Sunday 21 August 2016

دُرِشهوار مرزا پروفائيل

دُرِشهوار مرزا
رول نمبر  2k16- MMC- 19
ايم اي پريويس
پروفائل
       نياز پنهور... ناميارو صحافي، شاعر ۽ براڊڪاسٽر       

هر دور ۾ سنڌ جي سينڌ ستارن سان جرڪندي رهي آهي، مشهور شاعر تاج جويي جو شعر آهي ڏات جي ڏيھ  ۾ رات ٿيڻي نه آ.. هر فيلڊ هر ميدان ۾ سنڌ هر دور ۾ باصلاحيت ۽ املھ ماڻڪ ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجن پنهنجن صلاحيتن سان علم ، ادب ، فن ، موسيقي ۽ صحافت جي دنيا کي آباد پئي ڪيو آهي.
ويجهي ماضئي ۾ ، سنڌ جيڪي املھ ماڻڪ ۽ باصلاحيت فرد پيدا ڪيا آهن ، انهن ۾ محترم نياز پنهور صاحب جو نالو بـ نمايان آهي. جنهن شاعري، صحافت ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا اندر، ايترو تـ نالو ڪڍيو آهي جو، ايندڙ وقت جي تاريخ ۾ هن جو نالو ڏاڍي احترام سان لکيو ويندو.
 جناب نياز پنهور جو اصل نالو ذوالفقارعلي پنهور ۽ سندن والد صاحب جو نالو جناب محمد ابراهيم پنهور آهي. 1974 ڌاري جڏهن ذوالفقار صاحب شاعري شروع ڪئي تـ هن پنهنجو تخلص “نياز” رکيو ۽ سنڌي ادب ۾، نياز پنهور جي نالي سان متعارف ٿيڻ بعد، نهايت جلد ٻارن جي شاعر طور مشهور ٿي ويو. نياز پنهور صاحب جي پيدائش ڳوٺ شادي پلي، ميرپورخاص ضلع ۾ ٿي، پر والد صاحب جي نوڪري ۽ تعليم جي حوالي سان هي خاندان سنڌ يونيورسٽي ۾ اچي آباد ٿيو. ذهين ۽ هوشيار نياز پنهور جھن جا هٿ اکر تمام سٺا هئا ان ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ نمايان حيثيت سان امتحان پاس ڪندو رهيو. هُن پنهنجي شوق سان پاڪستان اسٽڊي سبجيڪٽ ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ پوءِ ان سبجيڪٽ ۾ ڪميشن پاس ڪئي.
 نياز صاحب کي ننڍپڻ کان ئي علمي ادبي شخصيتن جو سهڪار مليو جن ۾ سڀ کان نمايان شخصيتون هيون، جناب انور هالآئي ايڊيٽر گل ڦل رسالو، جناب سيد ظفر حسن شاھ، معروف ايڊيٽر ڪهائيڪار ۽ نقاد ۽ پاڻ کان سينئرس ۾، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشورو ۾ هن کي جن سٺن ساٿين جي صحبت ملي اُهي هئا، سيد عابد مظهر ماٺيڻو اوٺو، طارق عالم، محمود مغل، سائينداد ساند، هي سڀ دوست سنڌي ادبي سنگت ڄامشوري ۾ گڏ ٿيندا هئا، جتي نياز پنهور جي ڏاڍي سٺي ادبي تربيت ٿي، ننڍپڻ کان ئي هن جي طبيعت حساس ۽ شاعراڻي هئي، سو هن ٻارن لآءِ نهايت پختـ ۽ سٺا سٺا نظم ۽ گيت لکڻ شروع ڪيا، جيڪي ٻارڙن جي رسالن “گل ڦل” ۽ “گلن جهڙا ٻارڙا ” ۾ شان مان سان شايع ٿيڻ لڳا، بعد ۾ انهي سڀني گيتن جو مجموعو بـ شايع ٿيو. “گل ۽ پوپٽ” نياز صاحب جي لکيل اهڙن گيتن ۽ نظمن کي پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي ٻارن وارن پروگرامن “روشن تارا” ۽ ٻارڙن جي ٻاري ۾ فنڪارن ڳايو بـ پئي. ٻارن سان گڏ ننڍي ڄمار ۾ ئي هن وڏن لآءِ بـ شاعري لکي ۽ هن جو شمار سٺن شاعرن ۾ ٿيڻ لڳو، ان وقت هو ايڏو تـ سٺو شاعر ٿي اڀريو جو ريڊيو ٽي وي تان وڏا وڏا فنڪار هن جا گيت غزل ڳائڻ لڳا، جن ۾ڪجھ نمايان آئٽم هي آهن.
                نا‍و هلندي رهي         محمد يوسف
               وري شهر ۾ ٽهڪ       محمد يوسف    
               ڇاڇا راز سلينديون      الهداد زرداري
            هن جولهجوکورکو        انور حسين وسطڙو
            آسمان تي تارا             صادق علي ۽ ساٿي
           پنهنجون اکيون اکيون      فوزيـ سومرو
                                                       ۽ ٻيا
باصلاحيت نياز پنهور پنهنجن دوستن جي سهڪار سان ريڊيو حيدرآباد لآءِ فيچر ۽ مزاحيـ خاڪا لکڻ پڻ شروع ڪيا، جيڪي ڏاڍا مقبول ٿيا. خاص ڪري هن “کلڻ منع آهي..متان کليا آهيو” ۽ محفلِ شب پروگرامن سان گڏ هن هاڻي ڪمپئرنگ بـ شروع ڪئي ۽ ڪيترن سالن تائين هن ريڊيو حيدرآباد جي هفتـ وار ادبي پروگرام “ادبي سنگتن” ۾ بطور ميزبان بـ خدمتون سرانجام  ڏنيون ۽ ان کان علاوه نياز پنهور صاحب.. سڳنڌ.. “صبحِ مهراڻ” ۽ مقبول پروگرام “لوچين تي لهن” ۾ بـ ڪجھ وقت لاءِ بطور ميزبان خدمتون سرانجام ڏنيون. سنڌ يونيورسٽي جي پاڪستان اسٽڊي شعبي ۾ پڙهڻ دوران نياز پنهور صاحب کي سنڌي صحافت سان دلچسپي ٿي ۽ روزانـ مهراڻ ۾ هو سب ايڊيٽر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو انهي اخبار ۾ رهي، اخبار جي لي آئوٽ ۽ خبرن جي سبنگ ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن نهايت مهارت حاصل ڪري ورتي جھن جي نتيجي ۾ 1990 ڌاري جڏهن ڪاوش اخبار جاري ٿي تـ نياز پنهور صاحب ان اخبار جي ٽيم ۾ شامل ٿيو ۽ هن وقت اُن مقبول ترين اخبار جي حوالي سان هن جي صحافي واري ساک ۾ زبردست اضافو ٿيو آهي.
مسلسل محنت، لگن ۽ جاکوڙ سان، نياز صاحب نهايت ننڍي ڄمار ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو آهي، ۽ اڄ جڏهن سندس جاکوڙ تي نظر ٿا وجهون تـ سمجھ ۾ اچي ٿو تـ هن اِهو سڀ محنت سان ئي تـ ماڻيو آهي استاد بخاري صاحب جن بـ ائين ئي تـ چيو آهي.
                   ماڻهو روئي گهرندا آهن، عزت دولت، شهرت، قدرت مُرڪي چوندي آهي، محنت محنت محنت..      

                    

No comments:

Post a Comment