسٽيڪر ۽ پاٺا هٿ ڪيا ويا هئا.ان فيڪٽري جو مالڪ هڪ سياسي پارٽي جو سرگرم ڪائونسلر شهباز آرائين نالي همراهه هو جنهن کي سندس پارٽي جي وڏن عهديدارن  جي سرپرستي حاصل هئڻ ڪري ان وقت موقعي تان فرار ٿي ويو ۽ هاڻ ان ڳالهه کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
اڄوڪي دور ۾ هر ماڻهو پئسي جي لالچ ۾ مشين وانگر ڪم ڪندي نظر اچي ٿو،ڪوڙ ، ٺڳي ۽ فريب معاشري کي هڪ قسم جي بيماري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.اڄ جي انسان پنهنجو پاڻ کي خواهشن جي تابع ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي حاصلات جي جستجو ۾ هو سڄي زندگي ڀٽڪندو رهي ٿو،ڪيترائي جائز ۽ نا جائز طريقا اختيار ڪري ٿو ۽ ان جي لاءِ انسانيت جو ديوارون به اورانگهي وڃي ٿو ۽ انسان جي سڀ کان قيمتي شيءَ حياتي جو به فڪر نه ٿو ڪري.اهڙن ئي ڪمن مان ،ڏوڪڙ ڪمامئڻ خاطر اسان وٽ ڪجهه گروهه نقلي دوائن جو ڪاروبار ڪري انسانن جي جانين سان کيڏن ٿا.انسانن جي صحتيابي لاءِ ڪم ايندڙ دوائن جا نقلي برانڊ اسان جي معاشري ۾ تيزي سان ڦهلجي رهيا آهن جنهن جي ڪري اسان جون زندگيون بچڻ جي بجاءِ مورڳو ئي داءُ تي لڳل آهن.
انهن نقلي دوائن جي ٺهڻ ۾ ايسڊ جي مقدار جي گھٽ وڌائي ، سادا ڪيميڪل ۽ ٻين ناقص مرڪبن جي ملاوٽ انساني جانين لاءِ تمام گھڻي نقصان ويندي موت جو سبب بنجي سگهي ٿي. نقلي دوائن جي ڪري سڀ کان وڌيڪ نقصان غربت جو شڪار ، اڻ پڙهيل ۽ ٻهراڙين سان وابستا ماڻهن جي طبقي کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو.شهر جي نسبت ٻهراڙي جي علائقن ۾ نقلي ۽ مدي خارج دوائن جو وڪرو گھڻو عام آهي ڇاڪاڻ ته ٻهراڙين ۾  نقلي   ۽ مدي خارج دوائن خلاف ايڪشن کڻندڙ ميڊيڪل ٽيمن جو ڌيان نه هئڻ جي برابر آهي جنهن ڪري عطائي ڊاڪٽر به ٻهراڙين ڏانهن گھڻوي رُخ ڪندا آهن.ٻهراڙين جا ماڻهو سادا ، اٻوجهه ۽ گھڻي ڀاڱي اڻپڙهيل هئڻ جي ڪري ميڊيڪل جي بنيادي معلومات کان نا واقف هوندا آهن جنهن ڪري اهي اهڙن ڊاڪٽرن جي خلاف ڪا شڪايت وغيره به درج نه ڪرائيندا آهن.

نقلي دوائن جي واپار کي هٿي ان ڪري به ملي ٿي جو اهي اصلي دوائن جي ڀيٽ ۾ ميڊيڪل اسٽور مالڪن کي تمام سستيون ملن  ٿيون.انهن اسٽور مالڪن کي رجسٽرڊ ڪمپنيون 100 رپين تي 15 کان 20 سيڪڙو بچت ڏين ٿيون جڏهن ته غير رجسٽرڊ ۽ نقلي دوائون هلائيندڙ ڪمپنيون ان جي جاءِ تي 100 سيڪڙو تائين بچت ڏين ٿيون.اهي انگ اکر ته پنهنجي جاءِ تي پر مونکي حيراني تڏهن ٿي جڏهن نقلي دوائن جي حوالي سان پنهنجي شهر جي هڪ ڊاڪٽر سان ڳالهه ٻولهه ٿي  ته هن ٻڌايو ته نقلي دوائن جون ڪمپنيون ڪجهه پراڊڪٽس تي  300 سيڪڙو تائين بچت پڻ ڏين ٿيون جيئن ته گھڻن ڊاڪٽرن جا  ميڊيڪل اسٽور به پنهنجا ئي ٿين ٿا ۽ پوءِ زياده منافعو ملڻ جي ڪري اهي دوائون ڊاڪٽر مريضن کي گهڻو لکي ڏين ٿا.اهي نقلي دوائن جون ڪمپنيون ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل اسٽور وارن کي مختلف قسمن جون لالچون پڻ ڏين ٿا جهڙوڪ:گھر جو فرنيچر وٺي ڏيڻ ، ڪلينڪ جي استعمال جو سامان ڏيڻ ، ڪار گفٽ ڪرڻ يا ڪيش پئسا ۽ ٽوئر پيڪيج ڏيڻ ويندي عمرو پڻ ڪرائين ٿا.اهڙين لالچن جي وجه سان ميڊيڪل اسٽور وارا ۽ ڊاڪٽر نقلي دوائن جي وڪري کي هٿي ڏيڻ ۾ وڏو ڪرادار ادا ڪن ٿا.صرف منهنجي ننڍي شهر ڪڙيو گهنور ۾ جڏهن ان حوالي سان مون سرسري سروي ڪيو ته خبر پئي ته شهر ۾ تقريبن 270 جي لڳ ڀڳ نقلي دوائن جا پراڊڪٽ موجود آهن جنهن ۾ سيرپ ، گوريون ، انجيڪشن اچي وڃن ٿيون جيئن پيناڊول هڪ اصل گوري جو نالو آهي ته ان جو نقل راسڪوڊول يا پائيرول جهڙيون گوريون اسٽورن تي موجود آهن انهن جي پيڪنگ ۽ ڪلر کي به تقريبن ساڳيو رکيو ويندو آهي جنهن جي ڪري اڻپڙهيل ماڻهو يا ميڊيڪل کان اڻ واقف ماڻهن کي اصل گوري جي سڃاڻپ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي.ميڊيڪل اسٽور وارا اهي نقلي دوائون سرِ عام هلائين ٿا ڇو ته انهن کي اسان جي حڪومتن جا حال به ساريا پيا آهن ته اگر ڪو ڀلجي به ميڊيڪل ٽيم اچي وئي ته 2 کا 3 هزار روپيا ڏئي انهن کي ماٺ ڪرائي ڇڏينداسين.ان کا علاوه اسان جي معاشري ۾ غربت جي ڪري اوڌر جو به وڏو رُجحان آهي ان ڳالهه جو به ميڊيڪل اسٽور وارا ناجائز فائدو وٺن ٿا ڇاڪاڻ ته اوڌر وارا ماڻهو اصل شيءَ جي فرمائش نٿا ڪري سگھن تنهڪري نه هئڻ کان هئڻ بهتر سمجهي هو نقل دوا ئي کڻي وڃن ٿا.اسان وٽ ٻهراڙين توڙي ننڍن شهرن ۾ اهو رُجحان به عام آهي ته ڪنهن به مرض ۾ اتي جا ماڻهو انجيڪشن لڳرائڻ لازمي سمجهن ٿا چاهي ان جي ضرورت هجي يا نه هجي.اهڙين حالتن م اڪثر ڊاڪٽر”ڊيڪسا“ انجيڪشن جو استعمال ڪندا آهن جيڪا جانورن جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي ۽ ان تي جانور جي واضع تصوير ڇپيل هوندي آهي جنهن سان گڏ انگريزي ۾ صاف لکيل هوندو آهي ”فار ويٽرنري يوز اونلي“ جنهن جو مطلب فقط جانورن لاءِ. ان جي لڳڻ سان فائدو ڪو به ڪونهي البته نقصان جو خطرو  ضرور رهندو آهي. افسوس ، چند ڏوڪڙن جي خاطر ، مسيحا جهڙن لقبن سان نوازيل ڊاڪٽرن کي انسانن ۽ جانورن جي وچ ۾ ڪو فرق نظر نه ٿو اچي.اهڙين حالتن ۾ اسان کي ڌيان ڏيڻو پوندو ته ڪا به دوا وٺڻ مهل اها خاطري ڪريون ته ان جي مدي خارج وارو ليبل ڪٿي اسٽور وارن بدلائي هٿرادو طور تاريخ وڌائي ته نه ڇڏي آهي ٻيو ته اسان کي ميڊيڪل جي بنيادي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کپي ته جيئن اسان اصل ۽ نقل دوا کي سڃاڻي سگھون.اگر ڪو ميڊيڪل اسٽور وارو يا ڊاڪٽر نقل دوا ڏي ته ان خلاف رپورٽ داخل ڪرايون ۽ ان کي وائکو ڪريون ته جيئن آئينده لاءِ ڪنهن کي نقل يا مدي خارج دوا ڏئي انساني جانين سان کيڏي نه سگھن.

10 comments:

  1. I really enjoy reading your post about this Posting. This sort of clever work and coverage! Keep up the wonderful works guys, thanks for sharing ESET NOD32 Antivirus Crack

    ReplyDelete
  2. What the? I know this is a theme, but I was wondering if you know where I can find the captcha plugin for my comment form?
    I use the same blogging platform as yours and I have it
    are you struggling to find it? Thank you!
    tsmuxer crack
    start menu crack
    apowersoft screen recorder pro crack

    ReplyDelete
  3. Hello there, I just discovered your blog on Google, and I like it.
    is quite useful. I'll keep an eye out for brussels sprouts.
    If you keep doing this in the future, I will be grateful. A large number of people will profit.
    based on your writing Cheers!
    ibm spss statistics crack
    videoproc crack
    virtual safe professional crack
    makemusic finale crack

    ReplyDelete
  4. I saw your writing skills. Your writing skills are amazing. I also really like your ability to write.
    Your writing skills have given me a lot of perspective on this subject. I think you're an old blogger.
    beecutvcrack
    mindmaster crack
    nitro pro crack
    grids for instagram crack

    ReplyDelete
  5. CyberLink audio director ultra crack is an attractive and professional software for recording and editing audio files. This program is a powerful tool to edit and record audio files most professionally. CyberLink audio director ultra crack Large and reputable CyberLink products are often among the best editing programs in the form of audio and video software, so download them safely and make sure they meet your small and large audio editing needs. has a visual editing tool that lets you accurately synchronize voice-overs or audio effects to specific video frames. CyberLink audio director ultra crack At the same time, automated dialogue replacement helps you to align post-recorded audio with your video seamlessly. There is no need to export your modified soundtracks and then re-import them into your video project with round-trip editing. CyberLink audio director ultra crack the right sound is essential to create the right atmosphere for any video or movie. Precision audio editing for video. CyberLink audio director ultra crack

    ReplyDelete
  6. Planner 5D Crack provides shadows, lighting, and wealthy tones, making your paintings resemble a photograph. Alter tones, examples, and substances to make exciting furnishings, dividers, flooring and that’s best the end of the iceberg.
    PlayerFab Crack in enthusiasts to exalternate the additives of furnishings and dividers and provide an unmistakable attitude at the structure.
    EFT Dongle crack is easy to use for title setting, dates, Pro edition is very intelligent to ascending and descending everything. It has a great distribution power. Thus, it will sell and resale the products.

    ReplyDelete