Tuesday 16 August 2016

لاڙڪاڻي جا مشهور زيتون طارق علي چانڊيو

لاڙڪاڻي جا مشهور زيتون (آرٽيڪل)
ليکڪ طارق علي چانڊيو
ايم اي  پريويس
 رول نمبر ؛ M.M.C/63

جئين ته هر شهر جي ڪا نه ڪا شي مشهور ٿئي ٿي جئين مٽياري جو مائو ۽  ميهڙ جي ميندي خيرپور جون خارڪون شڪارپور جي کٽاڻ ۽ گهوٽڪي جا پيڙا ۽ نوابشاه جا ڪيلا حيدرآباد جون چوڙيون مشهور آهن.
ائين لاڙڪاڻي جا زيتون پاڪستان ۾ نه صرف پسند ڪيا وڃن ٿا بلڪي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به پڻ مشهور آهن ان جو اهو به اهم سبب آهي جو لاڙڪاڻي ۾ مختلف ذاتين جا زيتون پڻ ٿين ٿا.
زيتون ٻين مندن ۾ ٿين ٿا.
1.    هڪ سيارو ۾ ٿين ٿا جيڪي تمام مٺا ۽ لذيذ ٿين ٿا ان جو اهو به سبب آهي جو زيتون سياري واري مند وارا ئي زيتون مند وارا سڏجن ٿا تنهن ڪري هي خراب به جلدي نه ٿيندا آهن ۽ پڻ گهڻا مٺا ٿين ٿا.
2.    سانوڻ ۾ به زيتون ٿين ٿا پر اهي غير مند وارا زيتون سڏجن ٿا ڇو جو زيتونن جي مند سيارو هوندي آهي سانوڻي جا زيتون جيڪي جون جولاءِ آگسٽ تائين ٿين ٿا اهي نرم ٿين ٿا ۽ پڻ مٺا گهٽ ٿين ٿا ڇو جو زيتون ٿيندو ئي مٺو گهڻي ٿڌ تي آهن ۽ سانوڻي جو زيتون نرم گهڻي گرمي جي ڪري ٿئي ٿو ۽ ان ڪري ئي هن مان مٺاس ختم ٿي وڃي ٿي.

زيتونن جا قسم ۽ انن جون ذاتيون جيڪي لاڙڪاڻي ۾ ٿين ٿيون.
1.    سنڌي زيتون
2.    رئيالي زيتون
3.    رمضاني زيتون
4.    ٿڌا رامي زيتون
5.    حيدرآبادي زيتون
1.      سنڌي زيتون؛ نه صرف مٺو ٿئي ٿو بلڪ هن جي سڀني زيتونن ذاتين کان مختلف ٿئي ٿو هي سائيز ۾ نه گهڻو وڏو نه گهڻو ننڍو ٿئي ٿو هن جو رنگ  هلڪو سائو ۽ مٿان هلڪا هلڪا ڳاڙها نشان ٿين ٿا هي ٻين سڀني زيتونن جي ذاتين کان گهڻو مٺو ۽ لذيذ ٿئي ٿو.
2.    رئيالي زيتون؛ به مٺو ٿئي ٿو پر سنڌي زيتون کان گهٽ رئيالي زيتون ڏسڻ ۾ لائيٽ ۽ هلڪو ڦڪو ٿئي ٿو هي هلڪي سائيز جو ٿئي ٿو.
3.    رمضاني زيتون؛ مٺو ٿئي ٿو پر هي ڏسڻ ۾ سنڌي زيتون کان ۽ رئيالي زيتون کان مختلف ٿئي ٿو رمضاني زيتون سائيز ۾ سنڌي زيتون ۽ رئيالي زيتون کان وڏو ٿئي ٿو باقي هي سائو ۽ ڦڪو ۽ هلڪو لا،ئيٽ سائو ٿئي ٿو.
4.    ٿڌا رامي زيتون؛ انهي ٽنهي ذاتين کان مختلف ۽ تمام وڏو ٿئي ٿو ۽ هي مٺو به تمام گهٽ ٿئي ٿو هن جو رنگ ڦڪو ٿئي ٿو .
5.    حيدرآبادي زيتون؛ گول مٽول ٿئي ٿو هي انهن چئني ذاتين کان نه صرف مختلف ٿئي ٿو بلڪ هي کائڻ ۾ به گهڻو مختلف ٿئي ٿو هي نه وري مٺو ٿئي ٿو نه وري کٽو ٿئي ٿو بلڪ مٺي ۽ کٽي جو مڪسچر ٿئي ٿو هي سائيز ۾ وڏو ٿئي ٿو ۽ اندران گلابي ٿئي ٿو.
هر هڪ ميوي جو ذائقو مختلف ٿئي ٿو ۽ زيتون جو ذائقو پڻ مختلف ٿئي ٿو زيتون نه صرف اسين کائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهيون پر انهي جو جوس پڻ پيئندا آهيون ٻين ميون وانگر زيتون جي ميوي ۾ هڪ خاص ڳالهه اها به آهي ته هن مان اسين تيل پڻ ڪڍي سگهون ٿا جيڪو تمام فائدي مند ثابت ٿئي ٿو.

زيتون جي وڻ جي چڪي ڪڍڻ جو به ٻين وڻن کان ٿورو مختلف طريقو ٿئي ٿو. هن جي چڪي وڏي وڻ جي ٽاري مان ٿئي ٿي اها ٽاري پهريان زمين ۾ ان جو وچ پوربو آهي باقي اڳيون حصو ڇڏي ڏبو آهي هي چڪي وڏي وڻ جي پاڙ واري ٽاري مان ٿئي ٿي جڏهن اها ٽاري پاڙ هڻي وڃي ٿي پوءِ ان جو وڏي وڻ وارو حصو ڪٽي چڏجي ٿو.
                    زيتون جي ڪهڙي  وڻ جا زيتون گهڻا مٺا ٿين ٿا
خاص ڪري زيتون جي ٻروٽن جا زيتون گهڻا مٺا ۽ لذيذ ٿين ٿا ٻروٽن مان مراد آهي ننڍا وڻ جنهن کي ڦر ڏيڻ ۾ ڪجهه ئي سال ٿيا هجن.
باقي جيڪي گهڻا وڏا وڻ ۽ پراڻا وڻ زيتون جا ٿين ٿا انهن جا زيتون ايترا مٺا نه ٿين ٿا.

No comments:

Post a Comment