ڪي ماڻهون مسيحا ٿين ٿا جن ۾ ارباب شاھ
سرفهرست آهي
پروفائيل تحرير...... امتياز عباسي
رول نمبر 28
ڪنهن ڏاهي چيو آهي تـ سڀ کان وڏي عبادت خلق
خدا جي خدمت آهي ۽ ڪنهن وري چيو آهي تـ موسيقي روح جي غذا آهي بلڪل جن هي چيو انهن
جون اُهي ڳالهيون سچ آهن پر اُهو ڪهڙو انسان هوندو جيڪو ماڻهن جي خدمت ڪري ۽ انهن
کي موسيقي واري غذا بـ ڏي اهڙا ماڻهو تمام گهٽ هوندا آهن پر هڪ اهڙي شخصيت ڊاڪٽر
سيد ارباب علي شاه بخاري جنهن اديبن،شاعرن،صوفي بزرگن ۽ شهيدن جي شهر خيرپورناٿن
شاھ جي سيد گهراڻي سيد حيدر شاھ بخاري جي
گهر جنم ورتو.
سيد حيدر شاھ کي چار ڌيئرو ٻـ پُٽ سيد ارباب
علي شاھ ۽ سيد لال علي شاھ بخاري هئا سيد حيدر شاھ پاڻ ڏاڍو سادوسودو ماڻهو جيڪو
خيرپورناٿن شاھ جي شاهي بازار ۾ ڪوڏرن ۽ ڏاٽرن کي ڳن وجھدو هو ۽ هن جي غريباڻي گهر
۾ ٻن پُٽن ارباب شاھ ۽ لال شاھ جنم ورتو ۽ ٻئي ڀائر ڊاڪٽر بڻيا.
تعليم
سيد ارباب علي شاھ جنهن پنهنجي بنيادي تعليم
خيرپورناٿن شاھ جي پرائمري اسڪول ۾ ورتي ۽ انٽر بـ هن پڻ ڊگري ڪاليج خيرپورناٿن
شاھ ۾ ڪئي هن انٽر تائين هن ڇولا کپائي تعليم حاصل ڪئي پوءِ هن ميڊيڪل جي تياري
ڪرڻ شروع ڪئي ارباب شاھ نيٺ پهرين دفعي ئي
چانڊڪا ڪاليج لاڙڪاڻي جي انٽري ٽيسٽ پاس ڪري ورتي جنهن ئي اڊميشن ڪرائڻ لاءِ فيس
سندس ڀيڻ جيڪا ڪپڙا سڀهيندي هئي ان فيس ۾ مدد ڪئي ۽ پوءِ پڙهائي جي وڌيڪ خرچ سندس ماءُ ۽ ڀيڻ ڪپڙا
سڀهي ڏينديون هيون ائين تڪليفن سان تعليم مڪمل ڪئيس
راڳ رنگ جو شوق

ارباب شاھ جو ڊاڪٽر وارو روپ
ارباب شاھ جڏهن پنهنجي ڊاڪٽري واري ڊگري ورتي
تـ هن پنهنجي پهرين ڪلينڪ لاڙڪاڻي جي تعلقي باقراڻي ۾ کولي تقريبن ٽن سالن کان
پوءِ هن ڪلينڪ خيرپورناٿن شاھ پنهنجي اباڻي ڳوٺ تڏهن کولي جڏهن هي سرڪاري ڊاڪٽر
بڻيو ۽ اڄ بـ اُتي غريبن جي خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ مريضن کي پنهنجي جادوئي آواز سان
روح جي غذا پڻ ڏيندو آهي
شادي
ارباب شاھ شادي پنهنجي ئي مائٽن مان پنهنجي
پسند تي ڪئي ۽ ان مان سندس کي هڪ ئي پُٽ آهي عمران شاھ جيڪو هن وقت سنڌ يونيورسٽي
۾ انوارنمينٽل سائنس ۾ ايم فل ڪري رهيو آهي
سائين ارباب شاھ ڳائڻ پيئڻ جو تمام گهڻو شوقين
آهي تقريبن هفتي ۾ٻـ دفعا شهر کان ٻاهر ماني کائڻ ويندو آهي اگر گهمڻ جي ڳالھ ڪجي
تـ ان جا بـ سائين ڏاڍا شوقين آهن
شخصيت

امتياز عباسي ايم اي “پريويس”
ايم سي اٺاويھ 28
No comments:
Post a Comment