Tuesday 16 August 2016

لاڙ پٽ ۾ تيل نڪرڻ کانپوءِ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي : اياز نظاماڻي

                                                       لکندڙ: اياز نظاماڻي
                                                                                                ڪلاس  : ايم اي (پريويس)
                                                                             رول نمبر: 2K16/MMC-14

فيچر:

لاڙ پٽ ۾ تيل نڪرڻ کانپوءِ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي.....!!


“سهڻا تون نه وڃ لاڙ پکو مان جهلندي سائين” هن چوڻي مان لاڙ پٽ جي خوبصورت موسم جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن جون جولاءِ جون سخت گرميون هونديون آهن تڏهن به لاڙ پٽ جي موسم خوشگوار هوندي آهي خاص ڪري رات جي پهر ۾ جڏهن ٿڌي هير لڳندي آهي ته من کي مهي ڇڏيندي آهي. لاڙ پٽ ۾ جڏهن صبح جا پهريان ڪرڻا زمين تي پوندا آهن ته مالوند ماڻهو پنهنجو مال چارڻ لاءِ نڪري  پوندا آهن. ڪڙمي وري هٿ ۾ ڪهاڙي ۽ ڪلهي تي ڪوڏر رکي پنهنجي فصلن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ ٻني تي پهچي ويندا آهن. لاڙ پٽ جي ماڻهن جي سادگي، مهمان نوازي ۽ نرم مزاجي پڻ مشهور آهي. لاڙ  پٽ جو علائقو خاص ڪري ضلع بدين معدنيات جي لحاظ کان ڪافي اهميت رکي ٿو. ضلعي بدين ۾ 1981ع ڌاري برٽش پيٽروليم آئل فيلڊ جيڪا خاصخيلي آئل فيلڊ نالي سان سڏي ويندي آهي. پنهنجو ڪم شروع ڪيو ان وقت زمين مان فصل ۾ ڪا خاص بچت ڪونه ملندي هئي هڪ ايڪڙ وڌ کان وڌ چار هزار روپين تائين بچت ڏيندو هو. خاصخيلي آئل فيلڊ وارن هڪ ايڪڙ جو معاوضو ڏهه (10) هزار رپيا ڏنو. جنهن مان اتي جي عوام کي تمام گهڻو فائدو رسيو، ان کان علاوه آئل فيلڊ جي ڪري ماڻهن جي روزگار جا در کليا. نوان هنر سکڻ جو موقعو مليو، جديد ٽيڪنالاجي جي آگاهي ملي، ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن سان ملڻ جو موقعو ميو ڪمپني وارن  پنهنجو سامان موڪلڻ ۽ گهرائڻ لاءِ نوان روڊ، پڪا ءٌ۽ لنڪ ٺهرايا جيڪي عوام جي استعمال ۾ پڻ آيا پڪن ءٌ۽ لنڪ روڊ ن جي ڪري آسپاس جي ڳوٺن ۽ شهرن جو ڪاروبار وڌيو، زراعت کي هٿي ملي، زمين جي قدر ۾ اضافو ٿيو، ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن کي ڏسي پڙهائي،  لکائي جو شوق پيدا ٿيو سٺو کائڻ ۽ پهرڻ جي خبر پئي، انهن سٺين ڳالهين سان گڏوگڏ ڪجهه ناڪاري اثر پڻ پيا  جهڙوڪ؛ جيڪي ماڻهو پنهنجي هٿ جو پورهيو ڪري ٻني ۾ هر هلائي محنت سان ڪمائي کائيندا هئا انهن کي جڏهن ٻنين ۾ تيل نڪرڻ جي ڪري ڪجهه رپيا معاوضو ڏنو ويو ته هو گهر ويٺي کائڻ لڳا. پورهئي کان عار ڪرڻ لڳا. واندڪائي وارو وقت گذارڻ لاءِ هوٽلون وسايون، وڌيڪ وقت جي بوريت کي ختم ڪرڻ لاءِ ريڊيو  اڳ گهر ۾ موجود هو پوءِ ٽي وي آئي، بس هاڻي سڄو ڏينهن گهر ۾ ٽي وي تي فلمون ۽ گانا هلن پيا، پر زمين ۾ تيل نڪرڻ جي معاوضي وارا پئسا ته قانون موجب سال تي ملندا هئا جيڪي ضرورتون وڌڻ جي ڪري ٻن مهينن تائين مس هلندا هئا وڌيڪ پئسا ڪٿان اچن، گهر ۾ ويهي کائڻ کانپوءِ محنت، مزدوري کان ائين ته لهرائين جيئن گڏهه سونٽي کان، پوءِ نيا طريقا استعمال ڪيا ٺڳيون ڪرڻ شروع ڪيون تيل ڪمپني ۾ پيل قيمتي سامان چوري ڪري بازار ۾ اڌ رقم ۾ وڪرو ڪرڻ لڳا نيٺ ڪمپني وارن انهن جي وڌيڪ پئسي جي ضرورتن کي نظر ۾ رکي انهن کي نوڪرين تي لڳايو، پڙهيل لکيل ته اسين هئاسين ڪونه جو اسان کي آفيسن جو ڪم سنڀالڻ لاءِ ڏين پوءِ مڙيئي ڪو بندوق هٿ ۾ جهليو گيٽ تي بيٺو، ڪو وڻن جي ڪٽائي پيو ڪري، ڪو ديوارن کي رنگ پيو ڪري ته ڪو وري کاٽي پيو کڻي اگر ڪو ٿورو پڙهيل آهي ته ان کي لک پڙهه جو ڪم ٿا ڏين، بهرحال ان طريقي سان هنر پيا سکن پر ٺڳي جا طريقا اڃان به ڪونه ٿا ڇڏين جيئن لاڙ پٽ ۾ اها چوڻي مشهور آهي.  ته “ اگر مرڻو ئي اٿئي ته ڪنهن ڪمپني واري گاڏي جي اڳيان اچي مر ته مائٽ سُکيا ٿي پون.” مطلب ته ڪنهن ڪمپني واري گاڏي جو اگر اتفاق سان ٽڪر لڳي ويندو آهي ته هو نقصان کان ٻيڻا پيسا ڀري ڏيندا آهن. سو هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته اسان جي علائقي ۾ ڪاڪو ڪرمنڊل ڪنجوس جي نالي سان هڪ همراهه مشهور هوندو هو جنهن لاءِ چيو ويندو هو ته ڪانگ به لڙي سندس گهر ڏانهن ڪونه  ويندو هو ته مٿان هو ڪا شي کسي نه وٺي ڪاڪي ڪرمنڊل وٽ هڪ ڀلوڙ مينهن هوندي هئي لاڙ جون ميهنون اڳئين ئي مشهور آهن. جيڪا 20 ڪلو کير ڏيندي هئي جنهن جي هاڪ سڄي علائي ۾ هوندي هئي اها مينهن سخت بيمار ٿي پئي گهڻا ئي وس، هيلا، ڌاڳا ڦيڻا ڪرڻ جي باوجود مينهن ٺيڪ نه ٿئي، ڊاڪٽرن به اصل جواب ڏئي ڇڏيو ته مينهن بچندي ڪونه ڏينهن ٻن جي مهمان آهي  ڪاڪي ڪرمنڊل کي ڪجهه ڏينهن اڳ واپاري مينهن جا 3 لک رپيا چئي ويا هئا ڪاڪي وڌيڪ پئسن جي لالچ ۾ مينهن ڪونه ڏني هاڻي نيٺ مجبور ٿي واپس گهر موٽي رهيو هو مينهن بيمار اڳئين هئي سا گهڻو پنڌ ڪرڻ جي ڪري ٿڪجي ڪري پئي رستي وچ ۾ ته پويان ڪمپني جي گاڏي واري زوردار بريڪ هنئي پر تنهن هوندي به ٿورو پاسو مينهن کي لڳي ويو ته مينهن ويچاري مري پئي پر ڪاڪي ڪومنڊل جو ڄڻ ڀاڳ کلي ويوي مينهن جي مرڻ تي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. هاءِ گهوڙا  منهنجي ڀلوڙ مينهن مري ويئي. منهنجي گذر سفر جو ذريعو اها مينهن هئي، ڪمپني واري گاڏي ۾ ويٺل انگريز گوري مينهن جي رقم ڀرڻ لاءِ حامي ڀري ته پوءِ  ڪاڪو ڪر منڊل ڪپڙا ڇنڊي اٿي بيهي رهيو ۽ مينهن جي رقم 5 لک روپيا ٻڌائڻ لڳو. پئسا نه ڏيڻ تي ڪيس ڪرڻ جي ڌمڪي ڏنائين. تنهن تي انگريز ويچاري 5 لک جو چيڪ لکي ڏنو قانون ۽ ڪيس کان ڊڄي ويو  متان ڏچي ۾ نه پئجي وڃان پر ان ويچاري کي ڪهڙي خبر ته اسان وٽ قانون ٺاهيندڙ ئي پهرين قانون کي ٽوڙيندا آهن. پوليس فقط پئسي واري کي سڃاڻندي آهي 5 لک مان جي  50000 (پنجاهه هزار) روپيا پوليس کي ڏي هئا ته پوليس ٻيڻو ڪاڪي ڪرمنڊل تي  ڪوڙو ڪيس هلائي ڇڏي هئا ڇو ته ڪيس اسان وٽ سالن کان فائلن ۾ درج پيل هوندا آهن جن تي لٽ چڙهي ويندي آهي جيئن معصوم فضيلا سرڪي جو ڪيس گذريل 9 سالن کان بند الماڙي جي فائلن ۾ درج آهي. جنهن جي حل لاءِ گذريل وزير اعليٰ صاحب حڪم ڏنو هو  ان جي باوجود ڪنهن جي ڪن تي جونءُ به ڪونهه سري سو ڪاڪي ڪرمنڊل واري مينهن جو ڪيس ڪهڙو حل ٿئي ها پر هن ٻاهرين ملڪ جي گوري انگريز کي احترام هو اسان جي قانون جو جيڪو اسان جي اعليٰ عهديدارن ۽ حڪمرانن جي دل ۾ ذري جيترو به نه آهي. جڏهن اسان جي سُتل عوام ۽ حڪمران قانون کي ٽوڙڻ جي بجاءِ ان تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو ته ان ڏينهن کان اسان دنيا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ شروع ڪنداسين.

No comments:

Post a Comment