Wednesday 24 August 2016

وسيم احمد پروفائيل, استاد جاويد احمد انڙ

Waseem Ahmed


استاد جاويد احمد انڙ



صدين کان سرهي سنڌ ڌرتي جي سيني تي هميشه اهڙا ڪئين مڻيادار ماڻهو جنم وٺندا رهيا آهن، جن پنهنجي خداداد صلاحيتن سان هن ڌرتيءَ جي ماڻهن جي خدمت کي پنهنجو فرض سمجهندي پنهنجي زندگي بامقصد نموني سان گذاري آهي. اهڙن ماڻهن کي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگهندي آهي، انهن جو ڪيل پورهيو سندن نالي کي هميشه زنده رکندو رهندو آيو آهي، پوءِ اهو پورهيو علمي هجي يا ادبي، سياسي هجي يا سماجي، تاريخي هجي يا ثقافتي. علم و ادب ۾ سنڌ ڌرتي هميشه شاهوڪار رهي آهي، هتان جي قلم ڌڻين هميشه پنهنجي قلمي پورهئي سان ڌرتي جي بقا جي جنگ ۾ پنهنجو حصو ڳنڍيو آهي، اهو سلسلو صدين کان هلندو اچي ۽ صدين تائين هلندو رهندو. اهڙي مثال جهڙي هڪ پڙهيل لکيل ۽ سماج لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪندڙ شخصيت جي باري ۾ ٻڌايون ٿا. جنهن جو نالو استاد جاويد احمد انڙ آهي. سندس پيدائش 1968 ۾ شاهپور چاڪر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ عمر آباد ۾ ٿي.
  پنهنجي ٻالڪپڻ جي بابت جاويد انڙ  ٻڌائي ٿو ته ڳوٺ جي ڪلراٺين گلين ۾ کيڏندي، ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي ڀڳل بينچن تي شروعاتي تعليم پرائيندي گذاريو. ننڍپڻ جو وقت خودمختيار رياست جي خودمختيار حڪمران جيان هوندو آهي، جتي پنهنجي مرضيءَ سان بيباڪ جيون جون ڇڙواڳ گهڙيون  ڪنهن بيبها دولت جيان هونديون آهن. گهر جو مٽيءَ سان لتل آڳر جو چهرو چانديءَ جيان چمڪندو هو، صبح جي مهل پکين جون ٻوليون ۽ شام جي شفق رنگن ۾ لهندڙ سج جي منظر سان ڌنارن جا ڌڻ ۽ پکين جا واپس ويندڙ ولرن جا ڏيک عجيب سرور ڏيندا هئا. ويل وقت جا اهي ورق دل جي ڪتاب تي ورائي ڏسبا آهن ته دل باغ بهار ٿي پوندي آهي.
1985 ۾ مئٽرڪ شاهپور چاڪر جي هاءِ اسڪول مان پاس ڪئي، ان کان پوءِ يارهون ۽ ٻارهون مسلم ڪاليج حيدرآباد سال 1987 مان پاس ڪيو. 1989 ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مان بي ايس سي پاس ڪئي. ساڳئي سال سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن(سگا) جا رضاڪار ميمبر ٿيا. ۽ سال 1990 ۾ شاهپور چاڪر هاءِ اسڪول ۾ جي ايس ٽي طور ڀرتي ٿيا. سال 1994 مان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم اي اڪانامڪس ڪئي، ۽ ساڳئي يونيورسٽي مان سال 1996 ۾ ايم ايس سي (ميٿاميٽڪس) جي ڊگري حاصل ڪئي. تنهن کان پوءِ سال 2004 ۾ ايس ايس طور گورنمينٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول شاهپور چاڪر ۾ اڄ تائين ڪم ڪري رهيا آهن. پاڻ پنهنجي ڊيوٽي جي وقت جا پابند اهن ۽ فارغ وقت ۾ سگا جي لاءِ ڪم ڪندا آهن. سال 2005 ۾ پاڻ سينٽرل ايڪزيڪيوٽو ڪميٽي(سي اي سي) سگا ميمبر ٿيا.
ان وقت سائين پنهنجي ڳوٺ عمر آباد ۾ ڪاري سائي جي چڪاس ۽ ان جي بچاءَ لاءِ ٽڪا لڳرائڻ لاءِ مفت ڪيمپ هڻائي. تنهن کانپوءِ پنهنجي شهر شاهپور چاڪر ۽ ان جي آس پاس جي سورنهن ڳوٺن مهوش ۽ جهانگير صديقي فائونڊيشن جي تعاون سان مفت علاج لاءِ ڪيمپون ۽ دوائون پڻ ڏنيون ويون. ان کان علاوه يوسي شاهپور چاڪر جي اسڪولن۾ 10 هزار ٻارن کي ڪاري سائي جي بچاء جا ٽڪا پڻ لڳرايا. سائين جن 2010 جي مها ٻوڏ دوران امداد لاءِ شاهپور چاڪر ۾ سگا جي طرفان ڪيمپ لڳرائي متاثر خاندانن لاءِ راشن ۽ ڪپڙا، دوائون گڏ ڪري سنڌ جي ان متاثر علائقن ڏانهن موڪليون.
ضلعي سانگھڙ ۾ 2011 جي خطرناڪ برسات کانپوءِ چوپائي مال ۾ وڌندڙ بيماري جنهن ۾ هزارين ڍور مري چڪا هئا ان جي علاج لاءِ سگا جي طرفان ڊاڪٽرن جي ٽيم جوڙي مختلف علائقن ۾ مال کي ويڪسين پڻ ڪرائي، جنهن جي اڳواڻي بـ سائين پاڻ ڪئي.
تعليم جي لحاظ کان سائين جاويد شاهپور چاڪر جي 75 اسڪولن جي سروي ڪرائي جنهن ۾ بند پيل اسڪول، زبون عمارتون، اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ استادن جي غير حاضري ۽ ٻيو ڪجھ سروي ۾ شامل هو، جنهن جي رپورٽ ٺاهي تعليم جي اعليٰ عملدارن ڏي روانيون ڪيون.
سال 2015 ۾  سائين شاهپور چاڪر لاءِ سگا پاران روشن تارا اسڪول پڻ منظور ڪرايو ۽ ساڳئي سال روشن تارا اسڪول لاءِ زمين پڻ ورتي جيڪا شاهپور چاڪر جي نيڪ مرد حاجي محمد عالم شر عطيي طور ڏني. ۽ ساڳئي سال روشن تارا  اسڪول شاهپورچاڪر جو ڪم شروع ٿيو جيڪو سال 2016 جي آخر تائين مڪمل ٿيندو. سال 2016 ۾ سائين جاويد انڙ سگا جي مرڪز جا سيڪٽريٽ ايجوڪيشن آهن سال سائين سگا جي اسڪولن لاءِ تعليمي بورڊ لاءِ مختلف گڏجاڻيون ڪري رهيا آهن. سائين هن بورڊ جي حوالي سان ٻڌايو تـ هن تعليمي بورڊ ۾ ڪو بـ روشن تارا اسڪولن جو ملازم نـ هوندو ۽ اهي سڀ مرڪز عهديدارن مان چونڊيا ويندا. جيئن تـ اسڪولن ۾ معياري تعليم ملي سگھي. سائين وڌيڪ ٻڌايو تـ روشن تارا سڪولن جو مقصد اهو آهي تـ سنڌ جي ٻارن کي سنڌي صحيح نموني اچي. آخر ۾ جاويد انڙ چيو تـ منهنجي خواهش آهي تـ پوري سنڌ پڙهيل لکيل هجي ۽ هتان جو هر فرد سکيو ستابو هجي ۽ اهو سڀ ڪجھ علم سان ئي ٿي سگھي ٿو.

  رپورٽر : وسيم احمد      
  ڪلاس : ايم.اي (پريوس)
رول نمبر : 68               
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media & Communication Studies
University of  Sindh

No comments:

Post a Comment