Monday 22 August 2016

گل محمد بُخاري جو پروفائيل :صدام لاشاري

ur intro is same as Abdul ghaffar's profile. he sent his profile first so u must have to change  ur intro.
 Sadam Lashari   پروفائيل
           ڀلوڙ ليکڪ گل محمد بُخاري
تحرير:صدام لاشاري
ايم اي پريويس
رول نمبر 52     
چيو ويندو آهي تـ غريب انسانن جي مدد ۽ حوصلا افزائي اهو ڪندو آهي جنهن جي دل ۾ انسانيت ديرو ڄمائي ويٺي هوندي آهي. يا تـ اهو انسان خُد انهن مشڪلاتن جو سير ڪندي وڏي منزل تي پهچندو آهي سندن کي پوءِ ئي غريبي جي چڱي طرح سُڌ پوندي آهي، ڇوتـ انهن جو تعلق پهريان ڏينهن ۽ رات ان بي پرده غريبي سان هيو جنهن کي ڪنهن بـ امير جي مينهن لتاڙي پئي سگهي. باقي تـ غريبن جو قدر اميرن کان وڌيڪ ڪير ڄاڻيندو هوندو جو امير پنهنجي انا ۽ وڏائي جي ڇانوءَ جي ڇاپري ۾ غريبن سان هٿ ملائڻ بـ پنهنجي توهين سمجهندا آهن. شايد انهن کي ڪنهن تعليمي اداري ۾ اهو درس ناهي ڏنو ويو تـ جيڪو اميري جي چادر اوڍي هلي سگهي ٿو تـ ان کي غريبي جو لباس پائڻ ۾ وقت ئي نـ لڳندو شايد اها ئي وجهه آهي جو امير غريب سان ائين نفرت ڪري ٿو جيئن رُٺل محبوب پنهنجي عاشق سان.
انهن غريبن مان گل محمد بخاري بـ هڪ آهي جنهن 9 مارچ 1960ع ۾سنڌ جي ننڍڙي شهر شهدادڪوٽ ۾جنم ورتو.غريبي واري اُڪسائيندڙ ماحول گل مُحمد بُخاري کي ليکڪ ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.گل محمد بخاري پنهنجي تعليم ڪنهن اعليٰ اسڪول يا ڪنهن نجي ادارن ما نـ پرائي غريبي جي خيال ويتر دماغ کي تيز بڻائي ڇڏيو،ڪيترن ئي سندس غريبي جي آڙ ۾ تعليم حاصل نـ ڪرڻ  جي صلاح مصلحت ڏيندا رهيا، شايد انهن کي خبر ڪا نـ هئي تـ گل محمد بخاري جا حوصلا پهاڙن کان بـ اوچا آهن. اها ئي وجهه هئي جو گل محمد بخاري پنهنجي تعليم پرائڻ کي اول ترجيح ڏني.
تعليم:
پرائمري تعليم گورنمينٽ مين اسڪول شهدادڪوٽ مان حاصل ڪيائين. سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيائين.هائير سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ مان حاصل ڪيائين.ماسٽر ڪيترن ئي سبجيڪٽس ۾ ڪيائين جهڙوڪ،ايم اي اسلامڪ ڪلچر، ايم اي مسلم هسٽري،ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۽ ايم اي سنڌي شاه عبدالطيف يونيورسٽي مان ڪيائين
هو هڪ ليکڪ،هڪ اعليٰ ۽ هڪ معتبر انسان بڻجي زماني کي حقيقتون سمجهائڻ ۾ رڌل رهيو.سندس جي هڪ تمام وڏي ڪوشش اها بـ هئي تـ هو  غريب ۽ امير ۾ پيل صدين کان اميري ۽ غريبي جي ديوار کي هميشه لاءِ ختم ڪري انهن کي هڪ ئي راه تي گامزن ڪري. اها ئي وجهه هئي جو گل محمد بخاري شهدادڪوٽ جي ڊگري ڪاليج ۾ (هن ديس جا وارث غريب) هڪ پروگرام ڪوٺرايو جنهن جي صدارت نالي وارن ليکڪن ۽ اديبن ڪئي.ان پروگرام جو اثر غريبن تمام سٺي نموني سان اپنايو.گل محمد بخاري پهريون ڪتاب اوڻويهن سالن جي ڄمار ۾ لکيو.سندس مقصد اهو هو تـ قلم جي ذريعي ماڻهن ۾ اُتساهه پيدا ڪجي.گل محمد بخاري کي ڪتاب لکڻ تي تمام سٺي موٽ ملي ۽ سندس جا حوصلا پهاڙ جيئان بلند ٿي ويا. اها ئي وجهه هئي جو گل محمد بخاري تيزي سان ڪيترائي ڪتاب لکيا جيڪي ماڻهون پڙهي لُطف اندوز ٿين ٿا.
ليکڪ گل محمد بخاري جا ڪيترائي ڪتاب مارڪيٽ جي رونق بڻيل آهن ننڍو توڙي وڏو معنيٰ تـ هر ماڻهون جنهن کي ڪتابن سان چاهه آهي اهو گل محمد بخاري جا ڪتاب پڙهي پنهنجي روح کي راحت بخشي ٿو. سندس جا ڪجهه لکيل ڪتاب هي آهن.
لکيل ڪتاب
ذڪرِ حبيب، عزيز نامو، پيار ڀريو پورهيو، رهبرِ ڪامل، طبِ نبوي، آبِ ڪوثر، سيدالمرسلين، بُرهان شريف، انسان نامو، شهدادڪوٽ ضلعو ڇو؟، شهدادڪوٽ جا قلمڪار ۽ شاعر، سبحان جي ساراهه، عرفان شريف، ديوانِ گل بخاري، فڪرِ حبيب، رهبرِ اعظم، تحريڪي ڪارڪنن جا پاڻ ۾ تعلقات، تاريخ جا ٻـ ورَق.
ليکڪ گل محمد بخاري جي هنن تحريرن ماڻهن جي دلن ۾ گهر ڪري ڇڏيو،ليکڪ گل محمد بخاري جي هر ننڍو توڙي وڏو دل جي گهرائي سان عزت ڪندي نظر ايندو آهي. سندس جي محنت رنڱ لاتو غريبي جي پاجامي ۾ رهي ڪري دلي طور تي اميري جهڙا ڪم ڪرڻ لڳو.گل محمد بخاري ڪڏهن بـ هڪ پل جي لاءِ بـ ڪنهن غريب کي غريبي جو احساس ناهي ڏياريو ويتر هو پاڻ کي غريبن جو يار سڏرائڻ  ۾ فخر محسوس ڪندو آهي.حڪومتِ پاڪستان جي طرفان گل محمد بخاري کي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو آهي.
سندِ امتياز ايوارڊ:
ڪيترن ئي ڪتابن جي تحريرن کان بعد ۾ ليکڪ گل محمد بخاري جي طرفان لکيل بهترين ڪتاب بُهران شريف جي مارڪيٽ ۾ اچڻ کان بعد ۾ حڪومتِ پاڪستان جي طرفان گل محمد بخاري کي 5 فيبروري 2012ع ۾ سندِ امتياز ايوارڊ سان نوازيو ويو.

ليکڪ گل محمد بخاري اڄ بـ پنهنجي علم ۽ ادب سان ماڻهن جي ضميرن کي جاڳائڻ جي ڀرپور ڪوشش ۾ رڌل آهي. ان سان گڏوگڏ ڪيترن ئي غريب شاگردن کي پنهنجي علم جي روشني سان علم نوازي رهيو آهي. سندس جي ڪوشش اها آهي تـ هِن وانگر هِن جا شاگرد بـ علم ۽ ادب جي سُر کي سڃاڻي جهالت واري نظام خلاف بغاوت  ڪري سنڌ سميت پنهنجي هر ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائن.

No comments:

Post a Comment