Thursday 11 August 2016

آفتاب پروفائيل هڪ فنڪار وڪيل مدثر هاليپوٽو

 some comments  adding interesting info?
پروفائيل

هڪ فنڪار، وڪيل ۽ سماجي ڪم ڪندڙ مدثر هاليپوٽو
چوندا آهن ته فنڪار موتين جي مالها مثل هوندو آهي.
ڇو ته فنڪار لفظ لفظ چوندي پرکي ان کي پنهنجي بهترين آواز ۾ ڳائيندوآهي.
سندس چوند هر لحاظ کان سٺي ۽ منفرد هوندي آهي .
ان ئي سبب اهي لفظ موتين جيان بي بها ٿي پوندا آهن.
پر جيڪو شخص شاعر جي لفظن جي روپ پاڻ کي اڻ ملهه موتي ڏي، وري ان کي فنڪار پنهنجي فن سان پنهنجي سريلي آواز ۾ معاشري اڳيان پيش ڪري ٿو.
ته ان ماڻهو جي اهميت ڪيتري هوندي يا ڪيتري هئڻ گهرجي؟
اسان جي معاشري شايدئي ڪڏهن سوچيو هجي، پر پوءِ جيڪڏهن ڪو تخليڪار خدا جي طرفان ڏنل ڏات کي صحيح رُخ ۾ استعمال ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهي ادا ڪري ٿو ته ازخود سندس اهميت مونتين کان به وڌي ويندي آهي، مدثر هاليپوٽو به انهن مان هڪ جيڪو پنهنجي نالي نما معاشري لاءِ ڳائيندو آهي.
مدثر هاليپوٽو:-  هڪ جنوري 1982ع ۾ ڳوٺ هٽڙي لڳ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. جنهن ڳوٺ کي گلابن جو شهر به چيو ويندو آهي.
ڪنهن دور ۾ هٽڙي ايشيا جي وڏي ۾ وڏو گلاب پيدا ڪندڙ علائقو هيو.
مدثر هاليپوٽو 13 سالن جي عمر ۾ ڳائڻ شروع ڪيو، هن پنهنجي ڳائڻ جي شروعات پي.ٽي.وي پروگرام روشن تارا کان ڪئي هن پهريون گيت
“پيارن ٻارن رنگ رچايا،
روشن تارن رنگ رچايا”
هن جي فيملي جو تعلق فنون لطيفي سان آهي جنهن ۾ عبدالحفيظ جو تخلص حفي الحفيظ سان مشهور آهي.
هن جا ڪتاب، “امن اندر جا موچ” ۽ ٻئي ڪتاب جي ڇپائي جو ڪم به هلي رهيو آهي.
هن جو وڏو ڀاءُ مزمل سائل، هن جو تخلص ايم. سائل سان مشهور آهي هن جو مشهور ڪتاب، “کٿوري کيپ کيٿر” آهي. هن جو چاچو عبدالحميد هاليپوٽو، پروڊيوسر پي.ٽي.وي ۾ رهيو جيڪو ٻه سال پهريان رٽائرڊ ٿيو آهي.
مدثر هاليپوٽو کي پنهنجي والد صاحب عبدالحفيظ جي ڪتاب جو هڪ گيت “من اندر جا موچ” جيڪو هن جو پسنديده گيت هيو.
“يار ڇوٿو ڏسي هر گهڙي گهور سان
ڪاوڙ آ ڇا ڀلا يار مجبور سان”،
مدثر هاليپوٽو جو هي گيت عوام ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو.
مدثر هاليپوٽو هڪ سماجي ڪم ڪندڙ آهي.
مدثر هاليپوٽو صاحب جي چوڻ مطابق ته معاشري جي غربت، انساني ظلم کي ختم ڪرڻ لاءِ غريبن جي آواز سان آواز ملائي
انهن جي سڏ تي سڏ ڏيڻ گهرجي.
۽ غريبن ۽ لاچارن جي مدد ڪرڻ گهرجي.
مدثر هاليپوٽو صاحب جن وڪيل هجڻ ڪري غريبن ۽ لاچارن جو آواز عدليه تائين پهچائي انهن کي انصاف وٺي ڏيڻ ۾ انهن جي مدد ڪندو آهي.
مدثر هاليپوٽو صاحب: غريب ٻارن جي تعليم لاءِ پرائيويٽ اسڪول کوليو آهي جنهن ۾ بغير ڪنهن معاوضي جي ٻارن کي پڙهائيندو آهي.
مدثر هاليپوٽو صاحب جي چوڻ مطابق آئون وڪالت پنهنجي شوق سان ڪريان ٿو.
۽ آءُ سمجهان ٿيو ته ايمانداري، سچائي ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ بي وس ۽ لاچار ماڻهن جي آواز کي اٿارڻ کي وڪالت چئبو آهي.
هن پنهنجي زندگي جو اڪثر حصو ٻين جي خدمت ڪرڻ انهن کي انصاف وٺي ڏيڻ ۾ گذاريو آهي ۽ هي هميشه غريبن کي پنهنجو ڀاءُ ۽ غمگينن ۽ لاوارثن کي پنهنجو دوست سمجهندو آهي.

“اسان کي به گهرجي ته غريبن ۽ لاچارن ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ گهرجي”

No comments:

Post a Comment