Sunday 21 August 2016

تحرير؛ عبدالرزاق ڪنڀر خانگي اسڪول ۽ در پيش مسئلا

 خانگي  اسڪول ۽ در پيش مسئلا (آرٽيڪل)
تحرير؛ عبدالرزاق ڪنڀر رول نمبر 03 ايم اي (پريويس)
دنيا جو انتهائي تيزي سان ترقي ڏانهن گامزن ٿيڻ ۾ سائنس جو تمام وڏو هٿ آهي ،  جيئن جيئن جدت اچي رهي آهي تيئن تيئن دنيا جا  ترقي ڏانهن قدم وڌنڌا پيا وڃن، پرائيوٽ اسڪول ( خانگي اسڪول) به انهن جو  هڪ حصو آهن ، ڇو ته پرائيوٽ اسڪولن جو تعليمي  معيار سرڪاري اسڪولن جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهتر آهي ان ڪري ته ماڻهوءَ ڳريون فيسون ادا ڪري پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن جي بدران خانگي اسڪولن ۾ پڙهائڻ تي مجبور آهن. اها ڳالھ بلڪل سچ آهي ته خانگي اسڪولن جو مڪمل ڪار وهنوار شاگردن  جي ملندڙ فيس تي هوندو آهي، ۽ اها  ڳالھ به قابلِ قبول آهي ته  خانگي اسڪول ڪمائي جو به ذريعو آهن. پر تنهن جي باوجود پرائيوٽ اسڪولن ۾ اسڪول انتظاميه، ٽيچر اسٽاف،  شاگرد، شاگردن جي مائٽن کي ڪافي مسئلا درپيش اچن ٿا ان جو ذڪر هت ڪجي ٿو.
سڀ کان پهرين اسڪول انتظاميه کي سامهون ايندڙ مسئلن جو ذڪر ڪجي ٿو ته؛ جتي  اسڪول انتظاميه 200، 400، 500، ٻارن کي سنڀالي رهي آهي لازمي اتي انهن کي ڪافي مسئلن کي منهن به ڏيڻو پوندو آهي، انتظاميه کي نه صرف شاگردن ۽ انهن  جي مائٽن سان مسئلا اچن ٿا پر   ايجوڪيشن جا  اعليٰ عملدار پڻ خانگي اسڪول جي انتظاميه  کي حڪم احڪامات جي ڊگهي فهرست تيار ڪري ڏينداآهن جيڪي احڪامات پڻ خانگي اسڪولن لاءِ دشواري پيدا ڪندا آهن.
جهڙوڪه اسڪول انتظاميه کي تقريبن جيڪي مسئلا سامهون اچن ٿا اهي گورنمنٽ طرفان ئي هوندا آهن، خانگي اسڪولن جو مڪمل سسٽم گورنمنٽ جي اسڪول سسٽم کان بلڪل مختلف هوندو آهي، جنهن ۾ سليبس، اسڪول جو ماحول، اسڪول جا ٽيچر، يونيفارم، رُول ۽ ريگيوليشن، سڀ جا سڀ گورنمنٽ اسڪول کان جدا هوندا آهن. انهن کي پنهنجي سسٽم تحت اسڪول هلائڻا هوندا آهن، پر خانگي اسڪولن جي ِڊائريڪٽوريٽ طرفان وقتن فوقتن خانگي اسڪولن جي لاءِ  نوان نوان حڪم ناما،  جيڪي اسڪول انتظاميه کي مشڪلات ۾ وجھي ڇڏيندا آهن. پرائيوٽ اسڪول جو مڪمل انتظام شاگردن جي ملندڙ فيس تي هجي ٿو، پوءِ جيڪو اسڪول جهڙيون سهولتون ميسر ڪندو آهي اهو فيس به ان جهڙي وٺندو آهي، ڇو ته گورنمنٽ طرفان خانگي اسڪولن جي لاءِ ڪو به فنڊ وغيره نه ملندو آهي ، جيڪڏهن هو اسڪول جي لاءِ ڪا به سستي يا مهنگي شيءَ خريد ڪندا آهن ته اها به پاڻ ئي خريد  ڪندا آهن، ڊاريڪٽوريٽ طرفان فيس گھٽ ڪرڻ جي ڳالھ ڄڻ خانگي اسڪول انتظاميه جي نڙي تي لت ڏيو وجھي،
تازو ئي  سمر وئڪيشن تي گورنمنٽ 25 جولاءِ تي موڪلون ڪري ڇڏيون جڏهن ته پهرين تاريخ کان پرائيوٽ اسڪولن کي فيس وغيره  ڏيڻ وٺڻ جو عمل شروع ڪرڻو هوندو آهي، پر گورنمنٽ جي اوچتي  اعلان سبب خانگي اسڪولن جو سڄو پلان ۽ سسٽم چوپٽ ٿي ويو،
خانگي اسڪولن ۾ جيڪڏهن پڙهائي معياري   آهي  ته اتي شاگردن کي به  ڪيترائي  مسئلا در پيش اچن ٿا، تنهن کان پوءِ به  اهي انهن  مشڪلاتن  کي منهن ڏئي  پنهنجي پڙهائي کي جاري رکن ٿا، پرائيوٽ اسڪولن ۾ شاگردن کي جيڪي مسئلا سامهون اچن ٿا انهن ۾ پريپ يا ڪي.جي ڪلاسن جي ٻارن تي ايترو تـ پڙهائي جو وزن وجهن تا جو اهو  ٻار پنهنجي اندر موجود  تخليقي صلاحيت کي ننڍي هوندي  کان ئي دٻائي  ڇڏي ٿو.۽ اهو ٻار  ننڍي هوندي کان ئي  پنهنجي صلاحيت کي ظاهر يا اجاگر ڪرڻ جي بجاءِ رٽو هڻڻ تي مجبور ٿيو وڃي، شاگردن کي مٿان پڙهائي جو وزن ته وڌو ٿو وڃي پر ان سان گڏ  غير ضروري ڪتابن جو به تمام وڏو وزن کڻڻو ٿو پوي، ڳرا ڪتاب وڏا ٿيلها جن جو بار شاگرد کڻڻ کان ته لنوائي ٿو پر ان کي مجبوري تحت کڻڻو پوي ٿو، جيڪا ضروري ۽ اهم ڳالھ آهي اها هي آهي ته  هر  خانگي اسڪول  پنهنجي ديڳڙي چاڙيو ويٺو آهي جنهن ۾ هر ڪو پنهنجا طور طريقا، حڪم احڪامات جاري ڪندو آهي ان سان گڏ هر  خانگي اسڪول جو  پنهنجو پنهنجو  نصاب آهي ،  جنهن اسڪول کي جيڪا ڪمپني سٺي ڪميشن ٿي ڏي اهو اسڪول ان ڪمپني جو نصاب ٿو پڙهائي. يا جنهن نصاب  مان  خانگي انتظاميـ  کي ٻـ  يا چار پئسا ملن اهو نصاب پڙهائيو ٿو وڃي، اسڪول انتظاميه جو ان ڳالھ سان ڪو به تعلق نٿو هجي آيا شاگرد هي نصاب پڙهي سگھندو يا نه..؟   ڳالھ  ڪئي وڃي ٿي مادري زبان، يا صوبائي زبان  جي تـ  خانگي اسڪولن ۾ صرف انگريزي زبان تي زور ۽  اهميت  ڏني وڃي ٿي، تـ جيئن ٻار  پنهنجي مادري زبان  سکڻ جي بدران جي انگريزي سکي، ڳالھائي ۽ پڙهي. اها ڳالھ بلڪل صحيح آهي ته انگريزي زبان عالمي ٻولي آهي ۽ وقت جي ضرورت به آهي. وقت جي تقاضا کي مدنظر رکندي انگريزي ٻولي سکڻ گھرجي. پر ان ڳالھ جو اهو مطلب ته ناهي ته ماڻهو پنهنجي قومي ۽ علائقائي زبان مان هٿ ڪـڍي ڇڏي. حالانڪه ٻار کي جيستائين ان جي پنهنجي زبان ۾ ڪجهـ نـ ايندو  تـ هو انگريزي زبان ۾ ڪئين سمجھي سگهندو؟ اهوئي سبب آهي جو اڄڪلهـ جي ٻارن ۾ علم گهٽ  ۽ معلومات وڌيڪ آهي. ڇاڪاڻ تـ  علم ۽ معلومات ۾ فرق آهي. علم هڪ وشال ميدان آهي  جنهن ۾ انسان هر شئ کي پروڙي سگهي ٿو، جڏهن تـ معلومات صرف هڪ محدود  آهي، جنهن شيءَ کي ٻار ياد ڪندو اها شيءَ ئي ايندي. جيڪڌهن سهولتن جي  اڻهوند جي ڳالھ ڪئي  وڃي تـ تقريبن خانگي اسڪول مختصرجڳهـ تي مبني يا مشتمل هوندا آهن،  جنهن ۾ نه راند  روند جي ميدان  جي سهولت،   نـ  پارڪ وغيره هوندي آهي ان کانسواءِ خانگي جا ڪلاس تمام ننڍا ۽ ان ۾ موجود ٻارن جي وڏي  تعداد جيڪو ٻار جي ذهن ۽ ماحول تي  اثرانداز ٿئي ٿو، ڇو جو چوندا آهن تـ ٻار ماحول مان جلدي سکي ٿو، پر جنهن اداري ۾ تعليمي ماحول بدران اٻس ،گهٽ هوندي اتي  بار  بجاء پڙهائي ڪرڻ جي نفسياتي طور پريشان ٿي ويندو،خانگي اسڪول ۾ موجود پاڻي ۽ صفائي جي نظام جي ڳالھ ڪئي وڃي تـ اهو بـ ڪجهـ خاص انتظام ناهي هوندو هر ٻار پنهنجي پنهنجي گھران پاڻي جو ڪولر کنيو پيو ويندو آهي، ان کان علاوه به ڪافي مسئلا آهن جيڪي بارن کي درپيش اچن ٿا.
نه صرف اسڪول انتظاميه۽ شاگرد مسئلن کي منهن ڏين ٿا پر پنهنجن ٻارن کي پرائيوٽ اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ ٻارن جا والدين به ڪافي مسئلن کي منهن ٿا ڏين. امير ته پنهنجي ٻار جي فيس وغيره ڀري سگهي ٿو پر غريب لاءِ اها ڳالھ مشڪل هوندي آهي پر تنهن هوندي به غريب پنهنجي ٻار کي سٺي تعليم ڏيارڻ جي خواهش جي پٺيان محنت مزدوري ڪري پنهنجي ٻار جي هر ضرورت پوري ڪندو رهي ٿو. اسڪول جو ڳريون فيسون، ڪتابن جا ڳرا خرچ، ٽرانسپورٽيشن جو خرچ وغيره. اسڪول ننڍين ننڍين گلين ۾ هجڻ ڪري ٽرانسپورٽ جي آمد و رفت ته پري جي ڳالھ آهي پر موٽر سائيڪل به مشڪل سان ٿو وڃي. ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ ۽ وٺي اچڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي.  خانگي اسڪول جي انتظامي به رڳو پنهنجي خان  صاحبي هلائڻ ۾ پوري آهي جڌهن مرضي پوي تـ نصاب تبديل ڪري جڌهن مرضي پوي فيس  وڌائي ٿي ڇڏي،  ائين ڪرڻ سان نه صرف شاگرد تي وزن وڌي ٿو پر شاگردن جا مائٽ پڻ پريشان ٿين ٿا.

آخر ۾ تجويز اها آهي ته پوري ملڪ جي خانگي اسڪولن ۾ سرڪاري اسڪولن وانگي هڪ ئي نظام لاڳو ڪيو وڃي، ڪنهن به پرائيوٽ اسڪول جو لائيسنس وٺندڙ کان مڪمل معلومات وٺي ۽ تمام بهترين لوڪيشن جو لازمي شرط اڳيان رکي پوءِ ان کي لائيسنس جاري ڪيو وڃي، پرائيوٽ اسڪولن جون ڪيٽيگريون ٺاهيون وڃن جيڪو جنهن ڪيٽيگري جو اسڪول کولڻ چاهي ان کي اهو لائيسن ڏنو وڃي، رهي ڳالھ فيس جي  فيس وغيره جو شيدول پڻ سرڪار تجويز ڪري جنهن جو جنهن ڪيٽيگري جو اسڪول آهي ان جي فيس به اها ئي مقرر ڪئي وڃي. خانگي اسڪولن جي انتظاميه کي پنهنجي من ماني تي نه ڇڏيو وڃي.

No comments:

Post a Comment