Tuesday 16 August 2016

عبدالرشيد ميمڻ جو پروفائيل فهيم احمد ميمڻ

 استاد ۽ اديب : عبدالرشيد ميمڻ  
عبدالرشيد ميمڻ علم ۽ ادب سان چاهـ رکندڙ شخصيت جو مالڪ آهي هن نـ صرف علم لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي پر ان جي تمام گھڻي خدمت بـ ڪئي آهي. عبدالرشيد ميمڻ 1966ع ۾ ڳوٺ دوآٻو جي رهواسي عبدالغني جي گهر ۾ جنم ورتائين، پرائمري کان مڊل تائين جي تعليم پنهنجي آبائي ڳوٺ گورنمنٽ اسڪول مان حاصل ڪيائين. جنهن کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ دادو جو رخ ڪيائين ۽ مڪمل تعليم سنڌ يونيورسٽي جي ايم.اي.ايڪانامڪس شعبي ۾ پاس ڪيائين. سروس لاءِ ٻئي ڪنهن محڪمي کي پسند ڪرڻ بجاءِ تعليم کي ئي پسند ڪيائين،ڇو تـ هي مهمان پيشو آهي. جنهن سان نـ رڳو انسان کي ڄاڻ ملي ٿي پر مان سمان، عزت ۽ آبرو پڻ وڌي ٿي.                                        
سال 1990ع ۾ تعليم کاتي ۾ جي.ايس.ٽي ٿيا، زولاجي جي سبجيڪٽ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ٿي ڀان سيد آباد جي هاير سيڪنڊري اسڪول آيا، ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو جي هاير سيڪنڊري اسڪول ۾ 2010ع کان 2013ع تائين تعليمي خدمتون سرانجام ڏنائين. هڪ فرض شناس ۽ ايماندار استاد هجڻ جي ناتي ٻن کان چار پيرڊ هر روز ڪلاس ۾ بيهي پڙهائيندڙ استاد آهن.سائين عبدالرشيد ميمڻ نـ صرف هڪ استاد پر هڪ درويش ماڻهو آهي جنهن ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.                                                                                
 هن پنهنجي آبائي ڳوٺ ۾ مسجد تعمير ڪرائي جنهن ۾ هن مسجد ۾ وضو جي جاءِ ۽ ڀاٿ روم جي سهولت موجود ڪيائين سائين هن وقت جامشوري ۾ رهائش ڪري رهيو آهي ۽ جمع جي نمازسائين عبدالرشيد ميمڻ پنهنجي آبائي ڳوٺ واري مسجد ۾ پاڻ پڙهائيندو آهي.ان کان سواءِ هن ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن،هن پهريون ڪتاب سال 2011ع ۾ “سيهوهڻ:تاريخ جي آئيني ۾” منظر عام تي آندو، جنهن ۾ سيوهڻ بابت سنڌ جي بهترين ماضي ۽ حال جي مورخن،محققن جي چونڊ مضمونن ۽ مقالن کي يڪجا ڪري پنهنجي بـ هڪ اڌ مضمون سان گڏ ترتيب ڏئي ڇپايو. جيڪو سيوهڻ بابت ڪافي تاريخي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. سندس ان ادبي سهيڙ کي سنڌ جي ادبي حلقن مانائتي موٽ ڏني تـ هن سال 2013ع ۾ ٻيو ڪتاب “ڳوٺ عبدالرحيم جو کوهـ_علمي ادبي ۽ ثقافتي حيثيت” لکي ڇپايو. جنهن ۾ هن مذڪوره ڳوٺ جي تاريخ سان گڏ اتان جي ماضي جي شخصيتن کي پڻ نئين سر نروار ڪري پڙهندڙن آڏو آندو. موجوده وقت هن سنڌ جي ٻن قديم تاريخي ڳوٺن دوآٻو ۽ اميناڻي شريف تي گڏيل ڪتاب لکي ٻنهي ڳوٺن جي تاريخ جاگرافي سان گڏ ماضي جي مشاهير توڙي حال جي اهڙن شخصيتن کان آگاهـ ڪيو آهي. جن مختلف فيلڊس ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي. تحقيق ۽ تاريخ جو ڪم لازمي جاکوڙ جو ڪم آهي. جيڪو هڪ هنڌ ويهي ڪرڻ جوڳوناهي هوندو.                                      
 عبدالرشيد ميمڻ پنهنجي زندگي انسانن سان محبت ۽ پيار وارو رشتو قائم رکيو ۽ پنهنجي نسل سميت سڀني کي محبت ۽ پيار جو سبق ڏيندو اچي ٿو چاهي اهو امير هجي يا غريب سڀني سان هڪ ئي رويو رکندو آهي، اڄ سندس چاهيندڙ شاگرد سندن لاءِ دعاڳو آهن تـ شل اهڙا استاد اسان جي ملڪ ۽ پوري دنيا ۾ هجن تـ نفرت جي جنگ ختم ٿئي ، سڀ پيار ۽ محبت سان رهن.        فهيم احمد ميمڻ
2k16/MMC/20

No comments:

Post a Comment