Monday 22 August 2016

حيدرآباد جا ادبي ڪتاب گھر ۽ انهن جا خريدار :رشيد احمد نظاماڻي

 Rasheed Nizamani    
فيچر:
حيدرآباد جا ادبي ڪتاب گھر ۽ انهن جا خريدار
لکندڙ:رشيد احمد نظاماڻي
ڪلاس:ايم.اي پريويس
رول نمبر:49
گڏيل هندوستان جي گھڻ رُخي شخصيت ابوُالڪلام آزاد پنهنجي جڳ مشهور تصنيف “غبارِ خاطر” ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته هن جي لاءِ زندگي جي سڀ کان وڏي عياشي اها آهي ته سياري جي تيز ٿڌي رات ۾ باهه جو مچ ٻرندو هجي ۽ هو ڪتاب پڙهندو هجي يا ڪجهه لکندو هجي.سنڌ جي ڪنهن شاعر ڪيڏو نه خُوب چيو آهي ته:
ڪتابن سان دل منهنجي ، ڪُتب خانا وطن منهنجو،
ڪتابن ۾ ٿيندس دفن مان،ورق ٿيندا ڪفن منهنجو.
ڪتابن جي عشق ۾ ورتل اهڙن ماڻهن کي من ۾ هميشه اها تات هوندي آهي ته هو نوان ۽ پراڻا،مطلب ته هر اهو ڪتاب پڙهن جيڪو انهن جو پڙهيل نه هجي.ان ڪري هو هميشه اهڙين جاين جي تلاش ۾ رهندا آهن جتي انهن کي ڪتاب ملي سگھن.
اهڙن پڙهندڙن مان هر ڪنهن جي پسند  مخلتلف هوندي آهي،ڪو ناول ۽ ڪهاڻيون پسند ڪري ٿو ته ڪوئي شاعري.ڪو زندگي جي رمزن ۾ اُلجهڻ لاءِ فلسفو پڙهي ٿو ته ڪوئي ماضي جي ڳولها ۾ تاريخ پڙهڻ پسند ڪري ٿو.ڪي پاڻ سنوارڻ لاءِ دنيا جي عظيم شخصيتن جو جيون ڪٿائون پڙهن ٿا ته ڪي وري دنيا کي گھمڻ لاءِ سفر نامن جو سهارو وٺن ٿا.
ڪتابن سان چاه رکندڙ اهڙا ماڻهو جن کي حيدرآباد ويجهو پوي ٿو انهن کي ٻڌائيندو هلان ته حيدرآباد جو علائقو حيدر چوڪ،ادبي ڪتاب گھرن جو مرڪز آهي جتي ادبي ڪتابن جي 8 دڪانن کان علاوه ٽي ريڙهي وارا به آهن جيڪي ادبي ڪتاب وڪرو ڪن ٿا.
مون جڏهن پنهنجي اسائنمينٽ خاطر انهن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان انهن جا مسئلا،پڙهندڙن جي پسند ۽ ڪتابن جي وڪري وغيره بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ته تمام دلچسپ معلومات ملي.سڀ کان پهريان آئون ريڙهي تي ڪتاب وڪرو ڪندڙن سان مليس جيڪي حيدر چوڪ کان گول بلدنگ طرف ويندڙ روڊ جي موڙ ۾ ويٺل آهن.اتي ڪتاب وڪرو ڪندڙ جنهن پهرين شخص سان ڳالهه ٿي ته ان ٻڌايو ته هو موسيٰ پبليڪيشن جو ڌڻي آهي جنهن جا 28 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن هن پنهنجو نالو حبدار گاڏهي ٻڌايو.هن ٻڌايو ته هو 20 سالن کان وٺي حيدر چوڪ تي ڪتاب وڪرو ڪري رهيو آهي پر ڪتابن جي وڪري ۽ پبليڪيشن مان ڪجهه گھڻو پلئـه نه پيو آهي اهو  ئي سبب آهي جو هو اڃا تائين هڪ ريڙهي کان دڪان تائين نه پهچي سگھيو آهي.هن چيو ته جيڪڏهن گورنمينٽ تعاون ڪري ته اسان جي معاشي حالت ڪجهه بهتر ٿي وڃي.
اتان پوءِ ويجهو ئي حيدر چوڪ کان اولڊ ڪيمپس ويندڙ روڊ تي ٺهيل هڪ مارڪيٽ جي اندر ڪويتا پبليڪيشن جو ننڍو ڪتاب گھر آهي، جنهن جو مالڪ موهن مدهوش آهي جيڪو 16 سالن کان وٺي هي پبليڪيشن هلائي رهيو آهي. موهن مدهوش ٻڌايو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻ وڪرو گھٽجي ويو آهي.باقي جينيئن ريڊرس (اڳوڻن پڙهندڙن) اڃا پڙهڻ ڪون ڇڏيو آهي.هن چيو ته جيترو به وڪرو ٿئي ٿو ان ۾ سفر ناما خاص طور الطاف شيخ جا سفر ناما گھڻو وڪرو ٿين ٿا،ان کان پوءِ ناول ۽ پوءِ آتم ڪٿا جا ڪتاب وڪرو ٿين ٿا.هن وڌيڪ چيو ته اسان سڀني،خاص طور نوجوانن کي ادبي ڪتاب ضرور پڙهڻ گھرجن ڇاڪاڻ ته ان کانسواءِ اسان مضبوط نٿا ٿي سگھون ۽ نوان پڙهندڙ پيدا ڪرڻ لاءِ ٻاراڻي ادب تي ڪم ٿيڻ گھرجي جيڪو نه ٿي رهيو آهي.موهن مدهوش وٽ الطاف ملڪاڻي به ويٺل هو جنهن 35 ڪتابن جا ترجما ڪيا آهن ۽ پنج ڪتابن جو مصنف آهي.ڪتابن جو وڪرو گھٽ ٿيڻ تي هن پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته اڳ ۾ سياسي سماجي تنظيمن جا اسٽڊي سرڪل هوندا هئا جتي ڪارڪنن کي ڪتاب پڙهايا ويندا هئا پر هاڻ نظرياتي سياست گھٽ ٿيڻ جي ڪري ڪتاب پڙهڻ جو رُجحان به گھٽجي ويو آهي.
اتان کان پوءِ آئون ڀٽائي بُڪ هائوس تي ويس جيڪو حيدر چوڪ جي اوڀر ڏانهن ويندڙ روڊ تي واقع آهي. هي هڪ وڏو ڪتاب گھر آهي ۽ ٻن دڪانن تي مشتمل آهي جنهن جو مالڪ اُردو ڳالهائيندڙ ذوالفقار علي آهي.هن وٽ سنڌي ۽ اردو ٻنهي ٻولين جا ڪتاب پيل آهن.هن ٻڌايو ته مجموعي طور وڪرو گھٽ ٿي ويو آهي پر منهنجو وڪرو سٺو ٿئي.هن چيو ته اسان وٽ روشني پبليڪيشن جا ڪتاب گھڻا وڪرو ٿين ٿا جنهن جا ست کان اٺ سئو ٽائيٽل آهن.جڏهن مون هن کان ٻاراڻي ادب جي صورتحال معلوم ڪئي ته هن ٻڌايو ته اردو ميگزين ان حوالي سان سٺو ڪم ڪن پيا جيڪي خاص طور ٻارن جا رسالا هلائين پيا جيئن نونهال ۽ نٽ گھٽ وغيره.هن چيو ته اسان وٽ ناول گھڻو وڪرو ٿئي ٿو.
ان کانپوءِ شاه لطيف ڪتاب گھر وڃڻ ٿيو جيڪو روشني ڪتاب گھر طور به سڃاتو وڃي ٿو.هي ڪتاب گھر حيدرچوڪ جي اتر طرف گلي ۾ واپڊا يونين هال وٽ آهي. هي به هڪ وڏو ڪتاب گھر آهي جيڪو ٻين ڪتاب گھرن کي هو سيل تي به ڪتاب ڏين ٿا.هتي ويٺل علي اظهار جو چوڻ هو ته هاڻ نوجوان ناول جي جڳهه تي فلم کي ۽ ننڍا ٻار آکاڻين جي جڳهه تي ڪارٽون ڏسڻ کي ترجيح ڏين ٿا.شاه لطيف ڪتاب گھر جي سامهون ئي پهرين فلور تي سنڌيڪا وارن جي فرينچائز آهي جنهن کي غلام عباس ابڙو هلائي ٿو.سنڌيڪا سنڌ جي وڏين پبليڪيشنز مان هڪ آهي جنهن جو مالڪ نور احمد ميمڻ آهي.ٻين ڪتاب گھرن جي ابتڙ هتي فقط سنڌيڪا جا ڇپيل ڪتاب ملن ٿا.سنڌيڪا جا 400 کان مٿي ڪتاب ڇپيا ويا آهن.هن ٻڌايو ته اسان جا اسلامي،سيلف ڊولپمينٽ ۽ تاريخي موضوع تي ڪتاب گھڻا وڪامجن ٿا.
حيدر چوڪ تي ئي واپڊا يونيين هال جي ويجهو سِنڌيا پبليڪشين جو ادارو آهي جنهن کي شروع ٿيندي صرف ڏيڊ سال ٿيو آهي ۽ ان جا هن وقت تائين 27 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.سِنڌيا پبليڪيشن جي ڪتاب گھر تي ويٺل رشيد احمد هاليپوٽو،جيڪو اتي اڪائونٽنگ مينيجر آهي،ٻڌايو ته اسان جي اداري ۾ سفارشي ڪلچر نه آهي.اسان وٽ مواد ڪنهن جو به شايع ٿي سگھي ٿو بشرطيڪه اسان جو سليڪشن بورڊ ان کي منظور ڪري ۽ اسان ليکڪ کي وس آهر رائلٽي به ڏيندا آهيون.هن ٻڌايو ته اسان پنهنجا ڪتاب 50 سيڪڙو رعايت سان ڏيندا آهيون.هي ادارو سِنڌيا پبليڪيشن جي نالي سان هڪ ماهوار رسالو به هلائي ٿو.
ان  کانپوءِ ڪتاب گھرن جي پُڇاءَ ڪندي آئون حيدر چوڪ وٽ رابِعه اسڪوائر پهتس جتي اندر مارڪيٽ ۾ ٻه ڪتاب گھر آهن،هڪ سنڌي ساهت گھر ۽ ٻيو فڪشن هائوس.سنڌي ساهت گهر، جيڪا 1973 کان ڪم ڪري پئي جو مالڪ ناز سنائي آهي جيڪو هڪ ليکڪ آهي ۽ کيس جي.ايم سيد پٽ وانگر سانڍيو.ناز سنائي جو چوڻ هو ته اڳ ۾ سنڌي ميڊيم اسڪول به هوندا هئا ته ڪتاب پڙهندڙ به هوندا هئا ۽ ڪتاب ڇپبا گھٽ هئا پڙهندڙ وڌيڪ هئا پر هاڻ ڇپجن گھڻا ٿا پڙهجن گھٽ ٿا،لکڻ جو معيار نه رهيو آهي.سنڌي ادب ۾ ٻاراڻو ادب نه آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو چاهين ٿا ته انهن جا ٻار سنڌي ڪتاب پڙهڻ لاءِ تياري ڪن پر گھڻي ڳولها باوجود انهن کي سنڌي ادب جو ٻاراڻو ڪتاب  نٿو ملي.جڏهن اسان جي ٻولي جو نئون پڙهندڙ ئي پيدا نه ٿيندو ته اڳتي هلي اسان جي ٻولي سان جيڪو حشر ٿيندو ان جو اندازو ڪري سگھجي ٿو.سنڌي ساهت گھر جي پاسي ۾ ئي فڪشن هائوس لاهور جو پبليڪيشن ادارو آهي جيڪو 1991ع کان ڪم ڪري پيو، هن جو مالڪ ظهور احمد خان آهي. هن اداري روسي،فرانسيسي،جرمن ٻولين سميت دنيا جو مشهور ادب اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي.هن اداري 700 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپيا آهن جنهن ۾ نه رڳو اردو ۽ انگريزي پر سنڌي ڪتاب به شامل آهن.هن اداري پاڪستان جي مشهور تاريخدان مبارڪ سان گڏ ڪم ڪندي مخلتف موضوعن تي سندس 20 ڪتاب ڇاپيا آهن. هن جي هڪ سب آفيس ڪراچي ۽ ٻي حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ ويجهو
رابِعه اسڪوائر ۾ آهي جتي پڙهندڙن کي تقريبن هر موضوع تي ڪتاب ملي وڃن ٿا.

سڀ کان آخر ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتاب گھر تي ويس جيڪو تلڪ چاڙهي تي موجود آهي.هي هڪ سرڪاري ادارو آهي،هتي ڪتابن کي مخلتف موضوعن جي حوالي سان الڳ ڪري رکيو ويو هو جنهن ڪري ڪتابن جي چونڊ آساني سان ڪري سگھجي ٿي.اداري جي سيل اسسٽنٽ بشير احمد عمراڻي ٻڌايو ته سنڌي ادبي بورڊ ٻاراڻي ادب لاءِ تقريبن گذريل 50 سالن کان ماهوار گُل ڦُل رسالو هلائي پيو ان کان علاوه عورتن لاءِ 1990ع کان وٺي ماهوار سرتيون رسالو هلايو وڃي پيو.

No comments:

Post a Comment