Sunday 21 August 2016

عبدالغفار,شهري ۽ ڳوٺاڻي زندگي گذاريندڙ ماڻهن جو احوال

شهري ۽ ڳوٺاڻي زندگي گذاريندڙ ماڻهن جو احوال
عبدالغفار وڌو
رول نمبر 02
ايم.اي.پريويس

          چيو وڃي ٿو ته هر ماڻهو جو زندگي گذارڻ جو طور طريقو پنهنجو هوندو آهي، پر ڪنهن جي زندگي هڪ بند ڪتاب جيان هوندي آهي، جيڪا گذرندي رهندي ته آهي، پر ان جو سفر ڪڏهن به ختم ٿيڻ جو نالو ئي ناهي وٺندو، هو ڪرڻ ته گهڻو ڪجهه چاهيندو آهي پر افسوس وقت ان کي اهڙي حالتن ۽ سوچن جي پهاڙن اڳيان بيهاريندو آهي، ته هو ازخود نماڻو ٿي پوندو آهي ۽ آخر ڪار هن دنيا جي ماڻهن مان مليل ڏکن ۽ تڪليفن کي پنهنجي سيني ۾ سمائي هر روز مرندو رهندو آهي ۽ وري ڪنهن جي زندگي هڪ کليل ڪتاب جيان هوندي آهي، جنهن جي زندگي هڪ خوشبودار گل جهڙي گذرندي آهي، جنهن جو خوشبو هر شخص حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي، اهڙي ماڻهو جي زندگي هر انسان کي نصيحت جو نياپو ڏيندي آهي، چوڻ جو مقصد ته هن دنيا ۾ هر انسان جي زندگي ان غزل جهڙي هوندي آهي، جنهن جي هر سٽ جو مطلب ۽ انداز بلڪل الڳ هوندو آهي، جنهن کي پڙهڻ جو شوق ته هر شخص رکندو آهي ته پر افسوس جو ان جو مطلب هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو هوندو آهي، ساڳئي طرح شهري توڙي ڳوٺاڻي زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي زندگي به ڪجهه اهڙي نموني جي هوندي آهي.
          شهري زندگي کان ڳوٺاڻي زندگي تمام گهڻي بهترين هوندي آهي، جيتريقدر ٻهراڙين ۾ شهرن جي بنسبت سهولتون تمام گهٽ هونديون آهن، پر ڳوٺن ۾ صاف ۽ سٿري آبهوا ۽ تازو کاڌ خوراڪ اتان جي ماڻهن کي صحتمند بڻائي ٿو، جنهن ڪري اتان جا ماڻهو تندرست هوندا آهن، اهي ڪيترائي ڪلوميٽر پنڌ ڪندا آهن ۽ تمام گهڻي محنت ڪندا آهن، جنهن جي ڪري هو شهر جي ماڻهن جي مقابلي ۾ تمام گهڻا صحتمند هوندا آهن، اڪثر ڪري ٻهراڙي جا ماڻهو پنهنجي زندگي جي گذر سفر لاءِ چوپايو مال پالڻ، ٻنين جو ڪم ڪرڻ ۽ مزدوري وغيره ڪندا آهن، ڪچي آبادي وارن علائقن جي ماڻهن جي زندگي ۽ رهڻي ڪهڻي شهر جي ماڻهن کان تمام گهڻي مختلف هوندي آهي، ڳوٺن ۾ اڪثر ماڻهو کاڌي پيتي ۾ لسي، مکڻ، کير ۽ سايون ڀاڄيون جام استعمال ڪندا آهن، ڪپڙي ۽ لٽي ۾ مرد ۽ ٻار شلوار ۽ قميص پهريندا آهن ۽ عورتون وري گهگها، شلوار، قميص ۽ رئو پڻ اوڍينديون آهن، اڪثر عورتون پنهنجي گهرن ۾ ڪم ڪنديون آهن، پر پنهنجي مردن سان گڏ ٻاهر جو ڪم پڻ ڪنديون آهن، جيئن ٻنيون ڪرڻ، گاهه ڪٽڻ، رونبون ڪرڻ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪم ڪنديون آهن، هنن جي رهڻي ڪهڻي پڻ سادي قسم جي هوندي آهي، هو اتي منهن جا، ڪچين سرن جا گهر اڏي ويهندا آهن ۽ هنن جا جيڪي ننڍا ٻار هوندا آهن اهي پڻ والدين جي مدد ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن، ڪجهه ڏينهن پهريان جي ڳالهه آهي ته منهنجي ملاقات ڪجهه ڳوٺاڻن سان ٿي، جڏهن مون انهن کان هڪ سوال پڇيو ته ”  ڳوٺن ۾ رهڻ صحيح آهي يا شهرن ۾ ؟ ان جي جواب ۾ انهن جو چوڻ هيو ته ڳوٺن جي زندگي شهري زندگي کان ڪجهه نه ڪجهه صحيح آهي ڇو جو ڳوٺن ۾ خالص کاڌا ۽ تازيون ڀاڄيون ملن ٿيون، جنهن جي ڪري بيماريون تمام گهٽ ٿين ٿيون ۽ ماڻهو اڪثر تندرست رهن ٿا ۽ ان سان گڏو گڏ شهرن ۾ گاڏين، فيڪٽرين ۽ ٻين مشينن جو آواز ۽ ان مان نڪرندڙ بيڪار مادا انسان کي تمام گهڻو بيمار ڪن ٿا اهو ئي سبب آهي جو اسان ٻهراڙي کي وڌيڪ سمجهون ٿا بنسبت شهر جي.
          هاڻي ڳوٺاڻي آبادي جو اڌ کان وڌيڪ حصو شهري آبادي ڏانهن رخ ڪرڻ لڳو آهي، ڇو ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ سهولتون نه هجڻ جي برابر آهن، جنهنڪري هر ٻيون، ٽيون ماڻهو شهرن ۾ رهڻ لاءِ شهرن ۾ رهڻ لاءِ رخ ڪن ٿا، جيئن بجلي، گئيس، اسپتالون، پاڻي، تعليم ۽ روزگار جا اهم مسئلا پيش اچن ٿا، انهن مان جيڪڏهن هڪ يا ٻه نه هجن ته به انسان زندگي گذاري سگهي ٿو، پر جيڪڏهن انهن سڀني مسئلو درپيش اچي ته پوءِ مجبوري ۾ انسان شهرن ڏانهن رک ڪرڻ تي مجبور ٿيون وڃن، هن وقت ٻهراڙي ۾ 30% ماڻهن جي آبادي آهي ۽ 70%  ماڻهن جي آبادي شهرن ۾ رهڻ تي مجبور آهي، شهري زندگي گذارڻ ماڻهو ڏاڍا سکيا هوندا آهن، ڇو ته انهن کي هر اها سهولت ملندي آهي، جيڪا انهن جي ضرورت آڌار هوندي آهي، جيئن تعليم، صحت، پاڻي، گئيس، بجلي ۽ روزگار جا سڀ مسئلا حل ٿيو وڃن اهو به ٿوري وقت ۾، شهر جي رهڻي ڪهڻي ۾ اڪثر ماڻهن وٽ پڪا ۽ صاف سٿرا گهر هوندا آهن، گهر اندر هر ٻيون ۽ ٽيون فرد پڙهيل لکيل هوندو آهي ۽ اڪثر شهرن ۾ کير، مکڻ، ڏهي ۽ سايون ڀاڄيون گهٽ پر فاسٽ فوڊ يعني مرغي، وڏو گوشت، تريل شيون وغيره کائڻ پيئڻ ۾ استعمال ٿين ٿيون، اڪثر بيماريون جام ٿين ٿيون، جنهن جا اهم ڪارڻ هي آهن، ته فيڪٽرين مان نڪرندڙ ناڪاره دونهون، اسپتالن ۾ ساڳيان اوزار استعمال ڪرڻ، گهر جو ڪچرو گهٽي ۾ اڇلائڻ ۽ گٽرن جو پاڻي گهٽين ۾ بيهڻ سبب ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا توڙي وڏا سبب شامل ٿيون وڃن، جنهن ڪري بيماري جو ڦهلاءَ تمام گهڻو آهي بنسبت ڳوٺن جي.
          ڪجهه ڏينهن پهرين مون ساڳيو ئي سوال ڪجهه شهر جي ماڻهن کان پڇيو ته ڳوٺن ۾ رهڻ صحيح آهي يا شهرن ۾؟ انهن جي بقول ته شهري زندگي بنسبت ٻهراڙي جي تمام بهترين آهي ڇو ته هتي اسان وٽ هر مسئلن کي منهن ڏيڻ تمام آسان آهي چاهي اهو مسئلو ڪهڙو به هجي ۽ هنن جو اهو به چوڻ هو ته هر انسان تعليم جي زيور سان خوبصورت لڳندو آهي، ڇو ته تعليم ئي هڪ اهڙو ذريعو آهي، جنهن وسيلي ماڻهو فرش تان عرش تي پهچيو وڃي، آئون سمجهان ٿو ته زندگي شهري جي هجي يا ڪنهن ڳوٺاڻي ماڻهو جي  ان کي بهترين بنائڻ لاءِ محنت هڪ اهم شرط آهي ۽ اسان جي معاشري ۾ ته هڪ وڏي بيماري هيءَ به آهي ته محنت ڪرڻي ڪجهه به نه آهي باقي ملي ته گهر ويٺي ايئن ڪرڻ سان بس پشتاءَ ۽ افسوس کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿو ملي سگهي.

    


No comments:

Post a Comment