Thursday 11 August 2016

پروفيسر لئونگ اميداڻي پروفائیل عبدالرزاق ڪنڀر.

corrected
 پروفيسر ڊاڪٽر لئونگ اميداڻي صاحب   
تحرير: عبدالرزاق ڪنڀر.
رول نمبر 03 ايم.اي پريوس  
سنڌ ڌرتي ڪيترن ئي مهان انسانن کي پنهنجي هنج ۾ جنم ڏنو آهي. انهن مان هر ڪنهن پنهنجي سنڌ ماتا جو ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ نالو روشن ڪيو ۽ ڪري رهيا آهن. اهڙن عظيم انسانن مان محترم پروفيسر لئونگ اميداڻي صاحب پڻ هڪ آهن.
پروفيسر ڊاڪٽرلئونگ  اميداڻي صاحب 7 جنوري 1957 تي مهان  قوي  ۽ پنهنجي دور جي عظيم استاد محترم سائين وسنداس اميداڻي صاحب  جي گهر  ۾ جنم ورتو سندن رهائش ان وقت ڳوٺ نصير خان  لغاري  نزد چمبڙ ۾ هوندي هئي، هن وقت سندن سمورو ڪٽنب چمبڙ شهر ۾ رهائش پذير آهي. ڊاڪٽر صاحب جو گھراڻو پڙهيل لکيل گھراڻو سڏيو ويندو هو. اهوئي سبب آهي جو ڊاڪٽر صاحب کي به ننڍي هوندي کان ئي  تعليم حاصل ڪرڻ جو تمام گھڻو شوق ۽ ذوق هوندو هو. پاڻ  ابتدائي پرائمري تعليم گورنمنٽ پرائمري  اسڪول چمبڙ مان حاصل  ڪئي، ان کان پوءِ  مئٽرڪ سنڌ ماڊل هاءِ اسڪول ٽنڊوالهيار مان، انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان  1973 ع ۾ پاس ڪيائين. گريجوئيشن سال 1983 ۾ لياَقت يونيورسٽي آف هيلٿ ايند ميڊيڪل سائنس ڄامشورو مان  ايم بي بي ايس ۾ پاس ڪيائين.  سال 1986ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سروس ۾ پير پاتائين،  نوڪري ملڻ کان پوءِ به پاڻ پنهنجي تعليم کي به جاري رکيائين ۽ سال  2008 ۾ (ايم. فل)   “ايڪيولينس ريڪگينيشن يونيورسٽي آف ڪراچي”   مان ڪيائين. ۽ سال 2011 ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري  “ميڊيڪل ۽هيلٿ سائنس يونيورسٽي آف ڪراچي”  مان ڪيائين.
 پروفيسر ڊاڪٽر لئونگ اميداڻي صاحب جي سروس جي ڳالھ ڪئي وڃي ته پاڻ  1986 ۾ سنڌ پبلڪ سروس  ڪميشن جو امتحان پاس  ڪري پنهنجي پيشورانـ ميدان ۾ پير پاتو ،سندن پهرئين مقرري   ميڊيڪل آفيسر طور  تي سال 1987 ۾ ٿر جي هڪڙي ڳوٺ ڏاتو دانڌل،  ضلع ٿرپارڪر ۾ هڪ  هيلٿ ڪلينڪ تي ٿي ، هڪ سال اتي جاب  ڪرڻ کان بعد ۾ 1988 ۾ بدلي ڪرائي  ڳوٺ نصير خان لغاري (بي.ايڇ.يو) ۾ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيا، ڊاڪٽر صاحب  1991 کان 2000 تائين  ڊماسٽريٽر ايناٽومي پيپلز ميڊيڪل  ڪاليج فار گرلس  ۾ انسٽرڪٽر پوسٽ تي ڪم ڪيو، سال  2006 کان 2012 تائين  انسٽريڪٽر ايناٽومي آغا خان يونيورسٽي ڪراچي م مقرر ٿيا. 2012 ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آف ايناٽومي يونيورسٽي ،ڪاليج آف   ميديسن ۽     ميڊيڪل سائنس (ڪي.ايس.اي) ۾ مقرر ٿيا،  2013 ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ايناٽومي(هيلٿ سائنس سبجيڪٽ) ڪنگ سعود بن عبدلله  يونيورسٽي  الرياض  ڪنگڊم آف سعودي عربيـ  ۾ مقرر ٿيا،  ۽ حال ۾ به ان يونيورسٽي ۾ خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن،
ڊاڪٽر لئونگ صاحب  اميدا ڻي کي  مختلف  ميديڪل يونيورسٽين  کان سٺي  ڪارڪردگي ۽ مڃتا  طور  ايوارڊ مليا، جنهن ۾ سال 2011 آغا خان يونيورسٽي طرفان ايوارڊ مليو ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا آهن
هن سنسار ۾ انسان جي ذهني تربيت گهڻن ذريعن سان ٿئي ٿي. پر انهن مان ٻه ڪارڻ  مکيه آهن هڪ ته چڱن جي صحبت ۽ ٻيو سٺن ڪتابن پڙهڻ وسيلي،  انهن  ٻنهي ذريعن  جي باري  ۾  ڪافي چوڻيون مشهور آهن تـ جيئن  “چڱن جي  صحبت  جو سٺو اثر پوي ٿو”  جڏهن تـ ٻئي چوڻي هي  آهي تـ  “سٺا ڪتاب انسان جو سٺا مصرف ۽ دوست آهن” پروفيسر ڊاڪٽر لونگ اميداڻي صاحب کي ٻئي نعمتون نصيب ٿيون. ڇاڪاڻ تـ  سندن ننڍي هوندي کان ئي پنهنجو  ڪافي وقت پنهنجي والد سان گڏ گذرندو هو،ڊاڪٽر صاحب جو والد هڪ بهترين  اد يب  ۽ استاد هو،سندس  صحبت جي ڊاڪٽر لونگ اميداڻي صاحب کي  اعلي شخصيت ، خوش اخلاقي ۽ خوش مزاج طبيعت جو مالڪ بنايو. چوندا آهن تـ اخلاق ئي انسانيت جو معراج آهي.اهو ابتدائي سبق کيس سندس والد صاحب وسنداس اميداڻي کان نصيب ٿيو. ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت گھڻن رخن کان هڪ بهترين شخصيت آهن،
 پاڻ نه صرف ميديڪل  سائنس  ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرايو اٿن پر معاشري ۾ به سٺو مقام حاصل ڪيو اٿن، شهر جي هر هڪ فرد جي دل ۾ تمام گھڻي مقبوليت ۽ مان عزت وارو مقام حاصل ڪيو اٿن. ان  کان علاوه مختلف ادارن  ۽ تنظيمن ۾ بـ مکيـ ميمبر طور ڪم ڪري رهيا آهن، ڊاڪٽر  اميداڻي صاحب  سنڌ ٽي.وي نيٽ ورڪ  طرفان ۽ ڪي.ٽي.اين نيٽ ورڪ طرفان ڊاڪيومينٽري پروگرام “سنڌ جي سرهاڻ” صوفي ۽ ناٿ،  چار سيريز رڪارڊ ڪيا ۽ پهرئين  ڊاڪيومينٽري چاليهـ منٽ آن ايئر پروگرام ۾ هلي، ۽ ڊاڪٽر صاحب ڪيترائي پيپر پبلش ڪرايا. ايتري ڪاوشن ۽ جدوجهد ڪندڙ ماڻهو انهن سڀني ڪمن کي  ذميواري سان  سهڻي نموني نڀائي رهيا آهن.
پاڻ ميڊيڪل سائنس جو فن ته ڄاڻن ئي ٿا، پر ان  کان علاوه ٻي دلچسپ ۽ وڻندڙ  ڳالھ هي به  آهي ته پاڻ  هڪ سٺا  شاعر ۽ بهترين صوفي گلوڪار  پڻ آهن. گلوڪاري ۾ به پاڻ پنهنجي فن ۾ ڪنهن به طرح ڪنهن کان گھٽ نه آهن. سندس آواز ۾ قدرت واري طرفان عجب  قسم  جي تاثير رکيل   آهي  جيڪا  ٻڌندڙن  جي  دلين  تي  ڪافي  اثر  ڪري ٿي. ان کان علاوه اگر ڊاڪٽر صاحب جي شاعري جي ڳالهه ڪئي وڃي ته  ڊا ڪٽر صاحب  جن جو تخلص “اشوڪ” آهي۽ پاڻ  هڪ بهترين عارفاڻي شاعري جا مالڪ آهن جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب کي صف  اول  جي شاعرن  ۾ شمار ڪيو وڃي  ته ان ۾ ڪو به وڌاء نه آهي  سندن پهرين شاعري جي ڪتاب “آلاپ اشوڪ جا ” جي “ سّر مومل راڻو” مان ڪجهه صفون هيٺ ڏجن ٿيون ؛
“مومل مجاز وڍيا، رڳ رڳ وهين رت
دل ۾ سڳنڌ ڪاڪ جي، پل پل وڃين  ست
اشوڪ رکج پت، هيڻا حال اڳيء گهڻا”


    

. Make it profile. put some interesting and informative points, comments .This is CV type 
پروفيسر ڊاڪٽر لئونگ اميداڻي صاحب   

تحرير؛ عبدالرزاق ڪنڀر.
رول نمبر 03 ايم اي پريوس                                                                                                                            هن سنسار ۾ انسان جي ذهني تربيت گهڻن ذريعن سان ٿئي ٿي. پر انهن مان ٻه ڪارڻ  مکيه آهن هڪ ته چڱن جي صحبت ۽ ٻيو سٺن ڪتابن پڙهڻ وسيلي،  انهن  ٻنهي ذريعن  جي باري  ۾  ڪافي چوڻيون مشهور آهن تـ جيئن  “چڱن جي  صحبت  جو سٺو اثر پوي ٿو”  جڏهن تـ ٻئي چوڻي هي  آهي تـ  “سٺا ڪتاب انسان جو سٺا مصرف ۽ دوست آهن” پروفيسر ڊاڪٽر لونگ اميداڻي صاحب کي ٻئي نعمتون نصيب ٿيون. ڇاڪاڻ تـ  سندن ننڍي هوندي کان ئي پنهنجو  ڪافي وقت پنهنجي والد سان گڏ گذرندو هو،ڊاڪٽر صاحب جو والد هڪ بهترين  اد يب  ۽ استاد هو،سندس  صحبت جي ڊاڪٽر لونگ اميداڻي صاحب کي  اعلي شخصيت ، خوش اخلاق هستي جو  مالڪ بنايو. چوندا آهن تـ اخلاق ئي انسانيت جو معراج آهي.اهو ابتدائي سبق کيس سندس والد صاحب وسنداس اميداڻي کان نصيب ٿيو.
پروفائيل
پروفيسر ڊاڪٽرلئونگ  اميداڻي صاحب 7 جنوري 1957۾ مهان استاد  سائين وسنداس اميداڻي جي گهر ڳوٺ نصير لغاري  نزد چمبڙ ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر صاحب ابتدائي پرائمري تعليم گورنمنٽ پرائمري اسڪول چمبڙ مان حاصل  ڪئي،  مئٽرڪ سنڌ ماڊل هاء اسڪول ٽنڊوالهيار مان ،   انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان  1973 ع ۾ پاس ڪيائين. گريجوئيشن سال 1983 ۾ لياَقت يونيورسٽي آف هيلٿ ايند ميڊيڪل سائنس ڄامشورو مان  ايم بي بي ايس ۾ پاس ڪيائين.  سال 1986ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سروس ۾ پير پاتائين، ملازمت ڪرڻ سان گڏ پاڻ پنهنجي تعليم کي به جاري رکيائين ۽ سال  2008 ۾ (ايم. فل)   “ايڪيولينس ريڪگينيشن يونيورسٽي آف ڪراچي”   مان ڪئي. ۽ سال 2011 ۾ پي.ايڇ.ڊي “ميڊيڪل ۽هيلٿ سائنس يونيورسٽي آف ڪراچي”  مان ڪئي.

ڊاڪٽر لونگ اميداڻي 1986 ۾ سنڌ پبلڪ سروس  ڪميشن جو امتحان پاس  ڪري پنهنجي پيشورانـ ميدان ۾ پير پاتو ،سندن پهرئين مقرري  ميڊيڪل آفيسر طور  تي سال 1987 ۾ هاءِ اسڪول  ڏاتو دانڌل،  ضلع ٿرپارڪر ۾ هڪ  هيلٿ ڪلينڪ تي ٿي ، هڪ سال اتي جاب  ڪرڻ کان بعد ۾ 1988 ۾ ميڊيڪل آفيسر (بي.ايڇ.يو) نصير خان لغاري ڳوٺ ۾ مقرر ٿيو، ڊاڪٽر صاحب  1991 کان 2000 تائين  ڊماسٽريٽر ايناٽومي پيپلز ميڊيڪل  ڪاليج فار گرلس  ۾ انسٽرڪٽر پوسٽ تي ڪم ڪيو، سال  2006 کان 2012 تائين  انسٽريڪٽر ايناٽومي آغا خان يونيورسٽي ڪراچي م مقرر ٿيو. 2012 ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آف ايناٽومي يونيورسٽي ،ڪاليج آف   ميديسن ۽     ميڊيڪل سائنس (ڪي.ايس.اي) ۾ مقرر ٿيو،  2013 ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ايناٽومي ڪنگ سعود بن عبدلله             يونيورسٽي  (هيلٿ سائنس سبجيڪٽ) الرياض  ڪنگڊم آف سعودي عربيـ  ۾ مقرر ٿيا،  ۽ اڃا تائين  ان يونيورسٽي ۾ خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن،
ڊاڪٽر لئونگ صاحب  اميدا ڻي کي  مختلف  ميديڪل يونيورسٽين  کان سٺي  ڪارڪردگي ۽ مڃتا  طور  ايوارڊ مليا، جنهن ۾ سال 2011 آغا خان يونيورسٽي طرفان ايوارڊ مليو ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا آهن.انهي کانسواء ڊاڪٽر لئونگ اميداڻي نـ صرف ميڊيڪل  جي  ميدان  ۾ پاڻ کي  مڃرايو  آهي بلڪـ ان  کان علاوه مختلف ادارن  ۽ تنظيمن ۾ بـ مکيـ ميمبر طور ڪم ڪري رهيا آهن، ڊاڪٽر  اميداڻي صاحب  سنڌ ٽي.وي نيٽ ورڪ  طرفان ۽ ڪي.ٽي.اين نيٽ ورڪ طرفان ڊاڪيومينٽري پروگرام “سنڌ جي سرهاڻ” صوفي ۽ ناٿ،  چار سيريز رڪارڊ ڪيا ۽ پهرئين  ڊاڪيومينٽري چاليهـ منٽ  ايئر پروگرام ۾ هلي، ۽ ڊاڪٽر صاحب ڪيترائي پيپر پبلش ڪرايا، ايتري ڪاوشن ۽ جدوجهد ڪندڙ ما ڻهو انهن سڀني ڪمن کي  ذميواري سان نڀائي رهيا آهن. ان  کان علاوه دلچسپ ڳالھ هي آهي ته پاڻ  هڪ بهترين صوفي گلوڪار  پڻ آهن.







No comments:

Post a Comment