Thursday 11 August 2016

فهيم احمد ميمڻ امير پير جي درگاھ

 Is this topic approved?? very weak
حضرت امير پير جي درگاھ
فهيم احمد ميمڻ فیچر
 سنڌ ۾ قلندر لعل شهباز، اڏيرو لعل کان علاوه حضرت امير پير بـ  ديوانن جو ڪامل مرشد آهي، مسلمانن جي ڀيٽ ۾ هتي ديوانن صاحبان جون يادگار خدمتون آهن، انهن لکين روپين جو درگاھ تي ڪم ڪرايو آهي. سال 2012ع کان 2015ع جي دوران جيڪو هن درگاه تي ڪم ٿيو آهي .اندر روضي کان صحن تائين ۽ وري ٻاهرين در اڳيان 3 فث جي ديوار، ٽائلس سان روضي جي چئو طرف ڇت تائين ٽائلس، هڪ وڏو مسافر کانو مردن لاءِ جدا ۽ عورتن لاءِ جدا ۽ ڪچهري هال ٺهرايو ويو آهي، ٿدي پاڻي جون سبيلون ديوانن ۽ مسلمانن لاءِ الڳ الڳ تيار ڪرايون ويون آهن درگاه تي نئو علم تيار ڪرائي لڳرايو ويو آهي.هن سموري تعميراتي ڪم ۾ ديوانن جو وڏو هٿ آهي ۽ شروع کان هلندو آيو آهي.روضي کان ويندي مسافر کاني تائين بجلي جي فثينگ بٰـ سٺي نموني ڪرايل آهي جڏهن تـ هن بزرگ تي سال ۾ ٻـ الڳ الڳ ميلا لڳن ٿا.مسلمانن جو ميلو ڪڏهن مارچ ۾ تـ ڪڏهن فيبروري ۾ بـ لڳندو آهي.اهي ميلا ماضي بعيد ۾ سٺا لڳندا هئا، پر سال 2001ع کانپوءِ انهن ميلن جو آهستي آهستي گهٽجڻ شروع ٿيو جنهن جا سبب مٿي ڄاڻايل آهن. باقي ديوانن جو ميلو هر سال مارچ ۾ لڳندو آهي.اهو ميلو فقط ٻـ ڏينهن هلندو آهي ان ۾ مرد ۽ عورتون وڏي تعداد ۾ اچي پنهنجي مرشد آڏو حاضري ڀريندا آهن، بجلي جو انتظام ۽ حفاظتي انتظام بلڪل ساراهـ جوڳا هوندا آهن، اندازن پنج سئو کن گاڏين جي بيهڻ جو بندوبست هوندو آهي ۽ هزارين ديوان اچي هتي ٻن ڏينهن جي لاءِ قيام ڪندا آهن،سنڌ جا ڀڳت، راڳي ديا رام، “شهداد پور”،  سشيل ڪمار “ڪنڌڪوٽ”،ونود ساگر “ خيرپور ميرس”، ڪنڊن چنڊ “گهوٽڪي”،مڪيش ڪمار“ٿاڻو بولا خان”،راجس ڪمار“ڪنڌڪوٽ”، نام ديو“شڪارپور”.                                                                                                       
 جو پروگرام بـ هوندو K.T.N  مارچ جو مهينو جنهن کي ديوان ڦڳڻ سڏين ٿا، ان ميلي ۾
آهي.صوبائي وزير جناب موهن لعل ڪوهستاني سال  2011 ۽ 2012ع ۾ان جو افتتاح ڪيو آهي.بزرگ جا ٻئي عقيدتمند مسلمان توڙي ديوان هجن ٿا.انهن ۾ سال 2012 دوران سرڪار کان هن درگاه لاءِ فنڊ منظور ڪرائيڻ،ديوانن جون خدمتون آهن ۽ اهو سڀ ڪجھ اسان سڀني جي سامهون آهي. تـ انهن جي ڀيٽ ۾ اسين مسلمان ايتريون خدمتون سرانجام ناهيون ڏئي سگهيان.تمام سٺي نموني لنگر تيار ڪرايو ويندو آهي مطلب تـ کاڌي پيتي کان ويندي مهمانن لاءِ رهائيش جو پڻ هڪ بهترين بندوبست هوندو آهي.                                                                                                           
هاّڻي درگاه جي اڳيان اسٽيل جو علم نسب ڪيو ويو آهي.ديوانن سال 2014ع واري سالياني ميلي ۾ راڳ جو سٺو بندوبست رهيو، سنڌ جا مشهور هندو ڀڳت اچي پنهنجي مرشد جي حاضري ڏئي پاڻ ملهايو، هتي مسلمانن جي لڳندڙ ميلي ۾ بـ 86_1985 ڌاري مرحوم جلال چانڊيو، مرحوم غلامو ميراثي، منظور سخيراڻي ۽ روبينـ حيدري اچي ميلي جي محفل کي چوڏهن چنڊ لڳايا آهن ۽ سڄي رات پري پري کان ايندڙ پانڌيئڙن اچي پنهنجو ويهي راڳ ٻڌي وري واپس پنهنجي پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽيا آهن، ان کان پوءِ اڄ تائين، مسلمانن جي طرفان لڳندڙ ميلي ۾ راڳ جو بندوبست نـ ٿي سگھيو آهي.                                                                                                           
هن علائقي ۾ سٺا سٺا ۽ پڄندي وارا زميندار آهن، انهن جو سٺو اثر رسوخ آهي. سندن هن درگاه سان عقيدت بـ آهي، جي هر سال لڳندڙ سالياني ميلي ۾ اچي مرشد وٽ حاضر ٿي، سٺا دڪان سينگاريندڙن کي پنهنجي هٿن سان انعام ڏيندا ۽ هر سال ٿيندڙ ملاکڙي ۾ سٺن ملهـ پهلوانن ۾ انعام ڏيندا تـ ميلي جي دڪانداري ۾ اضافو، ملاکڙي ۾ رونق ايندي ۽ سندن اهو احسان هن علائقي سميت سڀني کي ياد تـ رهندو، بلڪـ تاريخ ۾ هميشهـ لاءِ لکيو ويندو، اهڙي طرح سان اسان جي سنڌ جي ثقافت بـ اجاگر ٿيندي.
فهيم احمد ميمڻ

2k16/MMC/20

No comments:

Post a Comment