Monday 22 August 2016

مهدي, ٽنڊوآدم شهر جي پهرين ڪاميابي

ٽنڊوآدم شهر جي پهرين ڪاميابي
الحاج سليمان روشن ميڊيڪل ڪاليج ٽنڊوآدم


                    جيئن ته تعليم جي لحاظ کان هر شهر ۾ ٻيا کوڙ سارا ميڊيڪل ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز آهن پر ميڊيڪل جي لحاظ کان ڪنهن ڪنهن شهر کي تحفو مليل آهي.
                   ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته جڏهن ڪنهن تعليمي اداري جو دروازو کلندو آهي ته هڪ اونداه جو دروازو بند ٿي ويندو آهي.جنهن ۾ سنڌ جي ڪجھ شهرن جا نالا ڄاڻائيندا سين:
                 
  حيدرآباد ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، اسراء ميڊيڪل يونيورسٽي، ميرپور ۾ محمدي ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ هاڻ اسان جي پنهنجي شهر ٽنڊوآدم ۾ علم جو هڪ ڏيو روشن ٿي رهيو آهي، جيڪو مختلف ضلعن ۽ ان جي شهرن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ هڪ سونهرو موقعو آهي، هاڻ ٽنڊوآدم، شهدادپور، ٽنڊوالهيار، سانگھڙ، هالا، ڀٽ شاهه، کيبر، مٽياري، اڏيرولعل، جي طالب علمن کي ٻين شهرن ۾ وڃي پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. توهان جي پنهنجي شهر ٽنڊوآدم ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪري سگھو ٿا. جنهن ۾ نه صرف هڪ صوبي جا شاگرد پر پوري پاڪستان جي ڪنهن به ڪنڊ مان اچي علم حاصل ڪري پنهنجي زندگي کي روشن ڪري سگھن ٿا.
        
     الحاج سليمان روشن ميڊيڪل ڪاليج کي اسراء يونيورسٽي جي نقشي موجب تيار ڪيو پيو وڃي.
       
      ميڊيڪل ڪاليج سان گڏ ٽنڊوآدم جي نه پر پوري سانگھڙ ضلعي جي اسپتال جيڪا الحاج سليمان روشن اسپتال جي نالي سان مشهور آهي جنهن ۾ سنڌ جا نه پر پوري پاڪستان جا مشهور ڊاڪٽر مريضن جو معائنو ۽ علاج ڪن ٿا.
           الحاج سليمان روشن اسپتال ۾ 24 ڪلاڪ سروس موجود آهي، ايمرجنسي جي حالت ۾ ڊاڪٽر پڻ موجود هوندا آهن.
            ميڊيڪل ڪاليج جو 80 فيصد ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، باقي 20 فيصد ڪم هن هلندڙ سال ۾ مڪمل ٿي ويندو.
           2017 جي جنوري تائين الحاج سليمان روشن ميڊيڪل ڪاليج ٽنڊوآدم جو افتتاح ڪيو ويندو. هن ميڊيڪل ڪاليج ۾ اڃان ته صرف ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪري سگھجي ٿي. پر جڏهن هي ڪاليج مڪمل 100 فيصد پاپولر ٿي ويندو ته پوءِ ميڊيڪل سان تعلق رکندڙ سڀ ڊگريون توهان جي پنهنجي شهر ٽنڊوآدم ۾ حاصل ڪري سگھو ٿا.
             الحاج سليمان روشن ميڊيڪل ڪاليج جي ڪل ايراضي 8 کان 10 ايڪڙن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪلاس روم، آفيس، ليڪچرر هال، ڪلرڪ آفيس، ڪينٽين، گراؤنڊ، هاسٽل ۽ پارڪ ان ايراضي ۾ شامل آهن.
             تمام شاگرد ۽ شاگردياڻين جي لاءِ پوائنٽس جو پڻ بندوبست ڪيو ويندو. جيڪي شاگردن کي کڻن لاءِ هر وقت موجود هونديون.
             هن ميڊيڪل ڪاليج ۾ جيڪي باهران ايندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون علم حاصل ڪرڻ ايندا انهن جي لاءِ الگ الگ هاسٽل جو بندوبست هوندو.
             ميڊيڪل ڪاليج جي شروعات ۾ 50 فيصد ڇوڪرا ۽ 50 فيصد ڇوڪرين کي داخلا ڏني ويندي. جيڪا فل ميرٽ تي هوندا.
              ڪنهن به ڇوڪري يا ڇوڪريءَ کي تيستائين داخلا نه ڏني ويندي جيستائين طالب علم رولز ۽ ريگوليشن کي پورو نه ڪندا.
             هن ڪاليج جو بنياد رکندڙ ملڪ امام الدين شوقين آهي، جيڪو ٽنڊوآدم جي مشهور ۽ نالي واري شخصيتن مان هڪ آهي.
            ملڪ امام الدين شوقين جيڪو هيئنر سياسي حوالي سان پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سان متسلڪ آهي، ملڪ امام الدين شوقين ٽنڊوآدم جي عوام جي لاءِ ڪافي ساريون ڪاوشون آهن جيڪي وسارن جوڳيون نه آهن.
            ٽنڊوآدم ۾ تعليم جي لحاظ کان هڪ ڪاليج اڳ ۾ ئي اونچائيءَ جا قدم چمي رهيو آهي، جيڪو هن وقت بحريه فاؤنڊيشن جي نالي سان سڃانتو وڃي ٿو. بحريه فاؤنڊيشن ۾ پڙهندڙ ڇوڪرا هڪ نئي منزل تي پهچن انهن جي لاءِ درڪار نه آهي ڇو جو اڄ ڪلهه جي دور ۾ جيڪا تعليم گھربل آهي اها بحريه فا‍ؤنڊيشن ۾ ڏني وڃي ٿي.
       اڄ جي جديد ترين دور ۾ جنهن ۾ هر ڪم ڪمپيوٽر کان ورتو وڃي ٿو ان دور جي حساب سان تعليم جي بلندي جي لحاظ کان حڪومت کي پڻ قدم وڌائڻ گھرجي.
    حڪومتي ادارن ۾ تعليم نه پئي مهيا ڪئي وڃي جيڪا پرائيويٽ اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ ڏني وڃي ٿي.
           منهنجي حساب سان ٽنڊوآدم ۽ ان جي ڀرپاسي جي شاگرد ۽ شاگردياڻين جي لاءِ هي انتهائي سنهرو موقعو آهي هن ڪاليج ۾ پڙهندڙ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جڏهن ڪنهن اعليٰ منزل تي پهچندا ته اها نه صرف ٽنڊوآدم جي شهر جي ڪاميابي پر پوري پاڪستان جي سربلنديءَ جو سبب بڻبو.
       انسان علم حاصل ڪرڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪري ڇاڪاڻ ته علم هي انسان کي انسان بڻائيندو آهي.
              آخر ۾ منهنجي هر ان والدين کي گزارش آهي ته پنهنجي اولاد کي علم جي قيمتي زيور سان سرشار ڪيو وڃي ته جيئن هو معاشري ۾ هڪ سٺي انسان جي طرح زندگي گزاري سگھن.



No comments:

Post a Comment